ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

تعلقي جي جاگرافي

تعلقي جي جاگرافي ٻئي درجي ۾ پاڙهبي آهي، پهرئين درجي ۾ فقط اسڪول جي جاءِ جو نقشو ڪڍڻ سيکاربو آهي. مگر ماستر اهو نقشو ڪڍڻ اهڙي طرح نه سيکاريندا آهن جو شاگرد ڪنهن ساديءَ جاءِ جو نقشو ڪڍي وڃن. ماستر ڇا ڪندا آهن جو اسڪول جي بورڊ تي اسڪول جي جاءِ جو نقشو ڪڍي شاگردن کان نقل ڪرائي پڪو ڪرائي ڇڏيندا آهن. انهيءَ مان گهڻو فائدو ڪون ٿو نڪري، نقشو ڪڍڻ هيئن سيکارجي:-
پهريائين چورس زمين جو ٽڪر يا ڪوٺي ڏيکاري انهيءَ جو نقشو ڪڍرائجي ۽ طرف وجهارائجن. تنهن کان پوءِ درين ۽ درن جا نشان ڪڍرائجن، وري ان سان لاڳو ٻئي ڪلاس جو نقشو ڪڍرائجي، اهڙي طرح ڪنهن به ڪوٺيءَ جو نقشو ڪڍڻ اچي وڃين ته پوءِ ورانڊو به شامل ڪجي ۽ پوءِ آزمائش ڪري ڏسجي ته ٻين سادين جاين جو به نقشو ڪڍي سگهن ٿا يا نه.

درجو ٻيو
ٻئي درجي ۾ پهريائين ڳوٺ جو نقشو ڪڍارائجي. ڪنهن وڏيءَ جاءِ تي چڙهي يا ڳوٺ جي چوڌاري ڦري نقشو ڪڍندو وڃجي ۽ سنڌا وجهبا وڃجن. پوءِ ڳوٺ جون مکيه گهٽيون نشان ڪجن پوءِ رستا جي ان ڳوٺ کان ٻين ڳوٺن ڏانهن وڃن ٿا تن جو نشان ڪجي. نقشي تي طرف لکارائجن پوءِ اهو نقشو ڀت تي اهڙي طرح ٽنگائجي جئين اتر مٿيئن پاسي ٿئي. ڇوڪرن کان پڇجي ته ڏکڻ ڪهڙي پاسي آهي؟ اوڀر ۽ اولهه ڪهڙي پاسي ٿو ٿئي؟ ائين ٻين نقشن جي آزمائش وٺي شاگردن کان ئي نتيجو ڪڍرائجي، جئين پاڻ چئي سگهن ته نقشي جو مٿيون پاسو ٿيو اُتر ۽ هيٺيون ڏکڻ، سڄي هٿ وارو اوڀر ۽ کٻي هٿ وارو اولهه. پوءِ ڪنهن به ڇپيل نقشي تي کانئن پڇجي ته هن ملڪ (مثلن) سنڌ جي اتر ۾ ڇا آهي؟ اولهه ۾ ڇا آهي وغيره وغيره. پوءِ نقشي ۾ ڪي به ٻه ڳوٺ ڏيکاري پڇجي ته هي ڳوٺ هن ڳوٺ کان ڪهڙي طرف آهي يا هن تپي جي اوڀر ۾ ڪهڙو تپو آهي؟ هيءَ واهه جيڪو هيئن ٿو وهي سو ڪهڙي طرف کان ۽ ڪاڏي ٿو وڃي وغيره.

ڳوٺ جي جاگرافي
پوءِ ڳوٺ جي جاگرافي پڇجي. ڳوٺ ڪيڏو وڏو آهي؟ منجهس ڇا ڇا آهي؟ گهر اٽڪل ڪيترا ٿيندا؟ ماڻهو ڪيترا ٿيندا؟ ڇا ڇا ڪندا آهن؟ ڳوٺ جي ڀرسان ڪهڙي آبادي آهي ۽ ڪيئن ٿي ٿئي ۽ ڪهڙن واهن تي؟ اهي واهه ڪهڙي طرف آهن؟ نقشي تي ڏسو ته انهيءَ طرف اهي واهه برابر لکيل ۽ نشان ڪيل آهن يا نه.
هن ڳوٺ کان رستا ڪاڏي ڪاڏي وڃن ٿا ۽ ڪهڙي طرف، اهي نقشي تي به ڏيکاريو ۽ ڏسو ته برابر انهن طرفن تي نڪرن ٿا ۽ ڏسي ٻڌايو ته ڪهڙن ڳوٺن ڏانهن وڃن ٿا. جيڪي ماڻهو هت واپار ڪن ٿا سي هتان ڪهڙيون شيون ٻاهر کڻي ويندا آهن ۽ ڪهڙيون آڻيندا آهن؟ ڪاڏي کڻي ويندا آهن ۽ ڪٿان آڻيندا آهن؟

ٺل
جن ماڻهن کي زمين هوندي آهي سي سرڪار کي ڇا ڏيندا آهن؟ جواب، ڍل! ڍل ڪنهن کي ڏبي آهي. جواب تپدار کي. تپدار ڏٺو اٿو؟ اهو نه رڳو هن ڳوٺ جي زميندارن کان ڍل وٺندو آهي پر ٻين ويجهن ڳوٺن جي زميندارن کان به وٺندو آهي. هيڏي فلاڻي ڳوٺ يا رستي يا واهه تائين، هوڏي فلاڻي حد تائين وغيره وغيره. هاڻي نقشي تي به ڏيکاريو ته هتان جو تپيدار ڪهڙي ڀاڱي مان ڍل وٺندو آهي؟ اهڙي ڀاڱي کي تپو چئبو آهي. نقشي تي ڏسي ٻڌايو ته هن تپي ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڳوٺ آهن؟ اهي ڳوٺ اسان جي ڳوٺ جي ڪهڙي طرف آهن. مطلب ته شاگردن کي ذهن نشين پوري طرح ڪرائجي ته جي ڳوٺ واهه وغيره اکين سان ڏسون ٿا، سي پوريءَ طرح نقشي تي به ڏيکاريل آهن. تنهن ڪري جي ملڪ اسان اکين سان نه ڏٺا آهن تن جي به گهڻي خبر نقشن جي وسيلي پئجي سگهي ٿي.

تپن جا سنڌا
نقشي تي ڏسي ٻڌايو ته هن تپي جي اتر ۾ ڪهڙو تپو آهي؟ ۽ اوڀر ۽ اولهه ۽ ڏکڻ ۾ ڇا ڇا آهي يا ڪهڙو تپو آهي؟

سپروائزنگ تپيدار ۽ تپيدار تي رکيل ڪم
تپيدارن جي مٿان سپروائزنگ تپيدار آهي جو انهن جي مٿان نظر ڪندو آهي ۽ زمين جي سنڀال به ڪندو آهي.

مختيارڪار صاحب تي رکيل ڪم
تپيدارن ۽ سپروائزنگ تپيدارن جي مٿان وري مختيارڪار صاحب هوندو آهي. اهو ڪڏهن ڏٺو اٿو؟ اهو وڏو آفيسر آهي. زمين جو ڪم ته سنڀالي ٿو پر فيصلا به نبيري ٿو. ماڻهو پاڻ ۾ وڙهڻ يا ڪا چوري ٿئي ته پوءِ ڏوهه ڪندڙ کي سزا ڏيندو آهي. هيءَ سڄو تعلقو مختيارڪار صاحب جي هٿ هيٺ آهي.

تعلقه جا سنڌا
ٻڌايو ته هن تعلقي جي اثر ۾ ڇا آهي؟ ڏکڻ ۾ ڇا آهي وغيره؟ ٻارؤ! توهان ڳوٺ جو احوال ته پاڻهي ٻڌايو ٿا جو ڏٺو اٿو، پر ٻين ڳوٺن يا ملڪن جي خبر ڪيئن پوي؟ جواب! هائو سائين! مان فلاڻي ڳوٺ ويو هوس. ڪهڙو رستو وٺي ڪهڙي طرف ويو هئين؟ اوهين ٻيا ڇوڪرا اهو رستو نقشي تي ڏيکاريو ۽ ڏسو ته اهو ڳوٺ برابر انهيءَ طرف آهي؟ جواب هائو سائين اجهو هي آهي. ٻڌايو ته واٽ تي ڪهڙا واهه ۽ ڪهڙا ڳوٺ وغيره آهن ۽ آبادي ڪهڙي ڏٺوَ؟ ٻارو، ڏسو ته جيڪي هي چوي ٿو سو نقشي مان به پيو معلوم ٿئي. جيڪي نقشي مان معلوم نٿو ٿئي سو وري جاگرافيءَ جي ڪتابن مان معلوم پيو ٿئي. ٻئي درجي ۾ توهان کي پنهنجي تعلقو جي جاگرافي سکڻي آهي. مثال لاءِ ميهڙ تعلقي ٿا وٺون.
اوڀر واري حد وٽ ڇا اٿس؟ جواب سڌوندي. سنڌوندي ڏٺي اٿوَ؟ چي نه. درياءُ ڏٺو اٿوَ؟ يا ماڻهن کان ٻڌو اٿوَ؟ چي هائو. سنڌو ندي انهيءَ درياءُ کي چئبو آهي. هي واهه ڪٿان ٿا پاڻي آڻين؟ چي درياءُ مان. زمين تي پاڻيءَ جو گلاس هاري پوءِ پڇجي ته انهيءَ پاسي پاڻي وهي ڇو هليو؟ جواب انهيءَ پاسي هيٺياهين آهي. پوءِ نقشي تي ڏيکاربو ته واهه درياءُ مان نڪري ڪهڙي طرف وڃن ٿا؟ چوندا اتر کان ڏکڻ ۽ ڪي اولهه ۽ ڪي ڏکڻ. انهي ڀاڱي ۾ ٻيلا به آهن. انهن ۾ گاهه گهڻو ٿيندو آهي ۽ مال کائي متارو ٿيندو آهي ۽ کير مکڻ ججهو ٿيندو آهي؛ انهيءَ ملڪ کي ڪچو سڏيندا آهن.

پتڻ
درياءَ جي پرينءَ ڀر نوشهرو ۽ ڪنڊيارو تعلقا آهن. پرينءَ ڀر وڃڻ لاءِ هن ملڪ ۾ ٽن هنڌن ٻيڙيون بيٺل آهن. (1) نئون ڳوٺ (2) ناري (3) تگر. جنهن هنڌ ٻيڙي درياءَ جي آرپار ايندي ويندي آهي، تنهن هنڌ کي پتڻ چئبو آهي. درياءَ ۾ پَلا به ٿيندا آهن.

وچولو يا پڪو ڀاڱو
بندن کان ڍنڍن تائين جيڪو واهن وارو ڀاڱو آهي، تنهن کي پڪو سڏيندا آهن. ان ۾ سڀ پوکون ٿينديون آهن هن تعلقه جو ڪجهه ڀاڱو دادو ڪئنال ۾ جوهي شاخ تي آباد ٿئي ٿو، تنهن ۾ ساريون گهڻيون ٿينديون آهن. ان ملڪ کي مئل به سڏيندا آهن.
ڍنڍن مان ڇا نڪرندو آهي
ڍنڍن ۾ مڇي مرندي آهي. پٻڻ ۽ پهبيه پڻ نڪرندا آهن. ۽ ڍنڍ تي پڻ نار چاڙهي آبادي ڪئي ويندي آهي.

ڪاڇو ڀاڱو
نيئن واري ڀاڱي کي ڪاڇو سڏيندا آهن. ان ۾ جوئر تمام ڀلي ٿيندي آهي. پر بعضي ٻه ٽي سال لاڳيتو مينهن ڪونه پوندو آهي. ٻيو ماڻهو لهي پڪي ايندا آهن هينئر سڄو ڪاڇو بئراج جي واهن نڪرڻ ڪري آباد آهي.

درياءَ مان ڪهڙا واه نڪرن ٿا
انهيءَ مان گهڻائي ننڍا ننڍا واهه نڪرن ٿا جيئن ته (1) ڌامراهو (2) گل محمد (3) راڇ واهه (4) ڪڪول واهه

رستا
اسان جي تعلقي مان ريل گاڏي لنگهي ٿي جنهن جون ٻه اسٽيشنون آهن (1) راڌڻ (2) بالي شاهه.

اسٽيشن ڇا کي چئجي
جنهن هنڌ ريل گاڏي ٿورو وقت اچي بيهي ماڻهو توڙي مال لهي ۽ چڙهي انهيءَ هنڌ کي اسٽيشن چئبو آهي.

رستا
رستا بلڪل گهڻا آهن جي سرڪار ٺهرايا آهن. ۽ جتي جتي اهي رستا واهن کي ڪپين ٿا، اتي پليون ٺهيل آهن جنهن ڪري اسان کي هيڏي هوڏي وڃڻ ۾ گهڻو سهنج ٿي پيو آهي.
درياءَ ۾ ٻيڙيون پڻ واپار جون شيون کڻي پري پري وڃن ٿيون.

پوليس کاتو
چورن ۽ ڌاڙيلن کي پڪڙڻ لاءِ ۽ رعيت جي سنڀال ڪرڻ لاءِ سرڪار پوليس مقرر ڪئي آهي. هن تعلقي جو مکيه عملدار سب انسپيڪٽر يا صوبيدار صاحب آهي. ڪيترن ڳوٺن ۾ پوليس جا ٿاڻا آهن. جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهو جي چوري ٿئي ته ويجهي ٿاڻي ۾ هڪدم وڃي رپورٽ ڪري ته انهيءَ جي جاچ ٿيندي.
ڍڪ
جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهو جو ڍڳو يا ٻڪري وغيره اوهان جي پوک ۾ اچي پوي ته ڇا ڪندو؟ ان کي وڃي سرڪاري ڍڪ ۾ وجهبو. ڍڪ منشيءَ کان ڍڪ جي رسيد لکائي وٺبي. پوءِ ان ڍڳي جو مالڪ ڍڪ منشيءَ کي ڏنڊ جا پئسا ڏيئي ۽ ڍڳو موٽائي وٺندو ۽ وري اڳتي پنهنجن ڍڳن کي پراين پوکن ۾ پوڻ نه ڏيندو. ڍڪ سرڪار انهي لاءِ ڪيا آهن ته پوکن جي سلامتي رهي ۽ رولو ڍڳن کي به ڍڪ ۾ وجهڻ گهرجي اگرچه اهي پوک ۾ به نه پيا هجن.
(اسڪول) هن تعلقه ۾ انگريزي اسڪول هڪ ميهڙ منجهه آهي ۽ ٻيا سنڌي اسڪول اٽڪل 25 ڳوٺن ۾ آهن. تن کان سواءِ ڪن ڳوٺن ۾ ملن جا مڪتب به آهن. اسڪول هن واسطي آهن ته ٻار پڙهي سياڻا ٿين ۽ وڏي هوندي چڱو گذران ڪري سگهن ۽ چڱا ڪم ڪن.

انجنيئري کاتو
واهن جي سنڀال انجنيري کاتي وارا ڪندا آهن. ننڍا عملدار اسٽنٽ انجنيئر، سروير ۽ داروغا آهن.

ميهڙ شهر جو مختصر احوال
هن تعلقي ۾ سڀني کان وڏو ڳوٺ ميهڙ آهي جتي ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ آهي. جنهن ۾ فقط فوجداري ڪيس نبيربا آهن. مختيارڪار صاحب جي آفيس ۽ سول ڪورٽ به آهي، جنهن ۾ سب جج صاحب قرضن ۽ ملڪيت جا تڪرار نبيريندو آهي. هتي پوسٽ آفيس آهي جيڪا ماڻهن کي خطن پهچائي ڏيڻ جو بندوبست رکي ٿي ۽ انهيءَ پوسٽ آفيس ۾ تار به رکيل آهي. هن ڳوٺ جي ڀرسان مينديءَ جي پوک گهڻي ٿيندي آهي.
نوٽ:- هي ڳالهيون چڱيءَ طرح سوالن جي رستي سمجهائڻ گهرجن ۽ ٿي سگهي ته بورڊ تي نقشو ڪڍي انهيءَ تي سبق سمجهائجي. گهڻو احوال ۽ گهڻا نالا ڄاڻي واڻي ڪو نه ڏنا ويا آهن جو ننڍن ٻارن تي حافظي جو ٻوجهه جيئن گهٽ تيئن چڱو؛ انهيءَ ڪري گهڻن واهن جا نالا يا ڍنڍن جا نالا يا تپن جا نالا ڍڪن، اسڪولن ۽ ٿاڻن جا نالا ياد ڪرائڻ چڱا نه آهن. شايد ڪي ناظرين چوندا ته هن جاگرافيءَ ۾ گهڻيون مکيه ڳالهيون ڇڏيل آهن. منهنجو خيال آهي ته ٻئي درجي تي جيترو ٻوجهه گهٽ وجهبو اوترو چڱو. رهيل ڳالهيون ٽيئن درجي ۾ سيکارجن.
پوليس کاتي کان وٺي جيڪو بيان هتي ڏنل آهي سو به منهنجي خيال ۾ ٻارن جي سمجهه کان ٻاهر آهي. معلمن کي گهرجي ته جيڪي سمجهائي سگهن سو سمجهائين ٻيو ڇڏي ڏين. نه سمجهڻ ۽ طوطي وانگر ياد ڪرڻ ڏاڍو خراب آهي. (ملا مخزن ڊسمبر 1934ع)