ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

ترقي سنڌ مسلم

قرآني آيت:-
اِنَّ اللهَ لَا یُغَیِّرُ مَا بِقَوْمٍ حَتّٰی یُغَیِّرُوۡا مَابِاَنْفُسِہِمْ ؕ
يعني الله تعاليٰ ڪنهن به قوم جي حالت نٿو ڦيرائي جيسين اها قوم پاڻ پنهنجي حالت نٿي بدلائي.
ڪسي ني يه بقراط سي جا که پوچها
مرض تيري نزديک مهلک هين کيا کيا
کها دکهه جهان مين نهين کوئي ايسا
که جس کي دوا حق ني کي هو نه پيدا
مگر وه مرض جس کو آسان سمجهين
ڪهي جو طيب اس کو بذيان سمجهين
يهي حال دنيا مين اس قوم کا هه
بهنور مين جهاز آکي جس کا گهرا هه
ڪنارا هي دور اور طوفان بپا هه
گمان هي يه هر دم که اب ڊوبتا هه
نهين ليتي کروٽ مگر اهل کشتي
پڙي سو تي هين بيخبر اهل کشتي
وه دين حجازي کا بيبا ک بيڙا
نشان جس کا اقتصادي عالم مين پهنچا
مزاحم هوا کوئي خطره نه جس کا
نه عمان مين ڻهڻکا نه قلزم مين جهچکا
کئي هي سير جس ني ساتون سمندر
وه ڊوبا داهانه مين گنگا کي آکر
(حالي)
شمس العلما مولانا الطاف حسين حالي جو مسدس جو هندستان جي ڪنهن به ڪتب فروش وٽان ملي سگهندو سو سنڌ جي سڀني اڙدو ڄاڻندڙ مسلمانن کي ضرور پڙهڻ گهرجي. اهو ڪتاب اگرچه نظم ۾ لکيل آهي تڏهن به مسلمانن جي اڳوڻي حالت ۽ هاڻوڪي جهڙي صحيح ۽ چٽي ان ۾ بيان ڪيل آهي تهڙي ورلي ڪنهن تاريخ جي ڪتاب ۾ هوندي. ان ۾ حديثن ۽ آيتن جي وسيلي ظاهر ڪري ڏيکاريل آهي ته الله تعاليٰ حضرت محمد ﷺ کي انهيءَ لاءِ موڪليو ته دنيا ۾ نيڪ اخلاق کي ڪماليت وٺائي. پاڻ ﷺ جن ڪهڙا ڪهڙا اخلاق ۽ ترقيءَ جا اصول سيکاريا ۽ انهن جي وسيلي عرب جي وحشين کي ڪيئن انسان بنائي دين ۽ دنيا ۾ ترقيءَ جي رواج تي رسايائون سو پڻ ان ۾ چڱيءَ طرح بيان ڪيل آهي. مسلمان نيڪ اخلاقن جي ڪري نه رڳو عملن ۽ هنرن ۾ ماهر ٿيا پر دولتمند ۽ سڄي دنيا جا حاڪم ٿي پيا، مگر پوءِ عيش عشرت ۽ سستيءَ جي ڪري علمن ۽ هنرن کي ڇڏي بد اخلاقين ۾ مبتلا ٿي دولت ۽ حڪومت وڃائي، سڃائي ۽ مصيبتن ۾ وڪوڙجي ويا. ان ڪتاب ۾ مسلمانن جي زواليت جا سبب ۽ هاڻوڪن هر هڪ طبقي جي مسلمانن جي عيبن جي صحيح تصوير نڪتل آهي. تنهن کان پوءِ ڏيکاريل آهي ته جيڪڏهن مسلمان وري به اسلام جي تعليم وٺن ۽ دين تي عمل ڪن ته ٿوري ئي عرصي ۾ ساڳي ترقي حاصل ڪري سگهن ٿا. هن بنسبت مرحوم نواب محسن الملڪ جو ڪتاب ”مسلمانون کي ترقي اور تنزل کي اسباب“ پڙهڻ جهڙو آهي.

زميندارن جي مسٽري
خلف ان کي الحق اگر يان يهي هين
سلف کي اگر فاتحه خوان يهي هين
اگر يادگار عزيزان يهي هين
اگر نسل اشراف واعيان يهي هين
تو ياد اس قدر انکي رهجائيگي يان
که اک قوم تهي اس نام کي يان
(حالي)
ڀائنجي ٿو ته اڳئين زماني ۾ زميندار رڳو زميندار نه هئا پر پنهنجي پنهنجي حد اندر حاڪم هئا. تڪرارن جو فيصلو شريعت موجب قاضي ڪندا هئا مگر رواجي انتظام سندن حوالي هوندو هو.
هو ملڪ جي حاڪم کي ڏن يا خراج ڏيندا هئا ۽ جنگ جي وقت ۾ کيس ماڻهن ۽ پيسن جي مدد ڪندا هئا. انهن ڏينهن ۾ اڄوڪي زماني وارو عيش عشرت بلڪل ڪو نه هو. لانڍين ۾ رهندا هئا، تڏن يا فراسين تي وهاڻي جي ٽيڪ ڏيئي وهندا هئا. کائڻ پيئڻ نهايت سادو هوندو هون ۽ فقط ان، کير، مکڻ، ڏڌ ۽ بعضي وقتن تي گوشت به کائيندا هئا. اهي سڀ شيون کين پنهنجون هيون، خريد ڪرڻيون ڪين پونديون هين. ڪپڙا جوڙيءَ جا، وڏو پهرياڻ ۽ لنڊي ڪائنچ پهريندا هئا. جتيون موچڪيون ڪم آڻيندا هئا. کين شوق فقط شڪار جو هوندو هو. زنا ۽ نشي جو نالو به ڪونه هو. اڄوڪي زماني جي خرچن نه هئڻ ڪري وٽن ان جا انبار لڳا پيا هوندا هئا، ڇو ته هو ان ڪو ورلي وڪڻندا هئا. هميشه سندن بٺي هلندي هئي ۽ آيو ويو پيو کائيندو هو، بلڪ ماڻهن کي ان به ورهائي ڏيندا هئا، جئين اڄ نواب غيبي خان جي ديري ۾ ڳوٺ جي ماڻهن کي هر روز ان ڏيڻ جو رواج آهي.

زميندارن جي هاڻوڪي حالت
کلو واشربو ولا تسرفوا (قرآن مجيد)
يعني کائو پيو مگر حد کان ٻاهر نه وڃو.
طبيعت اگر لهو بازي په آئي
تو دولت بهت سي اسي مين لٽائي
جو کي حضرت عشق ني رهنمائي
تو کردي بهري گهر کي دم مين صفائي
پهر آخر لگي مانگني اور کهاني
يونهي مٽ گئي هزارون گهراني
عمارت کي بنياد ايسي اڻهاني
نه نکلي کهين ملڪ مين جس کا ثاني
تماشون مين ثروت بڙون کي اڙاني
نمائش مين دولت خدا کي لڻاني
چڻهي بياه مين کرلي لاکهون کي سامان
يه هين ان کي ارمان يه هين ان کي خوشيان
کتاب اور معلم سي پهرتي هين بهاگي
مگر ناچ گاني مين هين سب سي آگي
هن وقت زميندار نئين روشني سان گڏ غير اسلامي عيب به حل ڪيا آهن. زميندارن جو پهريون عيب آهي اسراف يعني اجايا خرچ ڪرڻ. شادين ۽ غمين، زنا ۽ نشي، زيورن ۽ عيش عشرت تي پنهنجي ملڪيت اڏائيندا ٿا وڃن. هزارين اميراڻا خاندان تباهه ٿي ويا آهن. سنڌ جي سڀ زمين مسلمان زميندارن جي هٿ ۾ هئي. هاڻي اڌ کان وڌيڪ فقط وياجن ۾ ٻين جي قبضي ۾ اچي ويئي آهي. جيڪا بچي آهي تنهن جي پيدائش جو چڱو حصو وياجن ۾ پيو وڃي. جيڪڏهن زميندارن کي پنهنجي ڀلائي لاءِ سجاڳ ٿي اسراف کي روڪڻو آهي ته سندن هدايت لاءِ هي خدا جو ڪلام ڪافي آهي. ”ان المبذرين ڪانوا اخوان الشياطين“ يعني ”اجايو خرچ ڪندڙ شيطانن جا ڀائر آهن.“ زميندار جيڪڏهن آمدني ۽ خرچ جو حساب ڪتاب رکڻ جو گڻ سکن ته سندن حالت گهڻو سڌري پوي، کين اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته نه رڳو پنهنجي ملڪيت بچائڻي اٿن پر وڌائي ٽيڻي يا چؤڻي ڪرڻي اٿن. ڇو ته جيڪڏهن ساڳي ملڪيت پنهنجي اولاد لاءِ ڇڏيندا ته ٽن چئن پيڙهين بعد گهڻي اولاد ۾ ورهائجي ويندي ۽ پوءِ سندن اولاد وڃي ڪڙمين جي درجي کي پهچندو.
اڳين ڏينهن ۾ پاڪ دامني هڪ رواجي خاصيت هئي. زنا ڪندڙن کي ڪميڻو ۽ رنگيلو سڏيو ويندو هو ۽ کيس اشرافن جي ڪچهري ۾ اچڻ کان منع هوندي هئي. نوجوانن کي رڳو پرڻجڻ لاءِ چئبو هو ته لـڄ کان کڻي ڪنڌ هيٺ ڪندا هئا يا ڪچهري ڇڏي ويندا هئا مگر اڄ ڪلهه اهڙي حالت اچي بڻي آهي جو ڪچهرين ۾ ويهي فخر جي لهجي سان زنا جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون ۽ ٻار وڏن جون ڳالهيون ٻڌي لـڄ لاهي ننڍي ئي هوندي اهي ڪم شروع ڪري ٿا ڏين، تندرستي خراب ٿي ٿئي، جهيڙا ۽ فساد ٿا ٿين، غريبن ۽ مسڪينن سان ظلم ٿا ٿين، حرامي ٻار پيدا ٿا ٿين، محبت مزو گهٽ ٿو ٿئي ۽ گهرن ۾ ناٺاهه ۽ ڪلڪل ۽ گهپي پيدا ٿي ٿئي. زنا ڪندڙ نه رڳو پرائو گهر ٿو ڦٽائي پر پنهنجو به ٿو ڦٽائي ڇو ته هن جي محبت پنهنجي گهر سان گهٽ ٿي وڃي ٿي ۽ اڪثر ڪري ته سندس گهر ۾ خرابي پيدا ٿي پوي ٿي. زنا منجهان اهي ۽ ٻيا ايڏا وڏا نقصان ٿا ٿين جنهن ڪري اسلام موجب زنا جي سزا اڻ پرڻيل لاءِ هڪ سؤ درا يا چهبڪ ۽ پرڻيل لاءِ پٿرن سان مارڻ آهي. ڪي زميندار بيحجاب ٿي زنا جي پٺيان ڪاهي پيا آهن. نه رڳو گهرن ۾ وڃي خرابي ٿا ڪن پر زوريءَ زالن کي پنهنجي گهرن ۾ يا اوطاقن ۾ اچي ٿا هڻن يا سريتيون ٿا وهارين. ويچارا غريب ساڻن پڄي نٿا سگهن تنهنڪري يا ته اباڻو وطن ڇڏي لڏي هليا ٿا وڃن، يا ته دل ۾ پيا ٿا لڇن، يا ته غيرت ٻوڙي لـڄ وڃائي ماٺ ڪيو ويٺا ڏسن، ۽ بعضي ته ان جي عيوض زانيءَ کان ان لاءِ پيسا وغيره پيا وٺن. ائين سچ آهي ته زنا ٻين ماڻهن ۾ به عام ٿي پيو آهي پر ان لاءِ به زميندار ڪامورا وغيره جوبدار آهن ڇو ته ”الناس علي دين ملوڪهم“ يعني عام ماڻهو پنهنجي بادشاهن جي روش وٺندا آهن. زميندار جيڪڏهن کليو کلايو زنا ڪن ٿا ته سندن ڀاتين ۽ پاڙيوارن ۽ ٻين جي به لـڄ لهي ٿي پوي ۽ سڀني لاءِ خراب مثال پيدا ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو بادشاهن ۽ حاڪمن تي قيامت جي ڏينهن ٻين ماڻهن کان گهڻو وڌيڪ جوابداهي ٿيندي ڇو ته سندن بد عمل ٻين ماڻهن تي گهڻو اثر پيدا ڪن ٿا.
غور سان ٿو ڏسجي ته جهڙو پنهنجي حق واري هڪ زال سان محبت رکڻ ۾ مزو آهي تهڙو ڪتن ۽ گڏهن وانگر هِت هُت گُهتن هڻڻ ۾ هرگز ڪونهي. حضرت رسول مقبول ﷺ فرمايو آهي ته جنهن شخص کي لـڄ ناهي ۽ بيشرم ڪمن کان پرهيز نٿو ڪري سو مسلمان سچ پچ مسلمان ڪين آهن. ٻي حديث آهي ته ايمان واري جي نشاني هي آهي ته جيڪڏهن هو چڱو عمل ڪري ته کيس خوشي ٿئي ۽ جيڪڏهن ڪو خراب ڪم کائنس ٿي وڃي ته پيشيماني ٿئيس. اڄ ڪلهه ماڻهو ڪيترائي گناهه ڪن ٿا ۽ پيشيماني جي بدران خوشي ٿي ٿئين. اهي ايمان وارا ناهن - ڪافر آهن. (نعوذ با الله منها) اي مسلمانو! حضرت ﷺ جي جهنڊي هيٺيان اچو، زنا ۽ ٻيا گناهه بند ڪيو، چڪلا ختم ڪري ڇڏيو ۽ سچا مسلمان ٿيو.
ڪن زميندارن ۾ ٽيون عيب نشي جو آهي. نشي جي ڪري به هزارين زميندار فقير ٿي ويا آهن. نشي ۾ پيسو به ضايع ٿئي ته تندرستي به خراب ٿئي ۽ ڪم ڪار به نه سنڀالي سگهجن. تنهن کان سواءِ نشي ۾ خراب ڪم به ڪري ويهن ٿا. الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ نشي کي گناهن ۽ خرابين جي ماءُ سڏيو آهي.
چوٿون عيب ڪيترن ئي زميندارن ۾ سندن ماڻهن ۾ اهو آهي جو ٻارن کي ننڍي هوندي پوري تعليم ۽ تربيت نٿا ڏين ۽ پاڻ ڪم ڪرڻ تي نٿا هيرائين. تنهنڪري وڏي هوندي هو رلندا ۽ موجون ماڻيندا وتندا آهن. بيڪار کان بيگار به ڀلي آهي. ڪار کان سواءِ ماڻهو بيڪار آهي. پيغمبرن سڳورن به بازن جو پورهيو ڪيو آهي.

زميندارن جي غريبن سان هلت
لايرحم الله من لايرحم الناس
يعني جيڪو ماڻهن تي رحم نٿو ڪري تنهن تي الله تعاليٰ به رحم نٿو ڪري. (حديث)
نه مظلوم کي آه و زاري سي ڊرنا
نه مفلوک کي حال پر رحم کرنا
هوا و هوس مين خودي سي گذرنا
تعيش مين جينا نمائش په مرنا
سدا خواب غفلت مين بيهوش رهنا
دم نزع تک خود فراموش رهنا
يه پهلا سبق تها کتاب هديٰ کا
که هي ساري مخلوق کنبه خدا کا
وهي دوست هي خلق دوسري کا
خلائق سي هي جس کو رشته ولا کا
يهي هي عبادت، يهي دين و ايمان
که کام آئي دنيا مين انسان کي انسان
(حالي)
حديث – ”جيڪو توهان جو ڪم ڪري تنهن کي سندس پگهر سڪڻ کان اڳي مزوري ڏيو“. اڳئي بيان ڪيو ويو آهي ته اڳوڻي وقت ۾ زميندار حاڪم هئا. پنهنجي ماڻهن کي هو اولاد وانگي پيار ڪندا هئا ۽ ماڻهو به سندن لاءِ جان قربان ڪري ڇڏيندا هئا. زميندارن جو ڪم ڪار ماڻهو خوشيءَ سان ڪندا هئا. زميندار به گهرج وقت کين ان وغيره مفت ڏيندا هئا. مگر هن وقت حالتون ڦري ويون آهن. زميندارن ۾ حڪومت جو نشو ۽ غريبن کان ڪم وٺڻ جو رواج اهو ئي هليو اچي، مگر غريبن کي مدد ڏيڻ ته پنهنجي ماڳ، اٽلندو مٿن ظلم ٿا ڪن. هن وقت ماڻهو زميندارن جي رعيت ناهن، تنهن ڪري زوريءَ کانئن ڪم وٺڻ ظلم آهي. يا مزوري ڏيڻ گهرجي يا قرب ۽ محبت سان ڪم وٺجي ۽ ان جي عيوض وقت سر انهن جي مدد به ڪجي. مگر ارمان جي ڳالهه آهي ته ڪي زميندار اجاين خرچن سبب تنگدست ٿي پوءِ غريبن کي ڦري پنهنجي پورائي ٿا ڪن، غريبن سان ظلم ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيٺا آهن. پوليس ۽ ٻين ڪامورن سان رسائي ڪري اهڙو زور وٺي ويا آهن جو بنا ڊپ ۽ خطري جي ماڻهن جون چوريون ٿا ڪرائين، کليو کلايو کين مارون ٿا ڏيارين، سندن زالون کڻي ٿا وڃن، مٿن بدمعاشي جو يا ٻيو ڪيس ڪرائي جيل ٿا ڏيارين، ۽ ملڪيتون ڦري ٿا وٺن. ٻن ڄڻن کي ملڪيت تي ويڙهائي هڪ جو طرف وٺي وڏو حصو ان ملڪيت جو پنهنجي قبضي ۾ ٿا آڻين. غريبن جي ٻنين جو پاڻي روڪي يا رات جو فصل چوريءَ لڻارائي انهن کي مجبور ڪري سندن ٻنيون ٿوريءَ قيمت تي پاڻ خريد ٿا ڪن. جيڪڏهن واهن ۽ ڪڙين ۾ پاڻي گهٽ ٿو اچي ته سڀ پاڻي پنهنجي ڪم آڻي غريبن جي پوک سڪائي ٿا ڇڏين. ڪي زميندار رشوت به خوب ٿا وٺن. ڪي به ٻه ماڻهو تڪرار ٿا ڪن ته هڪ کان رشوت وٺي ان جي فائدي ۾ فيصلو ٿا ڪن يا ان کي ٻي طرح مدد ٿا ڪن. ڪامورن ۾ رشوت ۽ رسائي جي رواج هئڻ ڪري غريبن کي انصاف ڪو نه ٿو ملي مطلب ته جان، مال ۽ عزت جي سلامتي گهڻي قدر هلي ويئي آهي.
اهڙن زميندارن جي هدايت لاءِ ڇا چئجي؟ کين خبر هوندي ته سڀ کان وڏو گناهه ظلم آهي. ظالم هرگز بهشت ۾ نه ويندو. حديث شريف ۾ آهي ته الله تعاليٰ انهيءَ تي رحم نٿو ڪري جو ٻين تي رحم نٿو ڪري. ٻي حديث شريف ۾ آهي ته سڀ کان چڱو انسان اهو آهي جو ٻين کي فائدي پهچائي. ڪهڙي نه ارمان بلڪ شرم جي ڳالهه آهي جو جن کي الله تبارڪ وتعاليٰ زمين ۽ دولت ڏني آهي سي سندس شڪر نٿا ڪن ۽ گناهن ۽ ڪوڙين عزتن واسطي انهن مسڪينن کي ستائين ٿا جي ويچارا رات ڏينهن پگهر جو پورهيو ڪري مس ٿا پيٽ قوت ڪمائين.
اسان مٿي زميندار طبقي تي سخت نقطه چيني ڪئي آهي. پر اسان کين يقين ٿا ڏيون ته اها نقطه چيني خالـص نيت سان سندن ئي چڱائي ۽ ترقيءَ لاءِ ڪيل آهي. اهو خيال ڪرڻ ته سرڪار هن مضمون جي ڪري زميندارن ڏانهن بدگمان ٿيندي، يا هندن کي ۽ هندو اخبارن کي سند هٿ اچي ويندي سو رڳو اجايو وهم آهي. در حقيقت حق لڪائڻ ۾ پنهنجو ئي نقصان آهي ۽ حق ظاهر ڪرڻ ۾ پنهنجو ئي فائدو آهي. حق ۽ باطل هونئن ئي معلوم آهي لڪل بلڪل ڪونهي. پر پنهنجا عيب پاڻ قبول ڪرڻ ۾ ترقيءَ جو وڏو راز رکيل آهي. خدا تعاليٰ جي مهرباني سان هن وقت ته زميندار طبقي ۾ ڪجهه سجاڳي به آهي. اسان ائين ڪو نه چيو آهي ته سڀ زميندار خراب آهن. سرڪار نامدار هن مضمون جي ڪري سڀني زميندارن کي ميڙي سيڙي ڪاٺ ۾ ڪين وجهندي، يا سڪن گڏ ساوا به جلائي ڇڏيندي. هندن کي اهو به خيال رکڻ گهرجي ته مٿيان عيب رڳو مسلمان زميندارن ۾ آهن ۽ هندو زميندار صاف ۽ پاڪ آهن. ازان سواءِ ائين ناهي ته رڳو زميندار فرقو عيبدار آهي ۽ ٻيا سڀ فرقا سڌريل آهن. اسان ايندڙ مضمونن ۾ ٻين فرقن جا عيب پڻ کولي ظاهر ڪنداسين. مگر ان مان زميندار صاحبن کي اهو خيال ڪرڻ نه گهرجي ته ٻيا فرقا به اسان جهڙا آهن تنهن ڪري اسان ڇو پنهنجي سڌاري جو خيال ڪريون. ٻيا جيڪڏهن گنهگار هوندا ته پاڻ گناهن جي سزا کان ڇڏي وينداسين ڇا، يا ٻيا کوه ۾ ٽپو ڏيئي غوطا کائي مرن ته پاڻ به ائين ڪيون ڇا؟ زميندار صاحبن کي اسان جو عرض آهي ته اول پاڻ پنهنجي سڌاري جو قدم کڻن ڇو ته قوم خواه ملڪ ۽ مذهب جي سڌاري ۽ ترقيءَ جو مدار مٿن ئي آهي. ڇو نه هر هڪ ضلع ۾ زميندار انجمن قائم ڪجي جنهن جون ميٽنگون تعلقي بورڊ ۽ ضلع بورڊ جي ميٽنگن جي موقعن تي بنا خرچ ڪري سگهجن. انهن ميٽنگن ۾ زميندارن جي اصلاح ۽ ترقيءَ لاءِ سندن حقن حقوقن خواه سندن فرضن ۽ جوابدارين به نسبت ٺهراءَ پاس ڪرڻ گهرجن.

زميندارن ۽ ڪامورن جا تعلقات
خوشامد مين هم کو وه قدرت هي حاصل
که انسان کو هر طرح کرتي هين مائل
روايات پر حاشيه اک چڙهانا
قسم جهوٽي وعدون په سو بار کهانا
زميندارن کي الله تبارڪ وتعاليٰ زمين ۽ جهجي دولت بخشي آهي. جيڪڏهن کين علم ۽ اخلاق به هجن ته ننڍا ڪامورا ته ڇڏيو پر ڪمشنر ۽ گورنر به کين هڪ جهڙو بلڪ وڌيڪ ڪري ڏسن. ڪمشنر ۽ گورنر پگهار دار نوڪر آهن، سندن آمدني وڏن زميندارن جي پيدائش کان کان گهٽ آهي. زميندارن ۾ جيڪڏهن علم ۽ آزاد طبيعت هجي ته اهي ڪامورا انتظام وغيره رکڻ لاءِ سندن محتاج ٿين. مگر علم ۽ آزادگي ۽ نيڪ اخلاقن نه هئڻ ڪري زميندارن جي حالت ڪهڙي نه افسوس ناڪ آهي جو پنهنجي عزت رکڻ بدران پٽيوالن ۽ منشين جي اڳيان به سر جهڪائي زاريون نيزاريون ٿا ڪن، ۽ رسايون ڪري، رشوتون ڏيئي ڪامورن کي کاري پاڻ کي ۽ غريبن کي برباد پيا ڪن. حضرت رسول مقبول ﷺ جن فرمايو آهي ته الله تعاليٰ رشوت ڏيندڙ خواهه وٺندڙ تي لعنت ٿو ڪري. زميندار اهو عذر ڏيندا آهن ته جيڪڏهن رسائي نٿا ڪريون ۽ رشوتون نٿا ڏيون ته ڪامورا اسان کي نقصان ٿا رسائين، ۽ اسان جا ڪم ڪاريون نٿا ڪن.
اها ڳالهه سچي آهي، پر انهيءَ ۾ سندن ئي ڏوهه آهي جو شروعات ۾ پاڻ ڪامورن کي کاريو اٿن. سنڌ کان ٻاهر رسائي بلڪل ڪانهي، بلڪ رشوت به تمام گهٽ آهي. اتي ڪڏهن ته ائين به ٿيندو آهي ته جنهن زمين ۾ ڪو ڪامورو تنبو هڻي منزل ڪندو آهي تنهنجو جو مالڪ ان جي مسواڙ گهرندو آهي. سنڌ جي زميندارن کي سرڪاري عزتن جي لالـچ گهڻو خراب ڪيو آهي. هڪ ٻئي کان مٿي ٿيڻ لاءِ پنهنجو مال لٽائي ٿا ڇڏين. سنڌ کان ٻاهر ڪرسيءَ جو رواج ئي ڪونهي. جيڪو ماڻهو عزت وارو هوندو آهي تنهن کي ازخود ڪامورا ڪرسيءَ تي ويهاريندا آهن، يا اهو پاڻ بي ڊپو ٿي ڪرسيءَ تي ويهي رهندو آهي. ڪرسين وٺڻ ۽ رساين ڪرڻ سان زميندار بيشڪ فائدا وٺن ٿا، پر اهي فائدا هونئن به وٺي سگهجن ٿا جيڪڏهن اهي رواج بند ڪجن. پر ڪي فائدا ته اهڙا ٿا وٺن جن جي ڪري ٻين سان بي انصافي يا ظلم ٿو ٿئي. هڪڙو وڏو ظلم ته اهڙو ٿيندو آهي جنهن جو احساس نه سرڪار کي نه فائدو وٺندڙ زميندار کي ۽ نه وري مظلومن کي هوندو آهي. اهو هي آهي ته ڪن زميندارن کي سرڪار زمين مفت ۾ ڏيندي آهي ۽ ان کي ان زمين لاءِ پاڻي پڻ ملندو آهي. مگر سرڪار اها خبر ڪا نه رکندي آهي ته اهو پاڻي گهرج کان وڌيڪ آهي يا ان پاڻي جي ڏيڻ ڪري واهن جي پڇڙي وارن زميندارن جو خانو خراب ٿيندو. ظاهر ظهور پيو ڏسجي ته پڇڙي وارا زميندار ۽ هاري دربدر ٿي تباهه ٿي ويا آهن. مٿين زميندارن کي پاڻي ڏيڻ آهي هيٺين زميندارن کان زمين کسڻ.
زميندارن ۽ باعزت ماڻهن جو فرض آهي ته ڪامورن کي انتظام رکڻ، انصاف ڪرڻ ۽ ٻين چڱن ڪمن ۾ مدد ڪن ۽ ان جي عيوض ڀلي لقب وٺن ۽ جائز فائدا حاصل ڪن، مگر رساين ۽ رشوتن جي وسيلي نه.
هن وقت رسائي ۽ رشوت بند ڪرڻ بيشڪ زميندارن کي ڏکي لڳندي ۽ تڪليف سهڻي پوندي، پر تڪليفن سهڻ کان سواءِ دنيا ۾ ڪو به سڌارو ٿي نٿو سگهي. تڪليف به ڪا گهڻي ته ڪانه ٿيندي. نڪي سندن زمين کسجي ويندي، نڪي سندن پيدائش رڪجي پوندي. سڌارن ڪرڻ لاءِ ماڻهو جيلن ۾ به ويندا آهن، بلڪ ملڪيتون ۽ جانيون به قربان ڪندا آهن. رسائي ۽ رشوت نه ڏيڻ ۾ ته تمام ٿورڙي تڪليف درپيش ايندي. اهو خيال ڪرڻ نه گهرجي ته ٻيا به ٻڌي ڪري بند ڪن ته مان به ڪيان. ائين دنيا ۾ ڪڏهن به سڌارو ڪو نه ٿيندو آهي. جنهن کي خدا همت ڏئي سو هڪدم شروع ڪري ڏئي. پاڻهي ٻين کي به ريس ايندي ۽ جلد ئي اهو لعنتي رواج به بند ٿي ويندو. پوءِ ڪامورا به مجبورن انصاف ڪري سڀ ڪنهن جو ڪم خوشيءَ سان بنا رشوت جي ڪري ڏيندا.

زميندار ليڊر ٿيڻ گهرجن
الناس علی دين ملوکهم
يعني ماڻهو پنهن جن حاڪمن جي روش ٿا وٺن يعني انهن جي پيروي ٿا ڪن. (حديث)
ثُمَّ لَتُسْـَٔلُنَّ یَوْمَئِذٍ عَنِ النَّعِیۡمِ ٪﴿۸﴾
پوءِ انهيءَ ڏينهن توهان کان توهان جي دولت به نسبت پڇا ٿيندي. (قرآن مجيد)
زميندارن کي دولت هئڻ ڪري فرصت گهڻي آهي ۽ پنهنجي حد اندر هنن جي دسترسي به گهڻي آهي. تنهن ڪري قوم جا ليڊر زميندار هئڻ گهرجن. قيامت جي ڏينهن دولت ۽ حڪومت وارن کان وڏو پڇاڻو ٿيڻو آهي ته اهي خدا جون نعمتون اوهان ڪيئن ڪم آنديون. هڪ حديث شريف ۾ آهي ته سڀ کان چڱا انسان آهن عالم ۽ عادل بادشاه ۽ سڀ کان خراب انسان آهن، جاهل ۽ ظالم بادشاهه. زميندار به ڪجهه قدر بادشاه آهن، تنهن ڪري مٿن به اوتري قدر جوابداري آهي. اها جوابداري الله تعاليٰ هن ڪري رکي آهي جو اهڙا حيثيت وارا ماڻهو جيڪڏهن چڱا آهن ته ٻيءَ خلق تي به چڱو اثر ٿو پوي ۽ جيڪڏهن خراب آهن ته ٻي خلق به کري خراب ٿي ٿئي، گويا ٻي خلق جي گناهن جو بار به گهڻو انهن تي ٿو پوي. ازان سواءِ دولت ۽ حڪومت جهڙين بي بها نعمتن جي عيوض مٿن اهو ڪم رکيل آهي ته هو قوم جي بهتري ۽ ترقي لاءِ هر طرح ڪوشش ڪن. شيخ سعدي ؓ ڪهڙو نه سهڻو چيو آهي.
الاتا بغفلت نخسپي که نوم - حرامست بر چشم سالار قوم
يعني خبردار متان غفلت ڪري سمهيو آهين، جو قوم جي سردار جي اک تي ننڊ حرام آهي.
هن وقت جيڪي بزرگ بورڊن، ميونسپالٽين ۽ ڪائونسلن لاءِ چونڊيا وڃن ٿا، سي گهڻو ڪري انهي خيال سان ڪون ٿا چونڊيا وڃن ته اهي قوم جا بهترين خيرخواه آهن. پر رڳو سندن دنيائي پوزيشن ۽ دولت ۽ ڪوشش جي ڪري چونڊيا ٿا وڃن. هو صاحب به سڀ ڪنهن قسم جا زوربار وجهي دولت خرچي ميمبر ٿين ٿا ته انهيءَ لاءِ نه ته قوم جي ڪا خدمت ڪيون، پر انهيءَ لاءِ ته اسان جو شان شوڪت وڌي ۽ ذاتي مقصدن ۾ ڪامياب ٿيون. پوءِ جڏهن هو ميمبر ٿا ٿين تڏهن پنهنجن مددگارن جي ڏاڍي ڪاڻ ٿا ڪڍن ۽ سندن واجبي خواه غير واجبي مطالبو قبول ٿا ڪن ۽ انصاف جو خون ڪري انتظام خراب ٿا ڪن ۽ قوم جي ڀلي ڪرڻ بدران قوم کي تباهه ٿا ڪن. اها ليڊري ناهي. ليڊرن کي گهرجي ته قوم کي تنظيم هيٺ آڻين ۽ کين ترقي جا وسيلا ميسر ڪري ڏين.
جيڪڏهن اسان جا زميندار علم پڙهي اخلاق سڌاري سادگي ۽ محنت جا گڻ حاصل ڪري، قوم جي بهتري جا ڪم ڪن ته ڪيڏو نه سندن دنيا ۾ شان ۽ آخرت ۾ اجر جو باعث ٿئي. دنيا ۾ سرڪار خواه قوم مٿن جيڪر قربان ٿئي ۽ سڀ اختياريون جيڪر کين ملن. اي زميندار صاحبو! خدا جي نالي خدا جو ڪلام پڙهو، ان تي عمل ڪريو ۽ اسان جي ڪريل قوم کي سڌاري اسان جا سچا سردار ۽ سالار بڻجو. ڇو ته غفلت، سستي ۽ عيش پرستيءَ ۾ غلطان ٿي پنهنجي ملڪيت ۽ عزت ٿا وڃايو.
سڀني کان چڱو انسان اهو آهي جو ٻين کي فائدا پهچائي. اهڙو ماڻهو لکن رواجي ماڻهن کان بهتر آهي. پر جو ماڻهو رڳو پاڻ کي سڌاري ۽ ٻئي ڪنهن جو فائدو يا نقصان نه ڪري سو به اڄوڪي زماني ۾ ته غنيمت آهي. پر جو شخص ٻين کي نقصان پهچائي سو شيطان آهي ۽ ان جو نه هئڻ، هئڻ کان صد بار بهتر آهي.

ڪامورا
سمجهتي هين شائسته جو آپ کو يان
هين آزادي راي پر جو که نازان
چلن پر هين جو قوم کي اپني خندان
مسلمان هين سب جن کي نزديک نادان
جو ڊهونڊهو گي يارون کي همدرد ان مين
تو نکلين گي تهوڙي جوانمرد انمين
نه رنج ان کي افلاس کا ان کا اصلا
نه فکر ان کي تعليم اور تربيت کا
نه کوشش کي همت نه ديني کو پيسا
اوڙانا مگر مثت اک اک کا خاکا
کهين ان کي پوشاڪ پر طعن کرنا
کهين ان کي خوراڪ پر نام دهرنا
ڪامورا پاڻ کي سڌريل سمجهي زميندارن کي نصحيتون ڏيندا آهن ۽ ٻين غريبن کي ڄٽ وغيره ڪوٺيندا آهن. مينهن پنهنجي ڪاراڻ ڪين ڏسندي آهي. کانئن ڪو پڇي ته پاڻ ڇا ۾ سڌريل آهن. ڪالر نيڪ ٽاءِ ۽ بوٽ سوٽ ۾ يا اخلاقن ۾. ويچارا غريب ته ٿيا اڻ پڙهيل، پر پاڻ تعليم هوندي به ڪهڙيون خوبيون ۽ ڪماليتون پرايون اٿن. خدا جي بندن کي گاريون ڏيڻ ۽ کين نفرت سان ڏسڻ اهو آهي سندن تعليم جو نتيجو. آفيسن ۾ پبلڪ جي پيسن مان پگهار کائيندڙ منشي وڃي ڏسو ته ڪيئن نه پبلڪ لاءِ نمڪ حلالي سان نوڪري ڏيئي رهيا آهن ۽ ڪيئن نه سفيد ريش معزز بزرگن کي جي اخلاقن ۾ شايد کانئن صد بار بهتر هجن اهڙو بي عزت ٿا ڪن جو ڏسي دل سهي نه ٿي سگهي. پر سڀ کان وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته ڪامورا رشوتن تي سندرو ٻڌي پبلڪ کي ناس ڪري پاڻ تي خدا جي لعنت وسائي رهيا آهن. رشوت ظلم جو بنياد آهي. جيڪڏهن رشوت ڪا نه هجي ته ڪو به شاهوڪار ڪنهن به غريب تي ڪوڏيءَ جيترو ظلم به نه ڪري سگهي، تنهن ڪري رشوت وٺندڙ ڪامورا پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي ظلم جي باهه سان ساڙي اجڙ ڪري رهيا آهن. زميندارن وانگر هو به اهو عذر ڏيندا آهن ته اسان ڇا ڪريون، پگهار ٿورو آهي ۽ رشوت کان سواءِ پورت ڪا نه ٿي پوي. اهو بهانو بلڪل بيهودو آهي. در حقيقت رشوتن جي ڪري سادگي ڇڏي پنهنجا خرچ پاڻ وڌائي ڇڏيا اٿن. پر جي کڻي قبول به ڪجي ته پگهارون گهٽ آهن ته انهيءَ جو علاج هي آهي ته نوڪريون نه ڪن، وڃي ڪو ٻيو ڌنڌو اختيار ڪن. سرڪار کي ماڻهو نه ملي سگهندا ته مجبورن پگهارون وڌائيندي. جيڪي ظلم ڪامورا خصوصن پوليس وارا رعيت سان ڪري رهيا آهن تن جو بيان ڪرڻ اجايو آهي سڀ ڪنهن ننڍي خواه وڏي کي خبر آهي. سرڪار جيڪڏهن سجاڳ نه ٿيندي ته اهي ڪامورا ٿورڙن سالن ۾ انقلاب پيدا ڪري وجهندا.
ڪامورا ٻيءَ طرح به پنهنجي ملڪ کي تباهه ڪري رهيا آهن. رشوتن ۽ رساين جي ڪري عاليشان بنگلا، قيمتي فرنيچر، نفيس پوشاڪون، لذيذ غذائون ۽ هر طرح جا عيش عشرت جا اسباق مهيا ڪن ٿا. سنڌ جي ڪامورن هر طرح فئيشن کي چوٽ چاڙهي ڇڏيو آهي. زميندارن خواه ٻين کي سندن نقل ڪرڻو ٿو پوي. انهي ڪري سنڌ ۾ گهڻن ماڻهن جي پورت ڪانه ٿي پوي ۽ مصيبتن پٺيان مصيبتون سهڻيون ٿيون پون.

گارين جو راوج
اِنَّ اللهَ یَاۡمُرُ بِالْعَدْلِ وَالۡاِحْسَانِ وَ اِیۡتَآءِ ذِی الْقُرْبٰی وَیَنْہٰی عَنِ الْفَحْشَآءِ وَالْمُنۡکَرِ وَ الْبَغْیِ ۚ
يعني تحقيق الله تعاليٰ عدل احسان ۽ مائٽن سان ڀلائي ڪرڻ ڪرڻ جو حڪم ٿو ڪري ۽ فاحش لفظن ۽ گناهن ۽ فسادن کان منع ٿو ڪري.
(قرآن مجيد)
وَلَا تَقْرَبُوا الْفَوَاحِشَ
يعني فاحش ڳالهين جي ويجهو ئي نه وڃو. (قرآن مجيد)
گارين جو رواج اگرچه سڀڪنهن فرقي ۾ عام آهي پر زميندار ۽ ڪامورا جو غريبن کي بي سبب يا ٿوري گهڻي ڳالهه تي گاريون ڏيندا آهن بلڪ نالو وٺي سڏ ڪرڻ بدران گار جي لفظ سان سڏ ڪندا آهن، تنهن ڪري گارين ڏيڻ جي رواج بنسبت هت ڪجهه لکجي ٿو.
اڳئين زماني ۾ گاريون رڳو ڪميڻا، بدمعاش ۽ لفنگا ڏيندا هئا. اڄ ڪلهه وڏا وڏا معتبر زميندار ۽ عاليشان آفيسر گارين کي پنهنجي اخلاقن جو سينگار ۽ حڪومت جو دٻدٻو سمجهي رهيا آهن. هو ڀائين ٿا ته غريب ماڻهو نفرت جي لائق آهن، حالانڪ نفرت جي لائق اهي آهن جيڪي خدا جي بندن کي نفرت جي لائق سمجهن ٿا. قرآن ۽ حديث مان ثابت آهي ته وڌيڪ عزت جو لائق اهو شخص آهي جو تقويٰ يعني پرهيزگاري ۾ زياده هجي، نه دولت ۽ حڪومت ۾. تنهن کان سواءِ زميندار ۽ ڪا

مورا شايد ائين ٿا سمجهن ته گارين کان سواءِ ڄٽن کي باز نٿو آڻي سگهجي ۽ نوڪرن کي ضابطي هيٺ رکي نٿو سگهجي. در حقيقت سندن روش پوري ۽ انصاف واري هجي ته گارين سان باز آڻڻ يا ضابطي هيٺ رکڻ جو بلڪل ضرور ڪو نه ٿئي. مثلن يورپي ماڻهو ڏسو ته پنهنجي نوڪرن کي ڪڏهن ڪو ورلي گاريون ڏيندا آهن ۽ گهڻي ۾ گهڻو گڏهه يا بيوقوف جو لفظ ڪم آڻيندا آهن. اهڙا ديسي ماڻهو به ڪيترائي آهن جي ڪڏهن به نوڪرن کي بد لفظ نه ڳالهائيندا آهن، تڏهن به سندن نوڪر بلڪل چڱي طرح سندن نوڪري ڏيندا آهن.
گارين جو رواج ايترو عام آهي جو بنا سبب ڌي، ماءُ، ڍڳي، گهوڙي، ڪتي، ٻلي، ڪانو، ڪٻر ۽ ٺڪر ڀتر کي به گارين جو ٺڪاءُ پيو پوي ۽ نياڻين ۽ ٻارن جي روبرو بي حجاب غليظ کان غليظ الفاظ ۽ مخصوص عضون جا بد ترين نالا وڏي واڪي ورتا وڃن ٿا. گارين مان نقصان بي شمار آهن. هڪ ته جنهن کي گار ڏجي ٿي تنهن جي دل کي سخت صدمو رسي ٿو، پر جيڪڏهن غريب ماڻهو مجبورن صبر سان گاريون سهن ٿا ته آخر ڪند ٿي پنهنجي عزت رکڻ ڇڏي ڏيندا آهن ۽ گارين کان نه ڊڄي جئين وڻندڙ اٿن تئين بيهودا ڪم ڪندا آهن. ٻيو نقصان گارين مان هي آهي جو ٻار ننڍي هوندي کان ڪچيون گاريون ٻڌي لـڄ لاهي پاڻ به نه رڳو گاريون ڏيڻ سکندا آهن پر ننڍي هوندي کان ئي بد پيشه ڪرڻ لڳندا آهن. تنهن ڪري گارين مان زنا ۽ لونڊي بازي وغيره جي ڪثرت پيدا ٿي ٿئي. ٽيون نقصان هي آهي ته اڪثر جهيڙا جنگيون ۽ خونريزيون گار مان پيدا ٿينديون آهن. جڏهن ٻه ڄڻا پاڻ ۾ ڪو تڪرار ڪندا آهن ته جهيڙو تڏهن مچندو آهي ۽ وڙهڻ تي نوبت تڏهن ايندي آهي جڏهن انهن مان ڪو هڪڙو وات مان بد لفظ ڪڍندو آهي. جي ڪو به بد لفظ نه ڪڍي ته جيڪر خرابي بلڪل ڪا نه ٿئي. حديث شريف ۾ آهي ته گار ڏيڻ الله تعاليٰ جي نافرماني آهي ۽ گار ڏيڻ منافقن جي چئن نشانين مان هڪڙي نشاني آهي.

پير سڳورا
بهت لوگ پيرون کي اولاد بن کر
نهين ذات والا مين کچهه جن کي جوهر
بڙا فخر هي جن کو لي دي کي اس پر
که تهي ان کي اسلاف مقبول دارو
کرشمي هين جا جا کي جهوٽي دکهاتي
مريدون کو هين لوٽتي اور کهاتي
(حالي)
کل مؤمن اخوان، يعني سڀ مؤمن ڀائر آهن. (قرآن مجيد)
جيڪو پنهن جي واسطي يا ٻين جي واسطي ڌنڌو نٿو ڪري تنهن کي الله تعاليٰ وٽان اجر ڪو نه ملندو. (حديث شريف)
پيرن عالمن خواه اميرن جي تصوير مولانا حالي جي مسدس ۾ نهايت سهڻي طرح نڪتل آهي. مگر هت خاص طرح سنڌ جي پيرن جي حالت مختصر طور بيان ڪرڻي آهي.
ڀائنجي ٿو ته در اصل پيرن جو فرقو هن طرح ٺهيو جو ڪنهن عالم ۽ نيڪ شخص کي قوم جي بگڙندڙ حالت ۽ خرابيون ڏسي دل ۾ درد پيدا ٿيو ۽ جوش جهلي نه سگهيو. تنهن ڪري هر هنڌ وڃي محض خدا جي واسطي وعظ تقريرون ڪرڻ لڳو، جئين هن وقت ملڪي ليڊر ميٽينگون ڪري تقريرون ڪندا آهن. در حقيقت نيڪ عالمن تي قرآن شريف ۽ حديثن موجب فرض آهي ته امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر ڪن يعني نيڪ ڪمن جي ترغيب ۽ بد ڪمن کان پرهيز به نسبت وعظ ڪندا رهن. ماڻهن کي اهڙن عالمن جو وعظ ۽ اخلاق پسند آيا هوندا ۽ کين دعوتون ڏيئي پنهنجي پنهنجي ڳوٺ ۾ وعظ ڪرڻ لاءِ وٺي ويا هوندا. هنن کي نڪي نوڪر هوندا نڪي اٺ گهوڙا. سندن کائڻ پيڻ تمام سادو هوندو. تنهن ڪري هنن کي ماني کارائڻ رواجي مهمان نوازي جو ڪم هوندو. بعضي ائين به ٿيو هوندو جو وعظن واسطي هيڏي هوڏي وڃڻ ڪري سندن اهل عيال جو گذران تنگ ٿي پيو هوندو، تنهن ڪري ڪن دولتمندن خدا ترس شخصن گهرج سارو ٿورو نقد کين ڏنو هوندو مگر جڏهن وعظ ڪرڻ ڇڏي ڏنو هوندائون ته دعوت ڏيئي گهرائڻ يا پيسن جي مدد ڏيڻ به بند ٿي ويئي هوندي. يا جيڪڏهن اهي بزرگ فوت ٿيا هوندا ته سندن اولاد رواجي طور ڪو نه ڪو ڌنڌو ڪري پيٽ قوت ڪيو هوندو هو. مگر پوءِ جڏهن مسلمان جاهل ٿيندا ويا تڏهن بنا سبب ڪنهن شخص ۾ اجايا عقيدا رکي کيس دعوتون ۽ نذرانا ڏيڻ لڳا ۽ سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ ۾ اگرچه بي علم ۽ بدڪار هوندو، ساڳيو عقيدو رکي کيس به دعوتون ۽ نذرانا ڏيندا آيا؛ اهڙيءَ طرح پيرن جو فرقو ٺهي پيو.
هاڻوڪا پير اڪثر ڪري نڪي عالم آهن، نڪي منجهن اخلاقي ڪماليتون آهن. ڪي ته سخت جاهل ۽ سخت بدڪار ظالم به آهن. پيءُ ٿو مري ته پٽ کي پير ٿو سمجهيو وڃي. ويچارن جاهل ماڻهن جو عقيدو آهي ته هو اگرچه بدڪار هجن ته به وڏن جي برڪت سان ڪرامت جا مالڪ آهن، اسان جون مرادون پوريون ڪري سگهن ٿا، مشڪل وقت ۾، هڪل ۾ حامي ٿين ٿا ۽ قيامت جي ڏينهن سندن وسيلي اسان جو ڇوٽڪارو ٿيندو. گهڻا جاهل ته منجهن ڪفر جا اعتقاد به ٿا رکن. پير ۽ پيرن جا فقير به اهڙا مڪر ۽ تجويزون اختيار ٿا ڪن جو ويچارن بي علم ماڻهن کي ڦندن ۾ ڦاسائي ڇڏيو اٿن. ماڻهو رڳو ايترو خيال به نه ٿا ڪن ته جيڪڏهن وڏن جي برڪت سان ولي ٿي ٿو سگهي تڏهن ته سڀني کان وڏا ولي سيد هئڻ گهرجن ڇو ته هو حضرت محمدﷺ جا ڏوهٽا ۽ حضرت علي رضي الله جا پوٽا آهن. بلڪ اسين سڀ نبين جو اولاد آهيون نه ته به حضرت آدم ۽ حضرت نوح  جو اولاد ته ضرور آهيون. در حقيقت شرافت يا ولايت نسبت تي منحصر نه آهي پر حسب تي. شاهه صاحب فرمايو آهي ته ”ڏات نه آهي ذات تي جو وهي سولهي.“ قرآن شريف ۽ حديثن ۾ به اها ڳالهه سورهن آنا ثابت آهي ته ڀلارو شخص اهو آهي جو قرآن شريف ۽ حديثون چڱي طرح ڄاڻي ۽ انهن تي اهڙيءَ طرح عمل ڪري جهڙيءَ طرح حضرت جن ﷺ ۽ اصحابن سڳورن عمل ڪيو ۽ خدا جي خلق واسطي فائدي جا ڪم ڪري ڏيکاريا. قرآن مجيد ۾ آيت سڳوري آهي ته:- ان اڪرمڪم عند الله اتقا ڪم يعني الله تعاليٰ وٽ اوهان مان وڌيڪ عزت جو لائق اهو آهي جو تقويٰ ۾ زياده آهي. ماڻهو انهن پيرن جا مريد رڳو انهن مقصدن لاءِ ٿين ٿا جي مٿي ڄاڻايا ويا آهن، نه انهيءَ لاءِ ته انهن کان اسلام سکون ۽ انهن جي صحبت جي اثر سان پنهنجا اخلاق ۽ عمل سڌاريون. بلڪ اڄ ڪلهه ته دنيوي مقصدن لاءِ به زور وارن پيرن جا پير مهٽيا وڃن ٿا.
پيرن کي به لڳي ويا آهن مزا سو ڀلن گهوڙن تي چڙهي عمدا وڳا پهري ڏهن ٻارهن بلڪ وڌيڪ فقيرن ۽ مريدن سان گهنڊ وڄارائيندا يا مولود چورائيندا وڏي تجمل سان شاهوڪارن خواهه مسڪينن کي لٽيندا کائيندا وتن. ڪچهريءَ ۾ سندن فقير ڇا پيا چوندا ته تازو ڪالهه هڪڙي ماڻهوءَ پير صاحب جي ڳالهه نه مڃي سو اتي جو اتي اچي دست ڇٽڪيس. پير صاحب وري مڪر ڪري چوندو ته اسان کي ڪهڙي طاقت آهي، سڀ ڪجهه الله تعاليٰ ٿو ڪري. گهڻا پير بنا دعوت جي بلڪل مسڪين مريدن وٽ لهي سندن جهڳو ناس ٿا ڪن، ۽ مڪرن ۽ حيلن سان بلڪ ڌمڪين سان کانئن ساليانه ڏن ٿا اڳاڙن. مطلب ته غريبن کي ڦري هزارين رپيا گڏ ڪري محلاتون اڏائي، زمينون خريد ڪري عيش عشرت ۾ موجون پيا ماڻين. شادين ۽ غمين جي وڏن خرچن لاءِ وري جدا اوڳڙ ڪندا آهن. ڪچهريءَ ۾ حضرت رسول ﷺ جي سنت جي برخلاف پاڻ وهن کٽ تي ۽ ٻيا وهن پٽ تي. حضرت ﷺ جن نه رڳو ٻين سان گڏ پٽ تي وهندا هئا، پر عام ماڻهن وانگر ڪم ڪار به ڪندا هئا. سندن پوشاڪ نهايت سادي هوندي هئي. ماني ته ڪو ورلي ڍؤ ڪري کائيندا هئا. اڪثر کارڪون کائي پاڻي پي ڇڏيندا هئا. در حقيقت جي شخص پيرن جي اڳيان پٽ تي وهن ٿا تن مان گهڻو کانئن بهتر آهن. ڇو ته هو ڪو نه ڪو ڌنڌو ڪري گذران ٿا ڪن، مگر پير ناحق ٻين کي ڦريندا ٿا وتن. حديث شريف ۾ آهي ته مٿيون هٿ (يعني ڏيڻ وارو) هيٺين هٿ (يعني وٺڻ واري) کان افضل آهي. انهيءَ مان ثابت ٿيو ته پير جي ٻين کان ماني ۽ پيسا وٺندا ٿا وتن سي ٻين کان گهٽ آهن. هاڻ! جيڪڏهن اصحابن سڳورن واري روش وٺن ۽ انتهائي سادگي اختيار ڪن ۽ امر بالمعروف ۽ نهي المنڪر جي ڪم ۾ سڄو وقت صرف ڪن ته پوءِ ضرورت موافق دولتمند ماڻهن کان ڀلي دعوت ۽ هديه قبول ڪن.
هڪڙو خراب رواج هي به عام آهي جو شريعت جي خلاف ماڻهو پيرن کي گهرن ۾ زالن وٽ وٺي ويندا آهن. پيرن کي به انهيءَ مان ڏاڍو مزو ايندو آهي. (نعوذ بالله منها) پيرين پوڻ جو رواج به اسلامي رواج ناهي. پيرن ۾ ٻي سخت گناهه جي رسم اها آهي جو نياڻيون وهاري ڇڏيندا آهن ۽ انهن کي پاڪ معصوم سڏرائي خوب ماڻهن کي ڦريندا آهن. پيرن کي گهرجي ته هڪدم مڪرن کي ٽوڙي ڪنهن ڌنڌي کي لڳن، ۽ ماڻهن کي گهرجي ته فقط خدا تعاليٰ کان ڊڄن.
پيري مريدي به نسبت اڄ ڪلهه غلط عقيدا ماڻهن جي مغز ۾ ويهي ويا آهن. حقيقت فقط هيتري آهي ته نيڪ ماڻهن جي صحبت چڱو اثر پيدا ٿي ڪري تنهن ڪري جيڪي شخص دين جو علم ڄاڻندڙ هجن ۽ اسلام جي حڪمن تي هلندڙ ۽ نيڪ اخلاق ۽ پرهيزگار هجن تن وٽ وڃڻ گهرجي ۽ انهن جي صحبت ڪرڻ گهرجي پوءِ کڻي هو ڪوري يا موچي هجن، ڪڙمي يا مزور هجن، سيد يا قريشي هجن. نيڪ ۽ متقي شخص جي سڃاڻڻ جون نشانيون هي آهن:-
1 - قرآن ۽ حديث کي چڱي طرح ڄاڻڻ.
2 - انهن تي هلڻ يعني اصحابن سڳورن جي روش اختيار ڪرڻ.
3 - حق جي اشاعت ۽ وصيت ڪرڻ.
4 - ان ۾ جي تڪليفون درپيش اچن سي صبر سا سهڻ.
قرآن مجيد ۾ آهي لن تنالوا البر حتيٰ تنفقو مما تحبون. يعني توهان تيستائين نيڪ ٿي نٿا سگهو جيستائين خرچ نه ڪيو (خدا جي راهه ۾) ان کي جنهن کي توهان حب ٿا ڪيو.
مطلب آهي ته نيڪ ماڻهو اهو آهي جو ٻين کي ڏئي ۽ ٻين جو فائدو ڪري. حديث شريف ۾ آهي ته ٻه ماڻهو ريس جي لائق آهن هڪ دولتمند جو سخا ڪندڙ هجي ٻيو عالم جو علم سيکاريندڙ هجي.
ملان ۽ مولوي ڀلارا
وه علم شريعت کي ماهر کدهر هين
وه اخبار دين کي مبصر کدهر هين
اصولي کدهر هين مناظر کدهر هين
محدث کهان هين مفسر کدهر هين
وه مجلس جو کل سربسر تهي چراغان
چراغ اب کهين ٽمڻماتا نهين وان
بڙهي جس سي نفرت وه تحرير کرني
جگر جس سي شق هون وه تقرير کرني
گنهگار بندون کي تحقير کرني
مسلمان بهائي کي تکفير کرني
يه هي عالمون کا هماري طريقه
يه هي هاديون کا هماري سليقه
سدا اهل تحقيق سي دل مين بل هي
حديثون په چلني مين دين کا خلل هي
ستاوون په بالکل مدار عمل هي
هر اک راي قرآن کا نعم البدل هي
کتاب اور سنت کا هي نام باقي
خدا اور نبي سي نهين کام باقي
جهان مختلف هون روايات باهم
کبهي هون نه سيدهي روايت سي خوش هم
جسي عقل رکهي نه هرگز مسلم
اسي هر روايت سي سمجهين مقدم
سب اس مين گرفتار چهوڻي بڙي هين
سمجهه پر هماري يه پتهر پڙي هين
نه کي ان کي اخلاق مين رهنمائي
نه باطن مين کي ان کي پيدا صفائي
يه احکام ظاهر کي لئي يه بڙهائي
که هوتي نهين ان سي دم بهر رهائي
وه دين جو که چشمه تها خلق نکو کا
کيا اسکو بالوعه غسل و وضو کا
نبي کو جو چاهين خدا کر دکهائين
امامون کا رتبه نبي سي بڙهائين
مزارون په دن رات نذرين چڙهائين
شهيدون سي جاجا کي مانگين دعائين
نه توحيد مين کچهه خلل اس سي آئي
نه اسلام بگڙي نه ايمان جائي
وه دين جس سي توحيد پهيلي جهان مين
هوا جلوه گر حق زمين وزمان مين
رها شرک باقي نه وهم و گمان مين
وه بدلا گيا آکي هندوستان مين
هميشه سي اسلام تها جس په نازان
وه دولت بهي کهو بيڻهي آخر مسلمان
دنيا جي تاريخ مان معلوم ٿيندو ته سڀني مذهبن جي ملان فرقي پنهنجي مطلبن واسطي دين کي بگاڙي خدا جي خلق کي گمراهه ڪري ڇڏيو. ڪلور ته اهو ڪيائون جو خود خدائي صحيفن ۾ ڪمي و بيشي ڪري ڪجهه ڪڍي ڪجهه وجهي دين ئي پنهنجو کڻي ٺاهيائون. اسان جو قرآن شريف الله تعاليٰ جي فضل سان محفوظ آهي ۽ ان ۾ ڪو به ڪمي بيشي ڪو نه ٿو ڪري سگهي، مگر تنهن هوندي به اسان ۾ بگاڙ گهڻو ٿي ويو آهي. سو هن طرح ته اوائلي زماني ۾ سڀ ڪنهن عمل ۽ هدايت لاءِ پهريائين قرآن شريف ڏي رجوعات ڪئي ويندي هئي ۽ سنئين سڌي معنيٰ ورتي ويندي هئي پر اتفاقن جيڪڏهن قرآن شريف مان پوري صفائي ٿي نه سگهندي هئي ته صحيح حديثن ۽ اصحابن سڳورن جي روش مان صفائي ڪئي ويندي هئي. جڏهن فقه شريف جو زمانو آيو تڏهن اهو خيال پيدا ٿيڻ لڳو ته هاڻي قرآن مجيد ۽ حديثن ڏانهن رجوعات ڪرڻ جي چندان ضرورت ڪانهي ۽ چوڻ ۾ آيو ته جنهن صورت ۾ امامن سڳورن صفائي ڪري ڇڏي آهي ۽ جنهن صورت ۾ اسان جو فهم قاصر ۽ سمجهه گهٽ آهي، تنهن صورت ۾ قرآن شريف ۽ حديثن ڏي رجوعات ڪرڻ غير ضروري بلڪ نقصان ڪار آهي. قرآن شريف جا اوائلي تفسير عاليشان آهن پر پويان تفسير ڪوڙيون روايتون ۽ غلط خيال پيدا ڪندا ويا. پوءِ وري اهڙو زمانو آيو جنهن ۾ مجتهدن جي فتوائن ۽ صوفين جي مختلف طريقن جي خيال جي ڌم لڳي ويئي ۽ گهڻا فرقا ٺهي پيا. ان کان بعد وري اهڙو زمانو آيو جو رندانه شاعرن جي قولن تي اعتبار ٿيڻ لڳو. حالانڪ قرآن شريف ۾ آهي ته الشعراءِ يتبعهم الغاوون يعني گمراهه ماڻهو شاعرن جي پيروي ٿا ڪن. اڄ ڪلهه ڪيترائي ڪتاب ۽ ولين جا قصا پڙهيا وڃن ٿا جي سچ پچ ڪوڙا ۽ گمراهه ڪندڙ آهن.
اسلام ۾ خدا جي مهرباني سان ملان فرقو ڪو نه رکيو ويو. نڪاح ۽ جنازي جي غسل ۽ ڪفن دفن جو ڪم اهڙو آسان آهي جو سڀ ڪوئي ڪري ٿو سگهي، ۽ سڀ ڪنهن کي بنا اجوري ڪرڻ گهرجي. مگر بد قسمتي سان مسلمانن جي مٿان جاهليت اهڙي ڇائنجي ويئي آهي جو مسلمانن ۾ به ملان فرقو ٺهي پيو آهي، جنهن جو گذران آهن نڪاح پڙهڻ، جنازي کي غسل وغيره ڏيڻ، اسقاط ڪرڻ، قرآن بخشڻ ۽ مان ڏيڻ. گهڻا ملان وري تعويذن ۽ ڪوڙي رمل جي حسابن سان به چڱا ٽڪا پيا ڪمائين. پر وڌيڪ خراب ڳالهه هيءَ آهي ته جاهل ملن ماڻهن جا عقيدا به بگاڙي ڇڏيا آهن. پر خدا جي مهرباني سان اڳواڻن مذهبن جي ملن وانگر آخري خدائي صحيفي يعني قرآن مجيد کي گهاڙي نٿا سگهن. قرآن شريف صحيح سلامت موجود آهي، ۽ هر ڪو شخص دين جا سچا عقيدا ۽ هدايتون پڙهي انهن تي عمل ڪري دنيا ۽ آخرت جو فائدو حاصل ڪري ٿو سگهي. ماڻهن کي گهرجي ته نڪاح ۽ غسل ۽ دفن ڪفن جو ڪم پاڻ سکي پون ۽ پيسو خرچ نه ڪن. نڪي ٻين کان رواجي ختما ڪڍرائين. فقط انهن معلمن جي مدد ڪرڻ گهرجي جي مڪتب يا مدرسو کولي سندن ٻارن کي قرآن شريف ۽ اسلامي ڪتاب سيکارين جن مان اسلام جي تعليمات جي خبر پوي.
مسلمانن جي پستي ۽ زواليت جو ثبوت هن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو لڀندو ته خود عالم جن اصل عربي ۾ قرآن شريف ۽ حديثون پڙهيون آهن سي به عملن ۾ اڪثر اهڙا آهن جهڙا بي علم. ٻين خرابين جي علاوه منجهن هي عيب به اڪثر ڏسجي ٿو ته هٺ ۽ وڏائي، تعصب ۽ تنگ خيالي گهڻي اٿن. حالانڪ سچو علم اهو آهي جو ماڻهوءَ کي نماڻائي سيکاري. ماڻهن کي ميٺاج سان سمجهائڻ جي بدران اهڙي ڪاوڙ چڙهي ويندي اٿن جو هڪدم ڪفر جو لقب ڏيئي ڇڏيندا آهن. عمل ته ڇڏيو پر سندن علم ئي ناقص آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندن عمل چڱا نه آهن. هاڻوڪن مدرسن ۾ تعليم طوطي وانگر بنا سمجهائڻ جي ڏني وڃي ٿي. ديني عقيدن جون خوبيون دليلن ۽ عقل سان نٿيون ڏيکاريون وڃن. اڪثر عالمن جو اڄ ڪلهه خيال آهي ته شريعت ڪو هروڀرو عقل سان موافق ناهي. تنهن کان سواءِ هو سمجهندا آهن ته دين تي هلڻ سان دنيا نٿي ملي. در حقيقت شريعت ڪمال عقل تي ٻڌل آهي ۽ اسلام جي هر هڪ هدايت اسان جي دنيا ۽ آخرت جي فائدي لاءِ ڪامل وسيلو آهي. تعليم جي انهيءَ بگڙيل حالت جي ڪري اسان جي اڪثر عالمن کي دماغ بلڪل ڪونهي. جڏهن تحصيل ڪري پڳ ٿا ٻڌن، تڏهن مسجد ۾ ويهي ماڻهن کان ٽڪيون وٺڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪري نٿا سگهن نه پنهنجو روزگار ڪمائي ٿا سگهن، نه اسلام جون خوبيون تقرير يا تحرير جي وسيلي ماڻهن کي سمجهائي دين جي طرف آڻي ٿا سگهن. هو ذات انسان جي ڀلي ڪرڻ بدران اٽلندو مٿن بار ٿيو پون. مدرسن جي تعليم سڌارڻ به نسبت جدا مضمون لکيو ويندو. انشاءَ الله.

صوفين ۽ درويشن جي حالت
يه هين جاده پيماي راه طريقت
مقام ان کا هي ماوراي شريعت
انهين پر هي ختم آج کشف و کرامت
انهين کي هي قبضه مين بندون کي قسمت
يهي هين مراد اور يهي هين مريد اب
يهي هين جنيد اور يهي با يزيد اب
بهت آپ کو کهه کي مسجد کي باني
بهت بن کي خود سيد خانداني
بهت سيکهه کر نوحئه و سوز خواني
بهت مدح مين کر کي رنگين بياني
بهت آستانو کي خدام بن کر
پڙي مانگتي کهاني پهرتي هين در در
(حالي)
لا رهبانيت في الا اسلام
يعني اسلام ۾ دنيا ۽ گهر ٻار کي ترڪ ڏيڻ جائز ناهي. (حديث)
اللهم اني اعوذ بک من العجز و والکسل
يعني اي خدا مون کي جڏائي ۽ سستي کان پناهه ڏي. (حديث)
جنهن کي فقط هڪڙي وقت جو کاڌو گهر ۾ موجود آهي تنهن کي پنڻ جائز ناهي. (حديث)
حلال آدمي کو هي نه کهانا نه پينا
نه هو ايک جب تک لهو اور پسينا
(حالي)
اڄ ڪلهه جنهن ماڻهوءَ تي قرض چڙهي ٿو وڃي يا سستي کان ڪم نٿو ڪري سو دائرو يا مڪان ٺاهي ويهي ٿو رهي. اڪثر ڪري ڪنهن پراڻي سراڻي نا معلوم قبر تي پڙ وجهي اتي ميلو. ملاکڙو ٿو لارائي ۽ ڪڃريون ٿو نچارائي. مڪانن ۾ ڀنگ ۽ چرس جي ڌم لڳي پئي آهي. اهي درويش به مڪرن جي مڻن سان ڀريل پيا آهن. پر انصاف بيوقوف ماڻهن جا به چئبا جو اهڙن مڪريل، دين کان ڦريل، خدا ۽ رسول ﷺ جي تڙيل براءِ نام درويشن کي ولي سمجهي کانئن ڌاڳا ۽ ٽنئوڻا ڦيڻا ڪرائي بيماريءَ کان يا ڪنهن ٻئي ڪم لاءِ ڳچي ۾ ٿا ٻڌن. ائين نٿا ڄاڻن ته جي شخص ظاهر ظهور خدا جي حڪمن ۽ رسول الله ﷺ جي سنت جي خلاف هلي رهيا آهن بلڪ دين ۽ شريعت تي ٽوڪون پيا ڪن سي ڪيئن ولي هوندا.
قبرن تي خواه ٻين هنڌن تي پينو فقيرن جو تعداد هزارن کان لنگهي وڃي لکن کي پهتو آهي. ارمان جي ڳالهه آهي جو ٿلها متارا پني عيش عشرت ۾ حياتي پيا گذارين باقي ويچارا جڏا ۽ محتاج ۽ مسڪين طالب علم تن کي ڪو پائي به ڪو نه ٿو ڏئي. عجب ته اهو آهي ته جيڪي ڀلين گهوڙين تي چڙهيا وتن خصوصن سيد، جي پنهنجي شريف نسب کي ننگ ڏيئي پنڻ جي پٺيان ڪاهي پيا آهن، تن کي اٽلندو گهڻي خيرات ٿي ملي. واه انصاف. ڪي مولوي چون ٿا ته سڀ ڪنهن سائل کي خيرات ڏيڻ ۾ ٿورو ڪي گهڻو ثواب آهي. مگر علامه مولانا شبلي جي ڪتاب الفاروق ۾ روايت لکيل آهي ته ڪنهن فقير حضرت عمر رضي الله کان اچي سوال ڪيو. حضرت عمر کانئس ان جي ڳوٿري ڦري پوءِ کيس ڪجهه خيرات ڏني. ڇو ته حديث شريف ۾ آهي ته جنهن کي هڪ ويلي جو کاڌو موجود آهي تنهن کي پنڻ جائز ناهي. شريعت جو قاعدو آهي ته جو ڪم گناهه آهي، تنهن ۾ مدد ڪرڻ به گناهه آهي، سواءِ ڪنهن واجبي سبب جي. پوءِ اهڙي پينوءَ کي خيرات ڏيڻ به گناهه سمجهڻ گهرجي. ڇو ته هن کي خيرات ملندي ته هو پيو پنندو. ٿلهي متاري پينوءَ کي خيرات ڏيڻ هن جي حياتي برباد ڪرڻ آهي، ڇو ته جيڪڏهن کيس خيرات ملندي ته ڪوبه ڌنڌو نه ڪندو، پر جي خيرات نه ڏبيس ته لاچار ٿي وڃي ڪنهن نه ڪنهن ڌنڌي کي لڳندو. تنهن ڪري چڱو ائين آهي ته پينو فقيرن کي ڳوٺن ۾ پنڻ لاءِ گهڙڻ ئي نه ڏجي.
هي بحث ڀنگ پيندڙن ۽ پينو فقيرن جو ڪيوسين. اڄ ڪلهه ڪي پڙهيل ماڻهو ائين چوڻ لڳا آهن هي ڪوڙا صوفي آهن، مگر سچا صوفي بيشڪ ڀلارا آهن. اهي شريعت تي به هلن ٿا ۽ خدا جو عشق ۽ ذڪر فڪر ڪمائي فنا في الله ٿين ٿا. پر انهيءَ لاءِ سچن پهتل بزگن کي مرشد ڪري وٺڻ جي ضرورت پوي، اهو بحث اونهو آهي ان ۾ گهڻو اختلاف آهي. اڄ ڪلهه جيڪي قلبي ورزشون يا تصور پچايا وڃن ٿا تن جو بيان ڪتاب ارشاد المعرفت ۾ ڏنل آهي. انهن کي ذڪر جا طريقا سمجهيو وڃي ٿو. قرآن شريف، حديثن ۽ فقه شريف مان انهن طريقن جو پتو به ڪو نه ٿو پوي. عالم قبول ٿا ڪن ته اهي طريقا اصحابن سڳورن کان گهڻو پوءِ نڪتا آهن. حديث شريف آهي ته ”ما انا عليه واصحابي“ يعني اها روش وٺو جنهن تي مان ۽ منجها اصحاب آهن. ٻي حديث آهي ”من عمل عملا ليس عليه امري فهو رد“ يعني جو اهڙو عمل ٿو ڪري جنهن بنسبت منهن جو حڪم ڪونهي پوءِ اهو عمل رد آهي. ٻي حديث آهي ”اهل القرآن اهل الله“ يعني قرآن وارا سي الله وارا آهن. بدعتن يعني مذهب ۾ نين ڳالهين ڪڍڻ جي خلاف تمام سخت حديثون آيون آهن. هاڻي غور ڪري ڏسو ته جنهن ڪم سان چيو وڃي ٿو ته ولايت حاصل ٿئي ٿي، تنهن جو حڪم ڇو نڪي قرآن شريف ۾ آيو نه حديثن ۾. انهن طريقن ڪمائڻ وارا ڪي گهر ٻار ڇڏي ٿا ڏين، ڪي دائم المريض ٿي ٿا پون، ڪي گگ وهائي بيحال ٿيو پون ۽ ڪي ته ديوانا به ٿيو پون. قرآن ۽ حديث کي ته ويجهو به نه وڃن.
در حقيقت هن قسم جا صوفي نه پاڻ لاءِ ڪا چڱائي ڪري ٿا سگهن نه دنيا کي ڪو فائدو ڏيئي ٿا سگهن. اٽلندو ويچارا جاهل ماڻهو فريبن هيٺ اچي انهن جا مريد ٿا ٿين، پنهنجو گهر ڦري اهڙن درويشن کي خوش ٿا ڪن ۽ بيماري وغيره ۾ علاج ڪرڻ بدران سڳي ڌاڳي ۾ اعتبار رکي پاڻ کي نقصان ٿا پهچائين. اهڙن درويشن کي جيڪڏهن ڪو به ماڻهو پيسو پائي نه ڏئي ته جيڪر پاڻهي مڪرن ۽ فريبن کي ڇڏي ڏين. کڻي قبول به ڪجي ته اهي حق تي آهي ته به انهن کي پيسن ڏيڻ جو ضرور ڪهڙو. الله تعاليٰ پاڻهي هنن جي ڪمائي ۾ برڪت وجهندو. پر قرآن مجيد ۽ حديثن جو فيصلو صاف آهي ته اسان کي اها روش وٺڻي آهي جا رسول الله ﷺ ۽ اصحابن سڳورن ورتي. ڪي ماڻهو پڇندا آهن ته ڀلا رسول الله ﷺ جن اڪيلائي ۾ مثلن غار حرا ۾ ڇا ڪندا هئا. اهڙو سوال صحيح بخاري ۾ به بيان ڪيل آهي ۽ ان جي جواب ۾ چيل آهي ”غور فڪر ۽ عبرت پذيري.“

واپار ۽ واپارين جي حالت
وَ اَقِیۡمُوا الْوَزْنَ بِالْقِسْطِ وَ لَا تُخْسِرُوا الْمِیۡزَانَ ﴿۹﴾
يعني انصاف سان تور ڪيو ۽ ماپ ۾ گهٽتائي نه ڪريو. حضرت صالحؑ جي قوم ٺڳي ۽ بي انصافي جي ڪري تباهه ٿي. حديث شريف ۾ آهي ته توهان ۾ سڀني کان چڱو اهو آهي جو پوري انصاف سان ڀري ٿو ڏئي. (قرآن مجيد)
واپار هڪ شريف ڌنڌو آهي. خود حضرت جن ﷺ ۽ ڪيترن اصحابن ۽ امام اعظم به اهو ڌنڌو ڪيو هو. ان جي وسيلي سڀ ڪوئي شخص پاڻ وٽ وڌيڪ پيل شيءَ جو نيڪال ٻين جي فائدي لاءِ ڪري سگهي ٿو ۽ پاڻ لاءِ گهربل شيءَ وٺي سگهي ٿو. تنهن کان سواءِ جي شيون هڪڙي ملڪ ۾ پيدا نه ٿيون ٿين يا گهٽ پيدا ٿيون ٿين سي ٻئي ملڪ مان واپار جي وسيلي آڻي ميسر ڪري سگهجن ٿيون. مگر واپار جي شريف ڌنڌي کي هن زماني ۾ نهايت خراب ڪيو ويو آهي. گهڻا واپاري ائين ٿا سمجهن ته واپار ۾ دغا ۽ ٺڳي ڪرڻ کان سواءِ فائدو ئي ڪونهي. انهيءَ ڪري ڇا ٿيو آهي جو شين ۾ ميل ميلاپ ڪري اٽلندو زيان ڪار بنايو وڃي ٿو. مثلن کير جهڙي لطيف شيءَ ۾ پاڻي ۽ چانورن جو اٽو، گهه ۾ کوپرو يا چربي ان ۾ مٽي وغيره وغيره. رڳو دوائون جن تي بيمار جي صحت جو مدار آهي سي به ڪوڙيون يا پراڻيون ڏنيون وڃن ٿيون. تنهن کان سواءِ وٽ ترازيون ۽ ماپا کوٽا رکيا وڃن ٿا، ۽ تورڻ يا مئڻ ۾ هٿ سان حرڪت باري ڪئي وڃي ٿي. در حقيقت انهن ٺڳين ۾ فائدو بلڪل ڪونهي. دغا ڪرڻ جي بدران کليو کلايو اگهه وڌائي وٺڻ گهرجي. پهريائين سو شايد سچ تي هلڻ ڪري نقصان ٿئي مگر آخر سچار کي فائدو رسندو، ۽ خلق تان به آزار لهي پوندو.
پهرين خرابي واپار ۾ هي آهي جو واپاري ماڻهو ان يا ڪپڙو وغيره گهڻي انداز ۾ خريد ڪري انبار ڪري رکي ٿا ڇڏين انهيءَ لاءِ ته جڏهن مهانگو ٿئي تڏهن وڪڻي نفعو ڪمايون. انهيءَ رکڻ جي ڪري ئي مهانگائي ٿي ٿئي ۽ ڪي ٻيا نقصان ٿا ٿين. حديث شريف ۾ اهڙيءَ طرح جنسن رکي ڇڏڻ جي منع آهي. واپار جو مطلب ئي اهو آهي ته جنس وٺي هڪدم اچي بازا ۾ رکجي ۽ نفع تي وڪڻجي. جيڪڏهن بازار ۾ کپ ڪونهي، يا نفعو نٿو ٿئي ته خريد ئي نه ڪجي. جيتري قدر بازار ۾ وڪري جي اميد هجي اوتري قدر خريد ڪجي.
ٻي خرابي آهي ساٽن هئڻ جي. دنيا کي وڏو نقصان ساٽن رسايو آهي. وڏن شهرن ۾ ڏسندؤ ته سوين بيڪار ماڻهو هزارن بلڪ لکن جو مال ٻولي پوءِ وٺن ڪين ۽ هڪدم ٻئي کي ڏيئي ڇڏين. يا ٻيو به وٺي ڪين فقط نفعي نقصان جو حساب لاهي اهو ٻيو پنهنجي نالي ڪري ڇڏي. يعني جنس نڪا خريد ڪري هٿ ٿي ڪجي، نڪي وڪڻي ٻين کي ٿي ڏجي. رڳو جوا بازي لڳي پيئي آهي، جا سخت حرام آهي ۽ نهايت نقصان ڪار آهي.
ٽئين خرابي آهي ته وياج تي پيسا وٺي واپار ڪرڻ. وياج ڏيڻ خواه وٺڻ سخت حرام آهي. وياج تي پيسا وٺي واپار ڪرڻ پاڻ کي تباهي جي ڪن ۾ غرق ڪرڻ جي برابر آهي.
مٿئين ٽن خرابين جي ڪري ئي واپاري تباهه ٿا ٿين ۽ روزمره ڏيوالا ٿا نڪرن، جن ۾ ٻين هزار ماڻهن جو به خانو خراب ٿو ٿئي. جيڪڏهن اهي ٽئي خرابيون نه هجن ته ڏيوالا اصل ڪو نه نڪرن، پر هر طرح ماڻهو خوشحال ۽ آسودا ٿي وڃن.
وياج بنسبت هت ٻٽي لفظ لکڻ مناسب ٿا سمجهون. اسلام ۾ وياج وٺڻ خواهه ڏيڻ قطعن حرام آهي. وياج جي رسم جي ڪري ۽ اڌارن پيسن ملڻ جي اميد تي ماڻهو ڪفايت جو گڻ نٿا سکن. لاچاري حالت اچي بڻجي ته ٽپڙ ٽاڙي وڪڻجن، زمين وڪڻجي، گهر وڪڻجي مگر وياج تي قرض نه کڻجي. اڃا به وڌيڪ لاچار ٿئي ته پني ويلو ڪاٽجي مگر وياج تي پيسو نه وٺجي. ڇو ته اسلام موجب جڏهن هڪ ويلي کائڻ جي وسعت نه هجي ته پوءِ پنڻ جائز آهي. پر حقيقت هيئن آهي ته جيڪڏهن سنڌ جا مسلمان محنت ڪن ۽ سنڀالي هلن ته قرض کڻڻ جي ضرورت ته پري رهي پر بلڪل آسوده حال هجن.



هندو مسلم تعلقات
مذهب نهين سکهاتا آپس مين بير رکهنا
هندي هين هم وطن هي هندوستان همارا
(اقبال)
حب الوطن من الايمان
يعني وطن جي حب ايمان جو ڀاڱو آهي. (حديث)
ڍاڪا جي هڪ مشهور هندو پروفيسر لکيو آهي ته هندو مسلم نفاق لاءِ ٻئي قومون جوابدار آهن. ٻنهي کي هڪ ٻئي ڏانهن عداوت ۽ نفرت آهي. هو لکي ٿو ته مسلمانن جو مذهب ئي ٻين قومن لاءِ عداوت ٿو سيکاري جنهن لاءِ بادشاهه علاؤ الدين جي قاضيءَ جي فتويٰ بيان ڪئي اٿس. سچ پچ اهو ڏوهه اسان جي گهڻن عالمن جو آهي، جن غلط فتوائون ڏئي اسان جي اسلام کي بدنام ڪيو آهي. حضرت رسول الله ﷺ جن غير مسلمانن سان نهايت شفقت ۽ مهرباني جي هلت هلندا هئا. اسلام ۾ غير مسلمانن کي صدقو ۽ خيرات ڏيڻ به ثواب جو ڪم آهي. ڪافرن کي مارڻ ۽ انهن کي زور سان اسلام تي آڻڻ بلڪل ثابت ڪونهي. اڄ ڪلهه غلط تفسير ڪيا ويا آهن، نه ته قرآن شريف ۾ چٽو فرمايل آهي ته ”لا اکراه في الدين“ يعني دين جي باري ۾ جبر ڪونهي. هندن لاءِ وري پروفيسر صاحب لکي ٿو ته هو غير هندن کي مليڇ ٿا سمجهن ۽ ساڻن گڏجي نٿا کائن پيئن ۽ نڪي پنهنجا برتن کين ڪم آڻڻ ٿا ڏين نڪي سندن برتن پاڻ ٿا ڪم آڻين. انهيءَ جو لازمي نتيجو آهي نفاق ۽ نفرت.
اسان هندو مسلم اتحاد ۽ اتفاق جا حامي آهيون، مگر اهو اتحاد رڳو مٿاڇرين فصيح تقريرن سان ڪين ٿي سگهندو. ٻنهي قومن جي هر طبقي جي ماڻهن کي گهرجي ته هڪ ٻئي سان دنيا جي هر امر ۽ روزمره جي معاملات ۾ انصاف، بلڪ شفقت ۽ همدردي ۽ عزت سان پيش اچن. حقيقت هيءَ آهي ته هن وقت ٻئي قومون هڪ ٻئي کي هر طرح نقصان پيون رسائين، بلڪ هر هڪ قوم جا ماڻهو پاڻ ۾ به هڪ ٻئي کي هر طرح نقصان رسائڻ لاءِ تيار ٿا رهن. جڏهن ظاهري طور مٺي زبان ۽ عزت سان هڪ ٻئي کي پيش اچن ٿا تڏهن ڪنهن خاص مقصد لاءِ. منافقي اڄ ڪلهه رواجي ڳالهه آهي. سؤ مان نوانوي ماڻهو هر روز ڪيتريون ئي منافقيءَ جون هلتون هلن ٿا. ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ ڪوڙا انجام ڏيڻ جو دستور ته عام ٿي ويو آهي.
هاڻي اسان پهريائين مسلمانن جي هندن سان هلت ۽ پوءِ هندن جي مسلمانن سان هلت صاف طور بيان ڪنداسين. سچ ڪهڙو به اڻ وڻندڙ هجي ان کي لڪائڻ مان وڏا نقصان آهن. جڏهن خرابيون ظاهر ڪيون وينديون تڏهن ته انهن کي دفع ڪرڻ جا اپاؤ ڳوليا ويندا ۽ اتحاد به تڏهن قائم ٿي سگهندو.
ٻهراڙيءَ ۾ مسلمانن جو زور آهي. هو واڻين کي ڪافر ڪوٺيندا آهن ۽ ساڻن چڱي طرح پيش ڪين ايندا آهن. جهنگ ۾ ڪو واڻيو هٿ ايندو اٿن ته ان کان سڀ ڪجهه ڦري وٺندا آهن. چور اگرچه مسلمانن جي به چوري ڪندا آهن، پر گهڻو ڪري هندن جي چوري ٿيندي آهي، سو هن ڪري جو هندن وٽ دولت وڌيڪ آهي ۽ هو پاڻ کي بچائي به نٿا سگهن. اڪثر وري به پاڙي وارا مسلمان ئي کين مدد ڪندا آهن ۽ ڌاڙيلن کان کين پناهه ڏيندا آهن. ڪي چور ته هيئن چوندا آهن ته ڪافرن کي ڦرڻ جائز آهي جو هو به اسان کي واپار ۽ ڏيتي ليتي ۾ ڦرين ٿا. مگر هن مان ائين سمجهڻ نه گهرجي ته ٻهراڙيءَ ۾ ڪو هندن سان مصيبتون پيون ٿين. هندو ڏاڍا سياڻا آهن. هو هيڻائيءَ جي حالت ۾ اهڙي نوڙت ٿا رکن جو زميندارن کي ۽ ٻين کي پنهنجو ڪيو ڇڏين ۽ مسلمانن مان خوب فائدا پيا ڪڍن. مگر انهيءَ هلت جو نتيجو اهو ٿو ٿئي جو دل ۾ ٻنهي قومن جي وچ ۾ نفرت ۽ عداوت رهي ٿي، ۽ وجهه ملڻ مهل هڪ ٻئي جو نقصان ڪرڻ کان به ڪين ٿا ٽرن. تنهنڪري مسلمانن کي گهرجي ته رسول الله ﷺ جي سنت موافق غير مسلمانن سان انصاف ۽ شفقت ۽ عزت سان پيش اچن. غير مسلمانن جي چوري ڪرڻ يا ساڻن ڪا به غير واجبي هلت ڪرڻ اهڙو ئي گناهه آهي جهڙو مسلمانن سان ناحق ڪرڻ.
هندو ماڻهو اڪثر ڪري ڪامورا يا واپاري يا وياج خور آهن. ڪامورن جو بيان ته اڳي ئي آيو آهي. هنن رشوت ۽ رسائي سان ملڪ کي خصوصن مسلمانن کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. هندو ڪامورن گهڻو ڪري هندن کي وڌيڪ نوازيو آهي. هندو بالا عملدارن جي روش مسلمان زيردستن سان ۽ مسلمان رعيت سان گهڻو ڪري بي انصافي جي پي رهي آهي. مسلمانن کي يا ته نوڪريون ملن ئي ڪو نه ٿيون يا ته کين تنگ ڪري تڪليفون ڏيئي انفٽ ڪري گهر اماڻيو ٿو وڃي. جاهل مسلمان جيڪڏهن هندن سان خراب هلت ڪن ته اهڙي ارمان جي ڳالهه ناهي، جهڙي اها تعليم يافته هندو مسلمانن سان غير انصافي جي هلت هلن ٿا. هاڻي مسلمان به نوڪرين ۾ وڌندا ٿا وڃن. اسان جو کين عرض آهي ته هو هندو زيردستن ۽ هندو رعيت سان با انصاف هلت وٺن.
هندو واپارين جو حال اهو آهي جو جاهل مسلمانن کي اگهه ۾، وٽن ۾، تورڻ ۾، ليکي ۾ مطلب ته هر طرح ٺڳين ٿا، ۽ کنڌي ۾ ڪوڙيون رقمون لکندا ويندا آهن. وياج خور مسلمانن کان وياج به ڳرو ٿا وٺن ۽ ليکي چوکي ۾ به گهڻو ڪوڙ ٿا ڪن. جيڪڏهن سچائي مان پورت نه ٿي پوين ته ڪنهن ٻئي ڌنڌي کي وٺڻ گهرجين. هندو ماڻهو هٿ جي پورهئي ۽ پوک ڪرڻ کان عار ٿا ڪن، مگر هٿ جو پورهيو نهايت شريف آهي. هندو قوم جيڪڏهن پوک جي ڪم کي لڳي ته سنڌ جيڪر گهڻي قدر سڌري پوي ۽ خود هندو قوم به تندرستي ۽ شجاعت پرائي. اسان هندو واپارين ۽ وياج خورن کي گهڻو ڏوهه نٿا ڏيون ڇو ته هو ڪامورن جهڙا تعليم يافته ناهن. مگر هندو ليڊرن تي فرض آهي ته پنهنجي قوم کي هر طرح سڌارڻ جي ڪوشش ڪن. هندن ۾ به اسراف ۽ ڏيتي ليتي جون بدرسمون آهن جي کين تباهه ڪري رهيون آهن.
هندو قوم اڄ ڪلهه گهڻو زور وٺي ويئي آهي ۽ مسلمانن کان گهڻو سياڻي آهي، تنهن ڪري جيڪا نفرت هندن ۾ مسلمانن لاءِ آهي، سا مسلمانن ۾ هندن لاءِ هرگز ناهي. هندو اڪثر ڪري صبح سان مسلمانن جي منهن نه پوندا آهن، ۽ مسلمان ڪهڙو به پڙهيل ۽ سڌريل هوندو آهي ته به ان کي ڄٽ کان سواءِ نه سڏيندا آهن. مسلمان چوندا آهن ته هندو ڪهڙو به دوست هوندو ته به پاڻي پياريندو ٻڪ تي. مسلمانن کي ميلڇ سمجهڻ ۽ ساڻن گڏ نه کائڻ پيڻ وغيره به نسبت ته اسان اڳي ئي ڍاڪا جي هندو پروفيسر صاحب جو خيال ظاهر ڪري چڪا آهيون.
مسلمان ليڊرن کي به عرض آهي ته هو ڪوتاهه نظر نه ٿين. جيڪڏهن ڪي هندو مسلمانن سان بي انصاف ڪن ته ان جي بدلي پاڻ کي انصاف ڪرڻ گهرجي. پوءِ مخالف قوم به پاڻهي سڌري پوندي. هندو ليڊرن کي به اهو ئي دور انديشي وارو خيال رکڻ گهرجي.
هندو مسلمان ۾ نفاق گهڻو ڪري ردي ليڊرن ۽ ايڊيٽرن پيدا ڪيو آهي. هو هميشه حقي يا ناحقي ٻي قوم کي ڏوهه ڏين ٿا نه پنهنجي قوم کي ۽ حق کي لڪائي يڪ طرفي راءِ ڏيئي ٿا وڃن، ائين هرگز ٿيڻ نه گهرجي. حق ڳالهائجي ۽ حق لکجي اگرچه ان مان پنهنجو نقصان ٿي پوي. في الحال ٿورو نقصان ٿيندو مگر سڌارو ۽ ترقي ٿيندي ئي تڏهن جڏهن پنهنجي قوم جي ناحق ڪندڙن کي خراب ڪيو ويندو يا سزا ڏياري ويندي.
شڌي ۽ تبليغ جو حق جهڙو هندن کي آهي تهڙو مسلمانن کي. مگر بد تهذيب لفظ ڪم آڻڻ ۽ هڪ ٻئي جي دل ڏکوئڻ جو حق ڪنهن کي ڪونهي. بحث مباحثو ضديت لاءِ يا کٽڻ لاءِ نه ڪبو آهي پر حق ۽ باطل کي سمجهڻ لاءِ ڪبو آهي ۽ ان ۾ خفي ڪڏهن به نه ٿجي. جيڪڏهن خفي ٿيڻ يا دل ڏکوئڻ جو انديشو هجي ته هڪدم بحث مباحثو بند ڪجي. شڌي ۽ تبليغ انهيءَ نيت سان ڪجي ته خدا جي خلق نئين راه تي اچي چڱا ڪم ڪري، نه ڪنهن پوليٽيڪل يا خود غرضي جي نيت سان. شڌي ۽ تبليغ جو بهترين طريقو آهي پنهنجي مذهب جون خوبيون ٻڌائڻ، نه ڪي پرائي مذهب جون چڪون ڪڍڻ ۽ پنهنجي روش سڌارڻ نه ٻين جا عيب ڪڍڻ.

ڪڙمين ۽ ڪاسبين جي حالت
وہ تھکتی ہیں اور چین پاتی ہے دنیا
کماتے ہیں وہ اور کهاتی ہے دنیا
بس اس طرح جینا عبادت ہے ان کی
اور اس دهن میں مرنا شهادت ہے ان کی
جي شخص حلال جي روزي ڪمائي ٿا کائين سي الله تعاليٰ جا پيارا آهن.
(حديث)
ڪنهن پارسيءَ واري چيو آهي ته ”اي زر! تو خدا نئه و ليڪن بخدا ستار عيوب وقاضي الحاجات.“ يعني ”اي سون! تون خدا ناهين پر قسم آهي خدا جو تو تون عيبن جو ڍڪيندڙ ۽ حاجتون روا ڪندڙ آهين.“ انهيءَ کان وڌيڪ صحيح ۽ سهڻو ٿئي ها جيڪڏهن چوي ها ته: ”اي ادا ڪڙمي! تون رازق ناهين، پر قسم آهي رزاق جو ته خلق کي روزي تون رسائين ٿو، اي ادا ڪوري! تون ستار سو ڪين آهين پر قسم آهي ستار جو ته سڄي جهان کي تون ٿو ڍڪين، اي ادا ڪاريگر ۽ مزدور! تون مصور يا خالق ناهين پر قسم آهي مصور پاڪ جو ته ماڙيون منڊل تون ٿو اڏين ۽ باغ بستان تون ٿو بنائين.“ قربان وڃان اوهان جي پگهر جي هر هڪ ڦڙي تان جنهنجي وسيلي اسان بي بها نعمتون ۽ عيش عشرت ٿا ماڻيون. لعنت آهي انهن تي جي توهان تي ظلم ٿا ڪن ۽ درحقيقت اهي توهان تي ظلم نٿا ڪن پر پاڻ تي ظلم ٿا ڪن. اوهان پاڻ کي سڌاريو ۽ خدا تعاليٰ ڏانهن رجوع ٿيو ته ظالمن يا ظلم جي پاڙ پٽجي ويندي.
سچ آهي ته زميندار، ڪامورا، پير، ملان، فقير، کدڙا، واپاري، وياج خور سڀ اوهان کي زور سان يا ٺڳيءَ سان ڦري ناس ٿا ڪن. مگر توهان ۾ به گهڻا قصور آهن. چوري، زنا، ڪوڙ، ٺڳي، جهيڙا، فساد ۽ سڀني کان وڌيڪ خراب جهل يعني بي علمي توهان ۾ رواجي ٿي ويا آهن. توهان جيڪڏهن سمجهه رکو ۽ خدا کان سواءِ ڪنهن کان نه ڊڄي سنوان سڌا اخلاق رکو ته ڪنهن جي مجال ناهي جو توهان کي رڳو اف چئي سگهي. جيڪڏهن چڱي طرح هلو ۽ پنهن جي پاڻ عزت رکو ته ٻيا به سڀئي توهان کي عزت ڏين. اسلام موجب عزت دولت ۽ خاندان تي منحصر ناهي پر علم ۽ نيڪ اخلاقن تي آهي. ٻين کي پاڻ کان وڏو سمجهڻ يا ٻين کي پاڻ کان گهٽ سمجهڻ شرڪ آهي. وڏو فقط الله تعاليٰ آهي. انسان سڀ ڀائر آهن، سڀ حضرت آدمؑ جو اولاد آهن، ۽ حضرت آدم مٽيءَ مان پيدا ٿيو. توهان تي جيڪو ظلم ٿئي ٿو سو هڪڙيءَ طرح توهان پاڻ تي پاڻ ٿا ڪيو. جيڪڏهن ڪو زميندار يا ڪامورو ڪنهن غريب تي ظلم ٿو ڪري ته توهان سڀئي ان جي خلاف هڪٻئي جي مدد نٿا ڪريو. جيڪڏهن هو غريب ڪورٽ ۾ ڪيس ٿو ڪري ته مدد جي بدران اٽلندو خدا جي خوف ڇڏي، ظالم کان ڊڄي، ان جي طرفان قسم تي ڪوڙي شاهدي ٿا ڏيو. ائين نٿا ڄاڻو ته اڄ هن غريب تي ظلم ٿيو آهي سڀاڻي اسان جو به وارو ايندو. زميندار ۽ ڪاموري کي به توهان وانگر ٻه ٽنگون ۽ ٻه ٻانهون آهن، وڌيڪ منجهس ڪجهه ڪين آهي. مگر اوهان جي ئي ڪم عقليءَ جي ڪري، اوهان جي ئي مدد سان اوهان تي ظلم ڪري ٿو سگهي. اوهان پاڻ جيڪڏهن حق تي هلو ته اوهان تي ڪو ئي به ظلم ڪري نه سگهي.
ٻيو عيب توهان ۾ هي آهي ته جيڪو توهان سان ڏاڍائي ڪندو آهي تنهن سان سنوان ٿي هلندا آهيو، ٻئي سان نه. تنهنڪري ئي چوندا آهن ته سنڌ موچڙي سان ٻڌل آهي. ڇو ٿا توهان پاڻ سان ڏاڍائي ڪرايو؟ ڪنهن جو به ڪم توهان ۾ پوي ته توهان بنا دير جي واجبي مزدوري پگهر سڪڻ کان اڳي وٺو. زميندارن جي ٻني توهان آباد ڪيو ته ايمانداريءَ سان محنت ڪيو ۽ پوک يا فصل مان چوري بلڪل نه ڪريو. پوک جي چوري ڪرڻ به اهڙو ئي وڏو ڏوهه ۽ گناهه آهي جهڙو کاٽ هڻڻ ۽ وڏيون چوريون ڪرڻ. چوري ڪبير و گناهه آهي ۽ سوئر ۽ مردار کائڻ کان به وڌيڪ خراب آهي. جيڪو رڳو ڪڻو ان جي چوريءَ ٿو کڻي سو جيل ۾ پيل چورن جهڙو آهي. بٽئي وغيره جا شرط چڱي طرح اڳي ئي ٺهرائي ڇڏيو ۽ لکائي صحيون وجهائي ڇڏيو. خاص طرح بيگر جو شرط چڱي طرح ٺهرائي ڇڏيو، ڇو ته ڏاڍا زميندار ائين ٿا سمجهن ته ڪڙمي اسان جا ٻانها آهن، جيئن کين وهايون، تيئن وهڻ گهرجين. بيگر يا ته هئڻ ئي نه گهرجي يا ته ان جو اندازو وغيره مقرر ڪرڻ گهرجي. تنهن کان وڌيڪ جيڪڏهن زميندار ڪم ڪرائي ته مزدوري ڏئي. بيشڪ توهان سڀني کي عزت ۽ مان ڏيو، پر جيڪڏهن توهان سان ڪو ناحق ڪري ته ان جي عيوض چوري يا ٺڳي نه ڪريو، پر عزت سان ۽ دليري سان انهن کي منهن ڏيو.
ٽيون عيب توهان ۾ هي آهي جو توهان محنت نٿا ڪريو. جيڪڏهن توهان وٽ ڪجهه ان موجود ٿو ٿئي ته پوءِ ويهي ٿا کائو. جڏهن اهو کائي کپايو ٿا، ۽ کپايو به ٿا وري ڏاڍي بي پرواهيءَ سان، تڏهن ٿيون توهان جون اکيون کلن. حديث شريف ۾ آهي ته جڏهن توهان ڪا شي خريد ڪيو يا ڪم آڻيو ته پهريائين خيال ڪيو ته ان کان سواءِ منهنجي سري سگهندي يا نه. جيڪڏهن سري سگهندي ته پوءِ نه وٺو. بي پرواهي سان خرچ ڪرڻ بعد اڪثر توهان کي قرض کڻڻو ٿو پوي ۽ وياج ۾ ڳري ٿا وڃو. ڏسو توهان جي ملڪ مان بروهي، پٺاڻ، ناڙيوال، پنجابي، مارواڙي، ڪڇي ۽ گجراتي وغيره سڀ محنت ۽ ڪفايت جي وسيلي هزارين رپيا ڪمائي پنهنجي وطن واپس ٿين ٿا. مگر توهان پنهنجي آباد ملڪ ۾ قرض کڻي پاڻ کي پائمال ڪري ٿا ڇڏيو. جپان آمريڪا وغيره جا ڪڙمي ۽ مزدور سڀ پڙهيل آهن. هو اهڙا محنتي آهن جو اجايو وقت ڪڏهن نه وڃائيندا آهن. اوهان کان پنجوڻون ڪم ڪندا آهن. اوهان جنهن ماڻهوءَ جي مزدوري ڪندا آهيو سو توهان جي مٿان بيهندو آهي ته به سستي سان ڪم ڪندا آهيو. پر جيڪڏهن هو نه بيهندو آهي ته پوءِ ته الله واهي. سڌريل ملڪن جا مزدور اهڙا ايماندار آهن جو مالڪ مٿانئن نظر به ڪو ڪن ته به توهان کان پنجوڻون بلڪ وڌيڪ ڪم ڪندا آهن. ڪڙمين کي يا ٻين کي ڪا به فرصت ملي ويندي آهي ته ڪو نه ڪو هنر ڪندا آهن، باقي وقت اخبارن ۽ ڪتابن پڙهڻ ۽ تقريرن ٻڌڻ ۾ لڳائيندا آهن. انهيءَ ڪري هو اهڙآ آسودا آهن جو سندن گهر ۽ کائڻ پيڻ ۽ پوشاڪ وغيره ۾ اسان جي خان صاحبن کان به گهڻو بهتر آهن. هنن جي گهرن ۽ پوشاڪ ۾ صفائي اهڙي آهي جهڙي هتي يورپي لوڪن کي آهي. گهرجي اڳيان ننڍڙو باغيچو رکندا آهن ۽ پٺيان ڀاڄيون پوکيندا آهن، ميز تي گلدستا ٺاهي رکندا آهن، ڀتين تي پنهنجي هٿ جون ٺهيل تصويرون يا نقش سينگار لاءِ لڳائي ڇڏيندا آهن، هي سڀ محنت جو نتيجو آهي. هنن جا ٻار خواهه زالون اجايو وقت نه وڃائيندا آهن. هنن ۾ جهيڙو فساد ڪونهي. همدردي ۽ محبت گهڻي آهي. تنهن ڪري سندن تندرستي به ڏاڍي سٺي آهي. تندرستي جهڙي وري ٻي نعمت ڪانهي.
پيرن، ملن، فقيرن ۽ واپارين کان توهان پاڻ کي پاڻ ٿا ڦرايو. جيڪڏهن توهان کي ٿوروئي علم ۽ سمجهه هجي ته ڪير؟ توهان کي ٺڳي نه سگهي. اسان جي ملڪ جي ماڻهن جو وڏو عيب آهي وياج تي قرض کڻن جو. اسلام موجب وياج ڏيڻ به اهڙو ئي حرام آهي جهڙو وياج وٺڻ. گهڻا ماڻهو پنهنجا زيور يا ڪا ٻي شيءِ گروي رکندا آهن، پوءِ اها شيءِ رڳو وياج ۾ ڳري ويندي آهي. توهان جو فائدو انهيءَ ۾ آهي ته لاچار جي حالت زيور يا ٻيا ٽپڙ وڪڻو، مگر وياج تي قرض ڪڏهن نه کڻو. زيور يا ٽپڙ نه هجي ته پني به ويلو ٽاريو، پر ڪم کي به مڙس ٿي وٺو. ڪپڙا نه هجن ته لانگوٽو ٻڌي به وقت گذاريو. ٻوڙ يا ڀاڄي نه ٿئي ته رکي ماني يا ڏڌ کائي به وقت ٽاريو، وياج تي قرض کڻي کائڻ کان سوئر کائڻ يا مردار کائڻ به بهتر سمجهو. قرضيءَ جي دعا به مقبول ناهي. جيڪڏهن قرض اٿو ته هڪدم ٽپڙ ٽاڙي وڪڻي قرض لاهي ڇڏيو ۽ آئينده لاءِ اهڙي سياڻپ سان هلو جو هٿئون پنج رپيا پاڇي بچيل هجن.
اڄ ڪلهه گهر ۾ بک ۽ ٻاهر آڪڙ بلڪل گهڻي ٿي پئي آهي. اڳي 4 آني جي صدري گهر ۾ سبارائي پائبي هئي جا 6 يا 12 مهينا هلندي هئي. هاڻي نفيس ڪپڙي جون قميصون ٺاهرايون ٿيون وڃن، جن جي ڪپڙي تي اٽڪل ڏيڍ رپيو ۽ سلائي 8 آنا ٿي لڳي ۽ قميس وري مهينو به مس ٿي هلي. تماڪ، ڀنگ ۽ چاءِ وغيره سخت نقصانڪار آهن، جو پيسو به ضايع ٿو ٿئي ۽ تندرستي به خراب ٿي ٿئي.
توهان ڪڙمي ۽ مزدور ائين نه سمجهو ته ڪو شاهوڪار توهان کان هروڀرو وڌيڪ خوش وقت ٿا گذارين. چوندا آهن ته ”جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا.“ شاهوڪارن کي ڳڻتيون به وري گهڻيون آهن. شاهوڪار ماڻهو اڪثر پوري بدني ورزش نه هئڻ ڪري تندرست ڪين گذاريندا آهن. خاص طرح زميندارن ۽ ڪامورن کي بد هاضمو يا قبضي هوندي ئي هوندي آهي، گهڻن کي ته سدائين مٿي جو سور، زڪام يا بواسير يا ذيابيطس هوندو آهي. سندن ڪٻٽ دوائن جي شيشن سان ڀريل پيا هوندا آهن. جهڙي توهان کي جوار جي مانيءَ مان لذت ٿي اچي، تهڙي کين ٻوڙ پلاؤ، برياني ۽ ڪوفتن مان به نصيب ناهي. جهڙي توهان کي ڇنل کٽولي تي مٺي ننڊ ٿي اچي، تهڙي کين پلنگن تي به نصيب ناهي. هو جڏا ۽ محتاج آهن. ڪجهه به ڪم پاڻ ڪري نٿا سگهن. جيڪڏهن توهان رڳو ڪجهه سمجهه سان هلو ته توهان بادشاهه آهيو. مطلب ته توهان جيڪڏهن ٿورو گهڻو علم خصوصن ديني علم پڙهو ۽ خدا جي حڪمن تي هلو ته بلڪل خوش، آسودا ۽ باعزت رهي سگهو ٿا.
سرڪار ۽ ليڊرين کي ياد رکڻ گهرجي ته ملڪ جي ترقي ۽ دولت ڪڙمين ۽ مزدورن جي خوشحاليءَ تي منحصر آهي جي ڪروڙن جي تعداد ۾ آهن، نه ڪي ٿورڙن ڪروڙ پتي واپارين تي. سچ پچ آسودو ملڪ اهو آهي جنهن ۾ قرض جو نالو به نه هجي، جنهن ۾ غريب ۾ غريب ماڻهو به گهٽ ۾ گهٽ پنج سال تعليم پرائي سگهن، پوءِ کڻي ڏينهن ۾ 3 ڪلاڪ اسڪول ۾ وڃن. انهن غريب شاگردن مان جيڪڏهن ڪنهن ۾ خداداد لياقت ڏسڻ ۾ اچي ته قوم ۽ سرڪار ان کي مدد ڏيئي وڌيڪ تعليم ڏياري، هر ڪو غريب شخص گهٽ ۾ گهٽ اڌ آنو گيهه، پاءُ کير ۽ اڌ سير ڏڌ جي کائڻ جي وسعت رکندڙ هجي. گهٽ ۾ گهٽ هر روز ٻه وقت ماني کائي سگهي، ۽ پنهنجي جاءِ ۽ ڪپڙا صاف رکي سگهي ۽ ڪپڙا جمع جمع ڏينهن ڌئاري سگهي. هر هڪ شخص کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪلاڪ هر روز عبادت ۽ اخبارن ۽ ڪتابن پڙهڻ جي فرصت ملي.
سڌريلن ملڪن ۾ ته مزورن لاءِ ڳوٺ ڳوٺ ۾ خيراتي اسپتالون، خيراتي اسڪول، ڪتاب، خيراتي اخبارون، ڪتب خانا، تفريح لاءِ خيراتي باغ ۽ راندين جا ميدان مهيا ڪيا وڃن ٿا. ڊڪڻ، ڊوڙڻ، ٽپڻ، ملهه وڙهڻ ۽ اهڙيون ٻيون رانديون وندر لاءِ به چڱيون آهن ۽ تندرستي تمام چڱي ٿيون ڪن. دولتمند ماڻهن لاءِ ته روزاني ورزش نهايت ئي ضروري آهي.

خوفناڪ انقلاب ۽ انهن کي ٽارڻ جا اپاءَ
اِنَّ اللهَ یَاۡمُرُ بِالْعَدْلِ وَالۡاِحْسَانِ وَ اِیۡتَآءِ ذِی الْقُرْبٰی وَیَنْہٰی عَنِ الْفَحْشَآءِ وَالْمُنۡکَرِ وَ الْبَغْیِ ۚ
تحقيق الله تعاليٰ انصاف ۽ احسان مائٽن کي ڏيڻ جو امر ٿو ڪري ۽ فحش ۽ گناهه ۽ بغاوت کان سخت منع ٿو فرمائي. (قرآن مجيد)
جڏهن دينداري هلي ويندي آهي، بادشاهه ۽ امير هيڻن تي ظلم ڪندا آهن ۽ غريبن جي حالت نهايت دردناڪ حالت کي پهچندي آهي تڏهن دماغ وارا ماڻهو خيال پچائيندا آهن ته ائين ڇو ٿيو آهي جو هڪڙا ماڻهو لکين رپيا رڳو راڳن تماشن ۽ نمائشن ۾ پيا خرچ ڪن ۽ ٻيا ڪروڙين ماڻهو بک ۾ پاهه پيا ٿين، اگرچه سڄو ڏينهن ڪمائي ڪمائي ڄڙهه نڪري ٿي وڃين. پوءِ اهي اڪثر هي صلاح ڏيندا آهن ته ملڪيت ذاتي نه هئڻ گهرجي، هر ڪوئي جيڪي ڪمائي سو سرڪار گڏ ڪري وري هر هڪ کي پورا حصا ڪري ورهائي ڏيندي وڃي ته سڀ ماڻهو هڪجهڙي حال ۾ هجن. هي خيال رڳو وهم ۽ چريائي آهي. جڏهن وري ظلم ايترو وڏي ويندو آهي جو سهڻ کان ٻاهر هوندو آهي تڏهن اوچتو ئي اوچتو رعيت هوش کان نڪري هڪ زبردست فساد جو طوفان کڙو ڪندي آهي. انهيءَ کي انقلاب چئبو آهي. در حقيقت ظلم جو بنياد گهڻي قدر پاڻ غريب هوندا آهن ڇو ته هو جاهل اڻ سڌريل ۽ بد اخلاق هوندا آهن.
دنيا ۾ اهڙن انقلابن جا ٻه مثال بلڪل مشهور آهن، هڪ 1789 وارو فرينچ انقلاب ۽ ٻيو تازو 1917 وارو روسي انقلاب.
فرينچ انقلاب تي ايترا ڪتاب لکيل آهن جو هڪ هنڌ گڏ ڪجن ته ڪوٺيون ڀرجي وڃن. فرانس ۾ جڏهن حالتون خراب ٿي ويون تڏهن رعيت بگڙجي بادشاهه، راڻي ۽ ٻين شاهزادن ۽ شاهزادين ۽ اميرن کي قتل ڪري وڌو. هزارين امير جان بچائي وڃي پراون ملڪن ۾ لڪا. ويچاريون امير زاديون جن ڪڏهن پٽ تي پير ڪونه وڌو سي جهنگلن ۾ پيرين پنڌ ڪندي ٿڌ ۽ بک جو شڪار ٿيون. رعيت ۾ وري جيڪا ڌر بادشاهت ڪرڻ لڳي سا ٻين ڌرين جي ماڻهن کي جيڪي بادشاهي گهراڻي جا طرفدار ٿي ٿيا تن کي قتل ٿي ڪيائون يا شهر نيڪالي ٿي ڏنائون. ٿوريئي وقت ۾ وري ڪا ٻي ڌر زور وٺي اڳئين ڌر جي ماڻهن کي قتل پي ڪيو. ايئن خونريزي هلندي آئي. سڀني کان گهڻا قتل روبسپيئر شخص جي ايامڪاريءَ ۾ عمل ۾ آيا. آخر رعيت بيزار ٿي کائنس به بگڙي ويئي ۽ پاڻ به انهيءَ هنڌ قتل ڪيو ويو جتي هزارن کي قتل ڪرايو هئائين. انهن خونريزين ۾ فرانس جو ملڪ ڏينهون ڏينهن اجڙندو ويو. آخر نيپولين ملڪ جو بادشاهه ٿيو، ۽ ملڪ چڱو سنڀاليائين پر ٻاهرين ملڪن سان جنگيون گهڻيون ڪرڻيون پيس. کانئس پوءِ وري اڳئين گهراڻي کي بادشاهي ملي، وري نيپولين جي گهراڻي کي ملي. آخر اٽڪل پنجاه ورهين تباهه ڪندڙ ڦيرن گهيرن بعد رعيتي راڄ قائم ٿي ويو. انهيءَ فرينچ انقلاب منجهان دنيا کي اهو سبق سکڻ گهرجي ته ديوانن وانگر فساد کڙو ڪرڻ پاڻ کي تباهه ڪرڻو آهي. تازو روسين به پنهنجي بادشاهه ۽ سڄي گهراڻي ۽ اميرن کي قتل ڪري رعيتي راڄ قائم ڪيو. هنن به گهڻيون ئي مصيبتون ڏٺيون آهن، پر هاڻي ڀائنجي ٿو ته آخر ڪجهه ڪجهه وڃي آرام پاتو اٿن.
فرانس ۽ رشيا ۾ جو هي انقلاب ٿيا تن جو خاص سبب هيءُ هو جو اميرن کي زمين، واپار ۽ نوڪرين جا خاص حق حاصل هئا، ۽ عام ماڻهو انهن حقن کان محروم هئا ۽ هو ٻانهن وانگر وهايا ويندا هئا. اسان جي ملڪ ۾ سڀني کي هڪجهڙا حق حاصل آهن. سڀڪو ئي زمين خريد ڪري سگهي ٿو، سڀڪو ئي واپار ڪري سگهي ٿو ۽ سڀڪو ئي پڙهي ڪامورو ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري اسان جي ملڪ ۾ انقلاب جو انديشو ئي ڪونهي نڪو انقلاب ڪرڻ لاءِ ڪو سبب آهي. اسان جي ملڪ جي حالت جيڪڏهن چڱي ناهي ته انجو سبب فقط هي آهي ته سڀئي فرقا اڻ سڌريل ۽ بد اخلاق آهن. تاهم سرڪار نامدار، اميرن ۽ ليڊرن کي گهرجي ته پاڻ کي به سڌارن ۽ غريبن جي سڌارڻ ۽ خوشحال رکڻ جي ڪوشش وٺن، ۽ ساڻن انصاف جي هلت هلن. ٻئي طرف غريبن کي به گهرجي ته پاڻ کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪن ۽ جيڪڏهن ساڻن ڪو اهنج ايذاءُ هجي ته مَردن وانگر امن امان سان ۽ جائز طرح ان ظلم کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. فساد ڪرڻ مردانگي ناهي. فساد اهي ٿا ڪن جيڪي بيوقوف ۽ جهنگلي آهن، ايتري همت ۽ مردانگي نه اٿن جو ظلم کي مردانگي سان منهن ڏيئي سختين سهڻ لاءِ تيار ٿين. ڪي ڀليل پڙهيل ماڻهو سوارج ۽ آزادي جي بهانن سان بم گولا ڪم ٿا آڻين. اهي بي همت پنهنجي ملڪ جا دشمن آهن آزادي ۽ سوراج، سڌاري ۽ ترقي ڪرڻ سان حاصل ٿيندا آهن نه وحشي ٿيڻ سان. خصوصن اسان جي سرڪار نامدار ته سوراج جا حق حقوق رفته رفته ڏيندي ٿي وڃي.
باقي رهيو اهو سوال ته ملڪيت سڀ سرڪاري هئڻ گهرجي ۽ هر ڪنهن کي گذران لاءِ هڪ جيترو ملڻ گهرجي سو خيال محال آهي بلڪ ديوانگي آهي ڇاڪاڻ ته هڪ ته اهڙو انتظام رکي ڪين سگهبو، ٻيو ته ڪوئي به ماڻهو دل و جان سان نه ڪمائيندو، نڪي هنر ڳولي ڪڍندو. انهيءَ مسئلي کي اسلام ڪمال خوبيءَ سان حل ڪيو آهي. هڪ ته اسلام جي تعليم اهڙي اعليٰ آهي جو ان تي هلڻ سان سڀ مسلمان خوشحال ٿي ٿا سگهن. مگر خاص طرح غريبن جي مدد لاءِ خيراتون، صدقا ۽ فطرا مقرر ڪيل آهن ۽ زڪوات فرض ڪيل آهي. حضرت جن ﷺ جو قول آهي ته زڪوات هڪ ڍل آهي جا غريبن جي فائدي واسطي شاهوڪارن تي وڌي وڃي ٿي. ان کان علاوه اسلام سخاوت تي ايترو زور ڏنو آهي جو جيڪڏهن مسلمان اسلام تي پورا هجن ته غريبن جي حالت تمام چڱي ٿي پوي. اسلام موجب ان شخص جي مسلماني پوري ناهي جو پاڻ ڍؤ ڪري کائي ۽ پاڙي وارو بک ۾ رهي.

توهمات يعني ڀرم ۽ سنسا ۽ بدرسمون
جيڪي جهاڙون ۽ منتر ڪم نٿا آڻين يا ايام جاهليت جي ماڻهن وانگر فالن جي اثر هيٺ نه ٿا اچن ۽ پنهنجو سڄو ڀروسو الله تعاليٰ ۾ ٿا رکن سي بهشت ۾ گهڙندا. (حديث)
گرهڻن به نسبت وسوسا نه ڪريو. اهي ڪنهن ماڻهوءَ جي موت کان نه ٿا ٿين. (حديث)
هي (يعني ڪافر) چون ٿا ته اسان پنهنجي وڏن جي هلت وٺنداسين. ڇا! اگرچه هو غلط رستي تي هليا هجن! (قرآن مجيد)
نواب مير صدر الدين حسين خان صاحب قوم جي اصلاح واسطي اڙدو زبان ۾ ڪي رسالا تصنيف ڪري ڇپارايا آهن. جي نامي پريس لکنو مان ملي سگهندا. انهن مان هڪ رسالي ”اصلاح البشر“ ۾ توهمات جو ذڪر به ڪيو اٿس. توهمات اهي ڪوڙا سنسا آهن جن ۾ ويساهه رکڻ جو ڪو سبب ڪونهي. اسلام موجب عزت ۽ ذلت خير ۽ شر الله تعاليٰ جي طرف کان ٿا پهچن نه جنن ڀوتن وغيره کان. نواب صاحب جن فرمائين ٿا ته ڪيميا، جادو ۽ جوڳپڻ جو هن زماني ۾ پتو ڪونهي. جي شخص انهن ڳالهين جو شوق رکن ٿا يا انهن ۾ يقين رکن ٿا سي برباد پيا ٿين. اهڙيءَ طرح نجوم، رمل، جعفر، جوتش، فال وغيره تي ويساه نه رکجي. جانورن ۽ پکين مان فال وٺڻ، سفر ڪرڻ يا شادي ڪرڻ يا جاءِ جوڙائڻ وغيره واسطي نيڪ يا بد تاريخ يا وقت جي دريافت ڪرڻ، ڪنهن وڻ يا گهڙي يا جاءِ يا ماڻهوءَ کي منحوس سمجهڻ سراسر ناداني آهي. سنڌ ۾ ماڻهو ڇنڇر يا اربع ڏينهن سفر تي نه نڪرندا آهن اگرچه ضرورت هوندي اٿن. ڪن ڏينهن تي ٻار جو ان نه موائيندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن مهيني جو چنڊ اڻٽيهو هوندو آهي يا تارو سامهون هوندو آهي ته سڄو مهينو سفر تي نه نڪرندا آهن، نڪي ٻار موائيندا آهن. نواب صاحب جن ڪيتريون آيتون ۽ حديثون ڏيئي ثابت ڪري ٿا ڏيکارين ته اهڙا ويساه رکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ شرڪ آهي. جيڪڏهن ڪا مشڪل پوي ته الله تعاليٰ کان دعا گهري ۽ کائنس پناه گهري وڃي، نڪي اهو ويساهه رکجي ته جنَ ماڻهوءَ جي جسم ۾ ٿا اچن، يا جاين ۽ وڻن تي قبضو ڪري ٿا ويهن، يا تلاون ۾ ٿا رهن يا واٽهڙن کي تڪليف ٿا ڏين. پوءِ فرمائين ٿا ته اهڙيون ڳالهيون سڀ جاهلن جون گهڙيل آهن، ۽ بلڪل غلط آهن. اهي عقيدا مسلمانن مشرڪ هندن کان ورتا آهن، اسلام هرگز ڪو نه سيکاريا آهن. يورپي ماڻهو جي سدائين سير سفر پيا ڪن سي انهن ڳالهين کي نٿا مڃين. جيڪي اهڙيون ڳالهيون مڃين ٿا سي هميشه پريشاني ۽ خوف ۾ رهن ٿا ۽ ڊڄڻا ۽ بيوقوف ٿين ٿا ۽ سڀڪا ٻڌل ڳالهه هڪدم مڃي ٿا ڏين. ماڻهو به فريب ۽ مڪر سان انهن جاهلن کان مال متاع حاصل ڪن ٿا. ملن جي صحبت ۾ اهو وهم وڌيڪ ٿو ٿئي ڇو ته هنن جي پيدائش ۽ گذران تعويذن فالن جهاڙو ڦوڪ عمل عمليات ۽ جنتر منتر تي آهي. هو هميشه چاهيندا آهن ته ماڻهو ڀلي اهڙن وهمن سان ڀريل هجن. مطلب ته تعويذ ۽ جادو ڪرڻ وارن جي ڪيل ڳالهين ۾ ويساهه نه آڻجي. نواب صاحب جن آخر ۾ ٻيون حديثون ۽ فتوائون ڏيئي فرمائين ٿا ته ماڻهن کي گهرجي ته عقل کان ڪم وٺن، ۽ بيهودين ڳالهين تي هڪدم ويساهه نه ڪن. سنڌ ۾ ماڻهو مڪريل زالن کي جنن ڪڍائڻ لاءِ ولين جي قبرن تي وٺي ويندا آهن، جتي هو بيشرم ٿي وار کولي لهر هڻنديون آهن. شرم! شرم!
سنڌ ۾ وڏو نقصان بد رسمن ڪيو آهي. جن شاهوڪارن خواه غريب مسلمانن کي پنائي ڇڏيو آهي مٿي بيان ڪيل نواب صاحب هڪ رسالو ”اصلاح الرسوم“ به لکيو آهي، پر سنڌيءَ ۾ مرحوم مولانا حاجي الاهي بخش صاحب جو رسالو ”نيڪ صلاح“ مشهور آهي، جنهن جو اختصار منهن جو ٺاهيل ”رسومات تباهي“ جي نالي سان مشهور آهي. انهيءَ ۾ ڇٺي، جهنڊ، طوهر ۽ شادي غمي وغيره به نسبت جيڪي بدرسمون عمل ۾ آڻجن ٿيون تن جو بيان ڪيل آهي. مسلمانن کي اهي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجن.
عالمن کي گهرجي ته توهمات ۽ بد رسمن جي ڪڍي ڇڏڻ لاءِ وعظ ڪن. ارمان جي ڳالهه اها آهي جو اسان جي گهڻن عالمن کي وعظ جو ڍنگ يا قابليت ڪانهي. جن کي وري ڍنگ آهي سي به جاهلن کي خوش ڪرڻ لاءِ رڳو معجزا يا ڪوڙا قصا ٻڌائيندا آهن يا رئارڻ جهڙا وعظ ڪندا آهن. رئارڻ جو اثر رڳو گهڙي کن ٿو ٿئي. ماڻهن کي رڳو مسلمان ٿيڻ جو پهريون عقيدو يعني ڪلمو شريف به معنيٰ سان ڪو نه ٿا سيکارين. چڱو وعظ اهو آهي جنهن ۾ قرآن شريف جي سنئين سڌي معنيٰ سمجهاڻيءَ سان ٻڌائجي ۽ تفسير لاءِ صحيح حديثون ڪم آڻجن. ماڻهن کي رسول الله ﷺ جي حالات جي ذرو به خبر ڪانهي. عالمن کي گهرجي ته کين سندن (ﷺ) صحيح سوانح عمري سلسه وار ٻڌائيندا رهن. انهيءَ لاءِ اڙدوءَ ۾ رحمت للعالمين ۽ سنڌي ۾ حيات النبي ۽ حالات نبوي پڙهڻ گهرجن. ٻيو سڀ کان ضروري ڳالهه اها آهي ته اهو عالم وعظ ڪري جنهن جي نيت صفا ۽ عمل چڱا هجن. عالم بي عمل کي عالم ڪوٺڻ ئي غلط آهي. حديث شريف ۾ آهي ته سڀني کان خراب انسان اهو آهي جو عالم آهي پر عمل خراب اٿس.

مذهبي عقيدا
ذکر رجل عند رسول الله (ﷺ) بعباد واجتهاد و ذکر برعته فقال النبيﷺ لاتعدل بالرعته يعني الورع (حديث)
ان حديث ڏي اشارو ڪري مولانا حالي مسدس ۾ هيئن چيو آهي.
بچايا برائي سي ان کو يه کهکر
که طاعت سي ترک معاصي هي بهتر
تورع کا ذات مين هي جن کي جوهر
نه هون گي کبهي عابد ان کي برابر
کرو ذکر اهل ورع کا جهان تم
نه لو عابدون کا کبهي نام وان تم
(حالي)

رها دين باقي نه اسلام باقي
اک اسلام کا ره گيا نام باقي
(حالي)
عام ماڻهن کي اسلام جي الف جي به خبر ڪانهي. سندن گهڻا عقيدا ۽ عمل ڪفر جا آهن. ماڻهو سمجهندا آهن ته طوطي وانگر ڪلمو پڙهيوسين ته مسلمان ٿياسين ۽ سڀڪو ڪلمي گو ضرور بهشت ۾ ويندو پوءِ عقيدا يا عمل ڪهڙا به هجنس. ائين به چوندا آهن ته رڳو زباني توبه توبه يا استغفر الله چوڻ سان، خدا تعاليٰ گناهه بخشي ٿو ڇڏي. اڪثر اعتقاد اهو به آهي ته حج ڪرڻ سان سڀ گناهه ميٽجي ٿا پون، تنهن ڪري پوڙهائي ۾ ڪي ماڻهو حج تي ويندا آهن، پر حج کان موٽڻ بعد به گناهه کان ڪين ٽرندا آهن. ملن سمجهيو آهي ته دين جو دنيا سان تعلق آهي ئي ڪو نه. دين آهي مسجد ۾ نماز پڙهڻ، روزا رکڻ، بنا معنيٰ قرآن شريف پڙهڻ، تسبيحون سورڻ، وظيفا ڪڍڻ، ڏاڙهيون رکائڻ، مڇون ڪترائڻ ۽ بس. مگر دنيا ۾ ڪيئن هلجي ۽ ڪوڙ، دغا، گلا، چوري، ڪوڙو انجام ڏيڻ، عهد نه پاڙڻ، گاريون ڏيڻ، پرائو حق کائڻ انهن ڳالهين جو ملان خواه مولوي خيال ئي ڪو نه ڪندا آهن. حالانڪه کين ڪوشش ئي اها ڪرڻ گهرجي ته اسلام موجب ڪبيرا گناه مسلمانن مان نڪري وڃن. انهن گناهن جو ڪندڙ منافق آهي. اسلام لفظ جي مغوي معنيٰ آهي صلح ڪرڻ. اسلام انهيءَ لاءِ آيو ته مسلمان نه رڳو پاڻ ۾ صلح سان رهن، پر غير مسلمانن سان به صلح ۾ رهڻ جي ڪوشس ڪندا رهن. حديث شريف ۾ آهي ته الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته اي بندا! مون سان محبت رکين ٿو، ته پهريائين ذات انسان سان محبت رک. اسلام جي تعليم ڪهڙي وسيع آهي، ۽ ڪيئن سڀني ترقين جي ڪنجي آهي تنهن جو بحث ڪرڻ هت محال آهي. جن کان ٿي سگهي سي خواجه ڪمال الدين صاحب جون اڙدو ۾ تصنيفون گهرائي پڙهن، خصوصن ”راز حيات“ يا ”انجيل عمل“، ”توحيد في الاسلام“ ۽ ”مرواريد ثلاثه“. اهي ڪتاب مئنيجر مسلم بڪ سوسائٽي، عزيز منزل لاهور وٽان ملي سگهندا. سنڌيءَ ۾ تعليمات اسلام ڀاڱو پهريون تعليمات اسلام ڀاڱو ٻيو ڏسڻ جهڙا آهن.
رسول الله ﷺ جن فرمايو آهي ته ”بعثت لاتمم مکارم الاخلاق“ يعني مان انهيءَ لاءِ نبي ٿي آيو آهيان ته اخلاقي خوبين کي ڪماليت وٺايان. قرآن شريف ۾ جا بجا فرمايل آهي ته اهي شخص فلاح پائيندا جي صحيح ايمان به رکندا ۽ عمل به چڱا ڪندا. حديث آهي ته بهشت ۾ اهو ويندو جنهن جا اخلاق چڱا هوندا. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ماڻهو صلواتون وظيفا دنيائي مرادن پورين ٿيڻ واسطي ڪڍندا آهن. مگر دنيائي مرادن لاءِ پنهنجي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ الله تعاليٰ کان سوال گهرجي ته ڪوششون ساب وجهي. قرآن شريف انهيءَ لاءِ نه موڪليو ويو آهي ته رڳو ان کي چُمجي ۽ سيني تي يا اکين تي رکجي ۽ بخشائجي وغيره وغيره. قرآن شريف اسان جي هدايت ۽ سمجهاڻي لاءِ موڪليل آهي. منجهس اهي حڪم آهن جن جي اسان کي ضرور تعميل ڪرڻي آهي. نماز، روزو، زڪوات ۽ حج به انهيءَ لاءِ مقرر ڪيل آهن ته اسان جي دل صاف ٿئي، الله تعاليٰ ۽ سندس حڪمن جي يادگيري اچي، شيطاني خيالن کي روڪي ذات انسان سان محبت ۽ همدردي رکون ۽ ٻين سان ڀلايون ڪيون. جيڪڏهن نماز، روزو وغيره عقل سان سمجهي ادا ڪجن ته دل صفا ٿئي ۽ اخلاق سڌرن. مگر اڄ ڪلهه انهن کي سمجهي ڪو ورلي ٿو، تنهن ڪري گهڻن ئي نمازين ۽ روزيدارن جا اخلاق شرمناڪ آهن. قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ ٿو فرمائي ته مومنن کي چئو ته جيڪڏهن الله تعاليٰ سان محبت اٿو ته منهنجي روش وٺو ۽ منهنجي پيروي ڪيو. ٻئي هنڌ الله تعاليٰ ٿو فرمائي ته توهان لاءِ رسول الله (ﷺ) ۾ بهترين نمونو موجود آهي. قرآن شريف جي سورت اذا زلزلت الارض جي آخر ۾ آهي ته جيڪو چڱائي جو ذرڙو ڪندو، سو ان جو نتيجو ماڻيندو ۽ جيڪو بڇڙائي جو ذرڙو ڪندو، سو به ان جو نتيجو لوڙيندو. قرآن شريف جي سورت الانعام جي ويهين رڪوع ۾ آهي ته ”وهٰذا ڪتاب انزلناه مبارڪ فاتبعوه واتقوا لعلکم ترحمو.“ يعني اسان هي ڪتاب نازل ڪيو آهي جو ڀلارو آهي. ان موجب عمل ڪيو ۽ پرهيزگار ٿيو ته اوهان تي رحم ڪيو وڃي. هن مان يقينن ثابت ٿيو ته اسان جو سڌارو، فائدو ۽ ڇوٽڪارو فقط انهيءَ تي آهي ته قرآن شريف تي عمل ڪري گناهه ڇڏيون ۽ چڱا ڪم ڪريون.

زڪوات ۽ بيت المال
مگر بيڻهي رهني سي چلنا هي بهتر
کي هي اهل همت کا الله يارو
يه برکت هي دنيا مين محنت کي ساري
جهان ديکهئي فيض اسي کا هي جاري
نهين ملتي کوشش سي دنيا هي تنها
که ارکان دين بهي اسي پر هين برپا
وه بهولي هين يه عادت خدا کي
که حرکت مين هوتي هي برکت خدا کي
بشر کو هي لازم کي همت نه هاري
جهان تک هو کام آپ اپني سنواري
خدا کي سوا چهوڙ دي سب سهاري
که هين عارضي زور کمزور ساري
اڙي وقت تم دائين بائين نه جهانکو
سدا اپني گاڙي کو اگر آپ هانکو
قوم جي تباهي واري حالت بيان ڪئي ويئي آهي. ان کي سڌارڻ جو وسيلو فقط هڪ آهي. اهو آهي تعليم، خصوصن ديني تعليم. تعليم جو بندوبست ڪرڻ ليڊرن جو فرض آهي. تعليم لاءِ کپي پيسو. هاڻي سوال آهي ته پيسا ڪٿان آڻجن. اسلام هڪڙو نهايت عمدو ذريعو سيکاريو آهي. اهو آهي زڪوات. شريعت موجب زڪوات جا پيسا اٺن نمونن سان خرچ ڪري سگهجن ٿا. انهن مان هڪ آهي في سبيل الله يعني خدا جي راه ۾ خرچ ڪرڻ. ديني تعليم پکيڙڻ سچ پچ خدا جي راه آهي. شريعت موجب زڪوات اڳاڙڻ جوبندوبست سرڪاري طور رکڻو آهي ۽ عالمن کي پگهارون ڏيڻيون آهن. اسان جي ملڪ ۾ جنهن صورت ۾ سرڪار غير اسلامي آهي تنهنڪري ليڊرن کي ئي اهو انتظام رکڻو آهي. هر هڪ تعلقي يا ضلعي ۾ هڪڙو عامل مقرر ڪرڻ گهرجي جو زڪوات اڳاڙي پيسا بيت المال ۾ پهچائي. انتظام اهڙو پڪو هجي جو هڪ پائي به وچ ۾ هضم ٿي نه وڃي. انهن پيسن مان ديني تعليم جو بندوبست رکجي.

علم ۽ تعليم
الحکمت ضالت المؤمن حيث وجدها فهو حق بها (حديث)
که حکمت کو اک گم شده لال سمجهو
جهان پائو اپنا اسي مال سمجهو
(حالي)
اطلبوا العلم ولو کان باالصين (حديث)
علم جي طلب ۽ تلاش ڪريو اگرچه چين ولايت ۾ هجي.
اطلبوا العلم من المهد الي اللحد (حديث)
يعني علم جي طلب پينگهي کان وٺي قبر تاءِ ڪريو.
يه اب بحر و بر دي رهي هين گواهي
که هي علم مين زور دست اللهي
الله تعاليٰ پنهنجي آخري رسول ﷺ ڏي جيڪو پهريون پهريون وحي موڪليو سو علم ۽ قلم جي فضيلت بنسبت آهي (اقرا باسم... الخ). اسلام ايام جاهليت کي ڪڍي ايام علم کي آندو. جهل ڪفر کي ويجهو آهي. علم بنسبت آيتون ۽ حديثون بي شمار آهن. هڪ حديث هيءَ ڏسو ته ڪهڙي نه سهڻي آهي ته ”علم واري جي مس شهيد جي رت کان وڌيڪ فضيلت واري آهي.“ هن مان صاف ظاهر آهي ته اسان جي ترقي تعليم تي منحصر آهي. مگر دنيوي تعليم سان گڏ ديني تعليم به هئڻ گهرجي ۽ هنري تعليم به انهي لاءِ ته اخلاق به سڌرن ۽ گذران جو وسيلو به ٿئي. تعليم بنسبت پهرين ضرورت اها آهي ته وڏو عربي ديني مدرسي کولجي جنهن ۾ ديني تعليم سان گڏ دنيوي تعليم به ڏجي ۽ هنري تعليم جو بندوبست به رکجي.
اڄ ڪلهه جا تعليم سرڪاري اسڪولن ۾ ڏني وڃي ٿي، سا گهڻي ڪارگر نه ٿي آهي، نه اخلاقن سڌارڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي ۽ نه روزگار ڪمائڻ لاءِ. نوڪريون سڀني کي ڪو نه ٿيون ملي سگهن. پوءِ جيڪڏهن ڪنهن اسڪول جي پڙهيل کي نوڪري نٿي ملي ته مائٽن تي بار ٿيو پوي، ڇو ته بازن جو پورهيو ڪرڻ کانئس نٿو پڄي. اخلاق وري هن ڪري نٿا سڌرن جو اسڪولن ۾ ديني تعليم ڪانهي، نڪي ماءُ پيءَ اهڙا سڌريل آهن، جو ٻارن کي چڱي تربيت ڏين. انسان جون وڏيون ضرورتون آهن کاڌو پيتو پيدا ڪرڻ ۽ ڪپڙو ٺاهڻ. تنهنڪري علم سان گڏ شاگردن کي انهن ڪمن تي به لڳائجي. انهيءَ لاءِ ته جڏهن اسڪول ڇڏين تڏهن هنن جو هڏ ڪم تي وري ۽ پنهنجو گذران ڪمائي سگهن. ديني تعليم لاءِ سنڌي زبان ۾ چڱن اسلامي ڪتابن جي ضرورت آهي. في الحال مرحوم مرزا قليچ بيگ صاحب ۽ حڪيم فتح محمد صاحب وارا اسلامي ڪتاب پاڙهڻ گهرجن. رواجي مڪتبن ۾ اهڙن ڪتابن جي تعليم ۽ ٿورا حساب سيکارڻ گهرجن جئين شاگردن کي لکڻ پڙهڻ ۽ ليکو چوکو اچي وڃي.
انهي نموني جي تعليم لاءِ چڱن معلمن جي ضرورت آهي جن جو علم به سالم هجي ۽ اخلاق به چڱا هجن. اهڙن معلمن پيدا ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ لاءِ پهريائين فقط هڪڙو عاليشان عربي ديني مدرسو قائم ڪرڻ گهرجي. ان مدرسي ۾ سڄي سنڌ جي هر هڪ تعلقي مان هڪ بلڪل هوشيار شاگرد آڻائجي جنهن سنڌي چار درجا اڳي ئي پاس ڪيا هجن. انهن کي سڀ خرچ ملڻ گهرجي نه ته اهڙا شاگرد مشڪل ملندا. مدرسي جي آسپاس واري زمين مدرسي جي ملڪيت هجي جنهن ۾ ان ۽ ڪپهه مدرسي لاءِ پيدا ڪيل هجي. مال به رکڻ گهرجي جئين سٺو ۽ تازو کير پنهنجو ئي ميسر ٿئي. ميوا ۽ ڀاڄيون پڻ پوکجن. معلم سڀ ديندار ۽ سادي روش وارا هجن جن کي پٽ تي وهڻ ۽ هٿن سان ڪم ڪرڻ کان عار نه هجي. هيڊ معلم اسلامي خواه مغربي علمن کان واقف هجي. هڪ معلم کيتي دان گرئجوئيٽ به هجي جنهن جي زير نظر شاگرد فرصت جي وقت پوک جو ڪم ڪن. هڪ معلم هنر ڄاڻندڙ هجي جو واڍڪو ۽ ڪورڪو ڪم ڄاڻي. هڪ مولوي دين سيکارڻ لاءِ به هجي. باقي معلم ضرورت سارو رواجي رکجن.
ٿي سگهي ته اڙدو زبان سيکارڻ گهرجي، هن ڪري جو اڙدو زبان ۾ نهايت عاليشان ڪتاب ڇپجي ويا آهن. نه ته فقط سنڌي ۽ عربي پاڙهڻ گهرجي ۽ چڱن اڙدو ڪتابن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڇپارائي اهي ڪتاب به پاڙهجن. اسلامي تاريخ خاص طرح پاڙهڻ گهرجي. مضمون نويسي ۽ تقريرون ۽ وعظ ڪرڻ جو تمام گهڻو استعمال ڪرائڻ گهرجي. هڪ لائبرري جنهن ۾ عمدا ڪتاب هجن ۽ هڪ ريڊنگ روم اخبارن پڙهڻ لاءِ ضرور هئڻ گهرجي ۽ ٿي سگهي ته اهڙي عربي مدرسي سان گڏ هڪ پريس هجي جنهن ۾ هڪ ماهوار رسالو ۽ اسلامي ڪتاب ڇاپارائجن.
تعيلم ڏيڻ جي هنر ۾ دنيا هزارين ميل ترقي ڪري وئي آهي مگر اسان جا مولوي معلم اٽلندو هزارين ميل پوئتي پئجي ويا آهن. تجربن ۽ عملي تحقيقاتن جي ڪري تعليم ڏيڻ جي هنر ۾ وڏي ترقي ٿي ويئي آهي ۽ تعليم جي اصلولن، متن ۽ طريقن تي هزارين ڪتاب تصنيف ٿيا آهن جن جي اسان جي مولوين کي رڳو خبر به ڪانهي.
پارسي زبان اڳي هن ڪري پاڙهي ويندي هئي جو اسان جي بادشاهن جي ٻولي فارسي هئي ۽ ڪورٽن جي لکپڙهه ۾ به اها ئي زبان ڪم آڻبي هئي. اڄ ڪلهه فارسي زبان پاڙهڻ جي اهڙي ڪا خاص ضرورت ڪانهي اجايا پنج ست سال نه وڃائڻ گهرجن. هروڀرو ته ان جي بدران اڙدو پاڙهڻ گهرجي جا تمام سولي به آهي ۽ اڄ ڪلهه بلڪل ڪمائتي به آهي. سنڌي چوٿين درجي پڙهيل کي هڪدم عربي زبان شروع ڪرائي سگهجي ٿي. مگر پڙهائڻ جو طريقو به مٽائڻ گهرجي. ڏسو ته عربن جا ٻار ماءُ پيءُ ۽ ٻين کان ٻڌنديئي ٻولي سکي ٿا وڃن. تنهن ڪري مدرسن ۾ گفتگو ئي عربي زبان ۾ ٿيڻ گهرجي، جئين انگريزي اسڪولن ۾ آهي.
ازان سواءِ صرف ونحو جي قاعدن کي طوطي وانگر حفظ ڪرائڻ بدران اول اهڙا ڪتاب شروع ڪجن جهڙا پنجاب جي مدرسن ۾ ڪم ٿا آڻين. مثلن عربي بول چال حصه اول ۽ حصه دوم جي شيخ امام بخش گهڙي ساز، مئنيجر ايجوڪيشن ايجنسي انار ڪلي لاهور مان ملي سگهندا. عربي ۾ ترجمو، تقرير ۽ تحرير جو استعمال ڪرائڻ گهرجي. اسلامي تعليم شروعات کان ئي پنهنجي مادري زبان ۾ ڏيڻ گهرجي پوءِ جڏهن عربي زبان اچي وڃي، تڏهن عربيءَ ۾ قرآن، حديث ۽ فقه سيکارڻ گهرجي.

زناني تعليم ۽ عورتن سان ظلم
طلب العلم فريضة علیٰ کل مسلمۃ
يعني علم جي طلب سڀڪنهن مسلمان مرد توڙي عورت تي فرض آهي. (حديث)
اڄ ڪلهه ماڻهو زناني تعليم جي برخلاف آهن. عجب ته اهو آهي ته خود ديني تعليم جي به برخلاف آهن. ديني تعليم اها ناهي ته رڳو قرآن شريف بي معنيٰ بنا سمجهڻ جي پڙهي وڃجي. ديني تعليم آهي قرآن مجيد ۽ حديث شريف ۽ فقه جي تعليمات جي واقفيت رکڻ. هي ماڻهو ظاهر ظهور الله تعاليٰ ۽ سندس رسول ﷺ جي حڪمن جي مخالفت ٿا ڪن. ائين نٿا ڄاڻن ته سندن عقل اسان ماڻهن جي عقل کان گهڻو افضل آهي ۽ سندن حڪم ضرور اسان جي لاءِ چڱا هوندا. اهڙن ماڻهن جي عقل تي حيرت وٺيو ٿي وڃي. اها ڳالهه ته صاف ظاهر آهي ته ديني علم هئڻ کان سواءِ ديندار ٿي ڪين سگهبو. خدا جي حڪمن ڄاڻڻ کان سواءِ ڪهڙا عمل ڪري بهشت جي لائق ٿي سگهبو. ڪنهن به انسان مرد خواه عورت کي ديني علم کان محروم رکڻ آهي اسلام ۽ بهشت کان محروم رکڻ. اسلام ۽ دينداري رڳو بي سمجهائي سان نماز پڙهڻ ۽ روزن رکڻ تي منحصر ناهي پر تمام گهڻين ڳالهين تي آهي. زالن کي علم ۽ عقل جي ضرورت ڪانهي ڇا؟ عقل کان سواءِ نه مردن کي وڻنديون، نه ٻارن جي صحت جي خبرداري رکي سگهنديون، نه کين چڱا اخلاق سيکاري سگهنديون ۽ نه گهر چڱي طرح هلائي سگهنديون. اٽلندو ٻارن جي صحت ۽ اخلاق بگاڙينديون، بد عادتون سيکارينديون، ۽ خانو خراب ڪري ڇڏينديون. ياد رکڻ گهرجي ته اگرچه اسان سڀ مرد تعليم يافته ٿي پئون ته به جيستائين عورتون جاهل هونديون تيستائين ڪجهه به ترقي نه ڪري سگهنداسين. اها قوم جنهن جو اڌ جاهل آهي تنهن کي گويا اڌ رنگ جو حساب آهي. اسلامي تاريخ مان ثابت آهي ته اوائلي زماني ۾ مسلمان عورتون ديني خواه دنيوي علم پڙهنديون هيون، وعظ ۽ تقريرون ڪنديون هيون، تصنيفون لکنديون هيون ۽ وڏي نيڪ نامي حاصل ڪنديون هيون. پر ويجهائي جي زماني جو مثال به ڏسو. مغل بادشاهن جون عورتون اعليٰ تعليم وٺنديون هيون. ۽ اورنگزيب عالمگير جو تمام سخت ديندار ۽ متشرع ماڻهو هو تنهن جي مشهور نياڻي زيب النساءِ بيگم زبردست عالم ۽ شاعر هئي ۽ دنيا جي وڏن وڏن عالمن ۽ شاعرن سان بحث مباحثو ڪندي هئي.
تجربي ۽ سائنس مان ثابت آهي ته اولاد تي نه رڳو ماءُ پيءُ جي جسم ۽ تندرستي جو اثر ٿو پوي پر دل ۽ دماغ جو به. جيڪڏهن ماءُ ۽ پيءُ ڪم عقل ۽ ضعيف دل آهن ته سندن اولاد به گهڻو ڪري اهڙو ئي ٿي ٿو پوي، ۽ ڪيترو به کيس تعليم يا تربيت ٿي ڏجي ته به ڪو ٿورو فائدو ٿو پوي. شيخ سعدي به انهيءَ ڪري چيو آهي ته
عاقبت گرگ زاده گرگ شود. گرچه با آدمي بزرگ شود.
(ترجمو: بگهڙ جو ٻچو پڇاڙيءَ بگهڙ ئي ٿيندو آهي، توڙي جو ظاهر ۾ ماڻهوءَ مثل برزگ ڇو نه بڻجي پوي.)
هاڻي جيڪڏهن فقط مردن کي تعليم ڏبي ته اولاد جي دل ۽ دماغ تي پيءُ جو ٿورو گهڻو چڱيرو اثر پوندو، پر ماءُ جي طرفان وري اهو به رد ٿي ويندو. ويتر جو ٻار کي نپائيندڙ ئي ماءُ آهي سو وڌيڪ بگاڙي ڇڏيندس. نتيجو اهو ٿيندو جو جنهن قوم ۾ عورتن کي تعليم نه هوندي سا قوم ڪڏهن به چڱي ترقي ڪري ڪين سگهندي. مائر ضعيف دماغ ۽ ڊڄڻيون ۽ بد اطوار هونديون ته اولاد ڪيئن عالي دماغ شجاع ۽ اولو العزم ٿي سگهندو.
اسان مسلمانن عورتن سان نه رڳو هي ناحق ڪيو آهي جو کين علم کان محروم رکيو اٿئون، پر ٻيا به ڪيترائي شريعت جي خلاف ساڻن ناحق ٿين ٿا. ڪي نادان ماڻهو نياڻين کي پرڻائين ئي نٿا. ٻيو ناحق ساڻن هي ٿو ٿئي جو شريعت جو ڏنل حق نڪاح وقت هائو يا نه ڪرڻ کانئن کسيو ويو آهي. اڪثر ڪري سندن مرضي جي خلاف زور ڪري کين مڙس ڏنو ٿو وڃي. ويچاريون نياڻيون ڪڇي نٿيون سگهن. انصاف هئن ٿو چوي ته نڪاح جي ڳالهين کان اڳي ئي ڳجهه ڳوهه ۾ ماءُ پنهنجي ڌي جي مرضي سمجهي وٺي. ائين نه ٿئي جو زور ڪري اهڙو مڙس ڏجيس جنهن کان کيس نفرت هجي. ٽيون ناحق عورتن سان اهو آهي جو کانئن شريعت جو ڏنل حق، ملڪيت رکڻ جو ۽ ورثي وٺڻ جو کسيو ويو آهي. رڳو مهرباني طور مقرر ڪبو آهي مگر ڏبو ڪو نه آهي. پيءُ يا ڀاءُ حرام جا پيسا سؤ يا هزار رپيا گهوٽ کان وٺي ڳرڪائي ڇڏيندا آهن جي گويا نياڻيءَ کان ڦريا ٿا وڃن. نعوذ بالله منها. پروان ماڻهن کان ملڪيت ڦرڻ ئي گناهه آهي، پوءِ پنهنجي ڀينرن وغيره کان ملڪيت کسي وٺڻ ته وڏو ناحق چئبو، باهه پيٽ ۾ وجهڻي آهي. ماڻهو چوندا آهن ته نياڻي پرڻائي ٻين کي ٿي ڏجي پوءِ پنهنجي ابي ڏاڏي جي ملڪيت ٻيا ڇو کڻي وڃن. پنهنجي عقل کي الله ۽ الله جي رسول ﷺ جي عقل کان مٿي ٿا سمجهن. ائين نٿا ڄاڻن ته پيءُ کي جهڙو پٽ پيارو آهي تهڙي ڌيءَ. ملڪيت جهڙو پٽ ماڻي ٿو سگهي تهڙو ڌيءَ به ماڻي ٿي سگهي کيس چڱو کاڌو، چڱا ڪپڙا، چڱو مڪان ڪو نه گهرجن ڇا؟ کيس سخاوت ڪري بهشت جو حقدار نه ٿيڻ گهرجي ڇا؟ جيڪڏهن نياڻي پرائي گهر پرڻجي ٿي وڃي ته پٽ وري پرائي عورت گهر ۾ آڻي موجون ڪين ٿو ماڻائيس؟ جيڪڏهن شريعت جو حق ادا ڪبو ته ڪو هروڀرو گهڻو نقصان به ڪو نه پوندو ڇو ته جيڪڏهن ڀيڻ ڪجهه ملڪيت کڻي ويندي ته زال وري پيڪن مان ڪجهه ملڪيت آڻيندي. مگر سوال آهي انصاف جو. اسلام ۾ ڌن ۽ دولت کي ڪجهه به وقار نه آهي. درحقيقت به خوشي دولت تي ايتري منحصر ناهي جيترو تندرستي ۽ نيڪ اخلاقن تي.

اسلامي ڪتاب
کهان پي وه ديني کتابون کي دفتر
کهان پين وگ علم الاهي کي منظر
پهريون اسلامي ڪتاب آهي قرآن شريف، جو يا ته اصل عربي زبان سکي پوءِ سمجهه سان پڙهڻ گهرجي، يا ته بنا عربي سکڻ جي معنيٰ سان پڙهجي. قرآن شريف کان پوءِ بلڪ ان سان لاڳو آهن رسول الله ﷺ جا قول ۽ عمل جي وڏن امامن جفاڪشي ڪري گهڻو تحقيقات بعد ڪوڙيون روايتون ترڪ ڪري صحيح حديثون ڪٺيون ڪري ڪتابن ۾ درج ڪري ڇڏيائون جهڙوڪ صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم. انهن ۾ اصحابن سڳورن (جيڪي هدايت جا ڏيا آهن) جا قول ۽ عمل به بيان ڪيل آهن. قرآن شريف جي الفاظن جي معنيٰ به هڪ اوائلي لغت ۾ ڏنل آهي. جيڪڏهن اها معنيٰ وٺجي ته اڄوڪي زماني جا گهڻا اختلاف مٽجي وڃن. حديثن کان پوءِ ٻيو درجو آهي فقه شريف جو جنهن ۾ وضو، نماز ۽ روزن وغيره جا مسئلا ۽ سول ۽ فوجداري قانون بيان ڪيل آهن. فقه جو مدار آهي قرآن شريف ۽ حديثن تي. انهن کان پوءِ آهن ٻيا ڪتاب جن ۾ اسلام جي تعليمات جون خوبيون ۽ فائدا فلسفي طور دليلن سان سمجهايل آهن. پر جيئن مسلمان پست پوندا ويا تئين نه رڳو بيڪار ڪتاب لکيائون، پر ڪوڙا قصا، ڪوڙيون روايتون ۽ بزرگن جا ڪوڙا قصا لکي مسلمانن کي گمراهه ڪري ڇڏيائون. خدا جي مهرباني سان اسلامي دنيا ۾ جتي ڪٿي وري سجاڳي ٿي ويئي آهي. اڙدو ۾ نهايت عاليشان اسلامي ڪتاب ڇپجي ويا آهن. نواب محسن الملڪ، نواب صدر الدين، مولانا حالي، مولانا شبلي، مولانا اقبال ۽ خواجه ڪمال الدين جون تصنيفون خاص طرح پڙهڻ جهڙيون آهن. اهي مسلم بڪ سوسائٽي عزيز منزل لاهور مان ملي سگهنديون. خصوصاً حضرت ﷺ جي سوانح عمري (مثلن رحمته اللعالمين)، خلفائي راشدين جو ذڪر ۽ اسلامي تاريخ پڙهڻ گهرجن. سنڌ ۾ خدا جي فضل سان ٿورڙا چڱا ڪتاب ڇپيا آهن جهڙوڪ مولوي فتح محمد صاحب جو حيات النبي ۽ نور الايمان، مسٽر علي خان جو حالات نبوي، احاديث نبوي، رسومات تباهي ۽ تعليمات اسلام ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو، مرزا قليچ بيگ صاحب ۽ مرحوم حاجي الاهي بخش صاحب جون تصنيفون آهن ۽ اسان جو پيارو رسول، خليفه اول، قرآن ۽ نئين روشني ۽ ٻيا مسلم ادبي سوسائٽيءَ جا ڪتاب قابل ديد آهن. مگر هي ڪتاب تمام ٿورا آهن. مسلمانن کي ٻيهر بيدار ڪرڻ لاءِ گهڻن ڪتابن ۽ رسالن جي ضرورت آهي. خصوصن قرآن شريف ۽ صحيح بخاري جو سليس ترجمو مختصر تفسير سان ضرور ڇپائڻ گهرجي. تفسير اهڙو هجي جنهن ۾ رڳو صحيح حديثن جي مدد وٺڻ گهرجي ۽ ثابت ڪري ڏيکارجي ته اسلامي تعليمات ترقيءَ جون ڪنجيون آهن.

لائبريريون
حريم خلافت اونڻون پي لدکر
چلي آتي هين مصر و يوان کي دفتر
اطلبو العلم من المهد الي اللحد (حديث)
پينگهي کان وٺي قبر تائين علم جي تلاش ڪيو.
پوريءَ ترقيءَ لاءِ ضروري آهي ته ماڻهو نه رڳو ننڍي هوندي اسڪولن يا مدرسن ۾ ٿورو يا گهڻو علم پڙهن (پوءِ سڀ ڪجهه وساري ڇڏين) پر مرڻ جي گهڙي تائين فرصت جو وقت هميشه اخبارن ۽ ڪتابن پڙهڻ ۾ صرف ڪن، ۽ هر هڪ ڳوٺ ۾ ڪم از ڪم هڪ چڱو نيڪ اخلاق عالم هجي جنهن کان ماڻهو شريعت جا احڪام ۽ فيصلا پڇي سگهن.
ڪتابن ۽ اخبارن جي ميسر ڪرڻ لاءِ سولي رٿ هيءَ آهي ته هر هڪ ڳوٺ ۾ ۽ وڏن شهرن جي هڪ محلي ۾ هڪ انجمن هئڻ گهرجي. گهر گهر تي آنو يا ٻه آنا ماهانه چندو وجهڻ گهرجي. زڪوات وغيره جا پيسا به انجمن کي ڏجن. انهن پيسن مان گهڻائي ڪم ڪري سگهجن ٿا، مگر اسان هت فقط ڪتابن ۽ اخبارن جو ذڪر ٿا ڪريون. انهن پيسن مان ڪم از ڪم هڪ اخبار آڻائڻ گهرجي جا مسجد ياحجري ۾ رکڻ گهرجي جتي هر ڪو پڙهيل پڙهي سگهي ۽ اڻ پڙهيلن کي پڙهي ٻڌائي. پيسن جي بچت مان چڱا چڱا ڪتاب رفته رفته آڻائبا وڃجن. ٿورن ئي سالن ۾ چڱو ذخيرو موجود ٿي ويندو ۽ پوءِ ويندو وڌندو.
اهڙي انجمن ٻيا ڪم به ڪري ٿي سگهي. مثلاً فيصلا نبيرڻ، صفائي جو بندوبست رکڻ، تعليم جو انتظام ڪرڻ وغيره وغيره. اها آهي تنظيم جنهن جي قوم کي هن وقت سخت ضرورت آهي.
اسان اڄ هنن مضمونن جي سلسلي کي ختم ٿا ڪيون وري ڪو ٻيو سلسلي شروع ڪنداسين. في الحال اچو ته رب جي درگاهه ۾ التجا ڪريون.
اللهم صلی علی سيده النبی الامی وازواجه امهات المومنين و ذريته و اهل بيته کماصليت علی ابراهيم وعلی ابراهيم انک حميد مجيد
اي ٻاجهارا سائين! تون اسان کي صدقي پيارن پيغمبرن جي پنهنجي مبارڪ ڪتاب ۽ رسول الله ﷺ جي اقوالن ۽ اعمالن جي، علم عطا ڪر ۽ اسان کي توفيق ۽ هدايت ڏي ته اسان رسول مقبول ﷺ ۽ سندن اصحابن (اهلبيت به ان ۾ اچي ويا) جي روش وٺون ۽ انهن جهڙا عمل ڪريون ته اسان کي علم ۽ عقل ڏي. اسان ۾ اتفاق، همدردي ۽ محبت پيدا ڪر. اسان کي ڏکن ۽ ڳڻتين، محتاجي ۽ سستي، ڪنجوسائي ۽ ڊڄڻائپ ۽ قرض ۽ ماڻهن جي قهر کان پناهه ڏي. اسان ۾ همت ۽ جوان مردي پيدا ڪر ته تنهنجي مدد سان پنهنجا ڪم پاڻ سنواريون ۽ پنهنجي حالت ۽ اخلاق سڌاري دنيا ۽ آخرت جي سعادت حاصل ڪريون. آمين ثم آمين. (1939ع)