تعليمات قرآن
سهوليت لاءِ قرآن شريف جي تعليمات کي هيٺين ڀاڱن ۾ ورهائجي ٿو: (1) ايمان (2) عبادات (3) اخلاق ۽ پنگتي مالي، ملڪي يعني سياسي، فوجداري ۽ سول جا قاعدا قانون (4) اڳوڻن نبين جا معجزا
(1) دنيائي ڪاروبار ۾ اسان بادشاهه، يا سرڪار کي، وڪيل يا وزير کي، قاعدي کي، پوليس کي، سزا ۽ انعامن کي ضروري سمجهون ٿا، ساڳي طرح دنيا خواهه آخرت جي بهبودي لاءِ (1) الله تعالى (2) سندس رسولن (3) وحي يا صحيفايا الله تعالى جا قاعدا قانون (4) ملائڪ (5) آخرت ۽ قيامت جي جزا ۽ سزا کي مڃڻ نهايت ضروري آهي. بس اهوئي اسان جو ايمان آهي. اسان جو پڪو عقيدو آهي ته آخري پيغمبر محمد مصطفى ﷺ آهي، جنهن اسان کي الله تعالى جو ڪلام قرآن پاڪ سيکاريو ۽ سمجهايو، ملائڪ اسان کي هر وقت نيڪ ڪمن ڪرڻ جي هدايت ڪن ٿا، ۽ بڇڙن ڪمن کان روڪين ٿا، مگر اسان مان گهڻا الله تعالى ۽ ملائڪن جي دعوت جي ابتڙ شيطان جي تابعداري ڪري پاڻ کي برباد ڪريون ٿا. جيڪڏهن اسان قرآن شريف جي هدايتن موجب چڱا عمل ٿا ڪريون ته دنيا خواهه آخرت ۾ انعام ٿا پايون ۽ جيڪڏهن بدعمل ٿا ڪيون ته دنيا خواهه آخرت ۾ ناڪامياب ٿا ٿيون.
(2) عبادت جي معنى آهي الله تعالى جي ٻانهپ يعني سندس قرآن ۽ قانونن تي عمل ڪرڻ. مگر الله تعالى جاڪي حڪم جي خاص عبادات ۾ داخل ڪيا وڃن ٿا سي آهن (1) نماز (2) روزا (3) زڪوات (4) حج. انهن ۾ جي فائدا ۽ برڪتون رکيل آهن تن جي بيان لاءِ دفتر گهرجن تنهن ڪري ڪجهه به لکڻ نامناسب آهي.
(3) ڪرامتن ۽ معجزن بابت اڄوڪن ماڻهن جو خيال آهي ته جنهن صورت ۾ اهي خدائي قانونن جي خلاف آهن تنهنڪري اهي ڪوڙا قصا آهن ۽ ڪرامتون۽ معجزا ممڪن ڪونه آهن.
مگر اهي ڪوتاهه بين فيلسوف اهو خيال ئي ڪونه ٿا ڪن ته اسان سائنس ۾ ڪيتري به ترقي ڪيون ته به خدائي قانونن جو ڪل علم حاصل ڪرڻ بلڪل محال آهي، ممڪن آهي ته جيڪي اسان قانونن جي هدايتن هٿ ڪرڻ بدران اٽلندو هڪ ٻئي تي بيجا حملا ڪري رهيا آهيون، انهن حملن ڪرڻ مان پنهنجو ئي نقصان آهي، نه ٻئي ڌرجو. اهو ڪم پاڻ کي انڌو ٿو ڪري ۽ ترقي کي روڪي ٿو. جيڪي هندو صاحب اسلام جي تعليمات کي نظرانداز ڪري رڳو اجايا حملا ٿا ڪن سي پنهنجي قوم سان غداري ٿاڪن. کين نئين راهه کان روڪي انڌاري ۾ ٿا وجهن. اسلام جي خوبين ٻڌائڻ بدران کين جاهل ٿارکن ۽ ترقيءَ جي بدران تباهي ڏانهن کڻي ٿا وڃن.
اسلامي تعليمات جو مقصد آهي ترقي. خود ايمان وارا عقيدا ۽ عبادات يعني نماز، روزا وغيرهه فقط وسيلا آهن، انهن جو به مقصد آهي اخلاقن جو سڌارو ۽ ترقي. رسول الله ﷺ جن فرمايو آهي ته مان انهيءَ لاءِ نبي ڪري موڪليو ويو آهيان ته اخلاقي خوبين کي ڪماليت وٺايان. ۽ پڻ فرمايو اٿن ته بهشت ۾ اهو ويندو جنهن جا اخلاق چڱا هوندا. ڪي اسلام کان غير واقف نادان چوندا آهن ته اخلاقي تعليم سڀ ڪنهن مذهب چڱي ڏني آهي ۽ جاهلن کي به خبر آهي ته ڪوڙ نه ڳالهائجي چوري نه ڪجي وغيره، مگر اها ڳالهه برابر نه آهي. سڀني اخلاقن جو بيان ڪامل نموني ڪرڻ ۽ انهن کي اثرائتي نموني ۾ وجهڻ سا بلڪل ڏکي ڳالهه آهي. انکان سواءِ اسلام رڳو خالي ائين نٿو چوي ته فلاڻا اخلاق رکو مگر اهڙيون هدايتون ٿو ڏئي ۽ انهيءَ نموني زندگي جي طرز تي هلائي ٿو جو گناهن کان بچڻ ۾ آساني ٿئي ۽ چڱن ڪمن ڪرڻ لاءِ به آساني ٿئي. اسلام ۾ رڳو اخلاقي تعليم مليل نه آهي مگر دنيا جي سڀني مکيه امورن بابت ۽ جسماني، مالي، دماغي ۽ روحاني ترقي لاءِ مفصل ننڍيون خواهه وڏيون هزارين هدايتون موجود آهن. باقي معجزو جو ظاهر جي خلاف ٿا سمجهون، سو الله تعالى جي ڪنهن نامعلوم قانون مواقف هجي، الله تعالى قادر مطلق آهي هو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو. اهڙي قانون موافق ڪري ٿو جو اسان کي ظاهر ۾ سندس قانونن جي خلاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو تنهن جي خبرفقط کيس ئي آهي. انکانسواءِ ظاهري دنيا ۾ به ڏسجي پيو ته روح جو مادي تي ياخيال جو جسم تي وڏو اثر آهي. ڊاڪٽرن کان پڇي ڏسو ته رڳو خيال يا وهم جو اثر بيمار يا چڱ ڀلائي تي ڪهڙو نه حيرت انگيز پوي ٿو. اهڙا واقعا اسان ڪيترائي ٻڌا آهن جن ۾ رڳو وهم پيدا ڪرڻ سان سخت بخار چڙهيو وڃي ۽ وري وهم لاهڻ سان بخار صفا هليو وڃي. پوءِ جيڪڏهن اسان جي خيال کي ئي ايڏي طاقت آهي ته الله تعالى جو ڪائنات ۽ قانونن جو مالڪ آهي، جو هڪ بي پايان طاقتوارو روح آهي سو ڇا نه ڪري سگهندو! تاهم قرآن شريف ۾ جيڪي نبين جا معجزا آهن تن ۾ خاص طرح استعاري طور ڪئي معنائون رکيل آهن.
(4) هاڻي اچون ٿا ته قرآن مجيد جي تعليمات جي انهيءَ ڀاڱي تي جنهن تي غير مسلمانن کي اول اول ۽ ضروري غور ڪرڻ گهرجي. اڄ اهو زمانو آهي جڏهن سڄي دنيا جا عقلمند ماڻهو تعصب ڦٽي ڪري انهيءَ لاءِ تيار ٿي ويا آهن ته گهٽ ۾ گهٽ دنيائي ڪاروبار ۾ ترقي ڪرڻ، بهبودي ۽ سڌاري ڪرڻ لاءِ چڱيون هدايتون ڪٿان به ملن ته هٿ ڪري انهن تي عمل ڪجي. تنهنڪري ڏاڍي ارمان جي ڳالهه آهي ته هندوستان جا خصوصاً سنڌ جا هندو ۽ مسلمان انهن هڪٻئي جي مذهب جي خوبين کان غير واقف آهن. هو ڏانهن اسلام ۾ دنيائي ڪاروبارجا حڪم بلڪل چڱي نموني ۾ ڏنل آهن مثلاً شادي ، طلاق ۽ ورثه جا قانون، فوجداري قانون، وياج ۽ واپار جا قانون، سياسي قانون، جنگين ۽ صلح جا قانون، ڀرم ۽ رسمي هدايتون، شراب، جوا ۽ غذا بابت قانون، کائڻ، پيڻ، صفائي ۽ تندرستي جا قانون، پاڙيوارن، مائٽن ۽ ڌارين سان هلت بابت قانون وغيره انهن جي بيان لاءِ دفتر گهرجن. مگر مثال طور ڪي نمونا ڏجن ٿا.
اسلام عورتن کي جيڪي حق ڏنا آهن اهڙا ٻئي ڪنهن به مذهب نه ڏنا آهن مثلاً عورت کي ورثه ۾ ملڪيت ملي ٿي سگهي. اسلام موجب زنا، جوا ۽ شراب خوري فوجداري ڏوهه آهن. مگر اڄ ڪلهه جا سڌريل ماڻهو انهن کي جائز سمجهن ٿا. جڏهن ته دنيا جي مالي حالت انهن ئي خراب ڪئي آهي. ۽ انهن ئي شاهوڪار شاهي قائم ڪري غريبن کي نپوڙي ناس ڪيو آهي، اسلام ۾ فقط اُهو واپار جائز آهي، جنهن ۾ سچ پچ شئي خريد ڪري هٿ ۾ وٺي پيسا ڏئي پوءِ هڪدم ٻئي ملڪ ڏي موڪلي هڪدم وڪڻجي يا بازار ۾ رکي ريزڪي طور وڪڻجي. سٽا هڻڻ ته پنهنجي ماڳ پر رڳو مال وٺي رکي ڇڏڻ به جائز ناهي. اسلام موجب خودمختيار ۽ موروثي بادشاهي ناجائز آهي. خليفو چونڊڻ گهرجي ۽ هو مدبر مسلمانن جي صلاح سان ڪم هلائي. وڏي ڳالهه هي آهي ته هو خود قربانيون ڪندڙ خادم هجي نه خود غرض حاڪم. اسلام موجب فقط مدافعانه جنگ جائز آهي جڏهن سچ پچ دشمن پاڻ تي حملو ڪري ڏئي. سياسي معاملات ۾ ڪوڙ ۽ ٺڳي ۽ ڪوڙا عهد ناما ڪري ڀڃڻ بلڪل جائز نه آهي. جنگ جي حالت ۾ به فقط وڙهندڙن کي مارڻ جائز آهي، پر اُهي به جي پيش پون ته بس. وڙهندڙ قوم جي پوکن يا گهرن يا عورتن ۽ ٻارن کي ڪوبه نقصان پهچائڻو ناهي. ڦرلٽ به اصل نه ڪرڻي آهي، دشمنن جون بازاريون ڀلي ته کليون پيون هجن. پيسا ڏيئي سيڌو وٺڻو آهي، اسلام ۾ ڀرم، رسمون، ڪر پا ڪرم يا ملان فرقو آهي ئي ڪونه. ملان ۽ پير فقير ۽ مجاور پوءِ پيدا ٿيا آهن. شراب ۾ ڪيترا نقصان آهن ته به اڄ تائين سڌريل دنيا ان کي نٿي ڇڏي، مگر اسلام ان کي چوڏهن سَوَ ورهيه اڳي نقصان ڪار ٺهرايو. اسلام سڀ ڪنهن انسان سان ڀلائي ڪرڻ جي هدايت ڏئي ٿو، ايتري قدر جو غير مسلمانن کي خيرات ڏيڻ به ثواب جو ڪم ٺهرايل آهي. اسلام ۾ تعصب اصل ڪونهي. اسلام ۾ رواداري جي ايتري قدر حد آهي جو غير مذهبن کي پنهنجي نموني عبادت ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ سندن مندرن جي حفاظت ڪرڻ، مسلمانن تي فرض آهي. اڄ تائين ڪيترن ئي اسلامي ملڪن ۾ غير مذهب وارن جي مندرن ۽ ديولن کي مسلمان سرڪار وٽان وظيفا ملندا رهن ٿا.
اسلام ۾ جيترو تاڪيد علمن ۽ هنرن حاصل ڪرڻ بابت آهي اوترو ڪنهن به مذهب ۾ نه هوندو، ان بابت بيشمار آيتون ۽ حديثون نهايت سهڻيون موجود آهن. يورپ جيڪا علمن ۽ هنرن ۾ ترقي ڪئي آهي، سا ترقي تڏهن شروع ڪيائون جڏهن سندن شاگرد مسلم يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري آيا. اڄ ڪلهه به دنيا جون غير مسلم قومون اسلامي تعليمات اختيار ڪنديون ٿيون وڃن، اگرچه کلئي طرح اعتراف نه ٿيون ڪن ته اهو اسلام جو ئي اسان تي احسان آهي. يورپ ۾ ته هزارن جي تعداد ۾ يورپي لوڪ اسلام ۾ داخل ٿي چڪا آهن ۽ ٿين پيا. يورپ جي مشهور فلاسفر برنارڊشا کلي طرح اعلان ڪيو آهي ته جلد يورپ اسلام قبول ڪندو ۽ فرمائي ٿو ته محمد ﷺ جي تعليم ئي دنيا جا مشڪل مسئلا حل ڪندي. آخر ۾ منهنجي هندن خواه مسلمانن کي استدعا آهي ته پنهنجي چڱائي واسطي ۽ پنهنجي قوم ۽ دنيا جي ترقي خاطر قرآن شريف جو اڀياس غور سان ڪن. مون کي يقين آهي ته جا قوم قرآن مجيد جي تعليمات تي عمل ڪندي سائي سڄي دنيا ۾ اعلى اشرف رهندي ۽ اعلى ترقي ڪندي رهندي.(توحيد- مئي 1934ع)