ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

پهريون تعليمي تجربو

مون پنهنجي هڪ ننڍڙي ڇوڪر جمال الدين کي، جنهنجي جنم جي تاريخ 10 اپريل 1925ع آهي، 20 اپريل 1930ع کان تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. منهنجو ڳوٺ ٻهراڙيءَ ۾ آهي، جتي مڇر گهڻا ٿيندا آهن ۽ سرءُ جا تپ سخت ٿيندا آهن، انهيءَ سبب ۽ ڪجهه سال بدهاضمي هئڻ ۽ هيانچو وڌڻ ڪري هو ضعيف ۽ ملول ٿي پيو هو. اتي ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن نه هئڻ ڪري مون کيس پاڻ وٽ لاڙڪاڻي آڻائي ورتو ۽ دوا شروع ڪرائي مانس. ٻن مهينن جي اندر هيانچو ڇڏي ويس ۽ تندرست گذارڻ لڳو. لاڙڪاڻه اچڻ شرط کيس تعليم ڏيڻ به شروع ڪري ڏنيم. پهريون مهينو يا ٻه، فقط 5 منٽ صبح 5 منٽ شام تعليم ڏبي هئي، پوءِ رفته رفته وڌائيندي وڌائيندي پڇاڙيءَ ۾ اڌ ڪلاڪ صبح ۽ اڌ ڪلاڪ شام تعليم ڏيندو هوس.
پر بعضي فقط هڪ وقت فرصت ملندي هئي ۽ بعضي ته هڪ وقت به نه. شروعات ۾ هفتو کن يا وڌيڪ بخار به آيو هوس. انهن مهينن جي عرصي ۾ جمال الدين ٻاراڻو ڪتاب پورو ڪيو آهي، انگ به سو تائين ۽ کوڙا پنجي تائين سکيا اٿس. ٻاراڻو ڪتاب اهڙي نموني سکيو آهي، جو اڻ پڙهيل لفظ به لکي پڙهي ٿو وڃي. ڪتاب جا سبق اهڙيءَ طرح ٿو پڙهي، جيئن ڳالهائبو آهي.
جيڪي پڙهي ٿو، سو سمجهي ٿو، انهيءَ ڪري پڙهڻ مان کيس مزو به ٿو اچي. سوالن جا جواب سڄن جملن ۾ ٿو ڏي. اکر اهڙا اٿس، جهڙا پهرئين درجي جي شاگردن جا بلڪ بهتر. انگن ۾ ايڪا، ڏهاڪا ۽ جوڙ ڪٽ اچنس ٿا ۽ کوڙن تي زباني حساب به ڪري ٿو وڃي. ماستر صاحب مٿيون سٽون پڙهي چوندا ته هڪڙي شاگرد کي جو هر روز باقاعدي پڙهڻ اچي، تنهن کي پڙهائڻ آسان آهي، پر گهڻن ڇوڪرن کي جي اڳي پوءِ اچن ۽ گسائين، تن کي اهڙيءَ طرح پڙهائڻ مشڪل آهي، جمال الدين کي پڙهايو ويو آهي.
اها ڳالهه بيشڪ سچي آهي، پر گهڻن ڇوڪرن کي گڏي پڙهائڻ ۾ به ڏاڍيون سهولتون آهن، بشرطيڪ معلم کي پڙهائڻ جو ڍنگ هجي. ڳچ ڇوڪرن کي گڏي ساڳيو سبق سيکارڻ سان گهڻو وقت بچائي ٿو سگهجي. مثلن جيڪڏهن ٻاراڻي ڪلاس ۾ 30 شاگرد آهن ته انهن جا چار يا پنج ڀاڱا ٺاهجن.
هر هڪ ڀاڱي کي اڌ ڪلاڪ صبح ۽ اڌ ڪلاڪ شام جو تعليم ڏجي ته بلڪل ڪافي آهي، باقي وقت واري واري تي لکڻ ۽ شين ٺاهڻ وغيره ۾ مشغول رکجين. بعضي وقتن تي اهي ڇوڪرا هڪ ٻئي کي به مدد ڪري سگهن ٿا. جنهن وقت معلم هڪڙي جماعت کي ڪم سيکاري ته ٻيون جماعتون پاڻ ۾ گڏ ڪوڏيون ڳڻڻ ۾ ڏهاڪا ٺاهين يا ارٿ ميٽڪان تي انگ ۾ کوڙا ڪڍن ۽ جوڙ ڪٽ سکن يا هڪ ٻئي کي صورتخطي چون ۽ درست ڪن وغيره وغيره. خير! هن مضمون ۾ مون کي فقط پنهنجو ڪيل تجربو بيان ڪرڻو آهي.
ٻاراڻو ڪتاب نئين قاعدي موجب جهڙيءَ طرح رٿيل آهي، اهڙيءَ طرح پاڙهيم، نه ته اڪثر معلم پهريائين قديم نموني 52 اکر پاڙهي، پوءِ زيرون زبرون وغيره ٿا سيکارين ۽ پوءِ ٿا ٻاراڻو ڪتاب شروع ڪن. انهيءَ طرح پاڙهڻ ۾ اٽڪل ڇهه مهينا يا وڌيڪ فقط الف ب ۽ ڪڪ سيکارڻ ۾ لڳي ٿا وڃن، پوءِ به ڪن معلمن جو پاڙهڻ ڏاڍو خراب ۽ کل جهڙو آهي. مثلن ڪي معلم رڳو پاڙهيندا ويندا آٰهن ۽ لکائيندا نه آهن. سيکارڻ مهل هجي به پاڻ ڪندا آهن ۽ جوڙ ڪري لفظ به پاڻ چوندا آهن ۽ لفظ گڏي جملو به پاڻ چوندا آهن. شاگرد رڳو طوطي وانگر استاد جي پٺيان چوندو ويندو آهي. انهيءَ طرح پاڙهڻ سان محنت تمام گهڻي ڪرڻي ٿي پوي ۽ ڪاميابي تمام ٿورڙي حاصل ٿي ٿئي. ڪي معلم وري پهرئين سبق جا لفظ اٽو، اٽي وغيره ٻئي سبق جا اکر بلا وغيره ٽئين سبق جو تارو، ٺڪر وغيره ۽ چوٿين سبق جا ايس ايڪو وغيره. اهڙيءَ طرح ٻين ڪن سبقن جا لفظ اهڙي قسم جا سيکاريندا آهن، اهي لفظ سيکارڻا ناهن، اهي فقط آوازن ۽ حرفن ڪڍڻ لاءِ آهن. مون پنهنجي ڇوڪر کي اکرن جا جزا، جيڪي پهرئين صفحي تي لکيل آهن ڪونه لکايا يا سيکاريا. پهريائين کيس زباني طور لفظن کي آوازن ۾ ورهائڻ ۽ آوازن کي گڏي لفظ ٺاهڻ سيکاريا. پهرئين ڏينهن ٽي منٽ کن اهو ڪم ڪيم وري هفتو کن ناغو پئجي ويو، پوءِ پنج منٽ هڪ ڏينهن ۽ پنج منٽ ٻئي ڏينهن ڪم ڪرڻ سان آواز ڪڍڻ ۽ آوازن سان لفظ ٺاهڻ سکي ويو. نه رڳو ايترو پر اٽلندو پاڻ ٻين کان سوال پڇڻ لڳو. مثلن پهريائين پهريائين پڇيائين ته ان - ب - جو - و ڻ - اهو ڇا ٿيو، مون چيو ته انب جو وڻ. پوءِ ته ٽي چار مهينا هن لاءِ راند ٿي پيئي، جو ڳجهارت طور لفظ جو پهريون آواز سڀ ڪنهن کي ٻڌائيندو هو ۽ چوندو هو ته اهو لفظ سڄو ڪري ٻڌاءِ. مثلن چوندو هو ته ڪ-تو، ڇا ٿيو پوءِ جواب ڏيندڙ چوندو هو ته ڪتو، ڪپڙو وغيره، جيستائين انهيءَ لفظ تي اچي، جو سندس دل ۾ رٿيل هو.
آوازن سيکارڻ بعد يعني ٻن ڏينهن بعد پهريون سبق هن طرح شروع ڪرايم. اَکِ ۾ ڪهڙا آواز آهن؟ جواب مليو ته اَ - کِ - پهريون آواز ڪهڙو آهي؟ چي اَ. اهڙي طرح اڪ ۽ اٽو ۾ پهريان ڪهڙا آهن؟ چي اَ. اهو پهريون آواز هن طرح اَ لکبو آهي، تون به لکي ڏيکار. اهو ڇا لکئي؟ چي اَ. جڏهن اَ لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ پڪو ٿيو، تڏهن اٽي ۽ اهڙن ٻين لفظن مان اِ. جو آواز ڪڍرائي لکايم ۽ پڙهايم. پوءِ وري اَ ۽ اِ گڏي وچڙائي لکايم ۽ پڙهايم. اها ڳالهه ڏاڍي ضروري آهي ته جيڪي پوءِ سکجي، سو اڳيئن سکيل سان ڀيٽ ڪري سيکارجي ته تفاوت معلوم ٿئي ۽ ڀل نه ٿئي. يعني اَ کي اِ ۽ اِ کي اَ نه لکي يا پڙهي. اهڙيءَ طرح پهرئين سبق جا اٺئي آواز لکڻ ۽ پڙهڻ سکيو، پوءِ انهن آوازن مان ٺهيل لفظ پاڻهي لکي ۽ پڙهي ويو.
مثلاً ابا، بابا، باب، آب. لفظ لکائڻ مهل چيو مانس ته لک ابا. ته پاڻ پهريائين آواز ڪڍيائين اَ ۽ با، پوءِ ٻئي لاڳيتا لکيائين ۽ ٻئي آواز گڏي چيائين ته هي آهي ابا. وري لفظ پڙهائڻ مهل آب لکيم ۽ چيو مانس ته هي ڇا آهي ته آ ۽ ب، پوءِ ٻئي آواز گڏي چيائين ته هي آهي آب.
هن سبق پوري ڪرڻ ۾ هفتو کن لڳو. مون کي ارمان آهي ته مان بروقت سڀ حقيقتون ۽ تاريخون ۽ وقت لکندو ڪونه ويس. جيڪڏهن ائين ڪيان ها ته هن تعليمي تجربي جو بيان هڪ وڏو ڪتاب ٿي پوي ها، پر ضرور مفيد ٿئي ها. گذريل پنجن مهينن ۾ مون کي ڏاڍا چڱا چڱا اصول ۽ رستا هٿ آيا، جن مان گهڻا وسري ويا اٿم. پهرئين مهيني ۾ ڇوڪرو 5 منٽن ۾ ٿڪجي پوندو هو. سندس ٿڪجڻ هن طرح معلوم ٿيندو هو، جو جيڪي پهريائين لکي پڙهي ويندو هو، سو به نه ايندو هوس ته سمجهندو هوس ته هاڻي ٿڪو آهي. خصوصن لکڻ پڙهڻ بعد جڏهن انگن جو جوڙ يا ڪٽ پڇندو هوسانس ته هڪدم اوٻاسين پٺيان اوٻاسيون ڏيڻ شروع ڪندو هو. ٻيو سبق هن ريت شروع ڪيم:-
پهرئين سليٽ تي لکيم اَ اِ اُ آ ۽ کائنس اهي پڙهايم، پوءِ انهن جون نشانيون ڊاهي پڇيم ته باقي هي ڇا آهي چيائين ته خبر نه آهي. پڇيم ته چارئي هڪ جهڙا آهن يا ٻيءَ طرح، چيائين ته هڪ جهڙا آهن. پوءِ ٻڌايم ته انهيءَ جو نالو رکيل آهي الف. اهي چاريئي هڪ الف آهن. ساڳئي الف مٿون ليڪ ٿي ڏجي ته ڇا ٿو ٿئي؟ چي اَ. هيٺيون ته؟ چي اِ. مٿون هيءَ ( ُ ) نشاني ته؟ اُ. ۽ هي ( َ) ته؟ چي اَ. پر جي اهي نشانيون ڊاهي ڇڏجن ته ڪهڙو اکر آهي؟ چي الف. وري ساڳئي طرف الف وانگر ب سيکاريم. جڏهن الف ۽ ب لکي ۽ سڃاڻي ويو، تڏهن چيومانس ته ٻه اکر سکيو آهين، هاڻي ٽيون اکر ٿو سيکاريانءِ اهو آهي ٻ، جو هن طرح (ٻ) لکبو آهي. جڏهن ٻ به چڱيءَ طرح لکي ۽ سڃاڻي ويو ۽ خاطري ٿي ته الف ب سان وچڙائي ٿو لکجي ته به سڃاڻي ٿو وڃي، تڏهن هن طرح سوال ڪيم ته الف ( ا) کي مٿان هي ليڪ ٿا ڏيون ته ڇا ٿو ٿئي چي اَ. ب کي ته؟ چي ب. هاڻي جي ٻ کي به اهڙي ليڪ ڏيون ته ڇا ٿيندو؟ پهريائين ڪجهه تڪليف ٿيس، مگر پوءِ جلد سمجهي ويو ۽ ڪنهن به اکر سکڻ بعد سکيل نشانيون ڏيئي آواز پاڻيهي ڪڍي ويندو هو ۽ وري لفظ به پاڻيهي لکي ۽ پڙهي ويندو هو. اهڙيءَ طرح جڏهن ٻ سان چاريئي آواز سکي ويو ته پ سان سيکاري ان سان چارئي آواز زبر - زير - پيش - ۽ مد جا ڪڍي ويو. پوءِ ٻئي سبق جا ليڪ هيٺيون لکي لفظ پاڻيهي لکي ۽ پڙهي ويو، بلڪ ٻيا ڪيترائي لفظ جيڪي انهن پنجن لفظن ۽ چئن آوازن مان ٺهي سگهيا، سي پڙهيائين ۽ لکيائين. ٻئي سبق سکڻ تي البت گهڻو وقت لڳس، پر جيڪڏهن گهڻو وقت لڳي ته نڪي ارمان ڪجي، نڪي خفي ٿجي، نڪي تڪڙ ڪري اڳتي هلجي، جيئن ڍرائي ڪبي، تيئن بنياد پڪو ٿيندو ۽ اڳتي سولائي ٿيندي ۽ آخر ڪم ٿوري وقت ۾ ٿي ويندو. جيئن تڪڙ ڪبي، تيئن ڪم ۾ دير پوندي، اهو منهنجو ذاتي تجربو آهي. جڏهن ٻيو سبق پڙهائي ٽيون شروع ڪرايم ۽ ت ۽ ٺ سيکاريم، تڏهين اهڙي قدرت ٿي، جو ت جي بدران پ ۽ پ جي بدران ت. ڀت جي بدران ڀپ لکي پيو وهي. ڪيترو به سمجهايومانس ته تارا مٿي آهن ته ت تي ٽٻڪا به مٿون آهن. پلو وري هيٺ پاڻي ۾ ٿو رهي، تنهن ڪري پ کي ٽٻڪا هيٺيان آهن، پر ڪين سمجهيو. پوءِ وري ٻئي سبق جو دؤر ڪرايو مانس، خصوصن پ جو استعمال گهڻو ڪرايو مانس. پوءِ وري ٽيون سبق شروع ڪيم ته اها تڪليف ڪانه ٿي. ٽئين سبق تي به ڳچ ڏينهن لڳي ويا، پر نه رڳو ليڪ کان هيٺ ڏنل ڪتاب وارا لفظ لکي ۽ پڙهي ويو، پر ٻيا جيڪي به لفظ انهن ڏهن حرفن ۽ چئن آوازن مان ٺهي سگهن ٿا، سي به پاڻيهي لکي پڙهي ويو.
چوٿون سبق پهرئين سبق جي نموني سيکاريو ويو ۽ پوءِ ڇوڪرو پاڻ اهي نوان ٽي آواز سکيل ڏهن حرفن سان لڳائي ويو ۽ ڪي به لفظ، جي انهن ڏهن سکيل حرفن ۽ سکيل ستن آوازن سان ٺهي سگهن ٿا، سي پاڻيهي لکي پڙهي ويو.
پوءِ پنجين سبق جو هڪ يا ٻه حرف کيس سيکاريا ويا، جنهن جي سکڻ بعد پاڻيهي ان سان ست ئي آواز شامل ڪري پي ويو ۽ جيڪي به لفظ سکيل حرفن ۽ سکيل ستن آوازن تي ٺهي ٿي سگهيا، سي کانئس لکايا ۽ پڙهايا پي ويا. مثلن ف سيکارڻ بعد هو فَ، فِ، فُ، فا، في ۽ فو پاڻيهي لکي ۽ پڙهي پي ويو. فقط اکرن گڏي لکڻ جو نمونو کيس ڏيکاريو پي ويو. ڇو ته فيٽ پاڻ هن طرح پي لکيائين، ف ي ٽ ۽ بعضي هن طرح في ٽ. پنجين سبق جي پڇاڙيءَ ۾ ڪي لفظ ۽ جملا آهن، سي پوءِ پاڻ لکي ۽ پڙهي ويو، پر منهنجي زير نظر. جملا چڱيءَ طرح چوڻ کيس هن طرح سيکاريا ويا، جڏهن ڦٽيءَ جو لفظ چوڻ سکيائين ته پوءِ کي پو لفظ پڙهيائين پوءِ چيومانس ته ٻئي گڏي چؤ ۽ جڏهن ائٽ ۽ کپي جا لفظ پڙهي ويو ته اهي به گڏي چواريامانس. جڏهين جملي جا ٻئي ڀاڱا ڌار ڌار پڪا ٿيس، تڏهن ٻئي ڀاڱا گڏي چورايامانس ته چئي ويو ۽ چڱي ڍنگ سان چئي ويو. اهڙيءَ طرح پوين سبقن جا وڏا وڏا جملا ٻه ڀاڱا پڪا ڪرائي پوءِ سڄو جملو پڪو ڪرائيندو هو سانس. منهنجو دستور هميشه اهو رهيو، جو ڪڏهن به کيس پاڻ لفظ نه پڙهي ٻڌايم، نڪي کيس پاڻ لکي ڏنم، نڪي پاڻ پهريائين سڄو جملو چئي ٻڌايم. هميشه سڀ ڪو لفظ سکيل حرفن ۽ آوازن جي وسيلي پاڻ ئي لکي ويندو هو ۽ پاڻ ئي پڙهي ويندو هو. جيئن آواز گڏي لفظ ٺاهيندو هو، تيئن وري لفظ گڏي جملا به پاڻ ٺاهيندو هو ۽ چوندو هو. پنهنجي منهن پاڻ به جيڪي جملن وارا سبق پڙهي سگهيو پي، پر ننڍو ٻار بعضي بي خيالائي کان ڪو ڪو لفظ غلط ٿي پڙهيائين ۽ پوءِ سندس عادت مٽائڻ ۾ البت مون کي تڪليف پئي ٿي. تنهنڪري پنهنجي نظر هيٺ لفظ ۽ جملا پڙهائيندو هو مانس، جيڪڏهن ڪا چڪ ڪندو هو ته مان درست نه ڪندو هوس، فقط چوندو هوس ته هت چڪ ٿو ڪرين سنڀالي چؤ، پوءِ پاڻ کي پاڻ درست ڪندو هو. اهڙيءَ طرح صورتخطيءَ ۾ چڪ ڪندو هو ته کائنس ئي درستي ڪرائي ويندي هئي. مان ڀانيان ٿو ته جيڪڏهن 5 يا 6 ڇوڪرا گڏجي ويهي نئون سبق پڙهن ته پوءِ ماستر جي نظر جي به ضرورت نه رهندي، ڇو ته جيڪڏهين هڪڙو چڪ ڪندو ته ٻيا چوندس ته چڪ ٿو ڪرين سنڀال. جئين پ ۽ ت سکڻ ۾ جمال الدين تڪليف ڏٺي، تيئن تيرهين سبق يا پندرهين سبق سکڻ بعد هڪڙي ڀيري ”غير“ لکايو مانس ته ”غور“ لکيائين ۽ ”ڪوڙو“ لکايو مانس ته ”ڪپڙو“ لکيائين. مطلب ته انهيءَ قسم جا لفظ بعضي بعضي غلط بعضي برابر پي لکيائين. اها تڪليف ڏهاڪو ڏينهن هلي. شايد اها مون چڪ ڪئي هئي، جو جڏهن تيرهين سبق جا آواز حرفن سان شامل ڪرايا هيم، تڏهن چوٿين سبق جي آوازن سان ڀيٽ ڪرائي پڪا نه ڪرايا هيم. وري به خوش قسمتي هئي، جو اَي ۽ اَو لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ چڪ ڪانه پئي پيس، تنهنڪري مٿئين قسم جي لفظن لکائڻ کان اڳ ۾ سليٽ جي مٿئين سٽ تي اَي ۽ اَو سان مشابهت ڏيئي صحيح لکي ويندو هو ۽ آخر ڏهن ڏينهن ۾ اها به تڪليف لهي ويئي.
نون غنه سيکارڻ ۾ مون کي تڪليف بلڪل ڪانه ٿي، ٻه منٽ مس لڳا. پهريائين انب جي لفظ جا آواز ڪڍايامانس، پوءِ اب لکي ان جا آواز ڪڍايامانس. پوءِ پڇيومانس ته اَ جي بدران ڇا هئڻ گهرجي ته چئي ويو. پوءِ چيومانس ته اهو آوازن گڏڻ سان نڪرندو آهي، پوءِ ٻين حرفن سان به ’ن‘ ملائي ويو. ساڳئي طرح سمهڻ، ڳهڻ، ماڻهو، پڙهڻ وغيره ۾ جيڪا هه آهي، سا به ن غنه وانگر جلد سکي ويو، مگر ائين ناهي ته ڪو چڪ ڪونه ڪندو هو، بيشڪ ڪندو هو ۽ اڃا به بعضي بعضي ڪري ٿو، پر سنڀالڻ سان درست ڪري ٿو وڃي. هڪڙي ماستر ملهايون لکايس ته ان جي بدران ملاهيون لکيائين، پوءِ پوئين لفظ جا آواز ڪڍاياسونس ته هنجي چڪ سمجهي ويو.
جمال الدين کي هاڻي پهريون درجو به پاڻ شروع ٿو ڪرايان. اميد آهي ته ڇهن مهينن اندر پهرئين درجي جا ڪم چڱي طرح ڪڍي ويندو. پوءِ ٻئي ننڍڙي ڇوڪر کي ٻاراڻي ڪلاس جي تعليم ڏيندس. جمال الدين کي جيڪا تعليم ملي آهي، سا اهڙي قسم جي آهي، جو ڀانيان ٿو ته هن کي هڪ هفتو استعمال ڪرائيندس ته قرآن شريف ڪٿان به پڙهي ويندو. 5 منٽ کن آزموده به ورتو اٿمانس، تجربي ڪرڻ لاءِ سٽ ڏني ويندي. انگن سيکارڻ به نسبت اڳي ئي ٻڌايو اٿم ته لکڻ ۽ پڙهڻ بعد سيکاريندو هو مانس. اڃا انگن جي جوڙ ۽ ڪٽ شروع ڪندو هوس ته اوٻاسيون ڏيڻ لڳندو هو، تنهنڪري ڇڏي ڏيندو هومانس. ڪي ماستر شايد انگ جنسي شين کان سواءِ سيکاريندا آهن ۽ پهريائين رڳو ڳڻڻ سيکاريندا آهن پوءِ لکڻ ۽ پڇاڙي جوڙ ڪٽ. ازان سواءِ هڪڙو ڇوڪر ٻين کي چورائيندو آهي ايڪو ايڪو يارهن، ٻڪو ايڪو ٻارهن، ٽڪو ايڪو تيرهن وغيره يا مون اهي نمونا بلڪل ڪم ڪونه آندا. آڱرين، اکين، ڪرسين، مڻين وغيره جي وسيلي هڪ ۽ ٻه سيکاري انگ 1 ۽ 2 لکايم. پوءِ پڇيم ته هن هڪ مڻئي سان هي هڪ مڻيو گڏيان ٿو، هاڻي ڪيترا مڻيا ٿيا؟ چي ٻه ٿيا. ٻن مون هڪ ڪڍي ٿو وٺان باقي ڪيترا بچيا، چي باقي هڪ بچيو. پوءِ وري ٻن شين ۾ ٽئين اهڙي شيءَ (مڻيو يا آڱر وغيره) گڏي ٻڌايم ته هاڻي هي ٽي مڻيا ٿيا يا هي ٽي آڱريون ٿيون وغيره. پوءِ هن قسم جا سوال پڇيم ٻن مڻين ۾ هڪ ٿو گڏيان ڪيترا ٿيا، هڪ ۾ ٻه ٿو گڏيان ڪيترا ٿيا، تن مون هڪ ڪڍي ٿو ڇڏيان، ڪيترا بچيا وغيره. اهڙيءَ طرح سان ڏهن تائين انگ ڳڻڻ لکڻ ۽ جوڙ ڪٽ سيکاريا ويا. اهو سڀ ڪم جنسي شين جي وسيلي ڪيو ويو، مگر جوڙ ڪٽ ۾ جيتري قدر جنسي شيون ڪم آڻڻ گهربيون هيون، اوتري قدر ڪم نه آندم. انگن ڳڻڻ ۽ لکڻ ۾ ته ڪجهه به تڪيلف نه ٿي، مگر جوڙ ڪٽ ۾ گهڻي تڪليف درپيش آئي. مان ڀانيان ٿو جيڪڏهن جنسي شيون وڌيڪ ڪم آڻيان ها ۽ گهڻا ٻار هجن ها ته ڪي رانديون به ڪم آڻيان ها ته پوءِ تڪليف گهٽ ٿئي ها. فقط پنجن تائين انگ ڪيئن سيکارجن، تنهن تي هڪڙو سڄو ڪتاب لکيل آهي، جو مون پڙهيو آهي، مگر مون اهي رستا ڪم ڪونه آندا. ڏهن تائين جوڙ ڪٽ ڪرڻ ۾ مون پنهنجي هڪڙي ترتيب ڪم آندي، جا ٻڌائڻ لائق آهي. مان جنسي شيون ڏيکاري پڇندو هوس ته هي ٽي مڻيا ۽ هي ٻه مڻيا گڏيون ٿا ته ڪيترا ٿيا، چي 5، وري پنجن مان ٻه ڪڍي ڇڏيون ته باقي ڪيترا، چي 3. پر جي پنجن مان 3 ڪڍي ڇڏيون ته باقي ڪيترا، چي 2. انهن ٽنهي سوالن جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. جيڪڏهن هن کي پهريون آيو ته ڄڻ ٻيا ٻه به اچي ويا. ساڳيءَ طرح 4 ۽ 3 ٿيا 7، پر جي 7 مان 3 ويا ته 4 بچيا ۽ 4 ويا ته 3 بچيا. جڏهن اهو تعلق جمال الدين سمجهي ويو، تڏهن تڪليف گهڻو گهٽ ٿي پيئي ۽ جنسي شين کان بنا به جواب ڏيئي سگهيو. ڏهن تائين انگن سيکارڻ بعد جڏهن جمال الدين کي ايڪا ۽ ڏهاڪا جنسي شين، مڻين ۽ ارٿميٽيڪان وغيره جي وسيلي سمجهايم، تڏهين 100 تائين انگن ڳڻڻ ۽ لکڻ ۽ جوڙ ڪٽ ۾ دير بلڪل ڪانه ٿي. گويا ڏهن تائين انگ سکيائين ته ڄڻ سؤ تائين سکيائين. فقط ڪٿي ڪٿي انگن چوڻ ۾ غلطي ڪيائين ٿي. مثلن 18، 31، 27، کي ارڙهن، ايڪويهه، ستاويهه چوڻ. 19، 29، 39. اهڙن انگن جي ڳڻڻ ۽ لکڻ ۾ ٻارن کي ڪجهه ڏکيائي ٿيندي آهي، پر اها به جنسي شين سان ايڪن ڏهاڪن ڪڍائڻ ڪري ڪان ٿي. کيس سمجهايو ويو ته اڻويهه جي معنيٰ آهي ويهن کان هڪ گهٽ. اڻٽيهه جي معنيٰ آهي ٽيهن کان هڪ گهٽ وغيره، تنهنڪري 28 کان پوءِ پورن ٽن ڏهاڪن جو انگ يعني ٽيهه چوڻ سيکاريومانس ته اڻٽيهه پاڻيهي چئي ويو. انگن لکائڻ مهل به هو اهو ڪري پوءِ برابر لکي ويندو هو، مثلن جيڪڏهن کيس چوندو هوس ته 69 لک ته هو خيال ڪندو هو ته 70 ۾ ست ڏهاڪا آهن هڪ گهٽ ڪبو ته نؤ ايڪا ۽ ڇهه ڏهاڪا ٿيندا، پوءِ لکي ويندو هو. ڏهن کان ويهن تائين انگن سيکاريندي کيس سمجهايم ته سڄي پاسي کان ايڪا لکبا آهن، کٻي کان ڏهاڪا. جڏهن ويهن تائين انگ ڳڻڻ ۽ لکڻ سکيو، تڏهن ڪو به مٿي انگ مثلن 59، 78، 99، 36، ارٿميٽيڪان تي پي ڏيکاريم ته هو اهو انگ لکي پي ويو. اگرچه چئي ڪو نه پي سگهيو ته اهو انگ ڪهڙو آهي ڇو ته ايترو سهي ڪري پي سگهيو ته هيترا ايڪا ۽ ڏهاڪا ڪڍيل آهن، اهو تجربو گهڻن ئي کي ڪري ڏيکاريم.
ڏهن کان مٿي جوڙ ڪٽ هن طرح ڪرايم. مثلن 4 ۽ 3 ڪيترا ٿيا، چي 7 ته 14 ۽ 3 ٿيا 17، 24 ۽ 3 ٿيا 27 وغيره وغيره. اهڙي طرح 5 ۽ 4 ٿيا 9 ته 15 ۽ چار ٿيا 19، 25 ۽ 4 ٿيا 29، وغيره وغيره. ساڳيءَ طرح 6 ۽ 4 ٿيا 10 ته 16 ۽ 4 ٿيا 20، 26، ۽ 4 ٿيا 30، 36 ۽ 4 ٿيا 40 وغيره وغيره. ساڳيءَ طرح ڪٽ به ڪرايم. ٿورڙيئي وقت ۾ انهن انگن جو لاڳاپو ۽ مشابهت سمجهي ويو.
کوڙا سيکارڻ ته نهايت آسان آهي. پهريائين ارٿميٽيڪان تي، پوءِ زباني ٻن ۾ ٻه ٻه جوڙ ڪرائيندو ويهن تائين آيس. وري ويهن مان ڪٽ ڪرائيندو هيٺ آيس، پوءِ کيس چيم ته ڏهن کي گڏي ڏهاڪو چئبو آهي تئين ٻن کي گڏي ڏون يا ٻڪو چئبو آهي. هاڻي ارٿيميٽيڪان تي ڏون ڪڍندو وڃ ۽ چوندو وڃ ته ڪل ڪيترا گولا ٿيندا ٿا وڃن. پوءِ ارٿيميٽيڪان تي ڏون ڪڍندو، کوڙو پڙهندو ويو. پر جهلي جهلي ڇو ته دل ۾ جوڙ ڪندو پوءِ چوندو پي ويو. پوءِ وري زباني به کوڙو پڙهي ويو، پر آهسته آهسته ڇو ته دل ۾ جوڙ ڪندو پوءِ چوندو پي ويو. ٿورا ڀيرا ائين ڪرڻ بعد ياد ٿي ويس. مون ڪيترن ماڻهن کي تجربو ڪري ڏيکاريو ته پنجن جو کوڙو سکڻ کان اڳي ئي زباني طور آهسته آهسته (دل ۾ جوڙ ڪرڻ سان) سڄو چئي ويو.
پٽي اهڙي طرح لکائيندو هوس، جيئن تعليم اخبار جي مضمون ۾ ڄاڻايو اٿم. پاڻ پٽي ميساري يا ٻئي کان ميسارائي ميٽ هڻي ايندو هو ۽ مون کي ان تي لکڻ ۾ هڪ يا ٻه منٽ مس لڳندا هئا، پوءِ پاڻ وڃي لکندو هو. فقط پهريائين ٻه ٽي ڏينهن پنهنجي زير نظر لکايومانس پوءِ ڪم فرصت سببان ائين ڪون ڪيم ته به ڏٺم ته ٽٻڪا چوڪنڊيارا ڪڍندو هو ته اکر به جتي سنها ٿلها بيهاربا آهن، اتي سنها ٿلها بيهاريندو هو. سليٽ تي به دائمي ليڪون پائي ڏنيون مانس، جن تي سڌا اکر بيهاريندو آهي، پر سچ چئجي ته اکرن تي مون پورو ڌيان ڪونه ڏنو. جيڪڏهن اکرن تي پورو ڌيان ڏيان ها ته مان اميد ٿو ڪريان ته پنجن مهينن ۾ اهڙا اکر ٿي وڃنس ها، جهڙا ٻئي يا ٽئي درجي جي شاگردن جا. معلم صاحب چوندا آهن ته گهڻن شاگردن کي قلم گهڙي ڏيڻ ۾ اهڙي طرح پٽيون لکي ڏيڻ محال آهي، پر منهنجو آزموده آهي ته قلم کي اٽڪل پندرهين پندرهين ڏينهن قط ڏيڻو پوي ٿو ۽ 30 قلمن کي قط ڏيڻ ۾ 10 منٽ به نه لڳندا ۽ 30 پٽين لکي ڏيڻ ۾ اٽڪل منو ڪلاڪ لڳندو. سو به هروڀرو هر روز پٽي لکي ڏيڻ جو ضرور ڪونهي. پٽيءَ تي فقط اٺ لفظ کن ٿلهن اکرن ۾ لکي ڏيڻ گهرجن.
مٿئين تجربي بيان ڪرڻ بعد مان وري به آزمايل اصول بيان ٿو ڪريان.
1 - جيتري قدر ڍرائي سان ڪم ڪبو ۽ بنياد پڪو ڪبو، اوتري قدر آخر ڪم جلد پورو ٿيندو.
2 - جيتري قدر اصولن تي ڪم ڪبو ۽ شاگرد جي سمجهه ڪم آڻبي اوتري قدر ڪم به بهتر ٿيندو يعني پهريائين تڪليف وٺڻ سان، پوءِ اٽلندو معلم لاءِ آساني ٿيو پوي.
3 - جيڪي پوءِ سيکارجي، تنهن کان اڳ سکيل ڪم سان ڀيٽائي سيکارجي ته شاگرد منجهي نه پون.
4 - سيکارڻ مهل خفي هرگز نه ٿيڻ گهرجي. مون مٿئين ڇوڪر کي ڪڏهن به چماٽ نه هنئين.
5 - جيتري قدر شوق سان ڪم ڪبو، اوتري قدر تڪليف گهٽ ٿيندي ۽ نتيجو بهتر نڪرندو. جيتري قدر بي دليو ڪم ڪبو، اوتري قدر محنت وڌيڪ ڪرڻي پوندي ۽ نتيجو گهٽ نڪرندو.
6 - جيتري قدر شوق سان ڪم ڪبو ۽ اصولن موجب تعليم ڏبي، اوتري قدر معلم جو دماغ سڌرندو. نيون نيون پڙهائي جون تجويزون هٿ اينديون ۽ پڙهائڻ ۾ مزو ايندو ۽ ٿڪ ٿورو ٿيندو. جيتري قدر بي دليو ڪم ڪبو، اوتري قدر ڪم اڻ وڻندڙ معلوم ٿيندو ۽ ٿڪ وڌيڪ ٿيندو. سچ پڇو ته سڌريل ملڪن ۾ جتي معلم شوق سان ڪم ٿا ڪن، اتي اُهي اهڙا آزمودگار ٿي ويا آهن، جو جيڪو اسان هڪ سال ۾ سيکاري سگهنداسين، سو هو ٽن مهينن ۾ سيکارين ٿا. مان سنڌ جي معلم صاحبن کي ڏوهه ڪونه ٿو ڏيان، سنڌ جي حالتن ۽ پبلڪ جو به گهڻو ڏوهه آهي. معلمن جي عزت اهڙي هئڻ گهرجي، جهڙي مرشدن جي ڪبي آهي، بلڪ گهڻو وڌيڪ ۽ معلم صاحبن کي به گهرجي ته حالتون ڪهڙيون به هجن ته به خود قرباني ڪري به شوق سان ڪم ڪن. ڌڻي تعاليٰ سندن پورهيو ڪين وڃائيندو.
7 - ننڍا ٻار تمام جلد ٿڪجي پوندا آهن، تنهن ڪري کين ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ آرام ڏجي يا ڪا راند ڪرڻ جي موڪل ڏجي يا هلڪي ڊرل ڪرائجي. ڪي ٻار ٻين کان اڳ ٿڪجي ٿا پون، تنهنڪري ٿڪ پروڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن معلوم ٿئي ته ڪو شاگرد ٿڪو آهي ته ڪم بند ڪرڻ گهرجي.
(اخبار تعليم - جنوري 1931ع )