ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

سولي سنڌ جي تواريخ

(سنڌي چوٿين درجي جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ درسي ڪتاب)
(ويڙهومل کٽڻ مل پبليشرس بڪ ڊيپولاڙڪاڻه پاران ڇپرايل)

منڍ
هن وقت سنڌ جي تواريخ جا ڪيترا تي ڪتاب موجود آهن، پر اهي مزيدار آکاڻين ۾ نه آهن، تنهنڪري ڪوشش وٺي هيءُ ڪتاب اهڙي ڍنگ سان لکيو ويو آهي؛ جيئن ٻار گهر ۾ ٻين آکاڻين جا ڪتاب چاهه سان پڙهندا ۽ ياد ڪندا آهن، تيئن هيءُ ڪتاب به ازخود چاهه سان پڙهن. هيءُ ڪتاب نه فقط اسڪولي ٻارن کي ڪارائتو ٿيندو، پر عام ماڻهن لاءِ وندر ۽ واقفيت جو باعث ٿيندو. ماسترن کي کپي ته تواريخ سيکارڻ مهل نقشو ضرور استعمال ڪن: ڪٿي جنگ لڳي، ڪهڙا ملڪ هٿ ڪيا ويا، پهريائين ڪهڙا ڀاڱا هئا ۽ پوءِ ڪهڙا ٿيا، اهڙيون ٻيون ڳالهيون نقشي جي مدد سان سيکارجن. جيترو ٿي سگهي اوترو تواريخ جو جاگرافيءَ سان لاڳاپو رکي سمجهائجي. هر هڪ واقعي جو نتيجو ۽ ڪارڻ کولي ٻڌائجي. واقعن ۽ اتفاقن سان جيڪي اخلاقي نصحيتون نڪرن سي کولي ٻڌائجن. هن ڪتاب ۾ ڪشادي واقفيت ڏني ويئي آهي، مکيه ڳالهين تي گهڻو وقت ڏجي. ٻارن کان مکيه واقعن جا ناٽڪ جي نموني نقل ڪرائجن.

تواريخ ڇا کي چئجي؟
تواريخ لفظ جي معنيٰ آهي تاريخون يا گهڻا ڏينهن. گذريل ۽ هلندڙ وقت ۾ ڪهڙا بادشاهه، ڪهڙا مشهور ماڻهو، بهادر ٿيا هئا ۽ ٿيا آهن، سندن هلت چلت ڪهڙي هئي ۽ ڪهڙي آهي؟ ملڪ ۾ ڪهڙيون جنگيون ٿيون ۽ ٿين پيون. اهي سڀ حقيقتون جنهن ڪتاب مان معلوم ٿين، تنهن ڪتاب کي تواريخ جو ڪتاب چئجي ٿو. هن زماني جون اخبارون به تواريخون آهن، تنهنڪري هلندڙ زماني جي تواريخ جي واقفيت وٺڻ لاءِ اخبارون پڙهڻ ضروري آهن.

تواريخ پڙهڻ مان فائدا
تواريخ پڙهڻ مان خبر پوي ٿي، ته ملڪ ۾ ڪهڙا ڪهڙا بهادر ٿي گذريا آهن، تنهنڪري اسان کي به انهن جهڙو بهادر ٿيڻ گهرجي. تواريخ مان خبر پوي ٿي، ته ملڪ جي مان، شان ۽ عزت آبرو بچائڻ لاءِ ڪيترا شير دل ماڻهو سر قربان ڪرڻ کان ڪين گٿا ۽ پنهنجي ملڪ لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا، تنهنڪري اسان کي به حب الوطن ٿيڻ گهرجي.
نيپولن بونا پارٽ فرانس جي هڪ غريب ماڻهوءَ جو پٽ هو. هن کي ننڍي هوندي کان تواريخ پڙهڻ جو گهڻو چاهه هو. جڏهن تواريخ مان وڏن وڏن بهادر ماڻهن جي حياتيءَ جو بيان پڙهندو هو، تڏهن سندس دل ۾ امنگ پيدا ٿيندو هو، ته مان به انهن جهڙو بهادر ٿيان. ٿيو به ايئن جو سڄي يورپ ۾ پنهنجو نعارو وڄايائين ۽ فرانس جو شهنشاهه ٿيو. تواريخ ٻڌائي ٿي، ته جن ظلم تي ڪمرڪشي سي نابود ٿي ويا، تنهنڪري اسان کي رحمدل ٿيڻ گهرجي. تواريخ سبق سيکاري ٿي ته ”سج ٻه پاڇا آهي“ يعني هڪڙو ماڻهو اڄ بادشاهه آهي، ته سڀاڻي گداگر ٿي وڃي ٿو، تنهنڪري اسان کي ڌن جوڀن جو غرور ڪرڻ نه گهرجي.

(1) اسان جي پياري وطن جي آکاڻي
اسين سنڌ ملڪ جا رهاڪو آهيون، تنهنڪري اسين سنڌي ماڻهو سڏجون ٿا. گهڻو وقت اڳي هندستان جي اتر اولهه کان آريه نسل جا ماڻهو خيبر ۽ بولان دڙا لنگهي، هن ديس ۾ آيا انهن کي پهريائين وڏو سنڌو درياءُ لنگهڻو پيو، جنهن ڪري انهن درياءَ جو وڏو ۽ ويڪر پيٽ ڏسي، ڀانيون ته ڪو سمنڊ آهي؛ تنهنڪري نالو رکيائونس سنڌو يعني سمنڊ. انهيءَ نديءَ تان اسان جي ديس تي سنڌ نالو پيو آهي.

(2) سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن جي آکاڻي
انهن آرين کان اڳ ۾ سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو اڻ آريه هئا جي ٺڪرن جي ٿانون ۾ کائيندا هئا ۽ لوهه جا اڻ گهڙيل ٽڪر، زيورن طور پائيندا هئا. جنن وڻن ۽ ڀوتن ۾ ڏاڍو اعتبار هون. کين رڌڻ پچائڻ، باهه ٻارڻ ۽ پوک ڪرڻ جي خبر ڪا نه هئي، تنهنڪري جهنگلي مرن جو ڪچو گوشت کائيندا هئا ۽ اگهاڙا گهمندا هئا. منجهانئن ڪي ٿورا سڌريل هئا، جي وڻن جي وڏن پنن سان اوگهڙ جا هنڌ ڍڪيندا هئا. انهن مان اڄ تائين ڀيل، ڪولي، ڍيڍ ۽ مينگهوڙا موجود آهن، جي ٿر ملڪ ۾ رهن ٿا ۽ کريل سنڌي ۽ مارواڙي ٻولي ڳالهائن ٿا.


(3) آريھ ماڻهن جي آکاڻي
آريه (شريف) نسل جا ماڻهو اصل سنڌ جي اتر طرف وچ ايشيا ۾ رهندا هئا. اتي چؤپايو مال ساڻ وٺي، چراگاهن جي ڳولا ۾ هڪ کان ٻئي هنڌ گهمندا وتندا هئا. سندن قوت گذران شڪار ۽ کير، مکڻ ۽ ڏڌ تي هو. هو، ديوتائن کي پوڄيندا هئا ۽ انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ جانورن جون ٻليون چاڙهيندا هئا. ڏينهون ڏينهن اتي وڌندا ويا ۽ اصلي ڪٽنب اباڻن جائين ۾ ماپي نه سگهيا، تنهنڪري ڪيترا آريه ماڻهو خيبر ۽ بولان جا لڪ لنگهي پنجاب ۽ سنڌ ۾ آيا. اچي ڏٺائون، ته زمين ڀلي آهي ۽ سنڌو نديءَ ۾ پاڻي مٺو آهي؛ ملڪ جهنگلي ماڻهن (اڻ آرين) ۽ ٻيلن سان ڀريو پيو آهي، تنهنڪري اصلوڪن رهاڪن کي ڏکڻ ۽ اوڀر طرف ڏانهن تڙي ڪڍيائون. جهنگ ڪپي ان پوکيائون ۽ گهر ڪري ويهي رهيا. اهڙيءَ ريت هڪ ٻئي پٺيان آريه ماڻهن جون ڪيتريون ٽوليون سنڌ ۾ اچي، بيٺڪ ڪري ويٺيون. ڪي اصلوڪا رهاڪو (اڻ آريه) پڻ ساڻن گڏجي رهڻ لڳا.

(4) چئن ذاتين جي ٺهڻ جي آکاڻي
عيسوي سن کان 2500 ورهيه اڳي، جڏهن آريه لوڪ، سنڌ پنجاب ۾ گهڻا ٿيا، تڏهن گنگا نديءَ ڏانهن پکڙجڻ لڳا. ان وقت انهن پورهئي جي ورڇ مان فائدو وٺڻ لاءِ هڪ ٻئي تي الڳ الڳ ڪم رکي ڇڏيا. جنهن ڪري سندن هيٺيون چار ذاتيون ٺهيون: –
1 – جن وڏيءَ ذات جي ماڻهن تعليم ڏيڻ ۽ ڌرمي ڪم ڪرائڻ جا ڪم پاڻ تي هموار ڪيا انهن کي برهمڻ سڏيائون.
2 – ساري ملڪ جي بچاءُ لاءِ دشمنن سان جنگ ڪرڻ ۽ ملڪ جي حڪومت جو بندوبست رکڻ وارن کي کتري سڏيائون.
3 – کيتي ڪرڻ ۽ واپار ڌنڌي هلائڻ وارن کي وئش چيائون.
4 – جيڪي اصلوڪن رهاڪن مان ڪن آرين سان مٽيءَ مائٽيءَ ۾ گڏجي ويا هئا ۽ جن جو اولاد نج آريه نه هو، تن تي مٿين ٽنهي ذاتين جي ٽهل ٽڪور ڪرڻ جو ڪم رکيو ويو، جنهنڪري انهن کي شودر نالو ڏنائون.

(5) راجا جندراٿ جي آکاڻي
کترين مان ٻن مشهور قومن پانڊون ۽ ڪورون ع سنه کان 1400 ورهيه اڳي، جڏهن هستناپور (دهليءَ) جي بادشاهيءَ لاءِ پاڻ ۾ جنگ ڪئي، تڏهن ڪرشن، گجرات جي راجا، پانڊون کي مدد لاءِ ڏني هئي ۽ جئدراٿ، سنڌ جي راجا ڪورون کي مدد لاءِ لشڪر موڪليو هو. جنهن ۾ آخر پانڊون جنگ کٽي –
انهيءَ مان خبر ملي ٿي، ته ان وقت سنڌ جا راجا، جئدراٿ، کتري قوم مان هو، انهيءَ کان پوءِ ڳچ وقت تائين سنڌ جي تاريخ جو پورو احوال ملي نٿو سگهي.

مشقي سوال
1. تواريخ ڇاکي چئجي کولي سمجهايو؟
2. سنڌ تي نالو ڪيئن پيو ۽ ڪنهن وڌو؟
3. آرين ۽ اڻ آرين جو احوال ڏيو، سندن وچ ۾ جيڪو تفاوت آهي، تنهنجو نقشو ٺاهيو؟
4. آرين ۽ اڻ آرين جون نشانيون ٻڌايو؟
5. چار ذاتيون ڇو ٺهيون ۽ انهن جو بيان ڏيو؟
6. هستناپور جي لڙائي وقت سنڌ جو راجا ڪير هو؟

(6) قديمي سنڌ ۽ هاڻوڪي سنڌ جي ڀيٽ جي آکاڻي
سنڌو ندي، پنهنجن ڀرتي ڪندڙ ندين سميت جنهن ملڪ کي آباد ٿي ڪري، تنهن ساري ملڪ کي اڳي سنڌ سڏيو ويو ٿي. ڇاڪاڻ ته انهي سموري ملڪ ۾ هڪ ئي قسم جي قوم، هڪ ئي زبان ڳالهائيندڙ، رسمون رواج، ڌنڌا ۽ مذهب رکندڙ رهندي هئي ۽ سارو ملڪ گهڻو ڪري هڪ ئي وڏي راجا يا بادشاهه جي هٿ ۾ رهندو هو. انهي ڪري آڳاٽي سنڌ تمام گهڻو وڏي هئي، منجهس پنجاب، ڪشمير، افغانستان، بلوچستان، راجستان ۽ بهاولپور اهي ملڪ به اچي ويا ٿي. مگر ايترو سارو ملڪ هڪڙي حاڪم جي هٿ هيٺ رهي سگهڻ جهڙو نه هو، تنهنڪري جدا جدا ڀاڱن ۾ جدا جدا هندو راجا راڄ ڪندا هئا، جيئن ته: ملتان، شڪارپور، سيوهڻ، حيدرآباد ۽ ٺٽو؛ اهي راجائن جي گادين جا هنڌ هئا. انهن راجائن جي مٿان هڪ وڏو راجا الور ۾ رهندو هو. پر پوءِ زماني ڦرندي ڦرندي قومن جي ٻولين، ريتن، رسمن، ڌنڌن ۽ مذهبي ڳالهين ۾ به فرق پوڻ لڳو ۽ آڳاٽي سنڌ، ٽڪرا ٽڪرا ٿي جدا جدا خود مختيار بادشاهن جي حوالي ٿيڻ لڳي – تنهنڪري جنهن هنڌ پنج نديون وهن ٿيون، تنهن ملڪ کي پنجاب سڏيائون۽ اهڙيءَ طرح جنهن هنڌ کان وٺي سنڌوندي يڪي سر وهي ٿي تنهن هنڌ کان وٺي ڇوڙ تائين سنڌ سڏجڻ ۾ آئي. ڏسو صفحي 3 وارو نقشو.

(7) ايرانن جي ڪاهھ جي آکاڻي
آڳاٽي سنڌ تي عيسوي سنه کان 500 ورهيه اڳي ايراني لوڪن اڙدشير (دارا پهرئين) بادشاهه جي هٿ هيٺ ڪاهيو، مگر هو، ملڪ فتح ڪري ايران موٽي ويا.
(8) يونان جي بادشاهھ
سڪندر جي ڪاهھ جي ڳالهھ
عيسوي سنه کان 300 ورهيه اڳي يونان جي مشهور حاڪم سڪندر، سڄيءَ دنيا کي فتح ڪرڻ جو خيال رکي ۽ سنڌ بابت واهيات خبرن ٻڌڻ ڪري جهڙوڪ: ”سنڌ ۾ وڻن ۾ ان ٿئي ٿو ۽ ماڪوڙيون راڪاسن جيڏيون آهن، جي ٿرن برن مان سون کنيون ٿيون اچن.“ انهن حقيقتن کي جاچڻ لاءِ ايران ۽ افغانستان فتح ڪندو، سنڌ تي چڙهائي ڪري آيو. جهلم درياءَ وٽ، پنجاب جي راجا پورس، ساڻس ڏاڍي چڪري کاڌي، مگر سڪندر اٽڪل ڪري فتحياب ٿيو. مگر پورس کي سندس بهادريءَ ڪري خوش ٿي ملڪ موٽائي ڏنائين. پوءِ 2000 ٻيڙا تيار ڪرائي جهلم مان لنگهي، سنڌونديءَ رستي هاڻوڪيءَ سنڌ ۾ آيو، ان وقت سنڌ جي ٽڪر ٽڪر تي جدا جدا حاڪم روءِ سوءِ راڄ ڪندو هو: الور، پٽيالا، امهوٽا، برهمڻ آباد ۽ سيوستان وڏا ۽ مشهور ڀاڱا هئا. انهن هندن جي راجائن مان گهڻن سڪندر جي آجيان ڪانه ڪئي، تنهنڪري هن ڪاوڙجي کين جيتي، پنهنجي تابع ڪيو. پوءِ الور ۽ سيوهڻ ۾ قلعا ٺهرائي، پٽيالا جو شهر هاڻوڪي حيدرآباد جي ڀرسان ٻڌرائي سنڌونديءَ جي ڇوڙ تائين اچي نڪتو. کيس هن سفر ۾ ڪل 9 مهينا لڳا. ڇوڙ وٽ سمنڊ جي ويرين کان سمجهيائين ته دنيا جي حد اچي ڳولي ڪڍي اٿم تنهنڪري گهڻو لشڪر پنهنجي سردار سان سمنڊ رستي ۽ ڪجهه لشڪر پاڻ سان خشڪيءَ جي رستي وٺي پنهنجي، ملڪ روانو ٿيو. واٽ تي تڪليفن ۽ خوراڪ جي تنگيءَ سبب گهڻو لشڪر مري ويس. آخر پاڻ به ايشيا مئنر جي بابل شهر ۾ هڪ رات گهڻي شراب پيئڻ ڪري مري ويو.
يوناني اٽڪل 100 ورهيه پوءِ به سنڌ ملڪ ۾ رهيا جنهن ڪري:
1. يورپ سان سنڌ جو واپار جاري ٿيو.
2. هنر ۽ علم جو گهڻو سڌارو ٿيو.
3. ماڻهن، جاين ۾ گلڪاري، چٽڪاري ۽ نقاشي ڪرڻ جو هنر سکيو.
4. يوناني طب جو رواج پيو.
5. يوناني گهوڙا به سنڌ اندر چڙهائي لاءِ رواج ۾ آيا.

(9) سٿين جي ڪاهھ جي آکاڻي
يوناني کان پوءِ سٿين (تاتاري) وچ ايشيا مان هڪالجي رلندا رلندا سنڌ ۾ اچي نڪتا ۽ يونانين کي هڪالي پاڻ حاڪم بنجي ويٺا. هنن 400ع تائين ڪل ساڍا 5 سؤ ورهيه راڄ ڪيو ۽ هندو ڌرم اختيار ڪري پاڻ کي جاٽ نسل مان سڏرايو. اڄ تائين ڪيترا جاٽ قوم جا ماڻهو سري واري ڀاڱي ۾ رهن ٿا.
راجا وڪرماجيت جي آکاڻي
مالوا ۽ اجين جي مهاراجا وڪرماجيت (وڪرم دتيه) سنڌ ملڪ هٿ ڪيو، جنهن سٿين (تاتارين) جي قوم کي ماري مڃايو. تنهن کان پوءِ اٽڪل 350 سالن تائين يعني عربن جي حملي تائين، ٻي ڪنهن به ڌاريءَ قوم سنڌ تي ڪاهه ڪا نه ڪئي ۽ اهو سارو وقت وڪرمدتيه خاندان کان پوءِ هندن جي ٻن مشهور گهراڻن راءِ ۽ برهمڻ، سنڌ تي راڄ ڪيو.

مشقي سوالات:
1. قديمي سنڌ ۽ هاڻوڪي سنڌ جي ڀيٽ ڪريو؟
2. سڪندر جي ڪاهه جو سبب ٻڌايو؟
3. ڪهڙين ڌارين قومن اچي سنڌ تي ڪاهيو؟

(11) راءِ گهراڻي جي آکاڻي
وڪرمدتيه گهراڻي کان پوءِ 490ع ۾ سنڌ تي راءِ گهراڻي وارن کتري هندو راجائن جو راڄ شروع ٿيو، انهيءَ گهراڻي جي هيٺين پنجن راجائن، 137 ورهيه حڪومت ڪئي:
1 – راءِ ديواجي 2 – راءِ سهاراس 3 – راءِ سهاراسي 4 – راءِ سهاراس ٻيو 5 – راءِ سهاسي ٻيو. انهن مان پويان ٻه مشهور ٿيا. راءِ ديواجيءَ 4 – 5 سال مس حڪومت ڪئي.

(12) راءِ سهاراس ٻئي جي آکاڻي
هن جي حڪومت ۾ سنڌ جي حد اندر، افغانستان، بلوچستان، ڪشمير، پنجاب، راجپستانا، هاڻوڪي سنڌ، گجرات ۽ ڪڇ اهي اٺ ملڪ اچي ٿي ويا. راءِ صاحب انهيءَ هيڏيءَ ساريءَ حڪومت جا چار حصا 1 – برهمڻ آباد 2 – ملتان 3 – سيوستان ۽ 4 – اسڪندهه ڪري، هر هڪ تي نائب مقرر ڪيا جي خود راجا جا مٽ مائٽ هئا. گاديءَ جو هنڌ الور عمدو شهر هو جو باغات، محلاتن، نهرن ۽ خاص ڪري سڪندر بادشاهه واري قلعي ڪري مشهور هو. درياءَ ڀرسان وهندڙ هوس جنهنڪري واپار جو مکيه مرڪز هو. راجا وٽ تمام وڏو لشڪر پهلوانن جو هو. سندس نائبن وٽ به لشڪر هو، ان جا مهندار اهي نائب هئا ۽ خود راجا به جنگ وقت لشڪر جو اڳواڻ ٿيندو هو.
هن راجا جي وقت ۾ نيهروز ايراني بادشاهه ڪڇ ۽ گجرات کي ڦرڻ لاءِ راءِ تي ڪاهي آيو، جنهن سان راجا وڙهندي مارجي ويو ۽ ايراني ملڪ ويران ڪري موٽي ويا پوءِ راءِ سهاسي ٻيو پيءُ جي تخت تي ويٺو.
(13) راءِ سهاسي ٻئي جي آکاڻي
حشمتي، تجويزي، عادل ۽ رعيت کي راضي رکندڙ راجا هو. هن خيال ڪيو ته ملڪ کي وري اڳئين اؤج تي آڻجي، تنهنڪري ٻن صلاح ڪارو زيرن رامراءِ ۽ چچ جي مدد سان ملڪ ۾ هيٺيان سڌارا ڪيائين. سڌارا: 1 – رعيت تان ڍلون گهٽ ڪري ٺهرايلن وقتن تي قسطون ڪري وٺڻ. 2 – لشڪر ۽ سرڪاري نوڪرن کي مهيني سر مهيني پگهار ڏيڻ. 3 – ملڪ ۾ کوهه کوٽائڻ وڻ پوکائڻ، رستا ۽ مسافرخانا ٺهرائڻ. 4 – ان تي خراج ڪن ملڪن جي زميندارن تان معاف ڪيائين جن وري الور، سيوستان، اچ، ماٿيلي، ماڊ، سوريءَ ۾ مضبوط قلعا ٺهرائي ڏنس. انهيءَ طرح ملڪ جو بچاءُ به پوريءَ طرح ڪيائين پاڻ پنهنجي سر ملڪ جو گشت ڪري ماڻهن جو اهنج ايذاءُ لاٿائين.

(14) رامراءِ وزير جي آکاڻي
راءِ سهاسي ٻئي جو وزير، بلڪل سياڻو ۽ پڙهيل ماڻهو، ملڪ جي ڪاروبار هلائڻ ۾ راجا کي سهڻي صلاح ڏيندڙ هو. هن لکپڙهه جي ڪم لاءِ هڪڙي پڙهيل برهمڻ چچ کي پاڻ وٽ منشي ڪري رکيو.

(15) چچ جي آکاڻي
هيءُ سيکاحي برهمڻ جو پٽ هو ۽ عام برهمڻ وانگر پنهنجو قوت گذران بيک تي ڪندو هو، هڪ ڏينهن رامراءِ وزير وٽ دان وٺڻ لاءِ آيو. جنهن سندس سونهن، چالاڪي مٺي زبان تي خوش ٿي، کانئس لکپڙهه جو امتحان وٺي، کيس پنهنجو منشي مقرر ڪيو، راءِ سهاسيءَ کيس رامراءِ پير مرد وزير جي مرڻ تي وڏو وزير ڪيو. جتان پوءِ هيٺينءَ طرح راجا بنيو.

چچ جو راجا بڻجڻ:
هڪڙي ڏينهن چچ ڪي ضروري ڪاغذ راءِ سهاسيءَ وٽ کڻي ويو. راجا ان وقت پنهنجي راڻي سونهن ديويءَ (سهنديءَ) سان محلات ۾ ويٺو هو. چچ کي راجا پنهنجي پٽ برابر سمجهندو هو، تنهنڪري کيس اندر اچڻ جو حڪم ڏنائين. چچ اندر ته ويو پر راڻي هن جي سونهن سوڀيا ۽ چترائيءَ جي ڳالهائڻ تي موهت ٿي پيئي ساڻس دولابي محبت ۾ ريجهي ويئي. راڻيءَ جي راضپي ڪري چچ هيڪاري راجا وٽ برک ٿيندو ويو ۽ راجا جي گهر ۾ اچڻ وڃڻ لڳو. هڪ ڏينهن راءِ سهاسي ٻيو سخت بيمار ٿيو؛ تڏهن راڻيءَ ۽ چچ ٻنهي ٻڌي ڪري، راجا جي ويجهن عزيزن کي ڳجهه ڳوهه ۾ مارائي، پڌرو ڪيو، ته ”هنن تخت لاءِ پاڻ ۾ وڙهي، هڪ ٻئي کي ماري وڌو آهي، راجا کي انهيءَ ڳالهه جو ڏاڍو ارمان ٿيو آهي ۽ بلفعل چچ کي سڀ ڪم ڪار هلائڻ جي اختياري ڏني اٿس.“ ستت ئي راجا 632ع ۾ مري ويو. کيس اولاد ڪو نه هو؛ انهي ڪري چچ، راڻي جي صلاح سان ٺهي ٺڪي راجا بڻجي ويٺو.
(اهو وقت سنه 10هه هو. ان وقت عربستان ۾ حضرت ابوبڪر صديق جي خلافت هئي)

مشقي سوال:
1. راءِ گهراڻي جي راجائن جا نالا ڏيو، منجهائن مشهور راجا ڪهڙا ٿيا آهن.
2. راءِ سهاراس ٻئي جي هٿ ۾ ڪهڙو ملڪ هو، سو نقشي تي ڏيکاريو؟
3. راءِ سهاسي ٻئي ڪهڙا سڌارا ڪيا ۽ ڪنهنجي مدد سان؟
4. راءِ گهراڻي جي پڄاڻي ڪهڙيءَ طرح ٿي ۽ ڪڏهن؟

(16) برهمڻ گهراڻي جي حاڪمن جي نالا
هن گهراڻي جا ٽي راجائون ٿيا: 1 – راجاچچ 2 – راجا چندار 3 – راجا ڏاهر

(17) راجا چچ جي آکاڻي
راءِ مهرت، راءِ سهاسي ٻئي جي ڀاءُ، چتور جي راجا کي جڏهن خبر پيئي، ته چچ ٺڳيءَ سان راڄ هٿ ڪيو آهي، تڏهن جنگ ڪرڻ لاءِ سنبري آيو. الور جي ٻاهران جنگ لڳي، رتو ڇاڻ گهڻي ٿيڻ ڪري، مهرت، چچ کي چوائي موڪليو، ته ”رعيت بي گناهه ماري، تنهن کان اچ ته تون مان هڪ ٻئي سان وڙهي نبيرو ڪريون.“ هت به چچ پنهنجيءَ دغا بازيءَ سان مهرت تي هيٺينءَ طرح فتح پاتي: چچ جواب موڪليس ته ”آءُ برهمڻ آهيان، پيادو وڙهندس.“ مهرت پيادو وڙهڻ لاءِ ميدان ۾ آيو، پر چچ، جنهنجو نوڪر گهوڙو سنبرايو وڻ جي اوٽ ۾ بيٺو هو، ۽ سندس لشڪر پڻ وڻن ۾ لڪو ويٺو هو. تنهن مهرت جي ڀرسان اينديئي گهوڙي تي چڙهي مهرت جي سسي ترار سان ڌار ڪري ڇڏي ۽ سندس لشڪر چتور جي لشڪر تي اوچتو غالب پيو، جنهنڪري مهرت جا ماڻهو ڪي مئا ۽ ڪي ڀڳا، اهڙيءَ ريت چچ چتور پڻ هٿ ڪيو.
چچ هينئر بي خطر راجا بنجي، راڻي سونهن ديويءَ سان شادي ڪئي؛ جنهن مان کيس ٻه پٽ ڏاهر ۽ ڏهر سين ۽ هڪ ڌيءَ پريم ديوي (ٻائي) ڄائي. پوءِ چچ، راءِ سهاسيءَ وانگر ملڪ جو گشت ڪري، ملڪ کي سڌارڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر جيئن ته پاڻ اڪيلو هو ۽ کيس رامراءِ جهڙو نمڪ حلال ۽ نيڪ صلاح مددگار ڪو نه هو، پاڻ گهڻو وقت جنگين ۾ وڃايائين، اندر هڪڙي ۽ ٻاهر ٻي رکڻ سان حڪومت هٿ ڪيائين ۽ پنهنجي مهربان ۽ نيڪ راجا سان نمڪ حرامي ڪيائين، تنهنڪري جئين چوڻي آهي ته ”جهڙو راجا تهڙي پرجا“ وارو حال ٿيو. يعني رعيت ۾ به سندس جهڙا دغاباز، فريبي، رهزن ۽ ٻين جي ملڪيت جا تاڪائو ماڻهو پيدا ٿيا. چچ پوءِ 1 – بابيه 2- ڪرمان (ايران جو ڀاڱو) 3 – لس ٻيلو 4 – مڪران به تابع ڪري، انهن جي حاڪمن تي ڍل مقرر ڪئي. هيءُ راجا 40 سال راڄ ڪري 672ع ۾ مري ويو. کانئس پوءِ ڀاڻس چندار تخت ڌڻي ٿيو.

(18) راجا چندار جي آکاڻي
هيءُ الور جو ٻائو هو ۽ اگرچه برهمڻ هو ته به ٻڌ ڌرم کي ڏاڍو زور وٺايائين ۽ ٻڌ جون مڙهيون ٺهرايائين. هندستان جي ٻين راجائن سان دوستيءَ جو ناتو ڳنڍيائين. آخر 7 سالن جي راڄ بعد قنوح جو راجا مٿس ڪاهي آيو، جنهنجي هٿان جيتيجي مري ويو ۽ ڏاهر چچ جو پٽ راجا ٿيو.

مشقي سوال:
1. برهمڻ گهراڻي جي پهرئين راجا جو بيان ڪريو؟
2. ”ٻاهر ٻولي هنجهه جي، اندر ڪارو ڪانءُ“ اها چوڻي ثابت ڪريو؟
3. ”جهڙو راجا تهڙي پرجا“ جو مثال تواريخ مان ڏيو؟
4. چچ جيتوڻيڪ ملڪ جي نظرداري ڪئي، ته به سندس وقت ظلمن ٿيڻ جو ڪهڙو سبب هو؟

(19) راجا ڏاهر جي آکاڻي
راجا ڏاهر جي تخت نشين ٿيڻ وقت هڪ جو تشيءَ اڳ ڪٿي ڪئي، ته ”جيڪو ڏاهر جي ڀيڻ ٻائي سان شادي ڪندو، سو سنڌ جو والي ٿيندو.“ (ٿيو به ائين) انهيءَ تي راجا ڏاهر، پنهنجيءَ ڀيڻ سان شادي ڪرڻ جو پڪو خيال ڪري، پريم ديويءَ ٻائي کي پنهنجي ڀاءُ ڏهرسين وٽان برهمڻ آباد مان گهرائي، ساڻس نالي جي شادي ڪئي جنهن تي ڀاڻس ڏهرسين هيءُ ڪنياءُ ٻڌي مٿس ڪاهي آيو، پر هوءُ الور جو دروازو لنگهيو، ته هڪ زهري نانگ جي ڏنگ لڳڻ سبب مري ويو. (جو نانگ چون ٿا، ته ”ڏاهر جي جادوگرن جو بنايل هو.“) راجا ڏاهر پوءِ ڪيترا سال سک ۽ آرام سان راڄ ڪيو.
ڏاهر جي راڄ کي 33 سال مس ٿي ته سرنديب (ساون) ٻيٽ ۾ اسلامي خليفي وليد جي رعيت مان ڪن عربي سوداگرن جي فوت ٿيڻ ڪري، ان ملڪ جي راجا، سوداگرن جي يتيم ٻارن کي جن ۾ ڪي ڇوڪريون به هيون، سندن مال متاع سميت خليفي ڏانهن موڪليو. اهي ٻيڙيون جڏهن ديبل بندر وٽ آيون، تڏهن راجا ڏاهر جي ملڪي ڦورن مٿن ڪاهه ڪري، ماڻهن کي قيد ڪيو ۽ سندن سامان هٿ ڪيو. انهيءَ ڦرجي راجا ڏاهر، خليفي جي پيغام تي به جاچ ڪا نه ڪئي، پر مورڳو بي پرواهيءَ سان جواب ڏنو، ته ”انهيءَ هنڌ چور ۽ ڦورو مون کان زور آهن.“ جيتوڻيڪ اهو هنڌ سندس راڄ ۾ هو ۽ اتي سندس پورو بندوبست ڌرمي خواه حڪمرانيءَ جو رکيل هو.

مسلمانن جي آکاڻي
عربستان جو هڪ وارياسو ۽ غير آباد ملڪ آهي. انهيءَ ملڪ ۾ اڳي جهنگلي قومون رهنديون هيون جي پنهنجا ڌڻ ۽ گلا وٺي چاري جي ڳولا ۾ رلنديون وتنديون هيون. هميشه هڪ ٻئي ۾ وڙهنديون وتنديون هيون.
ڪي چون ٿا ته ڪراچي بندر کي ديبل بندر نالو مليل هو ۽ ڪن جو چوڻ آهي ته ڪراچيءَ ۾ ٺٽي جي وچ ۾ هڪ کاريءَ تي ديبل بندر هو.
مسلمانن جو اصل نسل: تاريخ 22 اپريل 571 ۾ عربستان ملڪ جي مڪي شهر ۾ حضرت محمدﷺ جو تولد ٿيو، جنهن عربستان جي ملڪ ۾ مسلماني مذهب جاري ڪيو. ڪيترا ماڻهو اسلامي مذهب ۾ اچي شامل ٿيا. حضرت جن ماڻهن کي فرمايو ته ٻين کي به اسلامي دين تي آڻيو، اهڙيءَ طرح سان عربستان حضرت جن جي جيئري اسلامي دين تي آيو. حضرت جن سنه 632ع ۾ هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو. سندن خلافت جي گاديءَ تي حضرت ابوبڪر جن ويٺا. وقت بوقت هڪ ٻئي پٺيان ٻيا خليفا عربستان جا ٿيندا آيا.
مسلمانن جو زور وٺڻ: انهن خليفن ۽ عربستان جي مسلمانن جي ڪوشش سان ٻين ملڪ جيئن ته ترڪستان، ايران، افغانستان ۽ عربستان جي آس پاس وارن ملڪن ۾ مسلماني مذهب پکڙي جي ويو. عربستان جي خليفن وقت بوقت سنڌ تي لشڪر چاڙهي موڪليا ٿي، پر اڪثر اهي هار کائي پوئتي موٽي ويا ٿي. ڪي مسلمان هندو راجائن جي وقت ۾ سنڌ ۾ بيٺڪ ڪري ويجهي ويا نيٺ جڏهين عربن جون ٻيڙيون ديبل بندر وٽ ڦرجي ويون، تنهن کان پوءِ مسلماني بادشاهي سنڌ ۾ شروع ٿي.

(21) عربن جي بزيل جي هٿ هيٺ ڪاهھ جي آکاڻي
حجاج محمد هارون، خليفي وليد جي نائب کي ٻيڙين جي ڦرجڻ جي جڏهن خبر پيئي تڏهن هن يڪدم خليفي وليد صاحب (جو ان وقت عربستان جو خليفو هو) کي ان جو اطلاع ڏيئي، سندس پاران راجا ڏاهر سان لکپڙهه شروع ڪئي. مگر راجا ڏاهر کان مٿئين اڻ وڻندڙ جواب ملڻ ڪري، ڪاوڙجي بزيل کي 3 هزار لشڪر سان ديبل ڏانهن موڪليائين پر بزيل جنگ ۾ مارجي ويو.

(22) محمد قاسم جي ڪاهھ جي آکاڻي
حجاج بزيل جي مرڻ جي خبر ٻڌي غمگين ٿيو ۽ سخت ڪاوڙيو تنهن ڪري خليفي وليد صاحب کان اجازت وٺي، پنهنجي ڀائٽي محمد بن قاسم (عماد الدين) ثقفيءَ کي جو 14 ورهين جي عمر کان وٺي لشڪر جو مهندار ٿي رهيو هو ۽ ان وقت 17 ورهين جي ڄمار ۾ ايران جو گورنر هو، 6 هزار لشڪر سان سنڌ تي چاڙهي موڪليو. محمد بن قاسم هوشيار سپهه سالار هو ۽ ننڍيءَ عمر کان وٺي جنگي ڪمن ۾ ماهر هو واٽ تي منزلون ڪرڻ وقت به ڪيترو جنگي سامان خريد ڪيائين. آخر شيراز ۽ لس ٻيلي جون به منزلون ڪري ٽئين منزل ديبل بندر ۾ اچي ڪيائين. اتي حجاج وٽان ٻيڙين جي رستي ٻيو به ڪيترو جنگ جو سامان منجنيق (پٿرن اڇلائڻ وارين ڪلن) سميت اچي مليس.
محمد بن قاسم ان ڏينهن حجاج جي حڪم تي ديبل جي وڏي مندر جو نشان پٿرن اڇلائڻ سان ڊاٺو، جنهن تي هندن جا ڇيهه ڇڄي پيا ۽ وائڙا ٿي ويا، سندن مهندار جيپال (راجا ڏاهر جو پٽ) به مارجي ويو. ان کان پوءِ محمد بن قاسم 4 منزل نيرن ڪوٽ ۽ 5 منزل سيوستان ۾ ڪري اهي هٿ ڪيا ۽ اتي نائب ڇڏي ڇهين منزل الور ۾ ڪرڻ جو خيال ڪيو. اتي حجاج وٽان به حڪم مليس ته هاڻي سڌو ڏاهر تي ڪاهه ڪر. تڏهن محمد بن قاسم اڳتي وڌيو ۽ الور جي سامهون اچي درياءَ تي ٻيڙين جي پل ٺهرائي، لشڪر سميت پار لنگهيو. راجا ڏاهر اها خبر ٻڌي، وائڙو ٿي ويو ۽ نجومي گهرائي کانئون پنهنجو بخت پڇڻ لڳو. جن چيس ته ”فتح عربن جي آهي. ڇاڪاڻ ته شڪر جو تارو هنن جي پوئتان ۽ تنهنجي اڳيان آهي.“ پر راجا ڏاهر بهادر مڙس هو تنهن واڪو ڪري چيو ته ”آءُ شڪر کي پنهنجي پٺيان ڪندس ۽ کٽندس“ پوءِ شڪر جو سونو پتلو گهرائي هاٿيءَ جي پالڪيءَ پوئتان ٻڌائي ڇڏيائين.
الور جي جنگ: الور ۾ راج ڏاهر جي طرفان پهريائين سندس ٻيو پٽ ۽ لشڪر جا سپهه سالار 5 ڏينهن تائين وڙهندا رهيا، پر شڪستون کائيندا ڪي مارجي ويا ۽ ڪي ڀڄي ويا. آخر ڇهين ڏينهن خود راجا ڏاهر اچي هاٿيءَ تي سوار ٿي، ٻيا سؤ هاٿي ۽ لشڪر ساڻ ڪري جنگ جي ميدان ۾ آيو. اهو ڏينهن 10 رمضان هو، جنهنڪري عربن روزن هئڻ سبب جوش سان ويڙهه ڪئي. عربن جا گهوڙا هاٿين کان ٽهڻ لڳا، تنهنڪري محمد بن قاسم هاٿين کي ٽاهڻ لاءِ هيٺين تجويز ڪئي: ڇا ڪيائين جو تير گندرف جي پاڻيءَ ۾ پسائي ڇوڙائڻ لڳو، تيرن جي چڻنگن ۽ تجلن ٿيڻ ڪري هاٿي ٽهي پنهنجا ماڻهو لتاڙڻ لڳا، نيٺ هڪ عرب تير انداز سڌو ڏاهر جي هاٿيءَ تي ٻرندڙ تير نشان ڪيو، جنهن ڪري پالڪيءَ کي باهه لڳي ۽ هاٿيءَ جي بدن تي به باهه جو اثر ٿيو، هاٿي ان ڪري ٽهي وڃي گجريءَ جي ڍنڍ ۾ پيو، اتان به نڪري راجا ڏاهر پيادو جنگ ڪرڻ لڳو، پر نيٺ بهادريءَ سان وڙهندي مارجي ويو. اهو حال ڏسي الور جي لشڪر ڀاڄ کاڌي تڏهن راجا ڏاهر جي ماڻهن کي سندس ڀيڻ راڻيءَ ٻائيءَ ويڙهه ڪرڻ لاءِ همٿايو ۽ لشڪر گڏ ڪري چڪري کاڌي، پر هارائي پاڻ ۽ لشڪر ٻيون عورتون چکياتي چڙهيون.
محمد بن قاسم جو موت: ڏاهر جون ٻه ڌيئر جڏهن خليفي وليد وٽ پهتيون تڏهن محمد بن قاسم تي ڪوڙو الزام رکيائون، جنهنڪري خليفي ڪاوڙجي محمد بن قاسم کي مارائي ڇڏيو. خليفي کي جڏهن سچ جي خبر پيئي، تڏهن ڏاڍو ڏک ٿيس ۽ ڇوڪرين کي چيچلائي مارائي ڇڏيائين.

(23) هندو راجائن جي وقت ۾ ملڪ جي حالت
هندن جي زماني ۾ راجا کي هر قسم جو اختيار هوندو هو ۽ پنهنجي وزير جي صلاح سان جيئن وڻندو هوس تيئن ڪندو هو. جدا جدا ڀاڱن لاءِ ننڍا حاڪم وڏي راجا جي هٺ هيٺ هوندا هئا. اهي اڪثر راجا جا ويجها مائٽ هوندا هئا. برهمڻ جو گهڻو زور هو ۽ راج درٻار ۾ به سندن مان وڌيڪ هو. ڪيترا برهمڻ جوتشي ۽ نجومي هئا، جن جي صلاح سان راجائون وڏا وڏا ڪم ڪندا هئا. ملڪ ۾ سچائي گهڻي هئي. هن وقت جي مقابلي ۾ اناج، گهه ۽ ٻين شين جا اگهه گهڻو گهٽ هئا. وڏن شهرن ۾ چورن ۽ ڌاڙيلن جو البت بندوبست هو، پر ننڍن ڳوٺن ۾ هر ڪو ڳوٺاڻو پنهنجو بچاءُ پاڻ ڪندو هو ۽ پنهنجي مال ۽ جان جي بچاءُ لاءِ هر ڪو پاڻ سان هٿيار رکندو هو. راجا هميشه وڏو لشڪر رکندو هو ۽ جنگ وقت پاڻ به جنگ ڪندو هو. اڄ وانگي شاهي رستا، پليون، ۽ ٻيو عيش عشرت جو سامان ڪين هو. ڪاسبي ماڻهو هڪ ٻئي کي مدد ڪندا هئا. واپار گهڻو گهٽ هو.

مشقي سوالات:
1. راجا ڏاهر ڀيڻ سان شادي ڇو ڪئي؟ ڏاهرسين ڪير هو ۽ ان جو موت ڪئين ٿيو؟
2. عربن جي ڪاهه جو ڪهڙو سبب هو، محمد بن قاسم جو ڪجهه احوال ڏيو؟
3. محمد بن قاسم ديبل بندر ڪيئن فتح ڪيو؟
4. درياءَ پار لنگهڻ ۽ سوني پتلي جو احوال ڏيو؟
5. محمد بن قاسم هاٿين کي ٽاهڻ لاءِ ڪهڙيون تجويزون ڪيون؟
(24) عربن جي حڪومت جي ڳالهھ
عربن جي هيڏيءَ ساريءَ شهنشاهيت جي گادي بغداد ۾ هئي. جتي عربن جي ٻن مشهور گهراڻن بني اميه ۽ بني عباس جا خليفا رهندا هئا. انهن جي پاران سنڌ ۾ نواب حڪومت هلائيندا هئا، جي هڪ ٻئي پٺيان بغداد مان مقرر ٿي ايندا هئا. انهن نوابن سنڌ جي سموري پيدائش مان ڪجهه ٺهرايل رقم بغداد جي شاهي خزاني ۾ سال بسال پهچائي ٿي ۽ باقي رقم ملڪ جي سڌاري، واڌاري، تعليم، هنر ۽ واپار ۾ لڳائي ٿي. انهن صوبن سنڌ ۾ هيٺيان سڌارا ڪيا:
1. ملڪي ۽ لشڪري بندوبست:
ملڪي ۽ حسابي ڪم ڏيهي سنڌي ماڻهن جي حوالي هو، لشڪر موجود ڪرڻ لاءِ به ڏيهي سنڌي ماڻهن مان ڪي سردار ۽ جاگيردار مدد ڪندا هئا، ان جي عيوض کين زمينون ۽ جاگيرون انعام ملنديون هيون. لشڪر ۾ ڏيهي سنڌي ماڻهو به هئا، جن کي پري پري ملڪن فتح ڪرڻ لاءِ موڪليندا هئا.
2. تعليمي بندوبست:
تعليم، شاهه کان وٺي گدا تائين هر هڪ انسان کي ملندي هئي، وڏن شهرن ۾ عربي سرڪاري خرچ تي مڪتب ۽ عاليشان مدرسا هئا. سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ به هڪ عاليشان مدرسو طب، عربي، پارسي، ۽ علم هيئت (آسماني علم) سيکارڻ لاءِ خليفي هارون الرشيد (بني عباس خاندان) جي ڏينهن ۾ پيو هو. ڳوٺن ۾ مڪتب هئا، جن جا ملا پڄنديءَ وارن کان ساليانو يا شاگردن کان جمعي جمعي تي هڪ پئسو وٺندا هئا. غريبن کي تعليم ته مفت ملندي هئي، پر کاڌو ۽ ڪپڙو به مفت خيرات طور ملندو هون، ڇو ته ماڻهو خيرات ڏيڻ جا ڏاڍا خواهان هئا.
3. عربن جو انصاف:
ڳوٺ ڳوٺ ۾ مسلمانن لاءِ قاضي ۽ هندن لاءِ پئنچ ۽ مکي انصاف ڪندڙ هئا. جن کي پورو پورو حق حاڪمن کان انصاف ڪرڻ مليل هو، ڏهارين کي سزا به اهي ڏيندا هئا. سندن مٿان وڏن شهرن ۾ مشهور آزمودي وارا قاضي رهندا هئا، جن کي پگهار جي عيوض جاگيرون مليل هيون، اهي اپيلون به ٻڌندا هئا. جيڪڏهن ٻه هندو پاڻ ۾ وڙهندا هئا، ته پئنچائت ۽ مکي فيصلو ڪندو هو. جيڪڏهن هندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ اٽڪندا هئا، ته پوءِ قاضي فيصلو ڪندو هو.
4. عربن جي ڏينهن ۾ واپار:
عرب واپاري ماڻهو هئا، سندن هٿ ۾ تمام گهڻا ملڪ هئا، تنهنڪري عربي حڪومت ۾ واپار تمام زور ورتو. سنڌ جو واپار قافلن رستي غزني، قنڌار، سيستان، خراسان ۽ ترڪستان سان؛ سمنڊ جي رستي چين، سلون، ملبار ۽ عربستان سان هلندو هو. تنهن کان سواءِ ٻيڙين جي رستي ڳوٺن ۽ شهرن جو واپار سنڌونديءَ تي گهڻو هلندڙ هو. ملبار مان ٻيڙين جي لاءِ ڪاٺ ايندو هو، عربستان مان گهوڙا ۽ کجور ايندي هئي. اهڙيءَ طرح ٻين ملڪن سان به واپار هلندو هو.
5. پيدائش:
i. ٻاهران آيل مال تي محصول وٺندا هئا.
ii. زمين تي ڍل: زميندار کان سرڪاري واهن جي پيچ واريءَ آباديءَ تان پيدائش جو 5/2، ٻين خانگي واهن يا ٻئي نموني سان ٿيل آباديءَ جو 10/2، کوهن، ڍنڍن، چشمن ۽ برسات تي ٿيل فصل جو 2/1 وٺبو هو.
6. في آسامي ۽ زڪوات:
في آساميءَ جي معنيٰ آهي هر هڪ ماڻهو. هيءَ هڪ قسم جي ڍل هئي، جا فقط هندن کان وٺڻ ۾ ايندي هئي. هن کي جزيه به چوندا هئا. في آسامي، زالن، ٻارن، پوڙهن نه ڪمائڻ جهڙن ماڻهن، بيمارن، سرڪاري نوڪرن ۽ سپاهين کان سواءِ باقي هندو ماڻهن کان هن طرح وٺڻ ۾ ايندي هئي: شاهوڪارن کان 48 درم (16 روپيه) ۽ موچاري پيدائش وارن کان 24 درم (8 روپيه) غريبن کان 16 درم (4 روپيه) ساليانو وٺڻ ۾ ايندو هو. مسلمانن کان وري سندن پيدائش جو 1 /20 وٺندا هئا، جنهن کي زڪوات چوندا هئا. اڄ تائين ڪي مسلمان پنهنجي پيدائش مان حصو 1 /40 حصو زڪوات يعنيٰ خيرات ڪندا آهن، جو شريعت موجب زڪوات ڪرڻ هڪ مسلمان جو فرض آهي. هندو في آسامي ڍل ڏيندا هئا، تنهنڪري جنگي خدمت کان هو آزاد هئا. عربن ڪل320 ورهيه راڄ ڪيو، هيتري عرصي راڄ ڪرڻ ڪري، عربن جو تمام گهڻيون نشانيون سنڌ ۾ آهن:
عربن جو نشانيون:
1. عربي سنڌي زبان ۽ ان جو گرامر.
2. عربستان جي ڪتل ۽ کارڪون.
3. ماڻهن ۾ علم سکڻ ۽ مهمانداري ڪرڻ جو شوق.
4. مسجدون ۽ مقبرا.
5. عربي گهوڙا.
6. عربن جون خالص قومون جهڙوڪ: سيد، صديقي، عباسي، انصاري ۽ ميلاپي قومون.
جهڙوڪ: ٿهيم، سومرا ۽ دائود پوٽا وغيره آهن.

مشقي سوالات
1. عربن، تعليم، واپار، ملڪ ۽ لشڪر جو ڪهڙو بندوبست رکيو؟
2. عربن جي پيدائش جا ڪهڙا نمونا هئا؟
3. عربن جون ڪهڙيون نشانيون آهن؟
(25) غزنيءَ سان سنڌ جي لڳڻ جي آکاڻي
بغداد جي خليفي قادر با الله جي ڏينهن ۾ افغانستان جو حاڪم سلطان محمود غزنوي هو، جنهن تي سندس درٻار جي شاعر، حسن فردوسيءَ ”شاهنامي“ جي رقم پوري نه ملڻ سبب ٽوڪ لکي وڃي بغداد ۾ خليفي وٽ پناهه ورتي. سلطان، فردوسيءَ جي ٻانهن خليفي کان گهري، پر خليفي پناهه ڏنل ماڻهوءَ کي دشمن جي حوالي ڪرڻ واجب نه سمجهي، ٻانهن ڏيڻ کان ناڪار ڪئي، تنهنڪري محمد غزنوي ڪاوڙجي سنڌ تي چڙهائي ڪئي ۽ ملتان فتح ڪري، پنهنجي وزير عبدالرزاق کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليائين ۽ پاڻ سومناٿ مندر تي ڪاهي ويو. عبدالرزاق پهريائين سيوهڻ تائين ملڪ فتح ڪري، پوءِ ٺٽو هٿ ڪيو. هن عربن جي نوابن کي سنڌ مان تڙي ڪڍيو مگر، ٻيا عرب ماڻهو جي سنڌ ۾ ڏيهي ٿي ويا هئا، تن کي هڪالي نه سگهيو. پوءِ ساري سنڌ فتح ڪري سومرن مان (اها قوم ان وقت سنڌ ۾ زور هئي) ابن سومرن کي 1032ع ۾ نواب مقرر ڪري موٽي ويو.

(26) سنڌ جو غزنويءَ کان ٽٽڻ ۽ سومرن جي خودمختيار ٿيڻ جي آکاڻي
سومرن 1032ع کان 1051ع تائين غزنويءَ جي تابعداري مڃي، پر پوءِ محمود غزنوي مري ويو ۽ سندس پٽ عبدالرشيد غزنويءَ جو حاڪم ٿيو. جو عياش سست ۽ ڪمزور هو، جنهن ڪري وجهه وٺي، ابن سومار خود مختيار ٿيو ۽ غزنويءَ ڏانهن ڍل موڪلڻ بند ڪيائين. انهيءَ طرح سنڌ غزنويءَ کان جدا ٿي.

(27) سومرن جي آکاڻي
سومرا اصل عراق (ميسو پوٽيميا) جي شهر سامره جا ويٺل عربي نسل مان هئا عربن جي حڪومت ۾ اباڻو وطن ڇڏي، سنڌ ۾ اچي رهيا ۽ آهستي آهستي زور ورتائون. هنن جا ڪل 19 حاڪم ٿي گذريا آهن، جن مان هيٺيان 9 مشهور آهن: 1 – ابن سومار 2 – ڀونگر 3 – دودو 4 – خفيف 5 – دودو ٽيون 6 – چنيسر 7 – ڀنگر 8 – عمر 9 – حمير. دودي پهرين ۽ خفيف ملڪ گهڻو وڌايو ۽ ڪڇ هٿ ڪيو.

(28) دودي ٽئين جي آکاڻي
هي سڀني سومرن ۾ جوڌو جوان ۽ همٿ ڀريو حاڪم هو، هن جو نالو اڄ سوڌو پهاڪي ۾ مشهور آهي ته ”مڙس ته ڪو دودو آهين!“ هن کان اڳ جڏهن دهليءَ جا بادشاهه سنڌ تي ڪاهي ايندا هئا، تڏهن سنڌ جا حاڪم ازخود وڃي پيش پوندا هئا ۽ ڍل ڀري ڏيندا هئا. اهڙيءَ طرح سومرن حاڪمن جي ڏينهن ۾ سنڌ دهليءَ سان ڪچيءَ طرح لڳي وري جدا پئي ٿي. مگر دودو ٽيون، سومرن مان هڪڙو ئي حاڪم هو، جو دهليءَ جي هڪڙي زبردست حاڪم علاؤالدين سان ميرپور ماٿيلي وٽ لڙيو هو. دودي جي ماٽيجي ڀاءُ چنيسر، ڀاءُ سان گاديءَ لاءِ تڪرار ڪري، دهليءَ جي سلطان علاؤالدين کي سنڌ تي چاڙهي آندو. هن جنگ ۾ سومرن جا ڪيترا پهلوان ۽ نامور سردار ناس ٿي ويا. دودو ۽ ڀنگر به گهڻيءَ چٽا ڀيٽيءَ کان پوءِ مارجي ويا ۽ سومرن جي طاقت گهڻي گهٽ ٿي ويئي، علاؤ الدين چنيسر کي تخت وٺي ڏنو، جو عياشي ۽ شوقين عاشق جهڙو هو. راڻي کنگهار جي ڌيءَ ليلان، جا پهريائين پنهنجي سوٽ سان منڱيل هئي، تنهن سان زوريءَ شادي ڪيائيون.

(29) عمر سومري جي آکاڻي
سومرن جو سترهون حاڪم عمر هو، هيءُ عمر ڪوٽ جو شهر ٻڌائي منجهس رهڻ لڳو، هن سڄي عمر عيش عشرت ۽ پراين زالن تڪڻ ۾ وڃائي: جيئن ته هڪڙي مارو قوم جي جوان زال مارئي جا اڳيئي ٻئي سان مڱيل هئي، تنهن کي زور سان کڻي پاڻ وٽ آندائين ۽ کيس شاديءَ لاءِ گهڻو زور لاتائين، پر مارئي ستياوان زال هئي، تنهن شاديءَ کان بلڪل انڪار ڪيو ۽ اٽڪل ساڻ پاڻ بچائي عمر وٽان نڪري ويئي. ٻيو تميم قوم جي هڪ سندر نينگري گنگا، جا هڪڙي سردارن سان پرڻيل هئي، سا ٺڳيءَ سان هٿ ڪيائين، جو انهيءَ سردار کي رات جو تمام گهڻو شراب پيئاري غافل ڪري کائنس زال ڦريائين. عمر جي انهن ڪڌن ڪمن ڪري سما ماڻهو جيڪي سنڌ ۾ رهندا هئا، تن مان ڪيترا ڪڇ ڏي ڀڄي ويا ۽ انهن خراب ڪمن جون دانهون دهليءَ جي بادشاهه علاوالدين تائين پهتيون؛ جنهنڪري هو عمر تي ڏاڍو ناراض ٿيو.

(30) راجا دلوراءِ جي آکاڻي
سومرن بادشاهن جي هٿ هيٺ راجا دلوراءِ الور ۾ راڄ ڪندو هو. جيئن ته چوڻي آهي، ته ”جهڙا ڪانو تهڙا ٻچا“ انهيءَ مثال وانگر دلوراءِ به چنيسر ۽ عمر بادشاهن کان ظلم ۽ بدڪمن ۾ گهٽ ڪين هو. اڪثري روزانو پرائي ڪنواري ڪنيا تڪيندو هو ۽ پرديسي سوداگرن کان تمام گهڻو محصول وٺندو هو. هڪ دفعي هڪ سوداگر سيف الملوڪ قيمتي مال جا ٻيڙا سنڌو ڌرياءَ جي رستي الور ۾ وٺي آيو، ساڻس سندس عورت تمام سهڻي بديع الجمال به هئي. راجا دلوراءِ سيف الملوڪ کان تمام ڳرو محصول ته ورتو، پر بديع الجمال به ڦرڻ لڳس ٿي، ته سيف الملوڪ ڌڻيءَ در ٻاڏايو، ته ”اي ننگ پرور منهنجو ننگ بچاءِ“ هن جي ٻاڏائڻ ڪري قدرت الاهيءَ سان راتوواهه الور وٽان درياءُ ڇڏي وڃي، ٻئي هنڌان وهڻ لڳو ۽ سيف الملوڪ ٻيڙين سميت پنهنجو شرم بچائي نڪري ويو. درياءَ جي ڇڏي وڃڻ سبب الور جو سڄو ملڪ اجاڙ ٿي ويو ۽ خلق ۾ اچي بيماري پيئي، ڪي مري ويا ۽ ڪي ڀڄي وڃي ٻئي هنڌ ويٺا. راجا دلوراءِ نئون شهر برهمڻ آباد ٻڌائي، اتي وڃي بيٺو. چوڻي آهي ته ”هيراروءَ جي هير ٽنگ ڀڳي به نه رهي“ انهيءَ مثال وانگر راجا اڃا به بدڪمن کي ڪين ڇڏيو. هڪ دفعي خود پنهنجي ڀاءُ ڇتي جي زال ۾ به اک وڌائين، جنهنڪري ڀاڻس هٿ کڻي پٽيس، قهر الاهيءَ سان ڌرتي ڌٻي ۽ راجا رعيت سميت ڌرتيءَ ۾ دٻجي ويو. اڄ تائين چوڻي آهي، ته ”شل دلوراءِ جي ننگريءَ وانگر ناس ٿي ويندين.“ ظلم قائم آهي پر ظلم جو ڪندڙ ضرور ناس ٿيندو.

(31) حمير سومري جي آکاڻي
سومرن جو پويون يا اڻٽيهون حاڪم حمير هو. هيءُ به چنيسر ۽ عمر جهڙو عياش ۽ پرايون استريون تڪيندو هو. هن جو وڏو وزير ميندرو هو. جنهن گجر قوم جي هڪڙي خوبصورت زال مومل هٿ ڪئي. حمير جي مرضي ٿي، ته مومل مون کي ملي، جنهن ڪري مومل تان ٻنهي بادشاهه ۽ وزير جو تڪرار ٿيو.

(32) سومرن جي وقت ۾ سنڌ جا اولياءَ ۽ شاعر
سومرن جي پهرين حاڪمن تمام ڏاهپ، عدل ۽ خيال سان حڪومت هلائي، مگر پوين ٽن چئن حاڪمن رعيت کي ڏاڍو تنگ ڪيو، جنهن ڪري قهر الاهي نازل ٿيا ۽ شهر ناس ٿيا. انهن پوين حاڪمن جي وقت ۾ سنڌ ۾ وڏا اولياءَ ۽ شاعر آيا، جهڙوڪ شيخ ذڪريا ملتاني، شڪر گنج دهلي، شيخ عثمان شاه مروندي (قلندر شهباز)، امير حسن ۽ امير خسرو شاعر دهلوي جن جي رحمت ۽ برڪت سان سنڌ وڏين وڏين خدائي آفتن کان بچي ويئي، نه ته جهڙو انڌير ۽ بغداد سنڌ ۾ هو، تهڙو سنڌ جو نالو به دنيا ۾ نه رهي ها.

(33) سومرا خاندان جي برباديءَ جي آکاڻي
پوئين سومري حاڪم حمير جي ظلمن، ڳرن ڍلن، شراب خوريءَ ۽ بدلڇڻن ڪري رعيت سومرن کان بيزار ٿي، نيٺ رعيت جي عرش تائين ويندڙ دانهن ۽ آهن اثر ڪيو: انهن ڏينهن ۾ سما ماڻهو سنڌ ۾ زور هئا، تن رعيت سان شامل ٿي حمير کي ماري پنهنجي سردار ڄام انڙ کي گاديءَ تي ويهاريو. انهي موجب سومرن جي حڪومت 1051ع کان 1351ع تائين 300 ورهيه هلي.

مشقي سوالات:
1. سنڌ، غزنيءَ جي تابع ڪيئن ٿي ۽ وري خود مختيار ڪيئن ٿي؟
2. سومرا اصل ڪير هئا ۽ هت سنڌ ۾ ڪيئن آيا؟
3. سومرن جي مشهور حاڪمن جا نالا ڏيو ۽ ٻڌايو، ته اهي ڪهڙين ڳالهين ڪري مشهور آهن؟
4. ”سنڌ دهليءَ سان ڪچيءَ طرح لڳي ٿي“ تنهنجو مطلب ڇا آهي؟
5. سومرن حاڪمن جون سنڌ ۾ ڪهڙيون نشانيون آهن؟
6. راجا دلوراءِ جو بيان ڏيو؟
7. هيٺيان پهاڪا ثابت ڪريو؟ ”مڙس ته ڪو دودو آهين“ ”دلوراءِ جي ننگريءَ وانگر ناس ٿيڻ“.
8. سومرن جي وقت ۾ جيڪي مشهور اولياءَ ٿيا تن جو بيان ڏيو؟
9. ثابت ڪريو؟ ته ”رعيت جو راضپو بادشاهت جي طاقت آهي ۽ ناراضپو ڪمزوري آهي.“

(34) سما حڪومت جي ڳالهھ
سومرن کان پوءِ سمن جي حڪومت شروع ٿي، جا 1351ع کان 1521ع تائين 170 ورهه هلي. ان وقت ۾ سمن جي ڪل 17 ڄامن حڪومت هلائي معلوم ٿو ٿئي، ته سمان ماڻهو برهمڻ گهراڻي جي وقت ۾ به سنڌ ۾ هئا، ڪي منجهائن ٻڌ ڌرم جا هئا ۽ ڪي راجپوت هئا. سامبا، جيڪو ديبل ۾ چچ جي پاران حاڪم هو، سو پڻ سمو ذات جو هو. سمن اٽڪل 1091ع ۾ سومرن جي راڄ ۾ مسلماني دين اختيار ڪيو. سندن رهڻ جو هنڌ اصل سمان ننگر (سيوهڻ) هو، پوءِ حڪومت وقت ٺٽي جي اتر طرف ساموئي شهر اڏي وڃي ويٺا ۽ پوءِ ٺٽو تخت گاهه ڪيائون.
1389ع ڌاري تيمور جي ڪاهه کان پوءِ سمن دهليءَ جي تابعيداري ڇڏي، خودمختياري حاصل ڪئي ۽ پوءِ ڳچ وقت سنڌ روءِ سوءِ رهي. سمن جي حاڪمن کي ڄام ڪري چوندا هئا، منجهائن: 1 – ڄام انڙ 2 – ڄام جوڻو 3 – ڄام تماچي 4 – ڄام خيرالدين 5 – ڄام بابينو 6- ڄام تماچي ٻيو 7 – ڄام صلاح الدين 8 – ڄام نظام الدين ٻيو 9 – ڄام فيروز مشهور حاڪم ٿيا آهن.
ڄام تماچيءَ، ڪينجهر ڍنڍ جي ڀرسان رهندڙن مهاڻن منجهان هڪ ڇوڪريءَ گنڌريءَ سان شادي ڪئي، انهيءَ ڇوڪريءَ جا لڇڻ تمام سٺا هئا ان ڪري ڄام کيس گهڻو ڀائيندو هو.


(35) ڄام نظام الدين ٻيو عرف ڄام نندي جي آکاڻي
هيءُ تمام گهڻو پڙهيل، انصاف پسند ۽ علم دوست حاڪم هو. ملڪ کي تمام گهڻو سڌاريائين. عقل مند، هوشيار ۽ پڙهيل آدميءَ جو گهڻو قدر ڪندو هو. تميز جو اهڙو تکو هو جو ڪهڙو به اڻ واقف آدمي وٽس ايندو هو، ته جهٽ سندس خيالن ۽ عادتن مان واقف ٿي ويندو هو.
ٺٽي جو ٻَڌِڻ: هن جي گاديءَ جو هنڌ اصل سمان نگر هو. هن ٺٽي جو نئون شهر ٻڌائي، اتي گادي ڪئي ۽ ٺٽي کي ڏاڍو سينگاريائين. هن جي تربت مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي آهي. ٺٽي ۽ مڪليءَ جو نظارو اڄ به ڏسڻ وٽان آهي. هن 1450ع کان 1498ع تائين ڪل 48 ورهيه راڄ ڪيو. ڄام نندي جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ مغلن جو لشڪر شاهه بيگ ارغون جي هٿ هيٺ سنڌ تي ڪاهي آيو، جنهن کي ننڍي وزير درياءَ خان اهڙي شڪست ڏيئي ڀڄائي ڪڍيو، جو مغل وري ڄام نندي جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ نه آيا. انهيءَ فتح سبب درياءَ خان کي ڄام صاحب وڏو وزير ڪيو.

(36) ڄام فيروز جي آکاڻي
ڄام نندي جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ڄام فيروز جي صغيريءَ هئڻ سبب درياءَ خان قائم مقام ٿي حڪومت هلائڻ لڳو. جڏهن ڄام فيروز وڏو ٿيو، تڏهن اچي عيش عشرت کي لڳو، درياءَ خان جي صلاح مصلحت تي نه هليو ۽ خود خيال ٿي هلڻ لڳو، مورڳو سندس زور ڀڃڻ لاءِ ارغون ماڻهو (جي شاهه بيگ جي طرفان آيل هئا.) پاڻ وٽ نوڪر رکيائين. تنهن ڪري درياءَ خان ڪاوڙجي پنهنجو عهدو ڇڏي، جاگير ۾ وڃي ويٺو. ڪيترا ماڻهو دريا خان جو طرف وٺڻ لڳا ۽ ملڪ ۾ اچي وڳوڙو پيو. انهيءَ وچ ۾ ملڪ جو خراب حال ڏسي ڄام مائٽن مان ڄام صلاح الدين جو گاديءَ لاءِ دعويدار هو، پنهنجي ناٺيءَ سلطان مظفر، گجرات جي بادشاهه سان گڏ ۽ مرزا شاهه بيگ هڪ ٻئي پٺيان ڪاهيو، جن کي درياءَ خان، ڄام جي منٿن ميڙن ڪرڻ تي اچي شڪست ڏيئي ڀڄايو.

ٽلٽيءَ جي ويڙهھ
سگهو ئي پوءِ شاهه بيگ ارغون وڏو لشڪر گڏ ڪري ٺٽي تي ٽيهر ڪاهيو، درياءَ خان ساڻس وڃي لڙيو. هن ڀيري ڄام فيروز جي اچي پني هئي، جو سندس نمڪ حرام ارغون نوڪرن، شاهه بيگ کي ڳجهون واٽون ڏسي، ڄام جو خزانو شاهه بيگ جي حوالي ۾ آندو، جنهنڪري ڄام جي لشڪر جو حال هيڻو ٿيو ۽ ڄام جو وفادار نمڪ حلال نوڪر درياءَ خان به وفاداري ڪندي، جنگ ۾ مارجي ويو ۽ سنڌين شڪست کاڌي. پوءِ ڄام وڃي مرزا جي پيش پيو، جنهنڪري مرزا شاهه بيگ کيس معافي ڏئي، ٺٽي کان وٺي لڪيءَ جي ٽڪر تائين ملڪ جو نواب مقرر ڪيو ۽ ٻيو سمورو ملڪ پنهنجي حوالي ڪيو، سيوهڻ ۽ بکر لاءِ مير فاضل کي نواب مقرر ڪري پاڻ واپس ويو.
هن صلاح کان پوءِ ڄام صلاح الدين (ڄام فيروز جو مائٽ) وري به 10000 ڏهه هزار لشڪر سان ڄام فيروز تي ڪاهي آيو. ڄام، شاهه بيگ کان مدد گهري. جنهن هڪ لشڪر پنهنجي پٽ مرزا شاهه حسن جي هٿ هيٺ ڏياري موڪليس، جنگ ۾ صلاح الدين مارجي ويو ۽ مرزا جنگ کٽي، پيءُ کي باغبان وٽ اچي مليو. اهڙيءَ طرح سمن جي حڪومت ارغون جي هٿ ۾ آئي، ڇاڪاڻ جو ڄام فيروز نمڪ حلال نوڪر درياءَ خان جي سڄڻ پائي وساري، کيس دشمن سمجهيو ۽ ارغون کي پاڻ وٽ نوڪريءَ ۾ رکيو، جن آخر حڪومت کسايس.

(37) درياءَ خان جي آکاڻي
هيءُ هڪ ڇورو ٻار ڄام نندي جي اباڻي وزير وٽ نوڪريءَ لاءِ آيو، جنهن مٿس رحم کائي، کيس پنهنجو حاضريءَ جو نوڪر رکيو. هڪ ڏينهن ڄام نندي پنهنجي ان وزير سان گڏ شڪار تي ويو، اتي اس ۽ گرميءَ سبب ڄام کي سخت اڃ لڳي، ڄام پاڻي گهرايو. ان وقت به هيءُ ڇوڪرو حاضر هو، تنهن ڄام کي پاڻي ۾ متيءَ ۽ تهن جو ٻڪ وجهي، پوءِ پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو. ڄام کي اڃ سخت هئي، تنهنڪري بنا ڪنهن سوال جواب جي يڪدم پاڻي پيئڻ لڳي ويو، پر مٽيءَ ۽ تهن سبب آهستي آهستي پيتائين. پاڻي پي بس ڪيائين، ته هن ڇوڪري کان انهيءَ ڳالهه جو سبب پڇيائين، ڇوڪري جواب ڏنو ته ”حضور جن جي يڪدم پاڻي پي وڃن ها، ته ضرور بيمار ٿين ها، تنهنڪري مٽي ۽ تهه وڌم ته آهستي آهستي پين“ اهو جواب ڄام کي ڏاڍو وڻيو، تنهن ڪري وزير کان سندس ٻانهن ڇڏائي، کيس تعليم ڏياري، سرڪاري نوڪريءَ ۾ بيهاريائين. جتي درياءَ خان چالاڪيءَ ۽ هوشياريءَ سبب ويو درجا پائيندو، آخر لشڪر جو سپهه سالار ٿيو ۽ وڏيون وڏيون جاگيرون کٽيائين؛ ڄام نندي کيس وزير اعظم ڪيو ۽ ڄام فيروز جي ڏينهن ۾ حڪومت جو قائم مقام ٿيو، آخر وفاداري ڪندي پنهنجي بادشاهه مٿان سر قربان ڪيائين.

مشقي سوالات:
1. سمن جي نسل بابت ڪهڙي خبر اٿؤ؟
2. سمن جي پوين ٻن ڄامن جو احوال ڏيو؟
3. درياء خان جي چچ برهمڻ سان ڀيٽ ڪريو؟
4. سمن جي پوئين ڄام ڪهڙيون غلطيون ڪيون، جنهن ڪري سندن هٿان حڪومت وئي؟
5. سمن جون ڪهڙيون نشانيون آهن؟

(38) شاهھ بيگ ارغون جي آکاڻي (ارغونن جو اصل نسل)
چنگيز خان جي پڙپوٽي ارغون خان مغل جي نالي کان مغلن جي هڪ ذات تي ارغون نالو مليل آهي. هيءُ پنهنجي پيءُ امير ذوالنون کان پوءِ قنڌار ۽ هرات جو حاڪم ٿيو. اتان بابر مغل جو پاڻ سمر قنڌ مان ٿرجي آيو هو، مٿس ڪاهه ڪري کيس قيد ڪيو. جتان هڪ ٻانهي جي مدد سان نڪري، خراسان ۾ اچي، لشڪر گڏ ڪري، سنڌ تي ڪاهيائين ۽ آخر ڄام فيروز تي فتح پاتائين. شاهه بيگ جي پاران مير فاضل بکر ۾ نائب هو تنهن تي ڪن ڌارين ڪاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن کي مير فاضل پڪڙائي مارائي ڇڏيو. اتي شاهه بيگ به اچي بکر ۾ رهيو، ڇو ته اها ٽڪري کيس ڏاڍي وڻي ويئي هئي. انهي ڪري الور جي ڊٺل ڪوٽ جون سرون گهرائي، بکر ۾ قلعو ۽ مغلن جا گهر ٺهرايائين. انهيءَ سوڙهه ڪري بکر جا سيد لڏي وڃي روهڙيءَ ۾ ويٺا. شاهه بيگ کين اتي رهڻ لاءِ زمينون ڏنيون، جتي اڃان سوڌو رهندا اچن، کين ڪوٽائي سيد ڪري چون ٿا.
بکر جو ڪوٽ درياءَ جي سير واري هنڌ هئڻ ڪري خوف هو ته متان درياءَ قلعي کي پائي، انهيءَ ڪري شاهه بيگ درياءَ جي وهڪري وارين لهرن جي زور ڀڃڻ لاءِ ڪوٽ واري هنڌ درياءَ جي ڪناري کي ڪي دوائون لڳارائي ڪنارو مضبوط ڪرائي ڇڏيو. انهن دوائن جو اثر اڃان تائين درياءَ جي ڪناري تي ظاهر آهي.
شاهه بيگ، مير فاضل کي ساڻ ڪري، گجرات فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو، واٽ تي ٻئي ڄڻا بيمار ٿي مري ويا. مير فاضل جي جاءِ تي ان جو پٽ سلطان محمود بکر ۾ نواب ٿيو ۽ شاهه بيگ جي گاديءَ تي پٽ مرزا شاهه حسن نصرپور ۾ 1522ع ۾ ويٺو. شاهه بيگ ارغون دلير، بدن جو مضبوط ۽ سگهارو، پڪو مسلمان پڙهيل ۽ شريعت تي بلڪل پورو هو، ديني ڪتابن پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوقين هو، قرآن شريف جي معنيٰ به لکي هيائين.

(39) مرزا شاهھ حسن جي آکاڻي
پنهنجيءَ سڄيءَ حياتيءَ ۾ ڪا به جنگ ڪا نه هارايائين، هو پهلوان سپهه سالار، علم جو شوقين، مهربان ۽ انصاف پسند بادشاهه هو، پنهنجي حڪومت ڏاڍيءَ سرجوشيءَ سان هلايائين. پڙهيل ۽ هوشيار ماڻهن کي گهڻي عزت ڏيندو هو. ڄام فيروز هن تي به ڪاهه ڪئي، جنهن ڪري هن گجرات جي ڪاهه ڇڏي، ڄام کي شڪست ڏيئي ڀڄايو. ڄام فيروز درياءَ ٽپي، گجرات ويو، جتي مري ويو.
همايون جو سنڌ ۾ اچڻ: ستتئيءَ دهليءَ جي مغل شهنشاهه همايون کي شير شاهه افغان ڀڄايو، تنهنڪري هو سنڌ ۾ اچي دادوءَ جي اتر ۾ پاتر (پاٽ) نالي آڳاٽي شهر ۾ رهيو، جتي شهر جي قاضيءَ کيس هڪ ايرانڻ عورت حميده بيگم سان شادي ڪرائي، جنهن مان کيس شهنشاهه اڪبر (جلا الدين احمد) عمر ڪوٽ جي منزل تي ڄائو. هينئر انگريز سرڪار عمر ڪوٽ ۾ اڪبر شاهه جي جنم واري هنڌ هڪ نشان هڻائي ڇڏيو آهي، جنهن تي سندس ڄمڻ جي تاريخ 15 آڪٽوبر 1542ع اڪريل آهي اهو هنڌ عمر ڪوٽ جي ٻاهران آهي.
همايون جڏهن ميرپور بٺوري ۾ آيو، تڏهن مرزا شاهه حسن ساڻس اچي وڙهيو ۽ صلح ڪري کيس ڳچ رقم ڏيئي، قنڌار ڏانهن روانو ڪيائين. هن جي ڏينهن ۾ سخت ڏڪار پيو هو، ايتري قدر جو ماڻهو بک ۾ پاهه ٿيڻ لڳا، هڪ ٻڍيءَ مائيءَ جڏهن ڏٺو، ته منهنجا جوان پٽ بک ۾ مري ويندا، تڏهن کين چيائين، ته ”مون کي ڪهي منهنجو، گوشت رڌي کاؤ“ پٽن اهڙي ڪم کان انڪار ڪيو، پر لاچار ماءُ جي گهڻي چوڻ تي ائين ڪيائون. دنيا ۾ ماتا جهڙي ٻي پياري شيءِ ڪانهي، پر بک بڇڙو ٽول داناءَ ديوانا ڪري“. هن مرزا جي ڏينهن ۾ نائبن جتي ڪٿي ظلم ڪيو، جنهنڪري ڪيترن هنڌ فساد ٿيا. انهن فسادين کي مرزا ماري مڃايو. نيٺ مرزا شاهه حسن 1554ع ۾ 66 ورهين جي عمر منجهه 32 سالن جي راڄ بعد بنا اولاد مري ويو، تنهنڪري حڪومت ٻئي ڪنهن وارث جي نه هجڻ سبب سندس ٻن سردارن مرزا عيسيٰ ۽ سلطان محمود ورهائي کنئي. ارغونن جون نشانيو بکر جو قلعو ۽ درياءَ کي لڳل دوا جو نظارو آهي.

مشقي سوالات:
1. ارغونن جي نسل بابت توهان کي ڪهڙي خبر آهي؟
2. شاهه بيگ سنڌ ۾ ڪيئن آيو ۽ ڪيئن سنڌ ورتائين؟
3. شاهه بيگ سنڌ ۾ ڪهڙا ڪم ڪيا؟
4. ڪوٽائي سيدن، پاٽ جي شهر ۽ اڪبر بادشاهه جي جنم جي نشان جو احوال ڏيو؟
5. ارغونن جون نشانيون ڪهڙيون آهن؟
6. ارغون حڪومت ڪيئن پوري ٿي؟
7. شاهه بيگ ۽ شاهه حسن جي هلت چلت جو بيان ڪريو؟

(40) سلطان محمود جي آکاڻي (سنڌ جو ورهاڱو)
سلطان محمود، مير فاضل جو پٽ بکر جو حاڪم ٿيو ۽ مرزا عيسى مرزا محمد ترخان جو پٽ ٺٽي جو حاڪم ٿيو. ٻنهي حڪومتن جي حد لڪيءَ جا ٽڪر هئا.
اڪبر کي بکر ملڻ ۽ سنڌ جو دهليءَ سان لاڳاپو: هن 30 ورهيه راڄ ڪيو، انهيءَ عرصي ۾ سندس تڪرار مرزا عيسيٰ ۽ ان جي پٽ مرزا محمد باقيءَ سان حڪومتن جي حدن تان هليو آيو، جنهنڪري ٺٽي جي حاڪمن ۽ سندس وچ ۾ ڪيتريون جنگيون لڳيون. کيس فقط هڪ ڌيءُ هئي، جا دهليءَ جي شهنشاهه اڪبر (جلال الدين احمد) کي پرڻائي ڏنائين، تنهنڪري سندس مرڻ بعد بکر، اڪبر بادشاهه کي شريعت موجب مليو. اڪبر پنهنجي پاران بکر جو نواب خان خانان مقرر ڪري موڪليو.
(41) ترخان گهراڻي جي آکاڻي
هن گهراڻي سنه 1554ع کان 1590ع تائين لڪي جبلن جي ڏکڻ واري سنڌ جي ڀاڱي تي راڄ ڪيو، سندس گاديءَ جو هنڌ ٺٽو هو. هن گهراڻي جا ڪل ٽي بادشاهه ٿيا: 1 – مرزا عيسيٰ 2 – مرزا محمد باقي 3 – مرزا جاني بيگ. ترخانن جو نسل 1 – هي به ارغونن وانگر چنگيز خاني مغلن مان هڪ ترخان نالي مغل جو اولاد آهن. 2 – ڪن جو چوڻ آهي، ته امير تيمور ترڪ جي وقت ۾ هڪ مغل قوم جنگ ۾ چڱي پهلواني ڏيکاري، تنهنڪري انهيءَ قوم تي ترخان (رت وهائيندڙ) نالو پيو.

(42) مرزا عيسيٰ جي آکاڻي
هيءُ خوش خلق ۽ چڱي سڀاءُ وارو ماڻهو هو، تنهن ڪري ترخان، ارغون ۽ ٻيا عام ماڻهو کيس گهڻو پسند ڪندا هئا. شروع ۾ سلطان محمود سان ٺاهه هوس، مگر پوءِ ٻنهي جي وچ ۾ حڪومت جي حد تان تڪرار هليو آيو. هن 12 ورهيه راڄ ڪيو، کيس ٻه گهر هئا، پهرين شادي مرزا شاهه حسن جي وڌوا زال ماهه بيگم سان ڪيائين، جنهن مان محمد باقي پٽ ڄائس، ٻئي گهر مان خان باب ۽ محمد صالح ٻه پٽ هئس.

ٺٽي کي باهھ لڳڻ
سلطان محمود ۽ مرزا عيسيٰ جي وچ ۾ ورهاست تان ناسازي ٿيڻ ڪري، مرزا عيسيٰ فرينچن کي انعام آڇي گهرايو ۽ پاڻ بکر تي ڪاهي ويو. فرينچ ٺٽي ۽ منهوڙي جي وچ ۾ جا سامونڊي کاري هئي، تنهن ۾ دنگين تي چڙهي آيا، پر سندن پوري خاطر داري نه ٿي، تنهن ڪري ڪاوڙجي ٺٽي ۾ ڦر ڪري شهر کي ساڙي هليا ويا؛ تنهن ڪري مرزا عيسيٰ، سلطان محمود سان صلح ڪري پٺتي موٽيو. سلطان محمود ٻئي سال ٺٽي تي ڪاهي آيو، پر مرزا عيسيٰ کيس ٻن جنگين ۾ شڪست ڏني؛ آخر وري به ٻنهي صلح ڪيو.

(43) مرزا محمد باقي جي آکاڻي
1566ع ۾ مرزا عيسيٰ مري ويو. مرزا محمد باقي، ماه بيگم جي مدد سان تخت تي ويٺو. هيءُ ارغون ماڻهن کي فسادي سمجهندو هو، تنهنڪري انهن کي دعوت ڏئي مارائي ڇڏيائين. بچيل ارغونن ڀاڻس خان باب سان گڏجي مٿس ڪاهيو، پر کين ٺٽي جي ٻاهران وڏيءَ جنگ ۾ شڪست ڏنائين. هن به اڪبر بادشاهه کي ڌيءُ جو سڱ ڏنو. هن ڪيترن عالمن، پڙهيلن ۽ اوليائن تي ظلم ڪيا، جنهنڪري گهڻا وڏا وڏا ماڻهو ٺٽو ڇڏي، ٻئي هنڌ وڃي ويٺا، تنهنڪري ٺٽي جي رونق گهٽجڻ لڳي. جيڪي ٻاهران سوداگر يا سياح ٺٽو گهمڻ ايندا هئا، تن جي پهريائين ڏاڍي خاطري ڪندو هو، پر پوءِ کين سير ڪرائڻ جي بهاني سان ٻيڙيءَ ۾ چاڙهي وچ درياءَ ۾ ٻوڙائي ماريندو هون.

محمد باقيءَ جو موت
پوين ڏينهن ۾ ڏاڍا ظلم خونريزيءَ جهڙا ڪم ڪيائين، شهر جي ڪيترن بزرگن ۽ اميرن کي بيگناهه مارايائين. آخر 1584ع ۾ هڪ رات، هن خونيءَ پنهنجو پيٽ ترار سان ڦاڙي وڌو. مرڻ بعد به ڪيترا بي ڏوهي ماڻهو شڪ ۾ ماريا ويا، انهيءَ تي چوڻي آهي، ته ”محمد باقيءَ جيئري ته ماڻهو ماريا، پر مئي به خونريزي نه ڇڏيائين.“

(44) مرزا جاني بيگ جي آکاڻي
هيءُ ٺٽي ۾ 1854ع ۾ پيءُ محمد باقيءَ جي موت بعد حاڪم ٿيو. هوڏانهن وري بکر ۾ سلطان محمود جي فوت ٿيڻ ڪري اڪبر بادشاهه جو نواب خان خانان حڪومت هلائڻ لڳو، جا ڳالهه مٿي ڏيکاري ويئي آهي. هنن ٻنهي جي وچ ۾ ناٺاهه هليو آيو، آخر 1589ع ۾ جڏهن اڪبر شهنشاهه لاهور ۾ آيو، تڏهن خان خانان کيس وڃي، جاني بيگ جي مغروريءَ ۽ کوئنس جون ڳالهيون ٻڌائي، اڪبر کي جاني بيگ تي ڪاوڙايو. جاني بيگ به اڪبر بادشاهه وٽ سلام تي نه ويو، جنهن ڪري اڪبر خان خانان کي ٺٽي تي ڪاهه ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن خان خانان لڪيءَ جي ٽڪرن وٽ آيو، تڏهن اتي ملڪ جي بچاءُ جو ڪو به بندوبست نه ڏسي، خوش به ٿيو ۽ جانيءَ بيگ جي بيوقوفيءَ تي کلڻ به لڳو، چوڻ لڳو، ته ”جانيءَ بيگ ڪهڙو نه غافل ۽ بي سمجهه ٿو ڏسجي، جو ههڙيءَ خدائي پناهه ۽ لڪ تي به ملڪ جي بچاءَ جو ڪو بندوبست ڪو نه رکيو اٿس“.

جاني بيگ ۽ خان خانان جون ويڙهيون
هنن ٻنهي جي وچ ۾ ٻه جنگيون لڳيون، هڪ سيوهڻ کان 6 ڪوهه پري درياءَ ۾ ٻيڙين تي ٿي، مگر ڪنهن به ڌر نه کٽيو، ٻي جنگ 1590ع ۾ انڙپور وٽ ٿي، جاني بيگ بهادريءَ سان وڙهيو، پر سوڀ خان خانان جي ٿي، جنهن ڪري ٺٽو به اڪبر کي مليو.

جاني بيگ کي سڄيءَ سنڌ جي نوابي ملڻ، جا پنهنجي پٽ کي ڏيڻ
مرزا جاني بيگ ٺٽي ۾ حڪومت تمام چڱيءَ طرح هلائي هئي ۽ ماڻهن کي سکيو ۽ سهنجو رکيو هئائين، انهن ڳاليهن ۽ سندس بهادريءَ ۽ علميت جون ڳالهيون نواب خان خانان، اڪبر کي ٻڌايون، انهيءَ ڪري شهنشاهه اڪبر، جاني بيگ تي ڏاڍوخوش ٿيو ۽ کيس سڄيءَ سنڌ تي پنهنجي پاران نواب مقرر ڪيائين؛ پر مرزا جاني بيگ دهليءَ ۾ رهيو ۽ پروانو پنهنجي پٽ مرزا غازي بيگ کي وٺائي ڏنائين. انهيءَ موجب دهليءَ جي مغل شهنشاهت پاران سنڌ جي صوبن تي مرزا غازي بيگ پهريون نواب ٿيو. اهڙيءَ طرح 1590ع کان وٺي سنڌ ٻيهر دهليءَ سان لڳي، هن دفعي سنڌ پڪيءَ طرح دهليءَ جي تابع ٿي جا تابعداري 150 سال هلي. مرزا جاني بيگ 1598ع ۾ دهليءَ ۾ رضا ڪئي، سندس لاش مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي آڻي دفن ڪيو ويو.

مشقي سوالات:
1. ترخان خاندان جي نسل بابت ڪهڙي خبر اٿو؟
2. ”ترخانن جي حڪومت بنا لڙائيءَ شروع ٿي“ سو ڪيئن؟
3. ترخانن گهراڻي مان ڪهڙا چڱا بادشاهه ٿيا انهن جو احوال ڏيو؟
4. ”مرزا محمد باقيءَ جئري ته ماڻهو مارايا، پر مئي به خونريزي نه ڇڏيائين.“ اهو ثابت ڪريو؟
5. انڙپور جي لڙائي، لڪيءَ جي لڪ، فرينچن جي ڦر ۽ ماهه بيگم جو احوال ڏيو؟
6. سنڌ، دهليءَ سان پڪيءَ طرح ڪڏهن لڳي ۽ ڪيئن؟

دهليءَ جا نواب
دهليءَ جي مغل شهنشاهن پاران 41 نوابن سنڌ تي راڄ ڪيو، جن مان هيٺيان چڱيءَ طرح حڪومت ڪرڻ ڪري مشهور آهن:
1 – مرزا غازي بيگ 2 – مرزا عيسيٰ ٻيو 3 – حفظ الله خان 4 – محمد اعظم خان 5 – ميان نور محمد خان.

(45) مرزا غازي بيگ جي آکاڻي
مرزا غازي بيگ پهريون نواب هو، سندس صغيريءَ سبب ڀائي خان ۽ خسرو خان ٻه امير سندس پاران راڄ ڪندا هئا. وڏي ٿيڻ بعد اڳيان عملدار ڪڍي نوان رکيائين، جنهن ڪري فساد ٿيا، پر هن سڀني کي ماري مڃائي آرام سان راڄ ڪيو. ڪڇ ۾ چاچس مظفر بيگ ۽ نصرپور ۾ بچيلن ارغونن فساد ڪيا، انهن کي به جيستائين، بلوچن کان ڪڪرالو ورتائين. جهانگير اڪبر جي پٽ دهليءَ جي شهنشاهه جي حڪم سان قنڌار جو فساد بند ڪيائين، انهيءَ ڪري قنڌار جي نوابي به مليس، تنهنڪري ٺٽي ۾ خسري خان چرڪس کي ڇڏي، پاڻ قنڌار ويو، اتي ڪن خدمتگارن جي هٿان مارجي ويو. هيءُ بهادر، سخي پڙهيل راڳ ۽ شڪار جو شؤقين هو.

(46) مرزا عيسيٰ ٻئي جي آکاڻي
مرزا عيسيٰ پنجون نواب هو. مرزا عيسيٰ ترخان جو ڏوهٽو هو، سندس قبر مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي آهي، جنهن کي مرزا عيسيٰ جي رانڪ چون ٿا.

(47) حفظ الله خان جي آکاڻي
حفظ الله خان ٻاويهون صوبيدار هو. پڻس، شهنشاهه شاهه جهان وٽ دهليءَ ۾ وزير هو. هيءُ نواب تمام نيڪ نيت ۽ سخي هو. سندس ڏينهن ۾ شهنشاهه اورنگزيب جو پٽ شهزادو معزالدين سنڌ ۾ آيو، انهيءَ لاءِ ته سرائي دين محمد ڪلهوڙي کي، جنهن سنڌ ۾ ڏاڍو زور ورتو هو، قيد ڪري وٺي وڃي. هن نواب شهزادي جي لنگهڻ لاءِ درياءَ تي ٻيڙين جي پل ٺهرائي هئي، شهزادو سرائي دين محمد ڪلهوڙي کي قيد ڪري لاهور وٺي ويو، جتي سرائي مري ويو. نواب حفظ الله خان به سيوهڻ ۾ گرميءَ جي اثر ڪري مري ويو.

(48) محمد اعظم خان جي آکاڻي
هيءُ چوٽيهون نواب هو. سندس ڏينهن ۾ شاهه عنايت الله صوفي جهوڪ واري سان بلڙيءَ جي سيدن جي خصومت (عداوت) ٿي. جنهن سيدن جي دانهن ۽ محمد اعظم جي سروش تي، شهنشاهه فرخ سير جي حڪم سان، ميان نور محمد ڪلهوڙو لشڪر وٺي آيو ۽ اچي جهوڪ کي گهيرو ڪيائين، پر پڄي نه سگهيو، تنهنڪري ظاهري صلح ڪري، پوءِ دغا سان شاهه عنايت الله کي قتل ڪرائي ڇڏيائين.


(49) سيف الله خان جي آکاڻي
هيءُ ستٽيهون نواب هو، پاڻ سان ڪيترا عالم آندائين، هر ڪنهن جو سڌارو ڪيائين ۽ واپار کي به زور وٺايائين. شراب ۽ ٻين نشيدار شين جو ڪتب آڻڻ بند ڪرائي ڇڏيائين. هن کي سٺي ۾ سٺو نواب ڪري چوندا هئا. کيس رضا ڪرڻ بعد مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي دفن ڪيائون.

(50) ميان نور محمد ڪلهوڙي جي آکاڻي
هي پويون يعنيٰ ايڪيتاليهون نواب هو. هيءُ پهريائين پنهنجي پيءُ ميان يار محمد خان جي جاءِ تي سوئي ۾ نواب ٿيو، پر پوءِ سنڌ ۾ موڪليو ويو. کيس نواب خدا يار خان جو لقب مليو هو، سندس ڏينهن ۾ 1739ع ڌاري سنڌ دهليءَ کان ڀڄي ايران جي تابع ٿي. (ان جو بيان پوءِ ايندو)

(51) دهليءَ جي صوبن جون نشانيون
انهن نوابن جي وقت ۾ ٺٽي ۾ عاليشان عمارتون ٺهيون. جهڙوڪ خسري خان چرڪس (مرزا غازي بيگ جي پاران حڪومت هلائيندڙ) ٺٽي کي ڏاڍو سينگاريو، اٽڪل 400 مسجدون، کوهه، پليون ۽ مسافرخانا ٺهرايائين. شهنشاهه شاهه جهان ٺٽي ۾ تمام وڏي ۽ عمديءَ طرح مسجد ٺهرائي، جنهن ۾ ڪجهه وقت آرام ورتائين ۽ پوءِ قلندر لعل شهباز جو قبو ٺهرايائين. نقاشي ۽ ٻين هنرن جهڙوڪ لونگين، فراسن، کيسن، چادرن، اڳٺن وغيره جي چڱي ترقي ٿي. اڄ تائين ٺٽي ۾ انهن ڪمن جا ڪاريگر رهن ٿا.
نوٽ: دائود پوٽا قوم انهن صوبيدارن جي وقت ۾ نامور ٿي آهي تنهنڪري انهن جو احوال ٻئي هنڌ ڏجي ٿو.

مشقي سوالات:
1. مغل شهنشاهه پاران گهڻا نواب آيا، منجهانئن مشهور نوابن جو احوال ڏيو؟
2. مرزا غازي بيگ قنڌار جو نواب ڇو مقرر ٿيو سندس موت جو احوال ٻڌايو؟
3. سنڌ ۾ نوابن جي وقت جون ڪهڙيون نشانيون آهن؟
4. هيٺين جو احوال ڏيو؟ مرزا عيسيٰ جي رانڪ – ٻيڙين جي پل – دين محمد ڪلهوڙو – شاهه عنايت الله صوفي ۽ سٺي ۾ سٺو نواب؟

(51) دائود پوٽا ۽ شڪارپور جو ٻجهڻ
دائود پوٽا اصل عباسي خاندان مان آهن سندن آڪهه ۾ هڪ مشهور سردار دائود خان نالي ٿي گذريو آهي، انهيءَ جي نالي پٺيان پاڻ کي دائود پوٽا چوايو اٿن. سندن وڏو امير احمد، محمد بن قاسم کان به اڳي مڪران رستي سنڌ ۾ آيو ۽ ڏاڍو زور ورتائين. هنن زور وٺي ننگر پارڪر تائين حڪم هلايو، پر پوءِ برهمڻ آباد جي راجا کين اتان ڀڄائي ڪڍيو، تنهنڪري درياءُ لنگهي سيوهڻ جي ويجهو اچي رهڻ لڳا.
مغل شهنشاهه جي وقت ۾ اڪبر شهنشاهه ڄام چيني دائود پوٽي کي جاگير ڏني ۽ وڏو عهدو عطا ڪيو. اورنگزيب وري بهاول خان دائود پوٽي کي لکيءَ ۽ خانپور جي وچ ۾ هڪ جاگير ڏئي، بکر جو نواب مقرر ڪيو. انهيءَ جاگير وٽ بهاول خان کان اڳ شير خان، مهرن جي قوم جي سردار سان دائود پوٽن جو تڪرار ٿيو، جنهن ۾ مهرن هارايو ۽ دائود پوٽن سندن شهر لکيءَ کي ڦري، گهڻو ڌن هٿ ڪيو ۽ سوڀ جي يادگيريءَ لاءِ تڪرار وارن ٻيلن، جهنگن ۽ شڪار گاهن جو جهنگ ڪپارائي، شڪارپور نالي شهر ٻڌارايو. انهيءَ شهر تي اهو نالو انهيءَ هنڌ شڪار گاهن هئڻ ڪري رکيائون. بختاور خان، بکر جي نواب دائود پوٽن کي ملڪ مان تڙي ڪڍيو، تنهنڪري هو ڀڄي ملتان ويا، دهليءَ جي مغل شهنشاهه جي ڏاڍي خدمت ڪيائون، جنهن جي موڪل سان موٽي شڪارپور ۾ آيا ۽ اهڙو زور ورتائون، جو سنڌ جا نواب کين ڪجهه به چئي نه سگهندا هئا. آخر ميان نور محمد ڪلهوڙي کين اچڻ سان تڙي ڪڍيو.
سندن سردار بهاول خان هميشه لاءِ سنڌ کي ڇڏي ملتان طرف هليو ويو. اتي نئون شهر بهاول پور نالي ٻڌائي حڪومت ڪرڻ لڳو. اڄ سوڌو بهاولپور سندس پوين جي هٿ ۾ آهي. (جي انگريز سرڪار جي تابع آهن) اهو شهر مهرن، جاتوئس نالي بلوچي قوم کان کسيو هو.

مشقي سوالات:
1. دائود پوٽن جو اصل نسل ٻڌايو؟
2. دائود پوٽا سنڌ ۾ ڪڏهن آيا ۽ ڪهڙي رستي کان؟
3. دائود پوٽن ۽ مهرن جي ويڙهه جو احوال ڏيو؟
4. دائود پوٽا، سنڌ مان گهڻا دفعا تڙيا ۽ ڪهڙيءَ طرح وري سنڌ ۾ آيا؟
5. دائود پوٽن جي سنڌ ۾ ڪهڙي نشاني آهي؟
6. اڄ ڏينهن تائين دائود پوٽا ڪهڙي هنڌ حڪومت ٿا ڪن؟

(52) ڪلهوڙن جي آکاڻي
ڪلهوڙا حضرت محمد جي چاچي، حضرت عباس جو اولاد آهن، کين عباسي به چئبو آهي. سندن وڏن مان ميان اوڍاڻو، ڪيچ مڪران ۾ هو، ان جي اولاد مان ڄام چينه نالي هڪ عباسي پنهنجي ڀائرن سان جهيڙو ڪري، لڏي کنڀات ۾ آيو ۽ اتي شادي ڪري رهجي پيو. ڪلهوڙن جون پهريون چار پيڙهيون چانڊڪي پرڳڻي (لاڙڪاڻي جي پاسي) ۾ رهنديون هيون.

(53) آدم شاهھ ڪلهوڙي جي آکاڻي
پهرين مشهور آدمي ڄام چيني جي نائين پيڙهيءَ مان آدم شاهه نالي جوان 1589ع ڌاري لاڙڪاڻي جي ڀرسان اچي رهيو، جنهن کي نواب خان خانان چانڊين جي زمينداري ڏني. هيءُ اتي مريدي به ڪرڻ لڳو، جن کان ڪيتري زمين مليس ۽ سگهوئي ڏاڍو زور ورتائين. پوءِ ڪجهه وقت ملتان ۾ وڃي مريد ڪيائين ۽ اتي به زور ورتائين، جنهنڪري ملتان جي حاڪم حسد وچان مارائي ڇڏيس، سندس لاش مريدن سکر ۾ هڪ ٽڪريءَ تي آڻي پوريو، جا ٽڪري اڄ تائين آدم شاهه جي ٽڪري سڏبي آهي.

(54) ميان شاه محمد جي آکاڻي
آدم شاهه جي پوٽن مان ميان محمد الياس ۽ ميان شاهه محمد مشهور ٿيا. ميان شاهه محمد گهاڙواهه کڻايو ۽ سانگين ۽ ابڙن کان زمينون کسي، مائٽن کي ڏنيون، جنهنڪري تڪرار ٿيا ۽ بکر جي حاڪم لشڪر موڪلي ميان کي قيد ڪرائي مارائي ڇڏيو، سندس قبو گهاڙواهه جي ڪپ تي آهي، هيءُ مشهور پير ڄاتو وڃي ٿو.

(55) ميان نصير محمد جي آکاڻي
ميان نصير محمد (ميان شاهه محمد جي پٽ) جي مريدن پاڻ کي سرائي سڏايو، بکر جي حاڪم کيس قيد ڪري، اورنگزيب شهنشاهه ڏي دهليءَ ڏياري موڪليو، جتان جلدي ڀڄي آيو ۽ ڏاڍو زور ورتائين، چانڊوڪي ۽ ساهتي پرڳڻا هٿ ڪيائين. وچ سنڌ ۾ لاکاڻ، مورو ۽ ساهتيءَ جا پرڳڻا هٿ ڪيائين ۽ نوشهري جو شهر ٻڌايائين ۽ ڪاڇي ۾ ڳاڙهيءَ جو ڳوٺ ٻڌايائين. هي 36 سالن جي راڄ بعد مري ويو.

(56) ميان دين محمد جي آکاڻي
ميان نصير محمد کان پوءِ سندس وڏو پٽ ميان دين محمد گاديءَ تي ويٺو. هن جي مريدن شڪارپور جي پٺاڻن (پني قوم) ۽ پنهوارن، جن کي دهليءَ جي بادشاهه موڪليو هو، شڪست ڏئي ڀڄائي ڪڍيو، تنهنڪري اورنگزيب شهنشاهه مغلن جو وڏو لشڪر شهزادي معزالدين جي هٿ هيٺ موڪليو، جنهن سخت ويڙهه کان پوءِ ميان کي قيد ڪري ملتان ۾ آندو جتي هو مري ويو.

(57) ميان يار محمد جي آکاڻي
ميان دين محمد جي مرڻ بعد سندس ڀاءُ ميان يار محمد قلات مان بروهين جو لشڪر وٺي، پنهوارن سان وڙهي، شڪارپور ورتي ۽ پنهنجو شهر خدا آباد (دادوءَ جي ڀرسان) ٻڌايائين. انهيءَ تي شهزادو معزالدين بکر ۾ آيو، جتي ميان يار محمد وڃي سلام ڪيس، شهزادو مٿس خوش ٿيو ۽ کيس خدا يار خان جو لقب ڏئي 1701ع ۾ سوئيءَ جو حاڪم مقرر ڪيائينس ۽ هڪ جاگير به انعام طور ڏنائينس. 1711ع ميان يار محمد ساهتي (ڪنڊيارو)، چانڊڪو (لاڙڪاڻه) ۽ سبي (سکر ۽ شڪارپور) پرڳڻا هٿ ڪيا. آخر ڊسمبر 1718ع ۾ خداآباد ۾ وفات ڪيائين، جتي کيس دفن ڪري، مٿس قبو اڏايائون. اهو قبو ۽ ميان يار محمد جي جوڙايل مسجد ۽ خدا آباد جي ڦٽل شهر جا دڙا خدا آباد اسٽيشن کان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پوءِ سندس پٽ ميان نور محمد ۽ ميان محمد خان قلات مان لڏي خدآباد ۾ اچي ويٺا.

شجرو ڪلهوڙا خاندان

آدم شاهه – ڄام چيني جي نائين پيڙهي (مشهور پير)

ناظر محمد



محمدالياس شاه محمد

نصير محمد



دين محمد يار محمد


مشقي سوالات:
1. ڪلهوڙن جو اصل نسل ٻڌايو؟
2. ڪلهوڙن مان ڪهڙا مشهور پير ٿي گذريا آهن؟
3. ميان نصير محمد ڪهڙا ڳوٺ ٻڌايا ۽ ڪهڙا پرڳڻا ورتا؟
4. ڪلهوڙن جي وڏن جون سنڌ ۾ ڪهڙيون نشانيون آهن؟
5. ڪلهوڙن سختيون ڀوڳي، بادشاهي ورتي سو ڪيئن؟
6. ”ڏکن پٺيان سک، مون تان لڌا جيڏيون“؛ اهو بيت ثابت ڪريو؟

(58) ميان نور محمد جي آکاڻي
ميان نور محمد پيءُ جي وفات بعد 1719ع ۾ پيءُ واري خطاب خدايار خان جي ملڻ سان سوئي ۾ صوبيدار مقرر ٿيو، جتي مگسي، رند، لاشاري ۽ بڙدي فسادين کي ماري مڃائي تابعدار ڪيائين. قلات جي حاڪم مير عبدلله کي به دهليءَ جي شهنشاهه محمد شاهه جي حڪم سان سامهون ٿيو ۽ کيس شڪست ڏئي، قلات هٿ ڪيائين، تنهنڪري شهنشاهه کيس سنڌ جو صوبيدار ڪيو. سنڌ ۾ ميان اچڻ سان ڏٺو، ته دائود پوٽن رڻ ٻاري ڏنو آهي، جئين ٿو وڻين تئين ٿا هلن ۽ سنڌ جي صوبيدار کي ليکين ئي نٿا، تنهنڪري شڪارپور ۽ بکر تي ڪاهي، کين ڀڄائي ڪڍيائين. هن ميان سنڌ جي گادي لاڙڪاڻو ڪئي ۽ پاڻ اتي رهڻ لڳو، وڏي پٽ محمد مرادياب کي ٺٽي ۾ ويهاريائين، جنهن ڌاريجن جي راڻي ۽ ڪڪراري جي ڄام کي ماري مڃايو. انهي وقت ميان به خود مختيار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.

سنڌ جو ايران جي تابع ٿيڻ
1739ع ۾ نادر شاهه ايران جو بادشاهه، دهليءَ جي مغل شهنشاهه محمد شاهه تي فتح پائي، کائونس سنڌ ۽ سنڌونديءَ جي اولهه وارا پرڳڻا وٺي، ايران جي تابع ڪيائين. انهيءَ ڪري حڪم ڄمائڻ ڪاڻ سنڌ ۾ آيو، ميان، نادر شاهه جي اچڻ جو ٻڌي، لاڙڪاڻي مان ڀڄي، عمر ڪوٽ ويو، جتي به نادرشاهه وڃي پڳس. (نادر شاهه کي سندس پوڙهيءَ ماءُ جي خدمت ڪرڻ ڪري بادشاهي ملي هئي) ميان، نادر شاهه کي بر وقت هڪ ڪروڙ روپيه ۽ ويهه لک روپيه ساليانو ڏئي، سندس تابعداري مڃي؛ جنهن ڪري شاهه کيس شاهه قلعي جو خطاب ڏئي، سنڌ جي صوبي تي قائم ڪيو. اهڙيءَ طرح سنڌ دهليءَ کان ٽٽي 1739ع ۾ ايران جي تابع ٿي. نادرشاهه جا ٻه پٽ محمد مرادياب ۽ غلام شاهه ضامن طرح پاڻ سان وٺي ويو ۽ شڪارپور، دائود پوٽن کي ۽ سوئي، افغانين کي ڏنائين.

ميرن جو سنڌ ۾ اچڻ:
انهيءَ ساڳئي وقت بلوچستان مان ميرشهداد پنهنجي چاچي مير صوبدار خان سان ڪاوڙجي، سنڌ ۾ آيو ۽ ميان وٽ نوڪر بيٺو، جتي بهادريءَ ڪري ويو چڙهندو، نيٺ لشڪر جو مهندار ٿيو، هي ميان جو وڏو صلاح ڪار ۽ مددگار هو. ميان هن جي مدد سان 47 – 1746ع ۾ ڪڪرالي جي ڄام ۽ ڌاريجن جي راڻي کي ماري، ڏاکڻي ڀاڱي ۾ حڪومت وڌائي، تنهنڪري ميان کيس سيوهڻ جي ڀرسان هڪ جاگير ڏني. سندس مرڻ بعد پٽس مير بهرام کي ميان سندس جاءِ تي مقرر ڪيو، جو پيءُ وانگر وفادار رهيو.
سنڌ جو قنڌار جي تابع ٿيڻ:
1748ع ۾ نادر شاهه جي موت بعد احمد شاهه ابداليءَ قنڌار واري ايران جو ملڪ هٿ ڪيو، تڏهن هن ميان کي شاهنواز خان جو تازو خطاب ڏنو ۽ سندس پٽ به موٽائي موڪليائينس، پر 1754ع ۾ احمد شاهه قنڌار جو بادشاهه ڍل پوري وقت تي نه ملڻ سبب ميان تي ڪاهي آيو. ميان پنهنجي پاران ديوان گدومل کي وڪيل ڪري موڪليو، جنهن وڃي بادشاهه کي راضي ڪيو. انهيءَ وقت ميان جيسلمير جي طرف ويل هو جتي هو نيڪ دل ۽ خدا پرست آدمي جنوري 1755ع ۾ فوت ٿي ويو، سندس جاءِ تي ميان محمد مرادياب ويٺو.

(59) محمد مرادياب جي آکاڻي
ميان نور محمد جي مرڻ تي سندس دشمنن جي چورت سان بادشاهه احمد شاهه سنڌ جي لاءِ اسماعيل خان پني پٺاڻ کي نواب ڪري موڪليو، پر وري به ديوان گدومل وڃي بادشاهه کي خوش ڪيو، بادشاهه، عطر خان کي ضامن طور پاڻ وٽ رکي، محمد مراد ياب خان کي سر بلند خان جو خطاب ڏئي، سنڌ جو نواب مقرر ڪيو. ميان، نصرپور جي ڀرسان 1755ع ۾ ڏاڍي تجمل سان گاديءَ تي ويٺو ۽ نئون مراد آباد نالي شهر ٻڌايائين.

ميان نور محمد جا پٽ
ميان نور محمد کي ٽي گهر هئا، پهريون گهر پنهنجن مان هوس، جنهن مان چار پٽ 1 – محمد مرادياب، 2 – عطر خان، 3 – خداداد خان، 4 – احمد يار خان هئس. ٻئي گهر ۾ گلان نالي ڪڃري هئس، جنهن مان غلام شاهه پٽ ڄايس، جو پوءِ سنڌ جو نامور حاڪم ٿيو. ميان کي ٽيون گهر جوڻيجن مان هو، جنهن مان ٻه پٽ 1 – غلام نبي 2 – عبدالنبي ٿيس يعني ميان نور محمد کي ڪل ست پٽ هئا. پر وڏو پٽ ميان محمد مرادياب هوس، تنهن ڪري حقي وارث گاديءَ جو اهو هو. هو ۽ ميان نور محمد به انهيءَ کي ئي ولي عهد ڪيو هو. ميان محمد مرادياب 1755ع ۾ ڄام حجاڃي، ڪڪرالي جي حاڪم تي فساد ڪرڻ ڪري، ڪاهي ويو ۽ کيس شڪست ڏئي قيد ڪيائين ۽ سندس ملڪ سنڌ سان لڳايائين. هن ٻه ورهيه آرام سان حڪومت ڪئي، مگر حڪومت هلائڻ نه آيس، ماڻهن کان تنگ دليءَ سان پيسا وٺڻ لڳو ۽ بي قاعدي ڍلون ٻڌائين. پاڻ عيش عشرت ۽ راڳ ناچ کي لڳي ويو، تنهنڪري سڀ سردار ناراض ٿي، حمير بهرام جي مدد سان سندس رهڻ جي جاءِ کي وڪوڙي ويا ۽ کيس نوڪرن سميت قيد ڪري ڀاڻس ميان غلام شاهه کي تخت تي وهاريائون.

(60) ميان نور محمد جي پٽن جي تڪرار جي آکاڻي
غلام شاهه جي تخت تي ويهڻ ڪري، احمد يار خان، خدآباد ۾ فساد ڪيو ۽ عطر خان وري پنهنجي نالي بادشاهه احمد شاهه کان قنڌار مان پروانو لکائي آيو؛ تڏهن ميان غلام شاهه لاچار ٿي، پنهنجن ڪن سردارن ۽ راڄي ليکي وزير سان گڏ ٿر ڏانهن نڪري ويو ۽ محمد مرادياب قيد مان نڪتو.

عطر خان جو بيان
عطر خان ماڻهن کي خوش رکي نه سگهيو ۽ خزانو به خالي ٿيڻ لڳو، قنڌار جي بادشاهه کي محصول پهچائڻ لاءِ ماڻهن کان سختيءَ سان اوڳڙ ڪيائين، پاڻ به سست هو انهيءَ ڪري ماڻهو ناراض هئس. ملڪ جو اهو حال ڏسي، ميان غلام شاهه، ٿر مان نڪري، بهاولپور مان لنگهي روهڙيءَ ۾ آيو. اتي سندس ڀائرس سنبري جنگ لاءِ آيا. ڏاڍي جنگ کان پوءِ عطر خان هارايو ۽ ميان غلام شاهه، سيوهڻ وٺي محمد آباد ۾ اچي رهيو، عطر خان ۽ احمد خان ٻئي قلات ڏي ڀڳا ۽ بادشاهه کان افغان جو لشڪر وٺي وري سنڌ وٺڻ لاءِ آيا. پر نيٺ نا اميد ٿي، ميان غلام شاهه سان صلح ڪيائون.

ملڪ جي ورهاست
جنهن موجب ملڪ جا ٽي حصا ڪيا ويا: هڪ حصو شاهه ڳڙ کان وٺي نصر پور ۽ ٺٽي تائين ميان غلام شاهه کي مليو. ٺٽو ۽ باقي ٻيو ملڪ ٻه حصن ۾ ٻن ڀائرن کي مليو.

ڀائرن جي ٻيهر چٽا ڀيٽي
سگهوئي انهن ٻن ڀائرن جي وچ ۾ اڻ بڻت ٿي؛ احمد يار خان، دهليءَ جي بادشاهه ڏي پنهنجي لاءِ پروانو لکائڻ لاءِ ويو. هتي ميان غلام شاهه وجهه ڏسي، عطر خان تي ڪاهه ڪئي، عطر خان ڊپ کان ملڪ ڇڏي ويو ۽ ماڻهو ميان غلام شاهه جي اچڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿيا. ٻئي سال عطر خان مدد وٺي ٽيهر سنڌ وٺڻ لاءِ آيو، ميان غلام شاهه اٻاوڙي وٽ وڃي گڏيس. جنگ لڳي، جنهن ۾ عطر خان شڪست کاڌي ۽ ميان غلام شاهه فتح جي يادگيريءَ لاءِ اتي شاهپور نالي نئون شهر ٻڌايو، پوءِ ميان غلام شاهه بافرحت ٿي اڪيلي سر راڄ ڪرڻ لڳو.

مشقي سولات:
1. ميان نور محمد کي سنڌ جي نوابي ڪيئن ملي؟
2. دائود پوٽن تي ڇو ڪاهيائين؟
3. سنڌ، ايران جي تابع ڪيئن ٿي ۽ وري قنڌار سان ڪيئن لڳي؟
4. مير، سنڌ ۾ ڇو آيا ۽ ڪيئن وڏي عهدي تي چڙهيا؟
5. ميان نور محمد جي مددگارن جو احوال ڏيو؟
6. ميان نور محمد کي ڪهڙا پٽ هئا ۽ اهي ڪهڙن گهرن مان هئس؟
7. هيٺين جو مختصر احوال ڏيو؟
محمد مرادياب، ڄام حجاڃي، مير بهرام، راڄو ليکو، عطر خان ۽ احمد يار خان.
8. ڪڪرالو ڪيئن سنڌ سان لڳو؟
9. ملڪ جي ورهاست ڀائرن ڪيئن ڪئي؟ سا نقشي تي ڏيکاريو؟
10. ميان غلام شاهه ڪيئن ساريءَ سنڌ جو حاڪم بنيو؟

(61) ميان غلام شاهھ جي آکاڻي
چون ٿا، ته گلان ڪڃري، شاهه عبدالطيف ڀٽائي صاحب وٽ هڪ دفعي راڳ اهڙو ڳايو، جو شاهه صاحب محو ٿي ويو؛ جنهنڪري گلان کي دعا ڪئي، ته ”توهان کي هڪ گل پيدا ٿيندو، جو سڄيءَ سنڌ کي خوشبوءِ ڏيندو“ جلد ئي ميان نور محمد گلان سان شادي ڪئي، جنهن مان غلام شاهه پٽ ڄائس. هي نومبر 1757ع ۾ تخت تي ويٺو، انهيءَ وقت لاڙڪاڻي پاسي کوسن ۽ ڪڪرالي ۾ ڄام ڏهيسر فساد ڪيو. ميان ٻنهي ڌرين کي سيکت ڏني ۽ ڪڪرالو پنهنجي هٿ ڪيو. هن کي دهليءَ جي شهنشاهه وٽان شاهي سند ۽ پوشاڪ ملي ۽ پوءِ شاهه وردي خان جي لقب سان سنڌ جو حاڪم ٿيو.
هن ميان جا ننڍپڻ کان وٺي لڇڻ ۽ عادتون ماڻهن کي وڻنديون هيون. هو ننڍي وڏي سان رلي ملي هلندو هو ۽ سڀ ڪنهن کي مان ڏيندو هو، تنهنڪري رعيت سندس حڪومت ۾ خوش هئي. اهڙيءَ طرح شاهه صاحب جي دعا جي اثر هيٺ ميان غلام شاهه، ڪڇ جي راءِ تي ڪاهي سنڌڙي، بسنت ۽ لکپت جا بندر هٿ ڪيا، ويڙهه ۾ 6000 ڪڇي مري ويا. عطر خان ڀاءُ جو اهڙو زور ڏسي، اچي سندس پيش پيو ۽ ملڪ جي دعويٰ ڇڏي ڏنائين. اتر پاسي ديري غازي خان ۾ فساد ٿيڻ ڪري بادشاهه جي حڪم سان ميان اوڏانهن وڃي فساد بند ڪيو، انهيءَ ڪري بادشاهه کيس ديري اسماعيل خان ۽ ديري غازي خان انعام طور ڏنا ۽ صمصام الدوله جو لقب پڻ ڏنائينس.

انگريزن جو سنڌ ۾ اچڻ
سنڌ جو واپار به وڌيو، ڇاڪاڻ جو ميان يورپي قومن مان انگريزي ڪمپني ايسٽ انڊيا کي 1758ع ۾ ٺٽي ۽ شاهه بندر ۾ ڪوٺين وجهڻ جي اجازت ڏني. ڪڇ جو راءِ ميان غلام شاهه سان ٺهي ويو، تنهن ڪري ڪڇ وارا هٿ ڪيل بندر کيس موٽائي ڏنائين. ميان ٻئي ديرا به بادشاهه احمد شاهه کي سوکڙيءَ طور موٽائي ڏنا.
حيدرآباد جو ٻڌڻ
ميان پوءِ نيرن ڪوٽ ۾ وڃي ٻه قلعا هڪ مضبوط قلعو ۽ ٻيو مٽيءَ جو قلعو شاهه مڪائيءَ واريءَ ٽڪريءَ تي ٺهرايا ۽ اتي گادي ڪئي. خدا آبادي عامل ۽ ٻيا ماڻهو لڏي اچي، اتي ويٺا؛ انهيءَ ڪري شهر وڌيو. ميان شهر تي پنهنجي مرشد حيدر شاهه جي نالي کي مان ڏيڻ لاءِ حيدرآباد نالو رکيو. 1772ع ۾ ميان غلام شاهه ۽ احمد شاهه ابدالي ٻنهي وفات ڪئي، جنهن ڪري ٻنهي تختن تي سندن ولي عهد (وڏا پٽ) ويٺا. ميان غلام شاهه جي قبر مٿان عمدو قبو ٺهيل آهي.

(62) ميان سرفراز جي آکاڻي
احمد شاهه ايرانيءَ جي جاءِ تي پٽس تيمور شاهه افغاني بادشاهه ٿيو ۽ سنڌ ۾ ميان غلام شاهه جو پٽ ميان محمد سرفراز خان حاڪم ٿيو. بادشاهه تيمور شاهه ميان محمد سرفراز خان کي خلعت موڪلي ۽ خدا يار خان جو خطاب ڏيئي، سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو ۽ ٻئي ديرا به سندس حوالي ڪيائين. 1774ع ۾ ڪڇ ۽ گجرات گهمڻ ويو، اتي جي راجائن گهڻو مان ڏنس. هن جي ڏينهن ۾ ٽالپرن ڏاڍو زور ورتو، ميربهرام کي ميان محمد سرفراز خان وڏو وزير ڪيو، مگر ٽالپرن سان ايڏيءَ مهرباني ٿيڻ ڪري، ٽالپرن جا دشمن ساڙ کائڻ لڳا. راڄو ليکو وزير، جو ذات جوڻيجو هو، سو ته بلوچن جو جاني دشمن هو، تنهن ميان کي چوري مير بهرام ۽ سندس پٽن جي برخلاف ڪيو، انهيءَ تي مير بهرام پنهنجن ٻن پٽن مير بجار ۽ مير صوبدار کي چيو، ته ”توهان هتان هليا وڃو، متان ميان اوهان کي به مارائي ڇڏي، مون کي مارايائين ته حرڪت ڪانهي، ڇو ته مان پير مڙد آهيان.“ تنهن تي مير بجر سنبري حج تي ويو، مگر مير صوبدار پيءُ سان گڏ رهجي پيو. نيٺ هڪ ڏينهن مير بهرام جيئن ميان جي سلام تي آيو، تيئن ميان کيس مارائي ڇڏيو، اگرچه ديوان گدومل کيس گهڻو جهليو. مير بهرام جي پٽ مير صوبدار پنهنجي پيءُ جي مارڻ جو شڪ وزير راڄي ليکي ۾ آڻي، سندس پٽ الهه بخش کي ماري وڌو، ته ان جي ماڻهن وري سندس خاتمو ڪيو. اهڙيءَ طرح ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جي اڻ بڻت شروع ٿي، جنهن جو ڪارڻ راڄو ليکو وزير هو.
ميان انگريزي واپارين کي به 1775ع ۾ ٺٽي مان تڙي ڪڍيو، انهيءَ اجائي کؤنس ۽ بيگناهه خونن ڪري ملڪ ۾ فساد پيدا ٿيو. مير فتح خان، ٽالپرن ۽ ٻين ماڻهن سان گڏجي ميان تي خدآباد ۾ ڪاهيو، ميان اتان ڀڄي، حيدرآباد آيو، جتي مير اچي قيد ڪيس ۽ ڀاڻس محمود خان کي خدا آباد ۾ تخت تي وهاريائين. (جو مير خدا آباد ۾ رهندا هئا) ميان سرفراز شيعو هو، تنهن ڪري ٻين شيعن وانگر حضرت محمد ڪريم جي ٽن يارن حضرت ابوبڪر، حضرت عمر فاروق ۽ حضرت عثمان غنيءَ کي ڪين مڃندو هو، باقي چوٿين يار حضرت علي شاهه کي مڃندو هو، پر قيدخاني ۾ باقي ٽن يارن کي به مڃڻ لڳو ۽ سچيءَ دل سان بندگي ڪري، ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ ٻاڏائي، ڪيلن گناهن جي توبهه ڪيائين. چون ٿا ته ”اتي اشارو ٿيس، ته تون مختيار آهين، وڻئي ته دنيا جي بادشاهي قبول ڪر، وڻئي ته آخرت جي ! هن آخرت قبول ڪئي.“ سگهوئي مسجد ۾ قرآن شريف پڙهندي، عبدالنبيءَ جي حڪم سان ڪن جوڻيجن جي هٿان شهيد ٿيو. هيءُ حيدرآباد ۾ وڏو پير ڪري ليکبو آهي.

مشقي سوالات:
1. ميان غلام شاهه مان رعيت ڇو راضي هئي؟
2. ڪڇ جي راءِ، انگريز واپارين، حيدرآباد جو ٻڌجڻ انهن جو احوال ڏيو؟
3. ميرن ۽ ميان سرفراز خان جي ڦيٽاري جو سبب ۽ نتيجو ٻڌايو؟
4. ميان سرفراز خان جي قيد ٿيڻ ۽ شهيديءَ بابت احوال ڏيو؟

(63) ميان محمد خان جي آکاڻي
ٿورو وقت راڄ ڪيائين، ته راڄي ليکي ماڻهن کي بگاڙي، ميان غلام نبيءَ کي تخت تي وهاريو ۽ کيس نظربند رکيو، ڇو ته راڄو ليکو پاڻ جوڻيجو ذات جو هو ۽ ميان غلام نبيءَ جي ناناڻن مان هو ۽ ميان محمد خان بلوچن جي مدد سان تخت تي ويٺو هو، جو بلوچن سان راڄي ليکي جو ٺاهه ئي ڪو نه هو.

(64) ميان غلام نبيءَ جي آکاڻي
ميان غلام نبي چڱو مڙس، خدا ترس، ڏاهو، سخي ۽ سچار آدمي هو. راڄي ليکي جيتوڻيڪ تخت وٺي ڏنس، ته به دغا بازين ڪري نه وڻندو هوس ۽ بلوچ آدمي سچائيءَ ۽ بهادريءَ ڪري پسند هئس. مگر کيس مير بجر مان خوف هو، ته متان پيءُ جي مرڻ جو عيوضو مون کان اچي وٺي، تنهن ڪري سندس پوري ڪرڻ لاءِ مسقط جي عربن سان لکپڙهه ڪيائين. جن اها ڳالهه قبول نه ڪئي، پر مورڳو مير بجر کي خبردار ڪيائون، انهيءَ ڪري مير بجر موٽڻ سان ئي 4000 بلوچ گڏ ڪري عمر ڪوٽ جو قلعو وڃي والاريو. سندس اچڻ کان ٿورو اڳ سندس دشمن راڄو ليکو ڊپ وچان مري ويو ۽ ان جي جاءِ تي پٽس تاجو ليکو وزير ٿيو، جو ٺڳين ۽ دغابازين ۾ پيءُ کان به زياده وڌيڪ هو. تاجو لکيو ميان کي وٺي عمر ڪوٽ تي ڪاهي آيو ۽ مير بجر سان لانياري ڳوٺ وٽ چڪري کاڌائون، جنهن ۾ ڪلهوڙن هارايو، جنهنڪري ميان، قرآن شريف ميڙ ڪري مير بجر وٽ معافي وٺڻ لاءِ آيو، تاجي ليکي کيس معافي گهرڻ کان جهليو، پر ميان قبول نه ڪيس، تنهنڪري تاجي ليکي ترار سان ماري وڌس. مير بجر ميان غلام نبيءَ جي ڀاءُ عبدالنبيءَ کي تخت تي وهاريو ۽ پاڻ حڪومت قبول نه ڪئي.

(65) ميان عبدالنبيءَ جي آکاڻي
هن پاڻ کي تخت تي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ سرفراز خان، پٽس مير محمد خان، ڀاڻس محمود خان ۽ چاچس عطر خان کي مارائي ڇڏيو. باقي تاجي ليکي کي مير بجر جي چوڻ تي موت کان معافي ڏنائين. قنڌار جو تيمور شاهه بادشاهه ٽالپرن جو اهڙو زور ٻڌي پنهنجي صوبيدار عزت يار خان قنڌاريءَ کي 30 هزار لشڪر سان چاڙهي موڪليو. ميان به مير بجر کي ساڻ ڪري لشڪر وٺي کيس شڪارپور ۾ اچي گڏيو. ڏاڍي جنگ لڳي، جنهن ۾ عزت يار خان جي هار ٿي، تنهنڪري تيمور شاهه ڪاوڙجي وڏو لشڪر وٺي پاڻ ڪاهي آيو. سڀ بلوچ ڊڄي ويا پر مير بجر گهڻي ادب ۽ نياز سان اچي گڏيس، تنهنڪري ۽ سالياني ڍل ملڻ تي خوش ٿي ميان کي پڪو صوبيدار مقرر ڪري بادشاهه تيمور شاهه موٽي ويو.

مير بجر جو موت
مير بجر کي زور وارو ڏسي، ميان عبدالنبيءَ کي خوف ورتو، ته متان مير بجر مون کي به برطرف ڪري، تنهنڪري ميان 1781ع ۾ ٻه راجپوت جوڌپور مان آڻايا؛ جي مير بجر وٽ به اچڻ وڃڻ لڳا. هڪ ڏينهن انهن مير وٽ اچي، کيس ميان جي دغابازيءَ جا ڪي جڙتو خط (جوڌپور جي راجا ڏي هنديءَ ۾ لکيل) پڙهي ٻڌائڻ لاءِ، سندس ڀرسان ٿي ويٺا ۽ ساڻس ڪن ۾ سس ڦس ڪندي، خنجر ڪڍي هيائونس. مير بجر ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ ترار سان ٻنهي کي ماري وڌائين پر پوءِ پاڻ به خنجرن جي سخت گهاون سبب مري ويو. چوڻي آهي ته ”ڪن جي ڳالهين، مير بجر ماريو.“ سو اجهو ائين ! مير بجر جو پٽ مير عبد الله پيءُ جي مرڻ تي بلوچن جو سردار ٿيو، انهيءَ ميان صادق قلعي، عبدالنبيءَ جي عزيز کي، جو هڪ فقير ۽ چڱو ماڻهو هو، تنهن کي تخت تي وهاريو. ميان عبد النبي به قلات ۽ جوڌپور مان لشڪرن جي مدد وٺي مير عبد الله تي ڪاهيو مگر مير ٻنهي لشڪرن کي شڪست ڏيئي ڀڄائي ڪڍيو.

عبد النبيءَ جو ٻيهر تخت تي وهڻ
مدد خان پٺاڻ جي ڦر: ميان عبد النبي، تيمور شاهه بادشاهه وٽ دانهين ويو ۽ سردار مدد خان کي پئسن ڏيڻ جي انجام تي لشڪر سميت سنڌ ۾ وٺي آيو؛ پر جڏهن اهو به بلوچن سان پڙي نه سگهيو، تڏهن وچ سنڌ ۾ ڦر ڪري موٽي هليو ويو. اها مدد خان جي ڦر ايتري قدر ته مشهور آهي، جو اڄ به ڪير ڪنهن سان ظلم ۽ ڏاڍ ڪري پئسا ڦري وٺندو آهي، ته ان کي ماڻهو چوندا آهن، ته ”مدد ته ڪين چڙهيو آهين !“ تڏهن ميان عبد النبي لاچار ٿي ٻڍي مير فتح خان ۽ بهاول خان دائود پوٽي کي منٿ ڪري مير عبدلله کي پرچايو ۽ کيس قرآن شريف تي آئينده جي وفاداريءَ جو قسم لکي ڏنائين، تڏهن مير وري کيس گاديءَ تي وهاريو.

ميان عبد النبيءَ جون دغابازيون ۽ ڪلهوڙن جو خاتمو
مير عبدلله کي جيتوڻيڪ ميان قرآن شريف تي قسم سان وفاداريءَ جو انجام لکي ڏنو، ته به مير هميشه گهڻن ماڻهن سان وٽس ويندو هو. ميان تڏهن هڪ رات وٽس اڪيلو وڃي، کيس چيو، ته ”توکي شايد اڃان مون ۾ شڪ آهي؛ جو مون وٽ هميشه گهڻن ماڻهن سان ۽ هٿيارن سان ايندو آهين توکي شايد قرآن شريف جي قسم تي ويساهه ڪونهي جيڪڏهن، ائين آهي، ته مان هينئر تو وٽ اڪيلو آيو آهيان، تون مون کي ماري ڇڏ.“ هي ٻڌي مير ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ عذر آڻڻ لڳو. پوءِ سڀني عزيزن ۽ سنگتين کي اماڻي ڇڏيائين باقي مير فتح خان ۽ مير صوبدار خان کي پاڻ وٽ رهايائين ۽ پوءِ بنا ڊپ جي اڪيلو يا هڪ ٻن ماڻهن سان ميان وٽ ايندو ويندو هو. هڪ ڏينهن هميشه وانگر مير عبدلله ۽ مير فتح خان، ميان وٽ سلام تي آيا، ته ميان جي ماڻهن کين ماري ڇڏيو ۽ ڪن ڊوڙي وڃي ميرن جي تنبن تي سندس ٻين ماڻهن کي به ماريو. بلوچن کي هاڻي پڪ ٿي، ته ميان اسان جو جاني دشمن آهي؛ تنهنڪري سڀ بلوچ اچي ڇڙيا، سندن اڳواڻ مير فتح علي خان ٿيو. سنه 1782ع ۾ هلاڻي وٽ ڪلهوڙن ۽ ميرن جي وڏي جنگ لڳي، جنهن ۾ عبدالنبي شڪست کائي قلات ڏي ڀڳو ۽ مير فتح علي خان نوشهري آيو، جتي سڀني قومن جا سردار اچي سلامي ٿيس.

عبدالنبيءَ جو ٻيهر تخت وٺڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ:
تنهنڪري ميان عبدالنبي بادشاهه تيمور شاهه وٽ فريادي ويو. هيڏانهن وري مير فتح علي خان بادشاهه ڏي سيد آغا ابراهيم شاهه ۽ قيصر نظاماڻيءَ کي وڪيل ڪري موڪليو؛ پر بادشاهه فيصلو ڪيو ته، اڌ ملڪ جو ميرن کي ۽ باقي اڌ ميان کي ڏجي. ان حڪم جي تعميل لاءِ بادشاهه بوستان خان ۽ اخلاق خان کي ٿوري لشڪر سان موڪليو؛ پر مير جا وڪيل بادشاهه تي چڱو اثر وهاري، مير جي نالي سند لکائي آيا. لشڪر موٽي ويو ۽ مير فتح علي خان سند وٺي، پوشاڪ (خلعت) ڍڪي حيدرآباد ۾ سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو.


عبدالنبيءَ جو ٽيهر ملڪ وٺڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ
هن ٽيهر سنڌ وٺڻ لاءِ ڪوشش ڪئي جو تيمور شاهه بادشاهه کي ڏاڍيون آزيون نيزاريون ڪري لشڪر سوڌو وٺي آيو، پر جڏهن ميرن جي بهادريءَ ۽ چڱ مڙسيءَ جي ڳالهه سندس سردارن ڪيس، تڏهن بادشاهه، پابند خان کي ميرن ڏي موڪلي هيٺين شرطن تي ساڻن صلح ڪيو:

شرط
1. ملڪ سارو ميرن کي ملندو.
2. مير ڪلهوڙن وانگر قنڌار جي بادشاهه کي سالياني ڍل ڏيندا رهندا.
3. ڪراچيءَ جو پرڳڻو، جيڪو ميان عبد النبيءَ قلات جي خان کي ڏنو هو، سو ميرن کي وري موٽي ملندو.
اهڙيءَ طرح جنوري 1783ع ۾ ٽالپرن جو راڄ شروع ٿيو. ساڳئي سال ۾ بادشاهه تيمور شاهه به 11 سالن جي راڄ بعد رضا ڪئي ۽ پٽس زمان شاهه ڪابل جو بادشاهه ٿيو. ميان عبدالنبيءَ جوڌپور ۾ وڃي پناهه ورتي، جتي رضا ڪيائين.

(66) ڪلهوڙن جي وقت ۾ ملڪ جي حال جي آکاڻي
1. اٽڪل منيءَ صديءَ کان ٿورو وڌيڪ وقت، جيڪا ڪلهوڙن جي حڪومت هلي، تنهن وقت ۾ سنڌ ۾ گهڻي ڦير ڦار ٿي. ٺٽو ۽ بکر، جتي اڳيان مسلمان حاڪم رهندا هئا، سي ان وقت ۾ گهٽجڻ لڳا ۽ گادين جا هنڌ ڪڏهن خدآباد، ڪڏهن لاڙڪاڻو، ڪڏهن حيدرآباد ته ڪڏهن مرادآباد ٿيا. اڳي عمر ڪوٽ ۽ ڪڪرالي ۽ ڪن ٻين هنڌن ۾ هندو راڄ ڪندا هئا، جي ڪڏهن ڪڏهن سنڌ جي حاڪمن کان خود مختيار رهندا هئا، مگر ڪلهوڙن جي هٿ ۾ سڄي سنڌ هئي.
2. جڏهن سکر ۽ شڪارپور افغانن جي دخل ڪري ڪلهوڙن جي هٿان نڪري ويا، تڏهن ڪلهوڙا حاڪم ڏکڻ اوڀر ڏي حڪومت وڌائڻ لڳا ۽ انهيءَ پاسي جي هندو حاڪمن کي ماري مڃائي پنهنجي هٿ ڪيائون.
3. ميان نور محمد جي وقت ۾ سکر ۽ شڪارپور جي حد تي لاڙڪاڻي البت زور ورتو، ايتري قدر جو هيءُ پهاڪو انهيءَ لاءِ پڌرو ٿيو، ته ”هجئي ناڻو، ته گهم لاڙڪاڻو، نه ته وت ويڳاڻو.“ تن ڏينهن ۾ اتي جي واپار ۽ هنر جو ڏاڍو زور هو. پر تڏهن به ماڻهو منجهس گهٽ هئا ۽ فقط 20000 ماڻهو منجهس رهندا هئا.
4. سڄيءَ سنڌ ۾ ڪل 40000 ڪوري لونگيون، سوسيون ۽ ٻيو ڪپڙو اڻندا هئا ۽ 20000 ماڻهو ٻين ڪرتين وارا هئا. تنهن کان سواءِ 10000 ماڻهو واپار تي قوت گذران ڪندا هئا.
5. لشڪر ۽ حڪومت جي لاءِ وري بلوچ ماڻهو زور وٺڻ لڳا. هندو فقط واپار ۽ سرڪاري لکپڙهه (منشگيري) جو ڪم ڪندا هئا.
6. حڪومت جو بندوبست به پورو نه هو. ڇو ته حاڪم فقط جنگين ۽ گهرو جهڳڙن ۾ رڌل هئا. ڪن خاص چڱن حاڪمن ميان نور محمد ۽ ميان غلام شاهه کان سواءِ ٻين کي ملڪ جي سڌاري جو خيال به ڪو نه هو، مطلب ته ملڪ جي عام حالت اڳي کان خراب هئي. ڪلهوڙن جو مذهب شيعو هو.

ڪلهوڙن جي وقت جون نشانيون
آدم شاهه جي ٽڪري، ميان آدم شاهه جي نشاني آهي. گهاڙ واهه ، شاهه محمد جو ڳوٺ ۽ قبو، ميان شاه محمد جو نشانيون آهن. لاکاٽ، مورو، نوشهرو ۽ نصيرآباد، ميان نصير محمد جو نشانيون آهن. خدا آباد جو ڦٽل شهر، مسجد ۽ قبو، ميان يار محمد جون نشانيون آهن. حيدرآباد جو شهر، قلعو ۽ اٻاوڙي جي ڀرسان شاهپور جو شهر، ميان غلام شاهه جون نشانيون آهن. حيدرآباد ۾ ميان سرفراز جو مقبرو، ميان سرفراز جي نشاني آهي.

مشقي سوالات:
1. راڄي ليکي ۽ ميان سرفراز خان جي موت جو احوال ڏيو؟
2. ”ڪن جي ڳالهين مير بجر ماريو“ سو ڪيئن؟
3. ميان غلام نبي، ميان صادق علي ۽ ميان عبدالنبيءَ جو چال چلت جو احوال ڏيو؟
4. ميان عبدالنبيءَ ٻيهر گاديءَ تي ڪيئن ويٺو؟
5. ”مدد ته ڪين چڙهيو آهين“ سو ثابت ڪريو؟
6. مير عبدالله کي ڪهڙيءَ طرح ميان عبدالنبيءَ ماريو؟
7. روهڙيءَ جي ويڙهه ۽ پابنده خان جو احوال ڏيو؟
8. ميرن، آخر ڪهڙيءَ طرح ساڙ کائي کائي، پنهنجن مرشدن کان حڪومت ورتي؟
9. ڪلهوڙا، اگرچه ميرن جا مرشد هئا، ته به سندن ڦيٽاڙي جو ڪارڻ ڪير هئا؟
10. تيمور شاهه ڪهڙن شرطن سان ميرن کي سنڌ جي حڪومت ڏني؟
11. ڪلهوڙن جي وقت ۾ ڪهڙن شهرن زور ورتو ۽ ڪهڙن جو ناموس گهٽيو، سو سبب سان بيان ڪريو؟
12. ڪلهوڙن بادشاهن مان ڪهڙا چڱا حاڪم ٿيا؟
13. ڪلهوڙا ملڪ جو پورو بندوبست نه رکي سگهيا سو ڇو؟


(67) ميرن جي آکاڻي
مير اصل ڪير هئا
ٽالپر، بلوچستان ۾ رهندڙ بلوچ هئا. هتي سنڌ ۾ نادر شاهه جي ڪاهه وقت آيا. پهريائين شهداد خان (هوتڪ خان جو پٽ) پنهنجي چاچي صوبدار خان سان ڪاوڙجي، ميان نور محمد ڪلهوڙي وٽ اچي نوڪريءَ ۾ بيٺو. کين ٽالپر نالو مير شهداد خان جي ڏاڏي ڪڪي خان جي ڀاءُ ٽالي خان جي نالي پٺيان مليو. مگر بادشاهيءَ وقت، کين مير سڏيائون. جلد ئي شهداد خان جو ڀاءُ مير ماڻڪ خان به آيو. ماڻڪ خان جي اولاد کي ماڻڪاڻي مير، شهداد خان جي اولاد کي شهداداڻي مير ۽ مير شهداد خان جي پوٽي مير سهراب خان جي اولاد کي سهراباڻي مير ڪري چون ٿا.

ميرن جي مذهب ۽ ٻولي
بلوچ اصل بلوچي زبان ڳالهائيندا هئا، مگر سنڌ ۾ پنهنجن مرشدن ۽ ڌڻين، ڪلهوڙن جي زبان سرائڪي ڳالهائڻ لڳا. پاڻ اصل سني مسلمان هئا مگر سنڌ ۾ پوين ڪلهوڙن حاڪمن جو طريقو اهل شيعت جو اختيار ڪيائون. کين لاڙ جا ماڻهو سرائي چوڻ لڳا ڇو ته اهي سري واريءَ سنڌ کان آيا هئا. اهڙيءَ طرح بلوچن تي مير ۽ ٽالپر نالن کان سواءِ چوٿون نالو سرائي به پيو.
جڏهن پوين ڪلهوڙن حاڪمن، ميرن جا مشهور سردار هڪ ٻئي پٺيان مارايا، تڏهن بلوچ اچي چڙيا ۽ هالاڻيءَ جي جنگ ڪري حڪومت پنهنجي هٿ ڪيائون. بلوچن مير صوبدار خان جي وڏي پٽ مير فتح علي خان کي پڳ ٻڌائي، جنهن پنهنجي خاندان ۾ تڪرار بند ڪرڻ لاءِ حڪومت جا پنج ڀاڱا ڪري، ٻه ڀاڱا پنهنجي لاءِ هڪ ورهاڱي موجب ۽ ٻيو پڳ جي عيوض رکيا. باقي ٽن حصن مان هڪ حصو خيرپور وارو مير سهراب خان کي ڏنائين، جو اتر سنڌ کان وٺي سکر ۽ نوشهري تائين هو، اها حڪومت سهراباڻي خاندان جي سڏي وئي. ٻيو حصو مير ٺاري خان ماڻڪاڻيءَ کي ڏنائين، جنهن ۾ مير پور خاص وارو ملڪ اچي ٿي ويو. ٽيون حصو بدين وارو، مير الهيار جي پڙپوٽي مير باگي خان کي ڏنائين، باگي جو ٽنڊو ان جي نالي پٺيان آهي. مير باگي خان حڪومت هلائڻ کان ڪڪ ٿي، پنهنجو حصو مير فتح علي خان کي ڏنو، تنهنڪري ميرن جي ٽياڪڙ حڪومت هلي. سڀني ميرن، مير فتح علي خان کي رئس ڪري مڃيو، جنهن پنهنجن ٽن ڀائرن کي به حڪومت ۾ شامل ڪيو انهيءَ کي ميرن جي پهرين چوياري چون ٿا.

(68) ميرن جي پهرين چوياري مير فتح علي خان جي آکاڻي
مير فتح علي خان پاڻ سان ٽي ڀائر غلام علي خان، ڪرم علي خان ۽ مراد علي خان حڪومت ۾ شامل ڪيا. هنن چئني ڀائرن کي رعيت چار يار ۽ سندن حڪومت کي چوياري ڪري سڏيندي هئي، ڇو ته جڏهن ڪا جنگ ٿيندي هئي، تڏهن سڀئي گڏجي جنگ تي ٿي ويا. مطلب ته هڪ ٻئي کان جدا نه ٿيندا هئا، انهيءَ ڪري سندن دشمن ڊپ کان دٻيا پيا هئا.
1792ع ۾ قلات جي خان نصير محمد کان ڪراچي به ورتائون. بادشاهه زمان شاهه جي 13 لکن روپيه سالياني ڍل جي حساب سا ڪن سالن جي ڍل رهيل هئي، سا مير فتح علي خان پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ ادا ڪئي. هن ڀائرن جي مدد سان تمام چڱي حڪومت هلائي، ملڪ جو انتظام به پورو رکيائين. سندس وقت ۾ انگريز سرڪار جو ايجنٽ، واپار لاءِ سنڌ ۾ آيو، مير صاحب کيس واپار ڪرڻ جي موڪل ڏني مگر، پوءِ قنڌار جي حاڪم زمان شاهه جي چوڻ تي اها موڪل رد ڪيائين، ڇا ڪاڻ ته زمان شاهه انگريزن جو دشمن هو، انهيءَ ڪري انگريزي ڪمپنيءَ کي ڏاڍو نقصان پهتو. مير فتح علي خان 1802ع ۾ مري ويو. کيس مير صوبدار نالي هڪ ڏينهن جو ڄاول پٽ به هو، پر ان کي ملڪ جو ڪو حصو ڪو نه ڏنائين، تنهنڪري باقي ٽن ڀائرن گڏجي راڄ ڪيو.

(69) مير غلام عليءَ جي آکاڻي
ٽن ڀائرن جي حڪومت: مير غلام علي خان رئيس ٿيو. باقي ٻه ڀائر مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان سندس صلاح ڪار ۽ مدد گار ٿيا. هن رئيس سان مير ٺاري خان، مير پور خاص واري جو سال اندر تڪرار ٿي پيو، جنگ لڳي مير ٺارو خان ڦٽجي قيد ٿيو، مگر ٿورن ڏينهن بعد مير کيس معافي ڏئي، عزت آبروءَ سان ميرپور خاص روانو ڪيو.
ٻئي سال زمان شاهه تي، شاهه شجاع غالب پئي ڪابل ورتو ۽ وڏي لشڪر سان سنڌ تي چڙهائي ڪري آيو. مير به لشڪر وٺي شڪارپور ويا. نيٺ صلح ٿيو. ميرن ڏهه لک روپيه شاهه شجاع کي ان وقت ڏنا ۽ پنج لک روپيا ساليانو ڏيڻ جو انجام ڪيائون.
قلات جو خان، نصير محمد مري ويو، ان جي جاءِ تي سندس ڀاڻيجو محمود خان حاڪم ٿيو. تنهن سان مير صلح ڪري کانئس سڱ وٺي ساڻس مائٽي ڳنڍي. ان وقت اچ جا سيد، بهاولپور جي خان، محمد صادق جي ظلم کا ڀڄي، مير وٽ آيا. خان، مير جي لکڻ تي به نه مڃيو، تنهن ڪري سنڌ جو لشڪر طاهر خان جي هٿ هيٺ مٿس ڪاهي ويو. خان لاچار ٿي صلح ڪيو. سندس پٽ بهاول خان ضامن طور حيدرآباد آندو ويو، جو 12 مهينن بعد موٽائي موڪليو ويو.

صلح جا شرط
1. سبزل ڪوٽ، ميرن کي مليو.
2. سيدن کي به پنهنجو حق مليو.
ساڳئي سال ۾ ڪڇ ۾ ڏڪار پوڻ ڪري، ڪڇي ماڻهو، سنڌ ۾ اچي ٻار ٻچا وڪڻي ان وٺڻ لڳا. مگر مير غلام عليءَ کين، ڪڇ راءِ ۽ انگريز سرڪار جي لکڻ تي سرڪاري ان خيرات ۾ وراهي ڏنو ۽ وڪاڻل ٻار به هٿ ڪري راءِ کي موٽائي موڪليا.

پهريون عهدنامون 1809ع ۾
1809 ۾ انگريزن، ميرن سان دوستيءَ رکڻ لاءِ ساڻن هيٺين شرطن سان عهدنامون ڪيو: ڇو ته ان وقت ۾ انگريزن کي ڊپ هو، ته متان فرينچ شهنشاهه نيپولين، ايران مان سنڌ ۾ اچي ۽ ميرن سان دوستي رکي، انگريز سرڪار جي ملڪ تي ڪاهي، جو نيپولين بونا پارٽ ان وقت ايران تائين آيو هو.

پهرين عهدنامي جا شرط
1. انگريز ۽ مير پاڻ ۾ دوست ٿي رهندا.
2. انگريز ايلچي، سنڌ ۾ رهي.
3. ميرن انجام ڪيو، ته انگريزن کان سواءِ ٻئي ڪنهن به يورپي قوم کي سنڌ ۾ اچڻ نه ڏنو ويندو.
4. انگريزن کي واپار ڪرڻ جي اجازت ملي.
1811ع ۾ مير غلام علي شڪار ڪندي مري ويو. کيس مير محمد نالي پٽ به هو، پر حڪومت باقي ٻن ڀائرن هلائي.

(70) مير ڪرم عليءَ جي آکاڻي
مير ڪرم علي خان رئس ٿيو. هيءُ سخي، ڏاهو، انصاف پسند ۽ علم دوست هو. علم جو ايترو ته قدر دان هو، جو ايران ۽ خراسان جا ماڻهو وٽس اچي، هنر ۽ علم جا فن ڏيکاري انعام وٺي ويندا هئا. هن مير صاحب ايران جي بادشاهه ۽ خراسان جي بادشاهه سان دوستي رکي. سندس وقت حيدرآباد جي مرزائن جو وڏو ڳڙهه هئو، مرزا خسرو بيگ مير صاحب جي ڪچهريءَ واسطي آيو. ثابت علي شاهه شاعر ۽ پير محمد ارشاد شاهه، ڪنگريءَ وارو به سندس وقت جا شاعر هئا. ڪڇ سان تڪرار هئڻ ڪري ميرن، ڪڇ تي ڪاهيو، پر انگريز سرڪار صلح ڪرائي ڇڏيو. انهيءَ وقت پنجاب جي راجا رنجيت سنگهه به ملتان وٺي، سنڌ تي ڪاهڻ جو ارادو ڪيو، اتي به انگريز سرڪار صلح ڪرائي ڇڏيو. مير ڪرم عليءَ جوڌپور جي راجا کان عمر ڪوٽ هٿ ڪري سنڌ سان لڳائي ڇڏيو هيستائين اهو ٿر وارو ڀاڱو سنڌ کان جدا هو؛ جنهن ڪري ٿر ۽ هن ملڪ جي ماڻهن جي ريتن، رسمن، پوشاڪ، ٻوليءَ وغيره ۾ اڄ تائين ڦير پيو ڏسجي.
1824ع ۾ مير مراد علي خان جي سخت بيمار ٿيڻ ڪري بمبئي جي گورنر ڊاڪٽر برنس کي موڪليو، جنهن اچي کيس ڇٽايو؛ انهي ڪري ميرن ۽ انگريزن جي دوستي وڌي. 1828ع ۾ مير ڪرم علي خان بنا اولاد مري ويو. سندس قبي تي 13000 روپيه خرچ آيو جو مقبرو حيدرآباد ۾ ٻين سڀني قبن کان وڌيڪ سهڻو آهي.
(71) مير مراد علي خان جي آکاڻي
سياڻو ۽ اعليٰ دماغ وارو ٽالپر هو. مرضي هئس ته ڌارين ملڪن سان لاڳاپو رکان، تنهنڪري پنجاب، ايران، ڪڇ، بلوچستان ۽ عربستان جي حاڪمن سان دوستي ڳنڍيائين.
ٻيو عهدنامو 1832 ۾
انگريزن ۽ ميرن جي وچ ۾ 1832ع ۾ ٻيو عهدنامون ٿيو.

شرط
1. انگريز لوڪ رڳو سنڌو درياءَ تي واپار ڪن.
2. ڪو به انگريز بنا پاس جي سنڌ ۾ نه اچي.
3. نڪي بيٺڪ ڪري ويهي نڪي جنگي جهاز، لشڪر ۽ لشڪري سامان سنڌ ۾ آڻي.
هن حيدرآباد ۾ پنهنجو ضربخانو جاري ڪيو؛ جنهن ۾ سونيون مهرون ٺهڻ لڳيون. نيٺ 1833ع ۾ هيءُ سياڻو ۽ فهميدو مير صاحب نور محمد، نصير محمد، مير محمد، يار محمد نالي چار پٽ ڇڏي مري ويو. پهرين چؤياري پوري ٿي.

(72) ميرن جي ٻي چؤياري
مير نور محمد جي آکاڻي
هن چؤياري ۾ مير مراد علي خان جا ٻه پٽ مير نور محمد خان، مير نصير خان، ۽ مير غلام عليءَ جو پٽ مير محمد خان ۽ مير فتح علي خان جو پٽ مير صوبدار خان هئا. مير نور محمد خان سندن رئس ٿيو. رعيت هنن جي حڪومت کي پوئين يا ننڍي چؤياري ڪري چوڻ لڳي. خيرپور جي مير سهراب خان ۽ ميرپور جي مير ٺاري خان وفات ڪئي، تنهنڪري ميرپور وارو ڀاڱو مير ٺاري خان جي ٽن پٽن مير شير محمد خان حصا ڪري کنيو ۽ خيرپور وارو ملڪ، مير سهراب خان جي ٻن پٽن مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان وراهي کنيو؛ پر انهن ٻنهي ڀائرن جي ناسازي هلندي آئي. اهڙيءَ طرح سڄي سنڌ ٽڪر ٽڪر ڪري ننڍن ميرن وراهي کنئي.
1832ع ۾ افغانستان ۾ گهرو تڪرار ٿيو، دوست محمد، شاهه شجاع کي تڙي ڪڍيو، شاهه شجاع انگريزن کان مدد گهري، انگريزن، سرجان ڪين کي لشڪر سميت سنڌو درياءَ مان لنگهائي ڪابل ڏي موڪلڻو ڪيو، تنهنڪري بمبئي سرڪار، ڪرنل پاٽنجر کي، ميرن کان اجازت وٺڻ لاءِ موڪليو. پر جڏهن لشڪر ڪراچيءَ وٽ آيو، تڏهن ميرن ٻئي عهدنامي موجب روڪ ڪئي ۽ بلوچن کيس گهڻي تڪليف ڏني، ڪيترن بلوچن ته سندس ڦرلٽ به ڪئي. انهيءَ ڪري سرجان ڪين، ڪاوڙجي منهوڙي جو ڪوٽ ڀڃي ڪراچيءَ مان لنگهي اڳتي هليو. تنهن تي ميرن ڊڄي نيٺ موڪل ڏني، انهيءَ ڪري 1838ع ۾ چوٿون عهدنامون ٿيو.

شرط
1. انگريزن کي سنڌ مان لشڪر ۽ لشڪري سامان لنگهائڻ جي موڪل ملي.
2. مير، ملهه تي گهربل سامان موجود ڪري ڏيندا.
3. مير تڪليف جي عيوض 21 لک روپيا نج + ڏيندا.
4. مير، ساليانو 3 لک روپيا انگريزن کي ڍل ڏيندا.
5. شاهه شجاع کي سندس رهيل ڍل جي عيوض 23 لک روپيا مير ڀري ڏيندا.
6. انگريز سرڪار جو 3000 لشڪر ڪراچيءَ ۾ رهندو ۽ انگريزي ريزيڊنٽ حيدرآباد ۾ رهندو. جنهن موجب پهريون ريزيڊنٽ ڪرنيل پاٽيچر ٿيو.
7. مير، واجب ڳالهه انگريزن جي قبول ڪندا.
مير نور محمد خان، 1842ع ۾ مير شهداد خان، ۽ مير حسين علي خان ٻه پٽ ڇڏي مري ويو ۽ بلوچن، مير نصير خان کي رئس ڪري مڃيو.

(73) مير نصير خان جي آکاڻي
هن جي وقت ۾ ميجر آئوٽرام انگريزي ريزيڊنٽ ٿي آيو، جنهن جي ڏينهن ۾ مير نور محمد خان جي ٻنهي پٽن جو ملڪيت تان تڪرار ٿيو، مگر ميجر
نج معنيٰ فقط چانديءَ جا ڇاڪاڻ ته عام روپين ۾ ڌاتو ٻيو به ملائيندا آهن.
ٺاهه ڪرائي ڇڏين. سنه 1841ع ۾ سنڌ ۾ تمام سخت وبا پيئي.

مياڻيءَ جي جنگ جا سبب
بلوچن جو ٻڌو، ته افغانستان ۾ دوست محمد جي پٽ، اڪبر خان انگريزي لشڪر کي (جو سرجان ڪين جي هٿ هيٺ سنڌ مان لنگهي ويو هو) شڪست ڏني آهي، تنهنڪري انگريز زور گهٽ سمجهي، شوخي ڏيکارڻ لڳا. انهيءَ ڪري ميرن کي دٻائڻ لاءِ سرچارلس نيپئر جهڙو سياڻو، تجويزي ۽ آزمودگار آدمي 1842ع ۾ ميجر آئوٽرام جي مٿان وڏو ريزيڊنٽ مقرر ٿي آيو. ان وقت لارڊايلمبرو هندستان جو وائسراءِ هو، جو زبردست ۽ بيدار مغز هو، ان نيپئر صاحب کي لکيو ته ”سنڌ جي ميرن تي سخت نظر رک ۽ جيڪو سرڪار سان بي وفائي يا دغا ڪري، انهيءَ کي سخت سزا ڏي“. هن اچڻ سان ڏٺو ته مير، انگريزن کي نه ٿا ليکين، جو هو انگريزي مال تان محصول وٺڻ لڳا ۽ انگريزي لشڪر جيڪو قنڌار مان موٽي سنڌ مان اچي لنگهيو، تنهن سان کؤنس ڪيائون. هوڏانهن حيدرآباد ۾ وري مير نصير خان، مير شير محمد خان سان وڙهڻ جي بهاني تي لشڪر پئي گڏ ڪيو. انهن ڳالهين جي جنرل نيپئر، وائسراءِ کي رپورٽ لکي ۽ ايترو به لکيائين ته سنڌ جا ماڻهو ميرن کان بيزار آهن ۽ انگريز سرڪار ڏي سندن لاڙو گهڻو آهي. انهيءَ وچ ۾ مير علي مراد خان، مير رستم خان سان خيرپور جي گاديءَ لاءِ تڪرار ڪري جنرل نيپئر سان اچي مليو ۽ کيس انهيءَ شرط تي ڳجهي مدد ڪرڻ جو انجام ڪيائين، ته گاديءَ تي مون کي وهاريو ويندو. حيدرآباد ۾ به مير صوبدار، پنهنجن سؤٽن مير نصير خان ۽ ٻين سان گاديءَ لاءِ تڪرار ڪيو. انهيءَ ڪري ميرن کي به گهرو تڪرارن اچي ورايو. ڪراچيءَ جو سيٺ نائون مل جيڪو تمام وڏو زميندار، شاهوڪار واپاري ماڻهو هو، وٽس مال جي بچاءُ لاءِ هميشه جهجهو لشڪر رهندو هو، سو به ميرن جي بادشاهيءَ کان بيزار ٿي، انگريزن جو طرف وٺي بيٺو هو.
نيپئر صاحب کي، وائسراءِ کان 30 نومبر 1842ع جي حڪم پهتو ته ميرن سان رٿيل ڳالهين بابت نئين سر عهدنامو ڪريو. سرچارلس نيپئر اڳين ميرن جي ڏينهن ۾ ٿيلن عهدنامن جا شرط اڻپورا سمجهي، وري چوٿون دفعو هيٺين شرطن سان عهدنامو ڪرڻ لاءِ ميرن کي لکيو.

شرط
1. ڪراچي، ٺٽو ۽ بکر هميشه لاءِ انگريزن کي ملن.
2. سنڌ ۾ جيڪو انگريزن جو مال اچي، تنهن جو محصول مير نه وٺن.
3. سڪي جي هڪ پاسي راڻي وڪٽوريا جي مهر پوي ۽ ٻئي پاسي ميرن جي مرضيءَ موجب.
4. سبزل ڪوٽ، روهڙيءَ سميت بهاول پور جي نواب کي ملي.
5. سنڌونديءَ جي ٻنهي ڪپن تي 10، 10 يارڊ زمين انگريزن کي ملي، ته اتي جي ٻيلن مان ڪاٺيون مفت انگريز کڻن.
ميرن عهدنامي جي شرطن تي اعتراض اٿاريا، ته پئدائش وارا سڀ هنڌ اسان کان کسيا ٿا وڃن، پر ميرن، پنهنجن گهرو تڪرارن ڪري ۽ جنرل نيپئر جي دڙڪن وارن خطن اچڻ ڪري لاچار ٿي عهدنامي تي صحيح ڪئي، تنهن تي ڪيترا بلوچ ننڍا وڏا سردار اچي ڇڙيا ۽ درياءُ تي آئوٽرام صاحب جي ڇانوڻي تي ڪاهه ڪيائون. آئوٽرام صاحب لاچار ٿي پنهنجو سڄو عملو وٺي، ٻن آگبوٽن ۾ چڙهي جنرل نيپئر کي اچي هالن ۾ مليو ۽ کيس سڀ حقيقت ٻڌايائين. انهيءَ تي سرچارلس يڪدم لشڪر وٺي ميرن تي ڪاهه ڪئي.

(74) مياڻيءَ جي جنگ جي آکاڻي
چوڻي آهي ته ”ميرن کي گهر مان لڳي.“ تنهنجي ثابتي هيٺينءَ ڳالهه مان ملي ٿي:
1. وچولي ۾ مير صوبدار خان جو نصير خان سان گاديءَ لاءِ تڪرار هو، تنهنڪري ميرن سان ڪنهن به صلاح مصلحت ۾ شامل نه هو، نڪي جنگ جي وقت ساڻن ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو؛ پر مورڳو ميرن جون ڳجهيون ڳالهيون، جنرل کي پهچائيندو رهيو ۽ آخر جنگ جي وقت، خزاني جون ڪنجيون به پاڻ، جنرل جي حوالي ڪيائين. خيرپور ۾ وري مير علي مراد خان وڏي ڀاءُ مير رستم خان کان گاديءَ وٺڻ لاءِ سرچارلس نيپئر جو پاسو وٺي بيٺو ۽ کيس ڳجهيءَ طرح مدد ڪرڻ جو انجام ڪيائين.
2. نيپئر صاحب کي ميرن جي ڪمزوريءَ جي خبر اڳيئي هئي، تنهنڪري آئوٽرام صاحب جي خبرن ٻڌڻ سان هڪدم 2800 لشڪر ۽ ٻارنهن توبن سان ڪاهي اچي مياڻيءَ، وٽ پهتو. مير ته اڳيئي 22000 هزار لشڪر ۽ 15 توبن سان اتي هئا ۽ پنهنجو لشڪر، ڪجهه ڦليليءَ جي سڪل ٻيٺ ۾ ۽ ڪجهه جهنگل ۾ لڪائي ڇڏيو هئائون. ڏاڍي جنگ لڳي، بلوچن، ترارين ۽ بندوقن سان جوش مان ڪاهه ڪئي ۽ ڏاڍيءَ همٿ سان وڙهيا.
3. نيپئر صاحب ڏٺو، ته انگريزي سولجرن جون گوليون، ڦليليءَ مٿان سڌيون هليون وڃن ٿيون ۽ مير هيٺ لڪي ويهن ٿا، جنهن ڪري رڳو انگريزي لشڪر پيو ٿو مارجي ۽ هار ٿي ٿئي. تڏهن حرفت ڪري پنهنجي لشڪر کي حڪم ڪيائين، ”ڦليليءَ جي ڪپ تي وڃي ڪاهه ڪريو.“ گهوڙي سوار اڳتي وڌيا ۽ وري نيپئر صاحب جي اشاري تي پٺتي هٽيا. جنهن تي بلوچن اهو هل اٿاريو، ته ”ڀڳاڙي لڳا.“ پوءِ بلوچ پل لنگهي ٻاهر ميدان تي آيا ۽ هٿيار پوهار ڇوڙي حقن، چلمن، نيرنن ۽ ڀنگن کي لڳي ويا.
4. نيپئر صاحب، تڏهن انگريزي لشڪر کي حڪم ڏنو، ته ميرن کي چؤگرد ويڙهي وڃو. جنهن ڪري انگريزي گهوڙي سوارن مان ڪن وڃي، ميرن جي لشڪر جي پٺ ورتي، انهيءَ ڪري بلوچ وائڙا ٿي ويا، ته جي ڀڄي ويا، سي ڪيڏانهن آيا. سندن دلي همٿ هارجي ويئي. پوءِ ته انگريزن جي گولين، بلوچن کي ڀڳڙن وانگر پئي ڀڳو. نيٺ ميرن جا اٽڪل 5000 ماڻهو مئا ۽ انگريزن جا فقط 250 ماڻهو نقصان ٿيا.
سڄي رات حيدرآباد جا ماڻهو انتظاريءَ ۾ رهيا، ته انگريز ضرور حيدرآباد جي قلعي کي توبن جي گولن سان اڏائيندا، پر ٻئي ڏينهن سڀ مير، نيپئر صاحب جي اچي پيش پيا. جن کي توڙي خود صوبدار خان کي جنرل نيپئر صاحب نظر بند ڪيو. تن ڏينهن ۾ هن حيدرآباد جي قلعي ۾ انگريزي جهنڊو (بيرق) کوڙيو. رعيتي ماڻهن کي ڪا به تڪليف ڪا نه ٿي. هاڻي مياڻيءَ جي ڀرسان انهيءَ لڙائيءَ جي يادگيريءَ لاءِ هڪ عمدو نشان ٺهيل آهي، جنهن کي ”ڏيوري“ چئبو آهي، جو حيدرآباد کان 4 ميل پري آهي.

(75) دٻي جي جنگ جي آکاڻي
ميرن جي هار جي خبر ٻڌڻ تي، مير شير محمد ميرپور خاص جو حاڪم جنگ لاءِ سنبري نڪتو، 24 مارچ 1843ع ۾ ويهه هزار بلوچ وٺي، انگريزن تي ڪاهي آيو. تنهن تي سرچارلس نيپئر به 5 هزار لشڪر وٺي، ان سان سامهون ٿيڻ لاءِ نڪتو. 24 مارچ 1843ع ۾ ڦليليءَ جي ڪپ تي، دٻي جي ڳوٺ وٽ تمام سخت لڙائي لڳي، مير شير محمد ۽ سندس سپهه سالار هوش محمد قنبراڻي ڏاڍيءَ بهادريءَ سان وڙهيا. هوش محمد انگريزن جي لشڪر جي وچ ۾ ڪاهي پيو ۽ انگريزي سولجرن کي مارڻ سان، خوب پنهنجا هٿ ٺاريائين، تنهن تي سرچارلس نيپئر صاحب پنهنجي لشڪر کي حڪم ڏنو، ته ”ماروڙي مارو.“ هوش محمد، تنهن تي جواب ڏنو، ته ”مرويسون، مگر سنڌ نه ڏيسون.“ آخر هوش محمد، بهادريءَ سان وڙهندي مارجي ويو، جنهن ڪري مير شير محمد جا ڇهه ڇڄي پيا ۽ وٺي پنجاب ڏي ڀڳو. انگريزن، انهيءَ هنڌ به ”ڏيوري“ ٺهرائي، جنهن جي ڀرسان، بهادر هوش محمد جي قبر ٺهرايائون، جا هاڻي کڻائي ويا آهن. مير شير محمد جو ڀاءُ مير شاهه محمد خان قيد ٿيو. ميرپور ۽ عمر ڪوٽ وارا ڀاڱا به انگريزن کي مليا. انهيءَ طرح سڄي سنڌ انگريز سرڪار جي هٿ ۾ آئي.

(76) ميرن جي نظر بند ٿيڻ جي آکاڻي
هن کان پوءِ انگريزن، مير علي مراد خان کانسواءِ، ٻين سڀني ميرن کي نظر بند ڪري، آگبوٺ ۾ چاڙهي درياءُ جي وچ ۾ بيهاري ڇڏيو. پوءِ کين بمبئي موڪليائون. جتي مير رستم وفات ڪئي، انهيءَ جو لاش، سنڌ ۾ آندو ويو پوءِ باقي مير ڪلڪتي وٺي ويا، جتي اٺ سال رهيا. انهيءَ عرصي ۾ وڏا مير اتي فوت ٿي ويا ۽ سندن لاش هتي آندائون. ننڍن ميرن کي پوءِ موٽائي، حيدرآباد موڪليائون. جن کي جاگيرون، زمينون ۽ پينشنيون ڏيئي، انگريز سرڪار راضي ڪيو. ٽالپرن جو راڄ 62 ورهين جي عرصي کان پوءِ پورو ٿيو ۽ انگريز سرڪار جي حڪومت شروع ٿي.
نوٽ: مير صوبدار خان مياڻيءَ جي فتح کان پوءِ، نيپئر صاحب کان سنڌ جي گاديءَ لاءِ گهر ڪئي، پر نيپئر صاحب مورڳو تخت جي پڳ جي عيوض کيس نوڙيءَ جي پڳ ٻڌارائي، نظر بند ڪيو. ڇا ڪاڻ ته هن مائٽن سان به بي وفائي ڪئي، سو ڪيئن انگريز سرڪار سان وفادار ٿي رهي ها.

(77) ٽالپرن جي وقت ۾ ملڪ جي حالت
1. مير صاحب صبح جو سوير درٻار ڪندا هئا، جنهن ۾ عرضدار، پنهنجا عرض مير صاحبن جي آڏو پيش ڪندا هئا، جي پاڻ ٻڌندا هئا ۽ انهن جو جوڳو بندوبست ڪندا هئا. حڪومت جي سرشتي هلائڻ لاءِ مختيار ڪار، ڪاردار ۽ منشي هوندا هئا. مختيار ڪار جو پگهار 100 کان 200 روپين تائين، ڪاردار جو 30 کان 60 روپين تائين، محرر (منشيءَ) جو 6، 7، روپيه هو.
2. مير صاحبن جي حڪومت اڳوڻي زماني جي راڄوڻي، حڪومت جهڙي هئي، هو، ملڪ جا گهڻا ڀاڱا، پنهنجن سردارن کي جاگيرون ڪري ڏيندا هئا، اهي سردار جنگ جي وقت، پاڻ به ايندا هئا ۽ لشڪر به آڻيندا هئا؛ جنهن ڪري لشڪر تي خرچ هينئر وانگر ڪين ٿيندو هو. ساري سنڌ ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ ورهايل هئي، جنهن تي جدا جدا مير، راڄ ڪندا هئا.
3. انصاف ۽ پوليس جي بندوبست لاءِ چڀوترائي (فوجدار) مقرر ٿيل هئا، جن کي ڏنڊ وجهڻ يا قيد ڪرڻ جي اختياري هئي. ڦاسي جي سزا مير صاحب خود ڏيندا هئا. ديواني ڪمن جو نبيرو، ڳوٺ جي پئنچات ڪندي هئي. هر هڪ فوجدار جي هيٺان 100 کن چؤڪيدار (ڪانسٽيبل) رهندا هئا. پيراڍو انهن ڏينهن جا تمام هوشيار هوندا هئا، جي چورن کي مهينن بعد به لڳل پيرن جي نشانن تي پڪڙيندا هئا.
4. مير صاحب، پنهنجيءَ حڪومت جي سرشتي لاءِ فقط واپار ۽ زمين تي ڍلون وجهندا هئا. سون چانديءَ ۽ ٽامي جا سڪا هلندا هئا، جن جي وسيلي خريد فروخت (مٽا سٽا) ٿيندي هئي. پائي ۽ پئسي کان سواءِ، ننڍا سڪا، دمڙي ۽ ڪسيرو به هئا، تنهن کان سواءِ ڪوڏيون به مٽا سٽا ۾ ڪتب اينديون هيون.
5. علم پڙهائڻ لاءِ، خانگي مڪتب هئا، جن ۾ عربي ۽ پارسي پڙهائي ويندي هئي. هندو به پارسي پڙهندا هئا، جن مان مير صاحبن جا محرر ۽ ديوان جي هاڻوڪن دفتر دارن جي بجاءِ هئا، مقرر ٿيندا هئا. اڪثر سمورو لکپڙهه جو سرڪاري ڪم هندن جي حوالي ۾ هو.
6. اناج، بلڪل سستو هوندو هو. ڪڻڪ، سوارپئي مڻ ملندي هئي، اڇا چانور، 3 روپئي مڻ ۽ ڳاڙها، هڪ روپئي مڻ، گهه 20 رپئي مڻ ملندو هو. کنڊ، اصل ڪا نه هئي، ڪمند مان ڳڙ ۽ مٺائي، سنڌ ۾ ٺهندي هئي.
7. مير صاحب نشو ڪو نه واپرائيندا هئا ۽ بلڪل پرهيزگار هئا، پر کين شڪار جو گهڻو شوق هوندو هو، جنهنڪري شڪار گاهه ٺهرائيندا هئا. مير علي مراد خان کي، ته تمام گهڻو شؤق شڪار جو هو، جنهنڪري عام پهاڪو هو ته ”مير فتح علي خان، جنگ ۾، مير ڪرم علي خان، رنگ ۾، مير نصير خان، ڀنگ ۾، ته مير علي مراد خان، جهنگ ۾؛“ هيءُ پهاڪو ميرپور جي ميرن لاءِ وري ٻئي ڍنگ ۾ هيئن چيل هو، ”مير سهراب خان جنگ ۾ (ملڪ فتح ڪرڻ ۾)؛ مير رستم خان ڀنگ ۾ (نشي ۾)، مير نصير خان رنگ ۾ (عيش عشرت راڳ روپ ۾) ته مير علي مراد خان جهنگ ۾ (شڪار گاهن ۾)“

مشقي سوالات:
1. ”ميرن کي گهر مان لڳي.“ سو ثابت ڪريو؟
2. نيپئر صاحب ٿوري لشڪر سان به ميرن تي ڇو ڪاهه ڪئي؟
3. انگريزن ۽ ميرن جي لشڪر جي بيهڪ جو نمونو ٻڌايو ۽ انهيءَ جو نقشو ڪڍو؟
4. نيپئر صاحب ڪهڙيءَ طرح ميرن تي فتح پاتي؟
5. دٻي جي جنگ ۾ مير شير محمد جو مددگار ڪير هو؟ انهيءَ جو بيان ڏيو؟

(78) انگريزن جي آکاڻي
انگريزن جو اصل ملڪ انگلينڊ آهي. پهريائين سنه 1600ع ۾ انگريزن جي هڪڙي جماعت ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ“ جي نالي سان هندستان ۾ واپار ڪرڻ جي ارادي سان آئي، جنهن سنه 1612ع ۾ سورٺ شهر ۾ واپار جي ڪوٺي وڌي. واپار ڪندي، هندستان مان ايترو ڌن ڪمايائون، جو زور وٺندي، هندستان جي ڪيترن ملڪن جا مالڪ بڻجي ويٺا. سنه 1785ع ۾ ان وقت هندستان مان اناج، ڪپڙا، مصالحو وغيره شيون انگلينڊ ۽ ٻين ملڪن ڏانهن وينديون هيون.
ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ انگريزن ٺٽي ۽ شاهبندر ۾ پڻ واپار جون ڪوٺيون وڌيون، جي پوءِ ميان سرفراز کڻائي ڇڏين. وري مير فتح علي خان جي ڏينهن ۾ ڪوٺيون وڌائون، پر اهي به جلد ئي بند ڪرڻيون پين. نيٺ سنه 1809ع ۾ مير غلام عليءَ جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ پڪيءَ طرح واپار جون ڪوٺيون وڌائون. واپار ڪندي ۽ هڪ ٻئي پٺيان چئن عهدنامن ڪندي، ايترو زور ورتائون، جو مياڻيءَ ۽ دٻي جي جنگين کان پوءِ سنڌ جا والي بڻجي ويٺا. عام پهاڪو آهي، ته ”آئي ٽانڊو کڻڻ بورچاڻي بڻجي ويٺي“.
ياد رهي، ته جن بادشاهي خاندانن ۾ گهرو تڪرار ٿا ٿين، تن کي رعيت جي سڌاري جو ڪو به خيال ڪو نه ٿو رهي، ڇو ته انهن جو سمورو وقت تڪرارن ۾ ضايع ٿو ٿئي، انهيءَ ڪري پوين ميرن جي ڏينهن ۾ ملڪ ۾ بي بندوبستي ٿي ۽ ظلم ۽ انڌير ڪري ماڻهن جو سک ۽ آرام ويو، جن جي آهُن آخر انگريز سرڪار جي حڪومت سنڌ سڳوريءَ تي نمودار ڪئي. سنه 1843ع کان وٺي 1857ع تائين سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو راڄ هو. 1857ع ۾ هند ۽ سنڌ ۾ وڏو بلوو ٿيو، جنهن ڪري هنڌ ۽ سنڌ جي حڪومت مهاراڻيءَ وڪٽوريا هٿ ۾ آندي 1901ع ۾ مهاراڻيءَ وفات ڪئي، تنهن کان پوءِ سندس پٽ ايڊورڊ ستون هند سنڌ جو شهنشاهه ٿيو. 1910ع ۾ شهنشاهه ابڊورڊ ستون گذاري ويو، تنهنڪري سندس پٽ جارج پنجون هند ۽ سنڌ جو شهنشاهه ٿيو. هن وقت اسان جو بادشاهه جارج پنجون آهي، جو انگلنڊ ڏيهه جي لنڊن شهر ۾ رهي ٿو سندس پاران سنڌ جو حاڪم ڪمشنر صاحب آهي، جو ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.

(79) سرچارلس نيپئر صاحب جي آکاڻي
1. تاريخ 12 مارچ 1843ع جي، گورنر جنرل لارڊ ايلمبرو جي فرمان موجب، سنڌ، انگريزن جي ملڪ سان گڏي وئي ۽ سرچارلس نيپئر سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو.
2. تاريخ 20 مئي 1843ع جي نيپئر صاحب، ٻروچن خواه ٻين جاگيردارن ۽ سردارن ڏي، عام اشتهار ڪڍيو، ته ”جيڪي سردار ۽ جاگيردار ۽ ٻيا ماڻهو سلام ڪندا، تن جا سڀ حق ۽ جاگيرون قائم رکيو وينديون.“ سرچارلس جي انهيءَ اشتهار موجب اٽڪل ٽن هزارن جاگيردارن اچي سلام ڪيو، جن جون جاگيرون بحال ڪيون ويون ۽ کين پروانا ۽ انعام مليا. پوءِ حيدرآبادي ۽ ميرپوري ميرن کي اٽڪل ڏيڍ لک رپئي جون جاگيرون ۽ چئن لکن روپين جون ماهوار پينشنيون ڏنيون ويون. مير علي مراد خان کي خيرپور رياست ملي. هينئر خيرپور رياست جو والي مير علي نواز خان ٽالپر آهي. سيٺ نائونمل ڀوڄواڻي کي سراپا (مٿي کان پيرن تائين پوشاڪ) ۽ ٽن پيڙهين تائين پينشن عطا ٿي، ڇا ڪاڻ ته هن انگريزي عملدارن کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ ۽ ڪابل تي چڙهيءَ وقت نيڪ صلاح ۽ هر طرح جي مدد ڏني هئي، هيءُ سرڪار جو سچو خيرخواه ۽ وفادار دوست هو. هن، مٿين جنگين ۾ کاڌي پيتي جي سامان ۽ اٺن جي موجود ڪري ڏيڻ ۾ سرڪار کي گهڻي مدد ڪئي هئي. پوءِ 1857ع جي وڏي بلوي ۾ فساد بند ڪرڻ ۾ به گهڻي چالاڪي ڏيکاري هائين. انهيءَ سبب 1867ع ۾ کيس، انهيءَ وقت جي ڪمشنر صاحب مانسفيلڊ، فريئر هال منجهه وڏيءَ درٻار ۾ ستاره هند جو لقب ڏنو.
3. نيپئر صاحب، ماڻهن جي سهنج ۽ سهولت لاءِ ۽ حڪومت جي خرچي لاءِ سنڌ کي ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ٽن ضلعن ۾ ورهائي، انهن تي ڪليڪٽر مقرر ڪيا ۽ خان ڳڙه (جنهن کي پوءِ جيڪب صاحب سنڌ جي ڪمشنر وڌائي، جيڪب آباد جي نالي سان مشهور ڪيو) ۾ ڊپٽي ڪمشنر رکيائين. پوليس جو پورو بندوبست ڪيائين. ٻئي سال، سرچارلس نيپئر لشڪر وٺي، بلوچستان جي سرحد وارن ٽڪرن جي ڊومڪين ۽ ٻين قومن جي سردار بجار خان ڊومڪيءَ کي پڪڙڻ لاءِ ۽ فساد ۽ ڦرلٽ بند ڪرڻ لاءِ ويو. مير علي مراد خان به چڱي مدد ڏني. آخر فساد ڪندڙن سردارن کي گرفتار ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح ٿورو ٿورو ڪري، سنڌ ۾ سڀ فساد ۽ ظلم بند ٿيا ۽ حڪومت آرام سان هلڻ لڳي.
4. نيپئر صاحب، ڪراچي بندر کي به سڌاريو ۽ اتي هڪڙو بند نيپئر روڊ نالي ٺهرايائين. نيٺ 1 آڪٽوبر 1847ع تي هيءُ صاحب ولايت روانو ٿيو.

(80) سنڌ جا مکيه ڪمشنر ۽ انهن جي ڏينهن ۾ سڌارا
پرنگل صاحب:
نيپئر صاحب جي وڃڻ بعد هند سرڪار، سنڌ، بمبئي پريزيڊنسيءَ سان لڳائي، سنڌ تي پرنگل صاحب پهريون ڪمشنر مقرر ڪري موڪليو. سندس ڏينهن ۾ حڪمرانيءَ جا گهڻا پڪا بندوبست ٿيا.هن وقت تائين ٽيويهه کن ڪمشنر ٿيا آهن.
فريئر صاحب:
هن جي ڏينهن ۾ خيرپور رياست جي مير صاحب جي هاڻوڪي ملڪ جي حد مقرر ڪئي ويئي ۽ ثابتين کان پوءِ هن کان نوشهرو فيروز، ڪنڊيارو، بردڪو، شاه ٻيلو، چڪ، سعيدآباد، اٻاوڙو، ميرپور ماٿيلو ۽ ٻيا ڀاڱا ورتا ويا. ميونسپالٽي يعني خود حڪومت جو سرشتو جاري ٿيو، جنهن موجب ڪراچيءَ ۾ پهرين ميونسپالٽي پيئي. جيڪي مير صاحب ڪلڪتي ويا هئا، تن کي سنڌ ۾ موٽي اچڻ جي اجازت ڏني وئي. 1852ع ۾ پوليس جو جوڳو بندوبست ٿيو، انهيءَ جي هيٺان هر ضلعي ۾ پوليس ڪپتان رکيا ويا. انگريزي اسڪول کوليا ويا. نيٺ سنه 1886ع ۾ فريئر صاحب ولايت ڏانهن موڪل تي روانو ٿيو. جڏهن موٽي آيو، تڏهن ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين ريلوي کولڻ جو ڪم جاري ٿيو. سنڌونديءَ تي واپار ۽ آمدرفت لاءِ جهاز هلڻ لڳا. فريئر صاحب جي وڃڻ مهل، ڪراچيءَ جي ماڻهن کيس هڪ مانپتر ڏنو ۽ سندس نالي جي يادگيريءَ لاءِ چندو ڪري، هڪ عاليشان جاءِ فريئر هال نالي ڪراچيءَ ۾ ٺهرايائون.
انورارٽي صاحب:
هن جي ڏينهن ۾ مٺڙائو واهه کوٽايو ويو. هن جي دؤر ۾ جاگيرن جي ڪلاسن ٺهڻ جو ڪم پورو ٿيو. ديواني ڪورٽون کليون. حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ به ميونسپالٽيون پيون. ڪراچيءَ وٽ آگبوٽن بيهارڻ جو بندوبست ٿيو. ڪراچيءَ ۽ ڪوٽڙيءَ واري گاڏي هلي، جنهن ۾ پهريائين بمبئي جو گورنر صاحب چڙهيو.
سرچارلس پريچرڊ صاحب:
هن جي ڏينهن ۾ حيدرآباد جو ٽريننگ ڪاليج، ماسترن جي تعليم لاءِ کليو ۽ سندس نالي تي ڪڪڙ تعلقي ۾ پريچرڊ واهه به کوٽايو ويو. 1889ع جي مارچ مهيني ۾ لارڊري بمبئي جو گورنر صاحب، سکر ۽ روهڙيءَ واري پل، ان وقت جي گورنر جنرل لارڊ لئنسڊائون جي نالي، لئنسڊائون برج جي نالي سان کولڻ آيو. انهيءَ پل تي ڪل چاليهه لک روپه خرچ ٿيو.
جيمس صاحب:
هن پنهنجو ڌاڪو سنڌ ۾ چڱو وڄايو ۽ گهڻا سڌارا ڪيا. جيئن ته: تپيدارن جو رواج شروع ٿيو ۽ حيدرآباد سينٽرل جيل تيار ٿيو. ڪراچي سنڌ مدرسة الاسلام کوليو ويو. زنانيون اسپتالون وڏن شهرن ۾ جاري ڪيو ويون. حيدرآباد ۽ ڪوٽڙيءَ واري پل ٺهي پوري ٿي. ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج ڪراچيءَ ۾، سنڌي آدمين لاءِ بي اي ۽ ايم اي امتحانن لاءِ کوليو ويو. شادي پلي ريلوي ۽ روهڙي ڪوٽڙي ريلوي به جاري ٿيون. ٿر جي سانگهڙ تعلقي ۾ مکيءَ ڍنڍ جي ٻيلن ۾ رهندڙن ڌاڙيلن حرن جي ٽولين کي لوڙهو ڏياري بند ڪيو ويو. سندن سردارن بچو ۽ پيروءَ کي ڏاڍيءَ تڪليف کان پوءِ هٿ ڪري مارايو ويو. اهڙيءَ طرح ڌاڙا بند ڪيا ويا. بمبئي ڪائونسل ۾ ميمبر چونڊي موڪلڻ جو حق، سنڌ جي زميندارن ۽ جاگيردارن کي مليو. ٿر ۾ به ڊيپوٽي ڪمشنر رهيو.

ٻين ڪمشنرن صاحبن جا سڌارا
جن ٻين ڪمشنر صاحبن سنڌ تي حڪومت ڪئي آهي، تن جي ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ۽ نواب شاهه جون وڌيڪ ڪليڪٽريون ٺهيون ۽ سنڌ، خيرپور رياست کان سواءِ ستن ضلعن ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد تي هيلتائين ڪل اٽڪل 24 ڪمشنر ٿيا آهن.
نواب شاهه، سکر، لاڙڪاڻو، ٿرپارڪار ۽ جيڪب آباد (اپر سرحد سنڌ) ۾ وراهجي ويئي. جن مان فقط جيڪب آباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر رهي ٿو ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪليڪٽر صاحب رهن ٿا. ٻيا به ڪيترا سڌارا ٿيا آهن، جي اسين اڄ سڀني هنڌ ڏسون ٿا. هينئر اسان جو ڪمشنر صاحب مسٽر ٽامس صاحب آهي. کانئس اڳئين ڪمشنر صاحب مسٽر ڪئڊيل صاحب جي ڏينهن ۾ سکر لائڊ براج جهڙو واهه، سر جارج لائڊ، هندستان جي سيڪريٽريءَ جي نالي تي تيار ٿيڻ شروع ٿيو: اميد آهي ته هن واهه جي پوري ٿيڻ بعد، سنڌ ملڪ، جنهن جو ڳپل ڀاڱو بيابان لڳو پيو آهي، سو آباديءَ ۽ سبزيءَ ڪري دنيا ۾ هڪ سهڻو باغ ٿي پوندو ۽ انهيءَ کان سواءِ ڪجهه ٻيون رٿون به بحال ٿيون آهن، جهڙوڪ: لاڙڪاڻه ضلع کي ٽوڙي ٻه ضلع ڪجن نئين ڪليڪٽريءَ جو هيڊ ڪوارٽر دادوءَ ۾ ٿيندو. ڊگري پڻ نئون ضلع ٿيندو، يعني سنڌ ۾ ڪل 9 ضلع ٿيندا.

آڳاٽن شهرن جو احوال

الوريا اروڙ
هيءُ شهر هندو راجائن جي راڄ ۾ سنڌ جي گاديءُ جو هنڌ هو، خيرپور ميرس ۽ روهڙيءَ جي وچ ۾ سنڌو درياءَ جي ڏائي ڪپ تي اڏيل هو. انهيءَ وقت هن شهر جو اوج تمام خاصو هو. درياءُ ڀرسان وهندو هوس، تنهنڪري منجهس باغ بستان، کوهه تلاءُ ۽ ٻيڙين جي بيهڻ جا بندر گهڻا هئا. واپار به انهيءَ ڪري جهجهو هلندڙ هوس. مندر، محلات، ڪوٽ ۽ عمديون جايون ڏسي حيرت وٺندي هئي. منجهس سڪندر بادشاهه جو قلعو، سڀ کان آڳاٽو قلعو هو. راجا دلوراءِ جي ظلم ڪري ناس ٿي ويو.
(جو بيان مٿي پڙهي آيا آهيو)

برهمڻ آباد يا ٻانڀڻاه:
هن شهر ۾ هندو راجائن جي راڄ ۾ برهمڻ گهڻا رهندا هئا، تنهنڪري برهمڻ آباد نالو پيس. انهيءَ وقت ۾ هن شهر جو اوج ڏسي عقل چرخ ٿي ويندو هو، چؤڌاري شاهي ديوار هئس، جنهن جي اندر سهڻا محلات، گهڻا باغ ۽ هڪ اوچو منارو هو. هيءُ شهر شهدادپور کان 8 ميل پري هو. الور ڦٽڻ کان پوءِ راجا دلوراءِ هتي اچي رهڻ لڳو. پر پنهنجن ظلمن ۽ پاپن کان باز هت به نه آيو، تنهنڪري هيءُ شهر ناس ٿيو. هاڻي هڪ ٺلهه انهيءَ هنڌ بيٺل آهي، جو ان وقت جي ڪاريگريءَ ۽ هنر جو هڪ نشان آهي.


سيوستان (سيوهڻ)
هن شهر ۾ 2200 ورهيه اڳي سامبس نالي هڪ راجا هوندو هو، جنهن جي وقت ۾ سڪندر بادشاهه، سنڌ ۾ آيو ۽ سيوهڻ ۾ اچي قلعو ٺهرايائين. راءِ سهاراس ٻئي جي حڪومت جي چئن ڀاڱن ۾ هيءُ به هڪ ڀاڱو هو، جنهن تي راجا جو نائب راڄ ڪندو هو. اڳي ڏيک ويک ۽ وڻج واپار ۾ پڻ گهٽ نه هو. قلندر لعل شهباز جو اوچو مقبرو ۽ نشان شهر ۾ آهي، سندس يادگيريءَ ۾ هر سال ماهه شعهبان ۾ ٽي ڏينهن ميلو لڳندو آهي. وچولي زماني ۾ کيس سمان ننگر چوندا هئا، پر هاڻي کيس سيوهڻ سڏيندا آهن.

ٺٽو
عربن ۽ غزنوين جا ڪي صوبا، هن شهر ۾ رهندا هئا. سومرن، سمن، ارغونن ۽ ترخانن جي راڄ ۾ پڻ سنڌ جو تخت گاهه ٺٽو هو. ڄام نندي هاڻوڪي ٺٽي جو بنياد وڌو. اڳي ٺٽي کي ننگر ڪري چوندا هئا. ٺٽو، ارغون، ترخان ۽ مغلن جي حڪومت ۾ مسجدن ۽ عمارتن سان ڏاڍو سينگارجي ويو هو. شاهه جهان، دهليءَ جي مغل شهنشاهه، منجهس جامع ( وڏي) مسجد ٺهرائي، جا اڃان بيٺي آهي. انهيءَ وقت ڇا نظاري ۾ ڇا دٻدٻي ۾ بيشڪ اول نمبر شهر هو. سنڌو درياءُ، ڀرسان وهندڙ هوس، تنهنڪري واپار ۾ به پهريون نمبر هو. هزارين ماڻهو ڪپڙي اڻڻ ۾ مشغول هوندا هئا، بادشاهن ۽ نوابن لاءِ ريشم مان عمديون لونگيون ٺهنديون هيون. هاڻي منجهس ڪن بادشاهن، نوابن، سيدن، پيرن، ولين ۽ ڪن وڏن خانداني آدمين جون تربتون ۽ مقبرا، اتر طرف مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي آهن ۽ اٽڪل سوا لک پيرن جون تربتون ٽڪريءَ تي آهن، انهيءَ ڪري انهيءَ ٽڪريءَ کي پاڪ هنڌ ڄاڻي کيس مڪلي يعني ننڍو مڪو سڏيندا آهن. هن شهر ڏي ويندي، واٽ تي واريءَ جا ڍڳ ڏسبا آهن، انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو، ته اڳي هي شهر به درياءُ جي ڪناري تي هو، ارغونن، ترخانن ۽ ڪلهوڙن جي وقت ۾ هي شهر چڱو آباد ۽ وسندڙ هو. ڪن ڪن بادشاهن جا پٽ يا صوبا، پنهنجن اميرن ۽ سردارن سان گڏ هتي اچي رهندا هئا، مرزا شاهه حسن ۽ ميان محمد مرادياب خان، هن شهر کي تخت گاهه ڪيو. هتي اميرن ۽ سردارن لاءِ عمدا کيس ٺهندا هئا، تنهنڪري هينئر به منجهس کيس ٺهن ٿا. مگر تڏهن به نظاري ۽ سونهن ۾ گهڻو گهٽ ٿي ويو آهي. هن شهر ۾ اڏيري لعل جو ميلو سال ۾ ٻه دفعا لڳي ٿو ۽ انهيءَ وقت تي جهجهو واپار هلي ٿو.

خدا آباد:
هن شهر کي ميان يار محمد ڪلهوڙي، آباد ڪري تخت گاهه ڪيو، انهيءَ ڪري پهرين ڪلهوڙن حاڪمن جي وقت ۾ هن شهر جو چڱو اؤج ٿيو. منجهس ڪلهوڙن حاڪمن جا منشي (عامل) به رهندا هئا، مگر جڏهن ميان غلام شاهه حيدرآباد کي تخت گاهه ڪيو. تڏهن اهي عامل ۽ ٻيا ماڻهو لڏي وڃي حيدرآباد ۾ ويٺا. اهڙيءَ طرح بادشاهي تخت نڪري وڃڻ ڪري، شهر جو ويو هيڻو حال ٿيندو. هاڻي ته شهر ناس ٿيل حالت ۾ ڏسجي ٿو، نشان لاءِ مسجد بيٺل آهي.

حيدرآباد (نيرن ڪوٽ):
سڪندر بادشاهه لاڙ واري ڀاڱي ۾ پٽيالا نالي هڪڙو شهر ٻڌرايو، جو هاڻوڪي حيدرآباد واريءَ جڳهه تي هو. هندو راجائن جي وقت ۾ نيرون راءِ نائب هتي رهڻ لڳو، جنهن نيرن ڪوٽ نالو ڏنس. محمد بن قاسم ديبل بندر وٺڻ کان پوءِ نيرن ڪوٽ تي ڪاهيو هو، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، نيرن ڪوٽ کي گاديءَ جو هنڌ ڪيو، تڏهانڪر هن شهر جو ستارو ويو چڙهندو. ميان، منجهس مضبوط قلعو ٺهرايو ۽ شهر کي ڏاڍو وڌايو، خدا آبادي عامل ۽ ٻيا ماڻهو به منجهس اچي رهڻ لڳا، پوءِ ته شهر ويو ٻيڻو ٽيڻو ٿيندو. ميان، پنهنجي مرشد جي نالي حيدرآباد نالو رکيو. قلعي جي اولهه پاسي، شاهه مڪائيءَ وٽ ٻيو هڪڙو ڪچسرائون قلعو به جوڙايائين، انهيءَ وقت کان وٺي شهر جو ڊؤل ۽ رنگ روپ وڌندو رهيو. ڪلهوڙن ۽ ميرن جي صاحبيءَ ۾ ته گاديءَ جي هنڌ هئڻ ڪري عمدو شهر ٿي پيو هو، هاڻي انگريز سرڪار به چڱو ئي وڌايو ۽ سينگاريو اٿس ۽ هينئر سنڌ ۾ ڪراچي کان پوءِ ٻيو نمبر شهر آهي.

ڪراچي:
اڳي هيءُ تمام ننڍڙو ڳوٺڙو هو، منجهس مهاڻا ۽ ڪي ٿورا هندو واپاري رهندا هئا. ڪلهوڙن پنهنجي راڄ ۾ هيءُ ڳوٺ قلات جي خان کي ڏنو، انهيءَ وقت سيٺ نائون مل جي پڙ ڏاڏي سيٺ ڀوڄومل، ڳوٺ جي بچاءُ لاءِ هڪ ڪچو ڪوٽ ٻن دروازن سان ٺهرايو، هڪ دروازو سنڌودرياءَ ڏانهن ۽ ٻيو سمنڊ ڏانهن ٺهرايائين. اهي دروازا اڄ ڏينهن تائين مٺي در ۽ کاري در جي نالن سان مشهور آهن. ٽالپرن، ڪراچي هٿ ڪري، منجهس منهوڙي تي قلعو ٺهرايو، جو 1838ع ۾ انگريزن، ڪابل ڏانهن وڃڻ وقت ڀڃي ڇڏيو. هينئر سڄيءَ سنڌ ۾ پهريون نمبر شهر آهي.

لاڙڪاڻو:
هيءُ تمام جهونو شهر آهي. سڪندر بادشاهه هن شهر تي ۽ سندس ويجهو ماهوٽن تي ڪاهه ڪئي هئي. ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ڪيو هو، هينئر سنڌ ۾ چڱو مشهور شهر آهي.
سنڌ جا دڙا:
قدرت جا عجب دور آهن، جتي اڳي سهڻا نظاريدار عاليشان شهر هئا، اتي هينئر ڀڙڀينگ ۽ مٽيءَ جا دڙا لڳا پيا آهن. اهڙا دڙا سنڌ ۾ گهڻي ئي لڌا آهن، جيئن ته مهن جو دڙو، ڪائوءَ جو دڙو ۽ جهڪر جو دڙو وغيره انهن سڀني مان مهن جو دڙو مشهور آهي.
مهن جو دڙو:
هيءُ دڙو لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪريءَ اسٽيشن کان 8 ميلن جي مفاصلي تي آهي، اهو دڙو مُني ڪوهه ۾ ٿيندو. سنه 1919ع ۾ هڪ صاحبلوڪ کوجنائون ڪندي هن دڙي وٽ اچي نڪتو. دڙو ڏسندي ئي اکيون چرخ ٿي ويئون ۽ پتو پئجي ويس ته هن دڙي اندر ڪو عجيب نظارو ميرپور خاص جي ويجهو آهي. لاڙڪاڻه تعلقي جي مٺي ديري ڳوٺ ڀرسان آهي.
ٿو ڀائنجي. نيٺ سال 1925ع ۾ چار مهينا پوريءَ جاچ کان پوءِ هيءُ هند سنڌ بلڪ ولائتن ۾ به پڌرو ٿي ويو. کوٽائڻ سان خبر پيئي ته شهر مٿان شهر آڏيل هو ۽ اهڙا چار پنج شهر هڪ ٻئي مٿان ٺهيل هئا، جي قدرت جي ڏمر ڪري دٻجي ويا هئا. هي شهر پنجن هزارن ورهين کان آڳاٽا شهر ٿا سمجهجن ۽ ثابت ٿيو آهي، ته آرين جي اچڻ کان اڳي به سنڌ جا ماڻهو سڌريل قوم هئا. دڙي جي اندران عاليشان شهر لڌو آهي، جنهن ۾ مندر ۽ هوادار گهر اهڙيءَ سڌائيءَ ۽ سنوت تي بيٺل آهن، جو ڏسندي دل پيئي ٺري. هر هڪ گهر کي پڪ سرو فرش ٻڌل آهي ۽ اڱڻ ۾ ننڍڙي کوهي کوٽيل آهي، ڪن کوهن ۾ اڃا پاڻي بيٺو آهي، گهر ننڍا آهن ۽ اڱڻ به ان سارو آهن. گهرن مان پاڻيءَ جو نيڪال وري زمين جي اندر پڪين ڪسين رستي آهي. گهٽيون ۽ رستا سوڙها آهن، پر مٿن پڪن سرن جو فرش ٻڌل آهي، اهي سرون اڄ به اهڙيون ٽڪيون بيٺيون آهن، جو نين سرن جي ساڻن جاءِ ڪانهي. گهرن کي شايد ڪلف پائڻ جو رواج ڪو نه هو. ڪتڻ جا چرخا، آڏاڻ، تارازيون، پٿر جا وٽ، ڪٽورا، پيالا، دلا، مٽ، چاڏيون، پتل جو سامان، ديڳيون، پوڄا جا بت (مورتيون) ٻيو ڪيترو عجيب سامان لڌو ويو آهي. اڃا هن کوجنا کي سرڪاري ماڻهو مڙس ٿي لڳا بيٺا آهن ۽ اڌ صدي ٻي به لڳي ويندن. اميد آهي، ته اهڙيون حقيقتون ملنديون جو دنيا ۾ سنڌ جو منهن مٿي ڪنديون.

نئين نموني موجب امتحاني سوال
سوال نمبر 1: ڏنگين ۾ ڏنلن نالن مان اهڙو نالو چونڊيو جئين جملو تواريخ موجب برابر ٿئي.
1. (اڻ آريه، آريه) اتر اولهه کان سنڌ ۾ آيا.
2. (يونانين، ايرانين) طب جو هنر سنڌ ۾ آندو.
3. (چچ، دريا خان) هڪ نمڪ حلال وزير هو.
4. (محمد بن قاسم، شاهه بيگ، بزيل، همايون) پهرين مسلمان هئو جنهن سنڌ تي ڪاهه ڪئي.
5. (سما، سومرا، عرب) في آسامي وٺندا هئا.
6. (دودي، ابن سومار، حمير) جي ظلم ڪري سومرن جي حڪومت ناس ٿي.
7. (راجا ڏاهر، چندرا، دلوراءِ) جي ظلمن ڪري برهمڻ آباد ۽ الور ناس ٿيا.
8. (ڄام نندي، ڄام انڙ، ڄام فيروز) جي غلطين ڪري سمن جي بادشاهي چٽ ٿي.
9. (شاهه حسن، اڪبر، سلطان محمود) عمر ڪوٽ ۾ سنه 1542ع ۾ ڄائو.
10. (جاني بيگ، مرزان عيسيٰ، محمد باقيءَ) جي غفلت ڪري فرينچن ٺٽو ڦريو.
11. (خان خانان غازي بيگ، ميان نور محمد) پهريون سنڌ جو صوبو دهليءَ جي بادشاهه پاران ٿيو.
12. (يار محمد، نور محمد، غلام شاهه، عبدالنبي) ڪلهوڙن ۾ سٺي ۾ سٺو بادشاهه ٿيو آهي.
13. (احمد شاهه ابدالي، نادر شاهه، تيمور شاهه) جي ڪاهه کان پوءِ سنڌ جو اوسط دهليءَ کان ٺٽو هئو.
14. (مير فتح علي، غلام شاهه، مير غلام عليءَ) جي ڏينهن ۾ انگريزن پهريائين سنڌ ۾ ڪوٺيون وڌيون.
15. (شاهه شجاع، نور محمد، دوست محمد) جي مدد لاءِ انگريزن کي لشڪر سنڌو درياءَ مان لاچار ضروري لنگهائڻو هو.
16. (سر چالس نيپئر صاحب، پرنگل صاحب، فريئر صاحب) سنڌ جو پهريون ڪمشنر مقرر ٿي آيو.
سوال نمبر 2: هيٺين جملن ۾ ٻڙن واريءَ جاءِ تي ٺهندڙ لفظ وجهو:
1. آريه ماڻهن ڪم جي سهولت لاءِ ............... ٺاهيون.
2. ............... خيال ڪري نڪتو ته سڄي دنيا فتح ڪريان.
3. راءِ سهاراس ٻيو ............... سان جنگ ڪندي مارجي ويو.
4. چچ دولاب سان ............... کي ماريو.
5. بغداد جون ............... ديبل بندر وٽ ڦرجي ويون.
6. محمود غزنويءَ ............... جي ٻانهن نه ملڻ سبب سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ لشڪر موڪليو.
7. سومرن ۾ ............... ئي هئا، جن زبردست بادشاهه علاؤالدين سان چڪري کاڌي.
8. نظام الدين ٻئي هاڻوڪي ............... جو بنياد وڌو ۽ کيس ڏاڍو سينگاريو.
9. ............... ڪيترا سيد، بزرگ ۽ ٻيا ڪيترا بي گناهه ماڻهو ماريا ۽ آخر پاڻ کي به گهاٽ ڪيائين.
10. دهليءَ جي شهزادي اچڻ وقت ............... سنڌو نديءَ تي ٻيڙين جي پل ٺهرائي.

q