ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

مضمون نويسي

سنڌ جي اسڪولن جا شاگرد مضمون نويسي ۾ تمام گهٽ آهن. مضمون نويسي جو مطلب آهي پنهنجي خيالات جو اظهار ڪرڻ؛ ليک ۾ يا زباني طور خيالات جي اظهار ڪرڻ کي تقرير ٿو چئجي. انهن جو پاڻ ۾ بلڪل گهڻو لاڳاپو آهي. جو شخص ڳالهائڻ ۾ پنهنجي خيالات جو اظهار چڱي طرح ڪري سگهندو، سو گهڻو ڪري مضمون نويسي ۾ به چڱو هوندو، بشرطيڪ استعمال ڪندو رهي. دنيا ۾ هي ٻئي فن تمام ڪارائتا ۽ تمام ضروري آهن. جو شخص پنهنجو مطلب چٽن ۽ اثرائتن لفظن ۾ ادا ڪري نه ٿو سگهي، سو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي نٿو سگهي. هو بيوقوف سمجهيو وڃي ٿو ۽ ڪنهن به معاملي ۾ اگرچه هو سچو هجي ته به هارائي ٿو. دنيا ۾ غلط فهميون، جهيڙا فساد ۽ ڪروڙن جا نقصان گهڻا هن ڪري ٿا ٿين، جو ڳالهائڻ ۾ چٽا ۽ اثرائتا لفظ ڪم ڪونه آندا ٿا وڃن. مثلن ڪا به گفتگو ٿي ڪجي يا نياپو ٿو موڪلجي ته يا ته ڳالهائيندڙ ۽ نياپو موڪليندڙ پنهنجو مطلب چٽيءَ طرح ظاهر ڪري ڪونه ٿو سگهي يا ته ان گفتگو جو بيان ڪندڙ يا نياپو پهچائيندڙ ان کي پنهنجي ڪم لياقت سبب ڦيرائي ٿو ڇڏي، جنهن ڪري ڳالهه مان ڳالهاڙو ٿيو پوي ۽ قسمن قسمن جا نقصان رسيو وڃن. رڳو واٽ ويندي ڪنهن ماڻهو کان رستو پڇبو آهي ته هو چڱي طرح سمجهائي ڪين سگهندو آهي ۽ ڀلجي سکپور جي بدران ڀينگپور وڃي نڪربو آهي.
اسڪولي شاگردن جي ڪم لياقتي جو وڏو سبب هي آهي، جو هنن جي تعليم ئي ناقص آهي. ڪو ورلي ماستر هوندو، جو شاگرد جي دماغ کان ڪم وٺندو هوندو، سوالن ۽ گفتگو جي رستي تعليم ڏيندو هوندو ۽ صحيح ۽ سالم جملن ۾ جواب وٺندو هوندو. جيڪڏهن ڪو ماستر کڻي سوال پڇندو ته به چڱن لفظن ۾ جواب وٺڻ جي ڪوشش ڪو ورلي ڪندو هوندو. منهنجي پنهنجي راءِ آهي ته گهڻو ڪري سڄن جملن ۾ جواب وٺجي. انهي لاءِ ته شاگردن کي جملن ڳالهائڻ جو استعمال ٿئي. مثلن جيڪڏهن پڇجي ته هن تصوير ۾ ڇا آهي؟ ته جواب ڏجي ته ”هن تصوير ۾ ٻه ماڻهو، وڻ ۽ هڪ طوطو آهي.“ اهو طوطو ڪٿي ويٺو آهي؟ اهو طوطو وڻ تي ويٺو آهي. ”سڀ ڪنهن گاڏي هلائيندڙ کي ڇو پنهنجو کٻو پاسو وٺڻ گهرجي؟“ سڀ ڪنهن گاڏي هلائيندڙ کي پنهنجو کٻو هن لاءِ وٺڻ گهرجي جو ائين ڪرڻ ڪري گاڏيون هڪ ٻئي سان نه ٽڪربيون. منهنجو ذاتي خيال آهي ته نه رڳو اهڙي طرح سڀني ڪمن، ڪتاب جاگرافي، تاريخ وغيره ۾ جواب وٺجن، پر سبق جو مطلب پنهنجن ۽ ٿورن لفظن ۾ چورائجي انهي لاءِ ته هن ۾ تقرير جي لياقت پيدا ٿئي. ٻئي ڏينهن وري ٻئي شاگرد کي وارو ڏجي. جيڪڏهن اهڙيءَ طرح سوالن جي تعليم ڏبي ته شاگرد پنهنجا سبق سمجهه سان پڙهندا ۽ جيڪي سمجهه ۾ نه ايندن، سو ٻئي کان پڇندا. بنا چپن چورڻ جي پڙهڻ ۽ فقط مطلب تي خيال ڪرڻ مان به چڱو فائدو حاصل ٿي سگهندو. هن وقت اهڙي حالت آهي، جو شاگرد رڳو لفظ پڙهي ٿا وڃن نڪي ڪجهه سمجهن ٿا نڪي سکن ٿا نڪا ڪا واقفيت حاصل ڪن ٿا. هو ڄڻ هڪ بي معنيٰ منتر پڙهي ٿا وڃن يا پرائي زبان بنا سمجهڻ جي ٿا پڙهن، جيئن سنڌ جا عام مسلمان قرآن شريف پڙهندا آهن، پر جيڪڏهن مٿئين نموني تعليم ڏني وڃي ته پوءِ شاگرد مضمون نويسي ۾ ازخود چڱا ٿيندا.
مضمون لکائڻ به نسبت اڪثر ڏٺو ويو آهي ته شاگرد هو بهو ڪتاب جا لفظ ۽ جملا يا ماستر جا ٻڌايل لفظ ۽ جملا لکي ايندا آهن، اها صورتخطي چئبي نه مضمون نويسي. جيڪڏهن ڪتاب جي سبق يا بيت جي آکاڻي لکائجي ته شاگردن کي چئجي ته مختصر طور پنهنجن لفظن ۽ جملن ۾ مطلب لکي اچو، نه ته مضمون اهڙا ڏجن، جي ڪڏهن به ڪتابن ۾ هنن نه پڙهيا هجن. مثلن پنهنجي ڳوٺ ۽ آسپاس جي نظارن تي مضمون، ڳوٺ ۾ ڪا شادي غمي، عاشورا ميلو يا ڪو ٻيو واقعو يا حادثو ٿئي ته ان تي مضمون لکائجي. ڪو به شاگرد ٻاهر ڪنهن مسافري تي وڃي ته موٽڻ بعد کانئس ان مسافري جو بيان لکائجي. خط، راهداريون ۽ درخواستون اهڙيون لکائجن جي شاگردن کي وڏي هوندي ڪم اينديون. پر انهن ڳالهين تي مضمون به جيڪڏهن ماستر ٻڌائيندو ۽ شاگرد ماستر وارا لفظ ۽ جملا لکندا ته پوءِ کين ڪجهه به فائدو ڪون ٿيندو. ماستر کي گهرجي ته سوالن جي رستي شاگردن کان رڳو ٽپ ڪڍارائي، پوءِ شاگرد پاڻ هر هڪ ٽپ کي کولي مضمون لکي اچن. ماستر سليٽون ڏسي درست ڪري پوءِ زباني طور شاگردن جون خاميون ٻڌائي، پوءِ شاگرد نوٽ بڪ تي وري مضمون ٺاهي لکن، جو ماستر درست ڪري ڇڏي. هن حالت ۾ شاگردن جي نوٽ بڪن ۾ لفظ ۽ جملا هڪ جهڙا ڪونه ڏسڻ ۾ ايندا. هر ڪنهن شاگرد جو مضمون پنهنجي پنهنجي نموني ڏسڻ ۾ ايندو.
خط لکڻ ۾ سڄي پاسي واري مٿين ڪنڊ تي ان هنڌ جو نالو لکجي جتان خط ٿو لکجي ۽ ان جي هيٺان تاريخ. بلڪ ڪن حالتن ۾ وقت به لکڻ گهرجي، تنهن کان پوءِ عبارت لکجي. اڄ تائين جو رواج ڊگهي ۽ خوشامد واري عبارت لکڻ جو هليو پي آيو آهي، سو ڇڏي ڏيڻ گهرجي. مثلن ڪنهن دوست ڏي خط لکڻو هجي ته هيترا لفظ ڪافي آهن.
پيارا دوست نور محمد خان دام سلمه
بعد السلام عليڪم جي واضح هجي ته (پوءِ احوال شروع ڪري ڏجي ۽ خيرو عافيت وغيره وارا جملا نه لکجن.)
شاگرد هندو هجي ته اهو به ساڳي طرح مختصر عبارت ڪم آڻي، فقط ڪي لفظ مٽائيندو. مثلن هو لکندو ته بعد رام رام جي لکجي ٿو وغيره. خط يا درخواست ۾ جيڪو احوال لکڻو هجي، سو به ٽپ ٺهرائي لکائڻ گهرجي. خط جي پڇاڙيءَ ۾ خط لکندڙ پنهنجي صحيح وجهي ۽ صحيح بعد پنهنجو سرنامون لکڻ گهرجيس. سرنامي لکڻ جو به اڳيون رواج "واقعو لاڙڪاڻو وغيره ڦٽي ڪرڻ گهرجي. سرنامي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:-








کٻي هيٺين ڪنڊ ۾ خط موڪليندڙ پنهنجي ائڊريس لکي جئين مٿي سيرومل جي ائڊريس لکيل آهي.
مضمون جو سرو هن طرح نه لکجي ”گهوڙي بابت مضمون“ فقط لکجي ”گهوڙو“ء هر هڪ ٽپ جي پهرين سٽ نئين طرح شروع ڪجي ۽ ٻين سٽن کان اڌ انچ يا سڄو انچ کن ڇڏي پوءِ شروع ڪرڻ گهرجي. درسي ڪتابن ۾ صرف پاءُ انچ کن ڇڏيل آهي. جڏهن ڪو به ٽپ پورو ٿئي ته اها سٽ اتي ئي ڇڏي ڏيڻ گهرجي ۽ ٻيو ٽپو نئين سٽ ۾ شروع ڪرڻ گهرجي. ائين ڪرڻ سان هر هڪ ٽپ جو احوال جدا ٿي بيهندو. جيڪڏهن استاد يا ممتحن کي ٽپ به لکي ڏيکارڻا هجن ته پهريائين ٽپ لکي ليڪ ڏئي پوءِ سرو لکي مضمون شروع ڪري ڏجي. مضمون جي اندر هر هڪ ٽپ جي شروعات ۾ ٽپ پهريون يا ٻيو نه لکڻ گهرجي.
ورنيڪولير فائينل جا پيپر هاڻي هڪ ضلع جا ٻئي ضلع جي آفيسرن ڏانهن ٿا وڃن، تنهنڪري ضروري آهي ته مقرر هدايتون هئڻ گهرجن، جن تي سڀئي ماستر عمل ڪن. جيڪڏهن کاتو ڪي خاص هدايتون مقرر نه ڪندو ته مان مٿين هدايتن جي مد نظر تي پيپر چڪاسي مارڪون ڏيندس. جيڪڏهن مٿين هدايتن جي تعميل ٿيل نه هوندي ته گهڻا اميدوار ناپاس ٿي پوندا. جناب ڊائريڪٽر صاحب جو به سرڪيولر آهي ته مضمون ۾ اميدوار بلڪل گهٽ آهن ۽ پيپرن جي چڪاسڻ ۾ به سختي ڪرڻ گهرجي. اميد ٿي ڪجي ته ماستر صاحب مٿيون هدايتون غور سان پڙهندا ۽ انهن تي عمل ڪري اميدوارن کي ناپاس ٿيڻ کان بچائيندا.
(اخبار تعليم اپريل 1930ع)