ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

قرآن شريف ۽ ڪانسٽيٽيوشن

اگرچه درد جي دانهن ڪرڻ کان دل کي روڪڻ ڏاڍو محال آهي ته به مان دل کي روڪي فقط اسلام ۽ جوڙجڪي دستور بنسبت ڪجهه خيال عرض ٿو رکان. عوام جي تباهي، سرڪاري نظام جي درهمي برهمي، ڪامورن جي رشوتخوري، بي ايماني ۽ عوام جي ڪمايل دولت جي انڌاڌنڌ ڦرلٽ، پوليس ۽ زميندارن جا ظلم ڪهڙيءَ حد تي اچي پهتا آهن تن بابت ڪجهه لکڻ کان حذر ڪري فقط ايترو چوڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان جي برباديءَ جو ڪارڻ اسان جي اسلام دشمني ۽ منافقي آهي. هڪ رسالي جي ڪنهن مضمون ۾ پڙهيم ته اسان جا وڏا وڏا سرڪردا اسلام تي وڏا وڏا ليڪچر ڏيئي جڏهن پاڻ ۾ گڏجن ٿا تڏهن ٽهڪ ڏيئي چون ٿا ته اسان ڪيئن نه عوام کي ڀوڪ بنائي رهيا آهيون! حقيقتاً هو عوام کي ڀوڪ ڪو نه بنائي رهيا آهن پر پاڻ کي ڀوڪ بنائي رهيا آهن. حقيقت هيءَ آهي ته هو حڪومت، طاقت ۽ دولت جي نشي ۾ انڌا ۽ اونڌا ٿي پيا آهن ۽ ڪجهه به نٿا ڏسن.
هو عوام کي چون ٿا ته اسلامي زندگي اختيار ڪيو ۽ اسلامي اخلاق رکو ته اوهانجا ٻيڙا ئي پار آهن. عوام جي حالت سڌارڻ لاءِ اسان جي ننڊ به ڦٽل آهي. کانئن ڪو پڇي ته سهي توهان پاڻ اسلامي زندگي اختيار ڪئي آهي؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ عوام وري ڪيئن اسلامي زندگي اختيار ڪري سگهندا؟ ٻڌو ڪين اٿو ته جهڙو راجا تهڙي پرجا. الناس عليٰ دين ملوڪهم. ماڻهو هميشه پنهنجي حاڪمن واري روش اختيار ڪندا آهن. کانئن هيءُ به پڇڻ گهرجي ته گذريل پنجن سالن ۾ عوام جي حالت بد کان بدتر ڇو ٿي آهي؟ بلڪ تباهيءَ جي حالت کي ڇو اچي پهتي آهي؟ جيڪڏهن توهان کي عوام لاءِ ايتري همدردي آهي ته هنن لاءِ ڇا ڪيو اٿو؟ جڏهن ته هو اڌ بکيا ۽ اڌ اگهاڙا آهن، تڏهن توهان پنهنجي محلاتن ۾ ڪيتري قدر اسراف ۽ تبذير ڪري رهيا آهيو حالانڪ تبديز ڪندڙ شيطانن جا ڀائر آهن؟ عملدار ۽ ڪامورا ڇو ٿا وڌايا وڃن؟ ۽ وڏيون پگهارون ڇو ٿيون ڏنيون وڃن؟

ڊان اخبار ۾ قرآن ۽ دستور بابت مباحثو
تازو ڊان اخبار ۾ اسلامي دستور بابت گهڻو ئي بحث مباحثو هليو. پر اهي مضامين غور سان پڙهي ڏسندؤ ته آسانيءَ سان معلوم ڪري سگهندؤ ته مقصد فقط اهو هو ته دستور اهڙو ئي بنايو وڃي جهڙو اڳيئي مروج آهي. انهيءَ لاءِ ته اسان اهڙيون ئي موجون ماڻيندا رهون جهڙيون هاڻي ماڻي رهيا آهيون. مان نٿو ڀانيان ته ڪنهن به سڳوري صاحب ڪي عملي تعميري رٿون پيش ڪيون. هيءَ ڳالهه لڪل ڪانهي ته اڪثر انگريزي دان ۽ اڪثر زور ۽ زر وارا ماڻهو اسلام کان سو ڪوهه پري نڪري ويا آهن، پر جنهن صورت ۾ هو اسلام جي نالي تي چوٽين تي چڙهن هنن کي مجبوراٰ پنهنجو اهو عقيدو لڪائڻو ٿو پوي ته قرآن مجيد ڇهين صدي عيسوي لاءِ ۽ فقط عربن لاءِ ڪارگر هو، مگر هن زماني لاءِ بلڪل بيڪار آهي. نعوذ بالله منها.
مسٽر بروهي پنهنجي 14 سيپٽمبر واري مضمون ۾ صاف طرح لکيو ته دستور ۾ فقط هي هوندو آهي ته قانون ساز اسيمبلين کي ڪهڙي اختياريون هجن، عملدارن کي ڪهڙيون هجن ۽ انصافي ڪورٽن کي ڪهڙا وغيره. اهڙو دستور ائين آهي جئن گوشت پوست خون ۽ اعصابن کان سواءِ رڳو خالي هڏن جو پڃرو. اهڙو دستور شايد ڪنهن به ملڪ ۾ ڪو نه هوندو. دستور ۾ اصول، مقاصد ۽ فرائض بيان ڪرڻ نهايت ضروري آهي. قرآن مجيد ۾ ائين برابر ڪونه آيل آهي ته ڪنهن کي ڪنهن کي اختيار هجن ۽ ڪهڙا ڪهڙا، مگر اصول ۽ مقاصد ۽ فرائض اهڙيءَ طرح بيان ڪيل آهن جو انهن تي عمل ڪرڻ سان سڀ ڳالهيون سڌيون ٿي ٿيون وڃن.

اسلامي سياست جو بنياد
اسلامي سياست جو بنياد آهي لا الهٰ الا الله يعني اسان کي عبادت يا ٻانهپ يا محڪومي فقط الله جي ڪرڻي آهي نه ٻئي جي. يعني هر معاملي ۾ قرآن شريف جي حڪمن جي تعميل ڪرڻي آهي. اياڪ نعبد ۽ ان الحڪم الا الله مان به اهائي معنيٰ ٿي نڪري. ڪو به ماڻهو ڪنهن به ٻئي ماڻهوءَ تي پنهنجو حڪم هلائي نٿو سگهي، ۽ ڪو به ماڻهو ٻئي ڪنهن به ماڻهوءَ جو غلام يا محڪوم ناهي. پر هي سوال ضرور اٿي ٿو ته قرآن مجيد مان سڀڪنهن ڳالهه ۽ سڀ ڪنهن معاملي لاءِ حڪم ۽ هدايتون ملي سگهن ٿيون ڇا؟ جواب هي آهي ته قرآن مجيد مان بنيادي اصول ۽ بنيادي حڪم ملن ٿا. انهن اصولن ۽ حڪمن تي جيڪا عمارت کڙي ڪجي تنهن بابت فرمايل آهي ته امرهم شوريٰ بينهم يعني مسلمانن جا سڀ جماعتي يا هڪ ٻئي سان تعلق رکندڙ ڪم ڪاريون ۽ معاملا صلاح مصلحت ۽ مشوري سان طئي ڪجن. انهيءَ هڪ لفظ شوريٰ ۾ نه رڳو اليڪشن يعني چونڊون اچي ٿيون وڃن پر هي ڳالهه به اچي ٿي وڃي ته هر هڪ عملدار کي تعلق رکندڙ ماڻهن سان مشورو ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جي تعاون سان ڪم ڪاريون ڪرڻ گهرجن. مٿيان قرآني الفاظ ايتري قدر وسيع آهن جو انهن مان هي مطلب به ٿو نڪري ته عوام پاڻ به صلاح مصلحت ۽ مشورا ڪري پنهنجا ڪم ڪاريون ڪن ۽ هڪ ٻئي سان هر ڪم ۾ تعاون ڪن. يعني اهڙي تنظيم ڪجي جنهن ۾ سڀ مرد ۽ عورتون هڪ ڌاڳي ۾ پوئجي وڃن. قرآن مجيد ۾ فرمايل آهي ته مومن سڀ ڀائر آهن. جيڪڏهن هو ڀائر ٿي نٿا هلن ته هو مومن ئي ناهن. هڪڙي هنڌ فرمايل آهي ته "خدا جي رسيءَ کي مضبوط جهليو ۽ جدا جدا نه ٿيو. (اي عرب مسلمانو) خدا جي نعمت ياد ڪيو جو (ٿورو ئي وقت اڳي) توهان هڪ ٻئي جا دشمن هئو پر هاڻي الله تعاليٰ اوهان جو دليون ملائي ڇڏيون آهن ۽ سندس مهرباني سان توهان ڀائر ڀائر ٿي پيا آهيو. توهان باهه جي کڏ جي ڪناري تي ويٺا هئو ( ان ۾ ڪرڻ ئي هئو) پر الله اوهان کي ان کان بچائي ورتو. اسلامي سرڪار کي اهڙي تنظيم ڪرڻي آهي جو سڀ مسلمان هڪ برادري ٿي وڃن. ڪو به ڪنهن تي ڏاڍائي نه ڪري، ڪو به ڪنهن جي غلامي نه ڪري. هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي ڪم آهر حق پلئه پوي. هر ڪوئي قانون جي پائبندي ڪري ۽ بس.

اولي الامر ڪير ٿي سگهن ٿا؟
ٽيون بنيادي اصول اسلامي جوڙجڪ جو هي آهي ته اولي الامر، يعني امير يا حاڪم اهي هجن جيڪي قرآن مجيد تي پورو پورو عمل ڪن ۽ ٻين کي به ان تي عمل ڪرائين ۽ عوام جا سورهن آنا سچا ۽ ايماندار خادم ٿي رهن. هر هڪ رسول پنهنجي پوئلڳن جو امير يا حاڪم هو. هر هڪ رسول پنهنجي سچائي ۽ لائقي جي ثابتي لاءِ ٻه دليل پيش ڪيا:
1) ته مان توهان کان هن ڪم لاءِ ڪو به اجورو يا عيوض ڪونه ٿو گهران.
2) مان توهان جي وچ ۾ سڄي زندگي گذاري آهي ۽ توهان کي معلوم آهي ته مان ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهيان.
اهي ٻئي دليل مخالفن ۽ ڪافرن لاءِ به زوردار ۽ لاجواب هئا. پر اسلام جي مساوات ۽ سادگي ۽ عدل واري تعليم حاڪمن ۽ سرمايه دارن کي ڪيئن پسند ايندي. زور ۽ زرکي ڪير ٿو خوشي سان ڦٽي ڪري سگهي. رسولن کي مڃڻ وارا پهريائين گهڻو ڪري مسڪين هوندا هئا. نه حاڪم ۽ سرمايه دار. ساڳيو ئي سبب آهي جو هاڻوڪن حاڪمن زميندارن ۽ سرمايدارن کي به قرآني تعليم ڪا نه ٿي وڻي ۽ هو ڪڏهن به نه چاهيندا ته قرآن تي عمل ٿئي ۽ اسان عوام سان هڪ ٿي وڃون ۽ ڀائر ٿي ونڊي ورهائي کائون. حاڪم ۽ ڪامورا ڪهڙي قسم جا ماڻهو هئڻ گهرجن تنهن لاءِ پهريائين اسلامي حاڪمن جو مثال پيش ٿو ڪريان.
حضرت رسول ﷺ جن مديني جا بادشاهه ٿيا مگر نه هئي محلات نه آفيس، نه منشي نه پٽيوالا ۽ نه فرنيچر نه پگهار. مسجد ۾ مٽيءَ تي ويهي ڪم ڪار هلائيندا هئا. ٻين ماڻهن جي وچ ۾ اهڙيءَ طرح رلي ملي وهندا هئا جو اڻ واقف ماڻهوءَ کي پڇڻو پوندو هو ته اوهان ۾ فلاڻو ڪهڙو آهي ۽ ٻيا ماڻهو ڏيکاريندا هئا ته اهو ويٺو آهي. سندن کائڻ پيئڻ، لٽو ڪپڙو عوام جي کائڻ پئيڻ ۽ لٽي ڪپڙي کان به گهٽ هو. ڪڏهن ته بک کان پيٽ تي پٿر ٻڌل هوندا هئا ته به ڪم ڪاريون ڪندا وتندا هئا. بازار مان سودو وغيره وٺي پاڻ پٺي تي کڻي ايندا هئا، ٻڪري ڏهندا هئا، ڪاٺيون ميڙي آڻيندا هئا، ٻهاري پائيندا هئا، ڪوڏر هڻندا هئا وغيره وغيره. قرآن مجيد ۾ سندن گهرو سادگي جو احوال آيل آهي. حرمن مبارڪن جڏهن ڏٺو ته مديني جي ٻين ماڻهن ۾ هاڻي خوشحالي آهي تڏهن حضور جن کي استدعا ڪيائون ته اسان کي به ايترو ته ملي جو تنگي ۽ تڪيلف کان ته بچون. وحي آيو ته اي پيغمبر تون کين چؤ ته جيڪڏهن توهان کي خوشحالي پسند آهي ته مان توهان کي سڀ ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار آهيان پر پوءِ مون کان جدا رهندؤ. هر هڪ حرم چيو ته اسان کي تنگي پسند آهي پر توهان کان جدا رهڻ پسند ناهي. حضور جن هڪڙي ڀيري فرمايو ته رسول نڪي ملڪيت رکندا آهن نڪي پنهنجي وارثن لاءِ ڪجهه ڇڏيندا آهن. حضرت عمر رضي الله چئن ملڪن جو بادشاه هو، جوَن جي ماني کائيندو هو، مٽيءَ تي سمهي پوندو هو. سادڙن ڪپڙن تي ڪيئي چتيون لڳل هونديون هيس، ڪلهي تي ان يا پاڻي کڻي ماڻهن کي پهچائيندو هو وغيره وغيره. هاڻي جيڪڏهن اهڙي سادگي جو اصول اختيار ڪجي ته گورنرن، وزيرن ۽ سفيرن کي پنهنجي سڀ ملڪيت قوم لاءِ وقف ڪرڻي پوي ۽ فقط ايتري رکڻي پوي جنهن مان اهڙو گذران ٿي سگهي جهڙو اڄ ڪلهه هاري جو آهي. پر اصلاح بتدريج ڪرڻو آهي. تنهن ڪري في الحال هي اصول ٺهرائجي ته 500 رپين کان وڌيڪ ڪو به پگهار نه کڻي. مقصد هي آهي ته آئينده ڪو به ماڻهو ايم اين اي ٿيڻ يا ڪو عهدو هٿ ڪرڻ لاءِ خواهان ئي نه ٿئي. ايم اين اي ٿيڻ لاءِ ماڻهو پاڻ ڪنهن کي منٿ ڪن ته خدا جي نالي تون هيءَ جوابداري ۽ تڪليف قبول ڪر. پوءِ اهي ماڻهو قبول ڪندا جن کي قوم جي خدمت ڪرڻ جو دلي ذوق و شوق هوندو.

اسلامي مالي نظام
دستور جو هڪ وڏو مکيه ڀاڱو هئڻ گهرجي مالي نظام جنهن کان سواءِ ڪا به حڪومت چڱي طرح هلي نٿي سگهي. اسان جي پياري ليڊر مرحوم لياقت علي خان آمريڪا ۾ ليڪچر ڏنا ته اسان کي نڪو گهرجي سرمايه داري نظام نڪو ڪميونزم، اسان کي پنهنجو اعليٰ نظام آهي جنهن کي سڏيون ٿا اسلامزم. پر اڄ تائين گورنميٽ اسان کي نه ٻڌايو آهي ته اهو اسلامزم ڇا آهي ۽ ڪڏهن عمل ۾ ايندو. اسان جا حاڪم ۽ خود غرض ليڊر عوام کي برغلائي رهيا آهن ته ڪميونزم اسلام جو ضد آهي. حقيقت هيءَ آهي ته ڪميونزم اسلامي مالي نظام سان تمام گهڻي مشابهت رکي ٿو. روسي ڪميونزم ڏهه آنا ڪميونزم آهي ته اسلامي مالي نظام سورهن آنا ڪميونزم آهي. روسي ڪميونزم موجب پيداوار جا ذريعا زمين، درياه، کاڻيون، وڏا ڪارخانه وغيره سرڪار جي ملڪيت آهن ۽ سڀني ماڻهن جي فائدي لاءِ آهن. اهي ڪن ٿورن ماڻهن جي ملڪيت ٿي نٿا سگهن پاڻ ڪروڙ پتي ٿي عيش عشرت ۽ تجمل تي ڪروڙين رپيا ضايع ڪري ڇڏين ۽ 90 في سيڪڙو ماڻهن کي اڌ اگهاڙا، بداخلاق ۽ وحشي بنائي ڇڏين. روس ۾ هر ڪنهن کي ايترو ملي ٿو جيترو هو ڪمائي سگهي ۽ جيتري قدر هنر ۽ قابليت جي ڪري هو لائق آهي. هر ڪنهن کي گهڻو ڪمائڻ ۽ ملڪيت گڏ ڪرڻ جو حق آهي يعني روس ۾ اها اشتراڪيت ناهي جنهن موجب سڀني ماڻهن کي هڪ جيترا پيسا هڪجهڙا کاڌا هڪ جهڙا لٽا ڪپڙا وغيره ملن. قرآن مجيد ۾ به آهي ته ليس للانسان الا ماسعيٰ يعني هر هڪ انسان کي اوترو ملڻو آهي جيتري هن محنت ڪئي آهي. اهي الفاظ مالي نظام سان به لڳن ٿا ۽ اخلاقي اعمالن سان ۽ روحاني فائدن سان به لڳن ٿا. پر جن ڳالهين ۾ اسلام ڪميونزم کان گهڻو بالا ۽ برتر آهي سي هيٺ ڏجن ٿيون.
قرآني تعليم آهي ته انسان ۾ الله جي روح مان ڪجهه ڦوڪيل آهي ۽ انسان کي خدائي رنگ ۾ رنگجي وڃڻ گهرجي. قرآن ۾ الله تعاليٰ جا اٽڪل 99 صفاتي نالا ڳڻيل آهن. ازانسواءِ الله تعاليٰ جيڪي جيڪي چاهي ٿو سو به گهڻو ئي بيان ڪيل آهي. انسان جو فرض آهي ته انهن سڀني صفتن سان پاڻ کي رنگي ڇڏي ۽ ٻيا به سڀ الله جا جيڪي حڪم ۽ مرضيون آهن تن موجب عمل ڪري. الله تعاليٰ جي پهرين صفت آهي رب العالمين. يعني سڀني قومن ۽ سڀني ماڻهن جي جسماني، دماغي ۽ اخلاقي پرورش ڪندڙ. تنهنڪري سرڪار جو به اولين فرض آهي بنا پاسخاطري سڀني ماڻهن جي عدل ۽ انصاف سان جسماني، دماغي ۽ اخلاقي پرورش ڪرڻ. سرڪار ماءُ پيءُ آهي ۽ رعايا اولاد وانگر آهن. جيئن ماءُ پيءُ پنهنجي اولاد کي پاڻ کان به وڌيڪ سهولتون ٿا ڏين ۽ اولاد کي هڪ جهڙو ڪري ٿا ڏسن ۽ جيڪڏهن هڪڙو پٽ ٻئي کان گهڻو ٿو ڪمائي ته به سڀني ڀاتين جهڙو کائي ۽ چوڙي ٿو تيئن اسلامي سرڪار کي به اهڙو نظام رکڻو آهي جو سڀ مسلمان هڪ ڪٽنب ٿي وڃن ۽ ڀائر ٿي رهن. اهڙي نظام رکڻ لاءِ قرآن مجيد ڪهڙيون ڪهڙيون هدايتون ڏنيون آهن سي هيٺ ڏجن ٿيون.
قرآني تعليم موجب زمين، آسمان، سج، چنڊ، جبل ۽ درياه وغيره ڪنهن خاص شخص جي ملڪيت ٿي نٿا سگهن. انهن جو فائدو سڀني کي ڏيڻو آهي. قرآن مجيد ۾ جيترو زور ۽ تاڪيد خدا جي راه ۾ خرچ ڪرڻ تي ڏنل آهي اوترو ٻئي ڪنهن به ڳالهه تي ڏنل ناهي سواءِ هن ڳالهه جي ته فقط الله جي ٻانهپ ڪيو نه ڪنهن ٻئي جي. زڪوات اها سرڪاري ڍل آهي جا هوند وارن کان عوام جي فائدي لاءِ وٺجي ٿي. قرآن مجيد ۾ ائين فرمايل ڪونهي ته زڪوات رڳو چاليهون حصو وٺجي. هر زماني ۽ هر ملڪ جي ضرورتن موجب زڪوات مقرر ڪرڻي آهي. ازان سواءِ صدقن جو نظام رکڻو آهي. قرآن مجيد ۾ بار بار بخيلن جي مذمت ڪيل آهي. بخيل اهو آهي جو خدا جي راه ۾ خرچ نه ڪري. الله تعاليٰ باربار اسراف ڪرڻ جي منع ٿو ڪري ۽ فرمائي ٿو ته تبذير ڪندڙ ماڻهو شيطان جا ڀائر آهن ۽ پڻ فرمائي ٿو ته جيڪي ماڻهو سون ۽ چاندي گڏ ڪري ٿا رکن ۽ خدا جي راه ۾ خرچ نٿا ڪن تن کي اهي شيون تپائي انهن سان ڏنڀ ڏنا ويندا. هڪڙي هنڌ فرمايل آهي ته اي پيغمبر تو کان ماڻهو پڇن ٿا ته ڇا خرچ ڪيون، تن کي چؤ ته جيڪي به گهرجن کان وڌيڪ هجيوَ سو خرچ ڪري ڇڏيو. هنن سڀني حڪمن کي ملائڻ سان اهو نظام ٺهي ٿو وڃي جو اڄوڪي نظام جي بلڪل ابتڙ آهي. بلڪ اسان مسلمانن جي ملڪن ۾ ڪو نظام ئي ڪونهي يا چئجي ته ڪفر جو نظام آهي نه اسلام جو.

عملي رٿون
منافقانه بحث مباحثا تباهه ڪندڙ آهن. ضروري ڳالهه آهي عمل، پوءِ کڻي ٿورو ئي هجي. جيڪڏهن اسان پاڻ کي مسلمان ٿا سڏايون ته اسان کي قرآن مجيد تي عمل ڪرڻ گهرجي نه ته کليو کلايو ڪفر اختيار ڪجي. منافقي ڪفر کان صدبار وڌيڪ ڪفر آهي. مان پنهنجي خيال موجب هيٺيون عملي رٿون ٿو پيش ڪيان:
(1) دستور ۾ پهريائين پهريائين هي الفاظ وجهڻ گهرجن ته پاڪستان کي اسلامي ملڪ بنائڻو آهي ۽ اهڙو نظام رکڻو آهي جو هر هڪ مسلمان مرد خواه عورت هر روز ڪم از ڪم ڏهه منٽ قرآن مجيد جو ترجمو پڙهي يا ٻڌي.
(2) جيڪا ڪاميٽي دستور مرتب ڪري رهي آهي تنهن سان مشهور عالم شامل ڪرڻ گهرجن ۽ ڪاميٽيءَ کي حڪم ڏجي ته جيڪي حڪم قرآن مجيد مان دستور سان تعلق رکندڙ چٽا پٽا ملن سي دستور ۾ وجهڻ گهرجن.
(3) هر هڪ تعليمي خواه هنري اسڪول ۽ ڪاليج ۾ ملٽري، پوليس، ڊاڪٽري، انجينري، کيتي وغيره جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ هفتي ۾ ٽي ڪلاڪ قرآن مجيد جي معنيٰ سيکارڻ لاءِ جدا رکيا وڃن ۽ انهن جو ٻين سبجيڪٽن وانگر لازمي امتحان ٿئي.
(4) ڏهن سالن بعد سرڪاري نوڪري ۾ فقط انهن کي کنيو وڃي قرآن مجيد معنيٰ سان ڄاڻندڙ هجن، ان جي تعليم تي عمل ڪندڙ هجن ۽ قسم نامون لکي ڏين ته هو قرآن تي پاڻ به عمل ڪندا رهندا ۽ ٻين کي به ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا.
(5) ڏهن سالن کانپوءِ فقط اهي ماڻهو اسيمبلي، لوڪلبورڊن ۽ ميونسپالٽين لاءِ چونڊيا وڃن جي قرآن مجيد معنيٰ سان ڄاڻندڙ هجن ۽ علم ۽ اخلاقن ۾ بهترين هجن ۽ قسم نامون لکي ڏين ته هو خود غرضي ۽ بديانتي ۽ بي انصافي کان سو ڪوه پري رهندا ۽ سادگي، مساوات ۽ خود داري وغيره ۾ عوام لاءِ مثال ٿي رهندا.
(6) مسجد کي تنظيم جو مرڪز بنائڻ گهرجي ۽ سڀني مسلمانن کي اهڙي تنظيم هيٺ آڻجي جو پنهنجا ڪم ڪاريون فيصلا وغيره پاڻ ڪري سگهن ۽ اسيمبلين جا ميمبر پاڻ چونڊين.
(7) اسلام ۾ پارٽي بازي شرڪ جي برابر آهي سڀ مسلمان هڪ برادري آهن، تنهنڪري سياسي پارٽيون ختم ڪرڻ گهرجن ۽ پريس نوٽ ڪڍڻ گهرجي ته خود غرض لالچي ماڻهن کي ووٽ نه ڏيو ۽ انهن کي به ووٽ نه ڏيو جيڪي زاني، شرابي، جواري، رشوتخور هجن يا چورن ۽ ظالمن جا مددگار هجن. پر ووٽ صرف انهن کي ڏيو جي علم ۾ اخلاقن ۾ عوام سان عدل ۽ احسان ڪرڻ ۾ بهترين هجن.
(ماهوار توحيد“ ڪراچي نومبرڊسمبر 1952ع)