ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

قرآني معارف

سيپارو 18 سورت النور رڪوع پهريون

1) هي سوره اُها آهي جا اسان نازل ڪئي آهي ۽ فرض ڪئي آهي ۽ جنهن ۾ چٽيون آيتون آهن انهيءَ لاءِ ته اوهان ياد رکو ۽ خبردار رهو.
2) زاني مرد ۽ زاني عورت. انهن مان هر هڪ کي هڪ سو چهبڪ هڻو.
۽ الله تعاليٰ جي تابعداري واري ڪم ۾ رحمدلي کي دخل نه ڏيو. جيڪڏهن توهان الله تعاليٰ ۽ آخرت جي ڏينهن ۾ ايمان ٿا رکو ۽ هڪڙي ٽولي مؤمنن جي هنن جو عذاب بيهي ڏسي.
نوٽ :- سو چهبڪن جي سزا انهن زانين جي لاءِ آهي، جي اڻ پرڻيل آهن ۽ جيڪڏهن ڪو پرڻيل مرد يا عورت زنا ٿو ڪري ته ان لاءِ اسلام وڌيڪ سخت ۾ سخت سزا مقرر ڪئي آهي. هن سزا ڏيڻ ۾ رحمدلي بالڪل ڪرڻي نه آهي. حضرت عمررضي الله به نسبت ڳالهه ٿا ڪن (والله اعلم) ته پنهنجي پٽ کي چهبڪ هڻايائين ۽ هو اسي (80) چهبڪن بعد مري ويو ته به کيس 2 چهبڪ وڌيڪ هڻايائين.
اڄوڪن سڌريل قومن کي هي سزا بالڪل سخت وحشي ٿي ڏسڻ ۾ اچي، بلڪ ڪي ته اهڙا به آهن جي زنا کي خراب ئي نٿا سمجهن. هي آهي اڄوڪي زماني جي تهذيب. اها تهذيب ناهي پر وحشت پڻي آهي. جيڪڏهن زنا جي عام جام موڪل هجي ته سوسائٽي ڊانوانڊول ٿي پوي. خانا خراب ٿي وڃن. خوشي ۽ آرام ڪو نه رهي ۽ جهيڙا فساد ۽ خون حد کان ٻاهر لنگهي وڃن. ٻين قومن جي پنهنجي مرضي، مگر مسلمان ليڊرن کي گهرجي ته ڪائونسلن ۾ بل پيش ڪري مسلمان لاءِ اُهي ئي قانون رائج ڪرائين جي اسلام سيکاريا آهن. جيستائين اهڙا قانون پاس ٿين تيستائين مسلمانن کي گهرجي ته زنا کي روڪڻ لاءِ مختلف جائز اُپاءُ وٺن. کين اهو اختيار ڪونهي ته زانيءَ کي چهبڪ هڻن يا سنگسار ڪن يا قتل ڪن، مگر کين گهرجي ته پوري ثابتي وٺڻ بعد زنا ڪندڙن سان اهڙي هلت وٺن جو هنن کي سزا به ملي چڪي ۽ آئينده لاءِ زنا به نه ڪري سگهن.
3) زاني مرد سان ڪا به عورت شادي نه ڪري سواءِ ان زال جي جا پاڻ زانياڻي يا مشرڪه هجي ۽ زاني عورت سان ڪو به مرد نڪاح نه ڪري سواءِ ان جي جو پاڻ زاني يا مشرڪ هجي مومنن کي اهو حرام آهي.
4) جيڪي شريف عورتن تي زنا جي تهمت رکن ۽ شاهد پيش نه ڪن (جن اکين سان ڏٺو هجي) انهن کي (اهڙي تهمت رکڻ ڪري) انکي چهبڪ هڻو ۽ پوءِ ڪڏهن به انهن جي شاهدي قبول نه ڪريو ۽ اهي فاسق آهن.
نوٽ :- اڄ ڪلهه ماڻهو بلڪل بي پرواهي سان ويچارين عورتن تي زنا جون تهمتون ڌريندا آهن ۽ اکين ڏٺا شاهد پيدا ڪرڻ ته پنهنجي ماڳ پر پاڻ به اکين سان ڪو نه ڏٺو هوندو اٿن. رڳو گمان تي کڻي تهمتون رکندا آهن. ڪي ته وري ساڙ يا حسد يا دشمني کان نسورو ڪوڙ ٺاهيندا آهن. اهڙين تهمتن رکڻ مان جيڪو صدمو ان زال کي ۽ سندس مڙس ۽ مائٽن کي رسي ٿو، جيڪي فساد پيدا ٿين ٿا تن جو اندازو ڪرڻ مشڪل آهي. بلوچن ۽ ڪن ٻين ماڻهن ۾ اهڙو غير شرعي رواج آهي جو خالي تهمت رکي زالن کي ماري وجهندا آهن. يعني ٻه زبردست گناهه: هڪ تهمت رکڻ جو ۽ ٻيو خون ڪرڻ جو ڪري وجهندا آهن ۽ جرڳي وارا خونيءَ کي اٽلندو عيوضو وٺائي ڏيندا آهن. هي مسلماني آهي يا عين ڪفر آهي؟ معلوم هجي ته اگرچه مڙس زال کي اکين سان زنا جي حالت ۾ ڏسي ۽ اگرچه چار شاهد به اکين سان ڏسن ته به فقط سرڪار جي قاضيءَ کي اهو اختيار آهي ته مقدمو هلائي سزا ڏياري.
5) سواءِ انهن جيڪي ان کانپوءِ توبه ڪري تائب ٿين (يعني اهڙو ڪم ڇڏي ڏين) سڌرن ۽ حق تي هلن ته پوءِ الله تعاليٰ غفور ۽ رحيم آهي.
نوٽ :- 4 آيتن ۾ چيل آهي ته ثابتي کان سواءِ تهمت ڌرڻ وارا فاسق آهن. مگر 5 آيت ۾ آهي ته جيڪڏهن پوءِ سڌرن ته الله تعالي جو غفور ۽ رحيم آهي سو سندن نالو فاسق جي دفتر مان ڪڍي صالحن جي رجسٽر ۾ داخل ڪري ٿو سگهي.
6 ۽ 7) ۽ جيڪي مڙس پنهنجي زالن تي تهمت رکن ٿا ۽ پاڻ کان سواءِ شاهد ڪو نه اٿن تڏهن انهن مان هڪ جي شاهدي چار ڀيرا وٺجي ۽ چارئي ڀيرا الله تعاليٰ کي حاضر ناظر ۽ شاهد ڪري (يعني قسم کڻي) چوي ته تحقيق هو سچن منجهان آهي ۽ پنجين ڀيري چوي ته جيڪڏهن هو ڪوڙن منجهان آهي ته مٿس خدا جي لعنت پوي.
8 ۽ 9) (تڏهن) عورت مٿان زنا جي سزا هن صورت ۾ ٽري ويندي جيڪڏهن هوءَ به چار ڀيرا خدا کي شاهد ڪري چوي ته هي شخص (يعني منهنجو مڙس) سراسر ڪوڙو آهي ۽ پنجين ڀيري چوي ته جيڪڏهن منهنجو مڙس سچن مان آهي ته مون تي خدا جو غضب پوي.
نوٽ :- 7 - 8، 9 - 10 آيت جو مقصد آهي ته جيڪڏهن مرد ائين 5 ڀيرا قسم کڻي وڃي ته پوءِ تهمت رکڻ واري ان تي چهبڪن جي سزا کان ڇٽي ويندو ۽ جيڪڏهن عورت به ائين 5 ڀيرا قسم کڻي ويندي ته هوءَ به زنا جي سزا کان ڇٽي ويندي پر سو تڏهن جڏهن چار شاهد نه هجن. ان حالت ۾ طلاق اچي ويندي.
بلوچ ۽ ڪي ٻيا ماڻهو چوندا ته هنن پوين آيتن تي عمل ڪبو ته پوءِ ته زالون کري پونديون. افسوس هي آهي ته مرد کرن ته انهن کي ڪو چوي به ڪو نه، باقي زالن تي آيا ٿا رهن. زالون به ته مردن وانگر انسان آهن، بلڪ مردن کان به وڌيڪ ضعيف آهن. انهيءَ ئي ڪري انهن کي ضعيف (ضائفان) ڪري سڏيو ويندو آهي. حقيقت ۾ مردن ئي جو ڏوهه آهي، ڇو ته زنا جي تحريڪ هميشه يا گهڻو ڪري مرد جي طرف کان ٿي ٿئي نه عورت جي طرف کان. مردن جو ٻيو ڏوهه هي آهي جو پاڻ کي توڙي پنهنجي عوتن کي اسلامي علم (قرآن ۽ حديث جي معنيٰ) کان محروم ٿا رکن. ٽيون ڏوهه سندن هي آهي جو اڪثر عورتن کان ٻاهريان ڪم ٿا ڪرائين جنهنڪري هو اڪيليون گهرن کان پري واهن ۽ جهنگلن ڏي هليون ٿيو وڃن. ڇيلن کي بگهڙين ڏي موڪلي پوءِ اميد رکڻ ته ڇيلا بگهڙن جو شڪار نه ٿيندا، حماقت نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ پرائي مرد ۽ زال کي اڪيلو هڪ ٻئي سان ملڻ ۽ صحبت جو وجهه ڏيڻ ۽ کين زنا کان منع ڪرڻ ائين آهي جيئن بکايل ڪتن جي اڳيان ماني رکي هليو وڃڻ ۽ اميد رکڻ ته ڪتا مانيءَ کي رڳو ويهي ڏسندا.
مسلمانو! جيڪڏهن سچ پچ مسلمان سڏائڻ جي خواهش اٿو ۽ دنيا ۽ آخرت جون موجون ماڻيڻون اٿو ته مرد توڙي زالون قرآن مجيد ۽ حديث شريف سنڌي زبان ۾ ئي پڙهو ۽ ٻڌو !
(توحيد نومبر 1934ع)