مڪتبن لاءِ جاين جا قسم
قسم پهريون - ٻن صفحن واري جاءِ ورانڊي سان 500 روپين مان جوڙائي ٿي سگهجي. هر هڪ صفحو 12 هٿ ڊگهو ۽ 8 يا 9 هٿ ويڪرو هئڻ گهرجي. ٻنهي صفحن جي وچ ۾ دوازو هئڻ گهرجي. سڄي جاءِ سرن جي ٿيندي. پهريان پنج يا ڇهه بار پڪين سرن جا هئڻ گهرجن.
قسم ٻيو - هڪ صفحو ورانڊي سان 100 روپين مان جوڙائي ٿو سگهجي، مگر سڄي ڀت اوڏڪي ٿيندي. اوڏڪي ڀت، فقط زيباور نٿي ٿئي.
قسم ٽيون - اوڏڪي ڀت جي لانڍي 50 يا 75 رپين مان ٺهرائي ٿي سگهجي. هڪ لاٽڻ ۽ ٻه ورا کپندا. پر جيڪڏهن ڏگهيون ڪبيون ته چار ورا کپندا - پڃرن جي مٿان پتر کي لتڻ ڪري ڇڏبي، جيڪڏهن لانڍي ٿڌي ڪرڻي هجي اڳتون ٺلهن يا ٿوڻين جي وسيلي ڇڄهري ڪرڻ گهرجي.
ٽنهي قسمن لاءِ عام هدايتون :
1. جيترو ٿي سگهي اوترو ڀراءُ وجهي جاءِ مٿي ڪرڻ گهرجي. جاءِ جو فرش گهٽ ۾ گهٽ ٻه هٿ مٿي هئڻ گهرجي.
2. حاطو هئڻ گهرجي ۽ حاطي جي اندر ڪشادو ميدان هئڻ گهرجي.
3. جاءِ جو منهن ڏکڻ طرف هئڻ گهرجي.
4. ورانڊي جي ڀت ۽ ڇت صفحن جي ڀت ۽ ڇت کان ٿورو هيٺ هئڻ گهرجي.
5. ڪمرن يعني صفحن خواه لانڍيءَ کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه دريون اُتر کان ۽ هڪ ڏکڻ کان هجن.
6. ڀتين کي ڇت جي ويجهو چوڌاري ڳڙکيون روشني لاءِ هئڻ گهرجن. ڇت ۾ منگهه هجن ته به چڱا آهن.
7. ٿي سگهي ته 500 رپين واري جاءِ کي پڪو رنگائجي ۽ ڀتين کي اندران سيڙهيءَ جي پوچي ڏيارجي.
8. جاءِ ۾ ڪلر هجي ته ڪلر ڪجهه ڪيڻ سان ڪڍي پوءِ مٺو ڀنجهو وجهرائجي.
9. احاطي جي وٽ سان اندران نمون، ٽاليون پوکائجن، ۽ وچ ۾ گل ٻوٽا ۽ ساوڪ هئڻ گهرجن.
10. ڪامن يا پٽين ۾ جهلين لاءِ ڪڙا وجهرائجن.
11. صفحي يا لانڍي جي اڀرندي يا الهندي طرف ايتري جاءِ ڇڏيل هئڻ گهرجي جو جيڪڏهن اسڪول وڌي ته هڪ صفحو وڌيڪ ٺاهي سگهجي.
12. جن آخوندن کي پئسا ڪنهن به صورت ۾ ملي نٿا سگهن تنکي گهرجي ته في الحال ڪکائين لانڍي جوڙائين جن تي 20 يا 25 روپيا خرچو مس لڳندو.