ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

شاگردن کي خطاب

اڄ توهان ننڍا آهيو، راندين روندين ۽ کل خوشيءَ ۾ وقت گذاري رهيا آهيو، پر ياد رکو ته سڀاڻي توهان وڏا ٿيندا ۽ توهان کي سوين فرض ادا ڪرڻا پوندا. ڀلي رانديون رونديون ڪيو، کلو ۽ ٽپو ڪڏو، پاڻ کي آئينده جي زندگي لاءِ به تيار ڪيو. اڪثر ڪري شاگردن خواه وڏن کي اها ئي صلاح ڏني ويندي آهي ته پاڻ خود قربانيءَ جو انگ پيدا ڪيو ۽ قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪريو، صلاح ته گهڻائي چڱي پر انهيءَ نموني اهڙي صلاح ڏيڻ سان ڪيترن تي عملي اثر پوي ٿو يا پوندو سو بلڪل ظاهر آهي. تنهنڪري مان توهان کي اها صلاح ڪونه ٿو ڏيان ته پنهنجي خدمت ڪيو ۽ پاڻ کي ئي دنيا ۾ ڪامياب فتحياب ۽ خوش ۽ آسودو ڪيو. پر انهيءَ جي اها معنيٰ ناهي ته ٻين جو نقصان ڪري چوريون ڌاڙا ۽ ٺڳيون ڪري پاڻ کي آسودو ڪريون. ٻين جا حق ماري پاڻ کي هرگز ڪامياب ڪري نٿو سگهجي. فقط تاريخ دان ۽ فيسلوف سمجهي سگهن ٿا ته جيڪو شخص يا جيڪا قوم ٻين جو نقصان ٿي ڪري يا ٻين جا حق ٿي ماري سا آخر پاڻ کي تباهه ٿي ڪري ۽ جيڪو شخص يا جيڪا قوم ٻين جو ڀلو ٿي چاهي سا پنهنجو ئي ڀلو ٿي ڪري ۽ پاڻ کي ئي ڪامياب ٿي بنائي. پر تڏهن به مان توهان کي ڪونه ٿو چوان ته توهان خود قربانين لاءِ ۽ ٻين جي ڀلي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪريو. توهان پنهنجي لاءِ ئي ڪجهه ڪريو پر ٻين جو نقصان نه ڪريو.
هاڻي سوال آهي ته توهان ڪيئن پاڻ کي دنيا ۾ ڪامياب ۽ آسودو ڪري سگهندو؟ ڪاميابيءَ لاءِ سڀ کان ضروري شيءَ آهي تندرستي. صحت بابت ڪتاب پڙهو ۽ ڏنل هدايتن تي هڪدم عمل ڪرڻ شروع ڪيو. خاص طرح روازانه ورزش، صفائي، وهنجڻ، ڏندڻ هڻڻ، تازي هوا ۽ صاف پاڻي ۽ مقرر وقتن کان سواءِ ٻين وقتن تي ڪجهه به نه کائڻ. اهي ڳالهيون تندرستيءَ لاءِ نهايت ضروري آهن.
ڪاميابيءَ لاءِٻي ضروري ڳالهه آهي چڱا اخلاق ۽ چڱيون عادتون. انسان ۽ حيوان ۾ اهو فرق آهي ته حيوان کي عقل ڪونهي ۽ انسان کي عقل آهي. پر عقل جي عيوض انسان تي سخت جوابداري ۽ سخت مشڪلاتون به مڙهيل آهن ۽ سندس زندگيءَ جي راهه ۾ اهڙيون لالچن جون کڏون کوٽيل آهن جو جيڪڏهن هو بي خيالو ٿو رهي ته انهن کڏن ۾ ڪري پاڻ کي تباهه ٿو ڪري. تنهنڪري انسان کي سخت ضرورت آهي ته پنهنجو عقل ۽ علم وڌائي ۽ پنهنجي نفساني خواهش کي ضابطي هيٺ رکي، عقل ۽ علم موافق عمل ڪري. تنهنڪري ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ عقل ۽ علم سان گڏ پاڻ کي ضابطي هيٺ رکڻ نهايت ضروري آهي. پاڻ کي ۽ پنهنجي نفساني خواهشن کي ضابطي هيٺ رکڻ لاءِ بهترين اُپاءُ هي آهي ته انسان هر وقت پنهنجي پالڻهار کي ياد رکي ۽ صبح کان شام تائين پاڻ کي مختلف ڪمائتين مشغولين ۾ رڌل رکي يعني محنت، مشغولي، وقت اجايو نه وڃائڻ ۽ وقت جي پابندي ڪاميابي لاءِ نهايت ضروري آهن. محنت سان گڏ سانگ صرفو ڪرڻ ۽ سادي زندگي اختيار ڪرڻ به نهايت ضروري آهي. جيڪو اجاين خرچن ڪرڻ ۽ فئشن ۽ ڏيک ويک تي پاڻ کي هيرائيندو ۽ سوڙ آهر پير ڊگهيڙڻ بدران سڀ ڪجهه خرچ ڪري ڇڏيندو سو پاڻ کي ئي تباهه ڪندو. تنهنڪري اڄ کان ئي سادگيءَ تي پاڻ کي هيرايو. پنهنجي خواهشن کي ضابطي هيٺ رکي اجاين خرچن کان پاڻ کي بچايو. ياد رکو ته توهان جي لاءِ هي ئي وقت آهي چڱن گڻن ۽ عادتن پرائڻ جو جيڪڏهن هاڻي نه پرائيندؤ ته پوءِ پرائڻ محال آهي. ياد رکو ته هميشه سچ ڳالهائڻ ۽ انجام پاڙڻ ۽ حق تي هلڻ نهايت ضروري گڻ آهي. ڪجهه به ٿي پوي ۽ ڪهڙي به نقصان رسڻ جو ڊپ هجي مگر ڪوڙ ڪڏهن به نه ڳالهائڻ، انجام پاڙڻ ۽ حق تي هلڻ نهايت ضروري گڻ آهي. ڪجهه به ٿي پوي ۽ ڪهڙي به نقصان رسڻ جو ڊپ هجي مگر ڪوڙ ڪڏهن به نه ڳالهائجي. ڪوڙو ماڻهو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو . ڌڻيءَ کانسواءِ ڪنهن کان به نه ڊڄجي. همت ۽ جرائت سان ظلم جي خلاف مقابلو ڪرڻ ۽ مظلوم جي مدد ڪرڻ ڪاميابيءَ لاءِ تمام ضروري آهن. پر انهيءَ جو اهو مطلب ناهي ته خدا کانسواءِ ڪنهن جي به فرمانبرداري نه ڪجي. پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ استاد ۽ جن کي اسان تي ڪا اختياري آهي تن جي حد اندر فرمانبرداري ڪرڻ به خدا تعاليٰ جو ئي حڪم آهي. پر انهن جي فرمانبرداري حد اندر ڪرڻ گهرجي يعني انهن جي فرمانبرداري ڪرڻ ۾ ڌڻيءَ جي حڪمن جي نافرماني نه ٿئي. نشي خوري، جوابازي ۽ ٻيون مخصوص خرابيون (جن جو نالو مان هت وٺڻ پسند نٿو ڪريان.) تباهه ڪندڙ خرابيون آهن. انهن کان ضرور پاڻ کي بچايو. بي دين ۽ اڌرمي ماڻهو اڄ ڪلهه انهن خرابين کان پرهيز نه ٿا ڪن ۽ اها ڳالهه وساري ٿا ڇڏين ته جنهن ڌڻيءَ اسان کي انهن خرابين کان منع ڪئي آهي، تنهن جو عقل اسان جي عقل کان وڌيڪ آهي. حقيقت ۾ اهي عيب شخص خواه قومن کي تباه ڪري ٿا ڇڏين. پڇاڙيءَ ۾ فقط هي ٿو چوان ته پنهنجا عمل، پنهنجا الفاظ بلڪ پنهنجا اندروني خيال به صاف ۽ پاڪ رکو.
دين ۽ ڌرم ڇا آهي؟ دين آهي ڌڻيءَ جي فرمانبرداري ۽ ذات انسان جي خير خواهي. ڌڻيءَ جي فرمانبرداري آهي سندس حڪمن تي هلڻ ۽ فطرت (سرشٽي يا نيچر) جي قانونن تي عمل ڪرڻ. انسان جي فطرت اهڙي اونهي آهي جو ان بابت پنهنجي ناقص عقل تي هلڻ ۽ ڌڻيءَ جي حڪمن جي خلاف وڃڻ آهي پاڻ کي بربادي جي کڏ ۾ ڪيرائڻ.
ڌڻي شال اوهان کي هرطرح ڪامياب ۽ آسودو ڪري ۽ پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪرڻ جي توفيق ۽ شوق پيدا ڪري.
(لاڙڪاڻه هاءِ اسڪول مخزن- مارچ 1935ع)