ملا اسڪولن جي سچائي ۽ ڪم
اي پيارا معلمو! سجاڳ ٿيو، فقط الله تعاليٰ جا حڪم مڃو. اسلام ۽ رسول مقبول ﷺ جي عزت رکو، پنهنجي شريف ڌنڌي جو نشان سڃاڻو ۽ جيڪڏهن ڪو معلم پنهنجا فرض چڱيءَ طرح بجاءَ نٿو آڻي ته ان کي شرمايو ۽ محنت ڪرڻ تي آماده ڪيو. سچ پچ جيڪو معلم ڪوڙ ڪندو، سو محنت هرگز نه ڪندو، رڳو ڪوڙ تي ڀاڙي وهندو، پوءِ هن جو اسڪول ترقي ڪان ڪندو. ڪوڙ پڌرو ٿيو پوي ۽ اسڪول برباد ٿي ٿو وڃي، مگر سچي اسڪول کي اگرچه پهريائين گرانٽ ڪمائيندو. اها سچي ڳالهه آهي ته گرانٽ جا نرخ بهتر هئڻ گهرجن، پر جيڪڏهن بهتر ناهن ته ڪوڙ ڪرڻ جائز آهي ڇا؟ جيڪڏهن معلم سچ پچ پنهنجا اسڪول جفا ڪشي ڪري سڌارين، قوم ۽ سرڪار تي پنهنجي محنت ۽ سچائي جو اثر وهارين ته پوءِ ازخود گرانٽ جا نرخ سڌاريا ويندا. ارمان جي ڳالهه آهي ته ڪي ڪي مولوي صاحب به ماٺ ميٺ ۾ لوڪلبورڊ اسڪول جا پڙهيل شاگرد داخل ڪري ماسترن جي محنت جو ڦل پاڻ کائين ٿا. جيڪڏهن کين چئجي ٿو ته هي ته جائز ۽ حلال ناهي ته پنهنجي ضمير کي هن طرح پرچائين ٿا ته اسين عربي ۽ پارسي ٿا سيکاريون ۽ اسلام ٿا سيکاريون، ان لاءِ اسان کي ڪجهه به نٿو ملي، پوءِ جيڪڏهن اڻ سڌيءَ طرح ڪجهه پيسا حاصل ڪياسين ته ڇا ٿي پيو. افسوس! الله تعاليٰ وٽ اهڙا دليل هلندا ئي ڪين. معلمن کي گهرجي ته جيڪڏهن ڪو شاگرد اڳئي پڙهيل وٽن اچي ته اڳئين معلم يا ماستر کان ليونگ سرٽيفڪٽ وٺڻ گهرجي ۽ جيڪو درجو اڳي پاس ڪيل هجيس، تنهن کان مٿيون درجو پاڙهي پنهنجي ڪيل محنت جي گرانٽ وٺن. باقي رهيو اهو سوال ته سرڪار قرآن شريف ۽ عربي فارسيءَ لاءِ گرانٽ ڇو نه ٿي ڏئي، سو سوال نازڪ آهي. ان جي بحث لکڻ ۾ هڪ ننڍڙو ڪتاب ٺهي پوندو، پر جيڪڏهن معلم سچ پچ قرآن شريف ۽ عربي فارسي چڱي طرح سيکارين ته پوءِ شاگردن کي سنڌي پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ بلڪل تڪليف ڪان ٿيندي، گويا سنڌيءَ لاءِ ڪا جدا گهڻي محنت گهرجي ئي ڪانه ٿي.
وري به معلم صاحبن کي اپيل ٿو ڪريان ته ڪوشش ۽ محنت ڪريو ۽ پاڻ تان ڪوڙائي جو بد نما داغ لاهي ڇڏيو، جنهن لاءِ توها کي هڪ سولي تجويز ٿو ڏسيان. هر هڪ شاگرد جنهن جنهن ڏينهن حاضر رهي، تنهن ڏينهن پٽيءَ تي ڪم از ڪم چار لفظ ۽ ڪاپيءَ تي به ڪم از ڪم اٺ لفظ لکي تاريخ وجهي ڇڏي. پٽيون ۽ ڪاپيون رات ڏينهن اسڪول جي جاءِ ۾ هئڻ گهرجن ته هر ڪو وزيٽرس ڪاپيون ۽ پٽيون ڏسي مڪتب جي سچائي جي پڪ ڪري. در حقيقت وڏي تعليم آهي ئي اکرن جو لکڻ. قديم زماني کان پهاڪو مشهور آهي ته اکر اڌ علم آهن. اسان جي مڪتبن ۽ مدرسن جي متعلمن جا اکر موتين جي مثال هوندا هئا. هاءِ افسوس! اڄ اسان جي اها مورثي خاصيت به گم ٿي ويئي. سچ پڇو ته لکڻ کان سواءِ پڙهڻ به محال آهي. تنهنڪري الف پڙهايو ته الف لکايو، ابا پڙهايو ته ابا لکايو. رب، رسول، ڀت، پٽ، پکي ۽ ڀاڄي پڙهايو ته لکايو به. مطلب ته جيڪو سبق پڙهايو، سو بر وقت لکايو ۽ جڏهن شاگرد لکڻ ۾ ڪا به چڪ نه ڪري، تڏهن ٻيو سبق شروع ڪرايو. ائين ڪرڻ سان ڪم آسان ٿي پوندو محنت گهٽ ڪرڻي پوندي، نتيجو بهتر نڪرندو ۽ تعليم جي ترقي ٿيندي. ڪي معلم محنت به ڪن ٿا، پر پاڙهڻ نٿو اچين، تنهنڪري گهڻي محنت اجائي ٿي وڃين. کين گهرجي ته جمعي جمعي ڏينهن چڱن ماسترن جي تعليم ڏسن.
معلم صاحبو! سچائي جو ٻيو ثبوت آهي ٻاراڻا ڪلاس. جيڪڏهن ٻاراڻي ڪلاس ۾ ننڍا ٻار آهن ۽ انهن مان چڱو تعداد پاس ٿو ٿئي ۽ اکر چڱا ۽ صحيح لکي ٿا وڃن، خصوصن ڇوڪرين جي تعليم چڱي آهي ته پوءِ ممتحن خواه وزيٽر کي يقين ٿيندو ته مڪتب سچو آهي، تنهنڪري سڄي طاقت ٻاراڻي ڪلاس تي صرف ڪيو. ٻاراڻو ڪلاس سڄي اسڪول جو بنياد آهي. ٻاراڻي ڪلاس مون چڱو تعداد چڱي طرح پاس ٿيو ته مٿين درجن ۾ ازخود شاگرد گهڻا ٿيندا ۽ چڱي طرح پاس ٿيندا ۽ گهڻي گرانٽ ملندي.
وڏو افسوس هي آهي ته زناني تعليم تي پورو توجه ڪونهي ۽ ڪي ماڻهو جاهلائي کان ڇوڪرين جي پڙهائڻ کان عار ٿا ڪن. در حقيقت جيستائين زالون جاهل رهنديون، تيستائين اسان تنزل ۽ پستيءَ ۾ رهنداسين. رسول مقبول ﷺ جو قول مبارڪ آهي ته علم جي طلب سڀڪنهن مسلمان مرد توڙي عورت تي فرض آهي. اسلام جي اوائلي زماني ۾ ته زالن ۾ بلڪل گهڻو علم هوندو هو، پر آخري زماني ۾ به خود مغل بادشاهن جون زالون اعليٰ تعليم يافته هونديون هيون ۽ حضرت اورنگزيب عالمگير ؓ جو سخت ديندار ۽ متشرع بادشاه هوندو هو، تنهنجي مشهور نياڻي زيب النساءَ ديني خواه دنيوي علم ۾ ماهر هئي، شعر گوئي ڪندي هئي ۽ دور دراز ملڪن جي عالمن ۽ شاعرن سان بحث مباحثا ڪندي هئي، تنهنڪري معلم صاحبو! ڇوڪريون پاڙهيو ۽ چڱي طرح پاڙهيو، ٻيڻي گرانٽ ڪمايو، قوم کي ترقي وٺايو، پنهنجي عزت وڌايو ۽ اسلام جو بول بالا ڪيو. الله تعاليٰ شال توهان کي توفيق ڏئي ۽ اسلام ۽ مسلمانن جي ترقي ٿئي! آمين!
(ملا مخزن اپريل 1931ع)