ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

ترقي ۽ خود حڪومت ڪيئن حاصل ٿيندي؟

هن سوال جو جواب قرآن شريف ۾ بلڪل چٽو ڏنل آهي ته الله تعالى فرمائي ٿو ته جيڪڏهن توهان مؤمن هوندؤ ته غالب رهندو. جيڪڏهن توهان ايمان آڻيندؤ ۽ چڱا عمل ڪندؤ ته توهان بادشاهي حاصل ڪندؤ ۽ زمين جا وارث ٿيندؤ. اسلام کان اڳي عرب جا ماڻهو جهنگلي ۽ وحشي هئا. روم ۽ ايران جي ڀيٽ ۾ هو ڪجهه به نه هئا، نڪي جنگي قواعد ڄاڻندا ها، نڪي ايران ۽ روم وانگر وٽن ڌن ۽ جنگي سامان هو. مگر جڏهن عربن ايمان آندو تڏهن ٿورڙن ئي سالن ۾ تهذيب ۽ اخلاقن ۾،علمن ۽ هنرن ۾، دولت ۽ طاقت ۾ حيرت انگيز ترقي ڪيائون ۽ نه رڳو پاڻ آزاد ٿيا پر ايران ۽ روم کي شڪستون ڏيئي ايران، شام ۽ مصر جا مالڪ بڻجي ويٺا. جڏهن وري اسان مان ايمان نڪري ويو تڏهن ڌاريا غير مسلمان اسان تي غالب پئجي ويا. ظاهر آهي ته ايمان ۽ غلامي هڪ ٻئي جو ضد آهن.
هاڻي اسان کي ڏسڻو آهي ته اسلام ۽ ايمان ڇا آهي ۽ اسين مسلم ۽ مؤمن آهيون يانه؟ اسان پاڻ کي نالي طور تي مسلم سڏايون ٿا پر اسان کي اها خبر ڪونهي ته مسلم ۽ مؤمن ڇاکي چئجي ٿو؟ اسان پاڻ کي نالي طور مسلم سڏايو ته ڇا ٿي پيو. جيڪڏهن گدڙ کي شينهن سڏجي ته شينهن ڪونه ٿي پيو. جيڪڏهن لوفر پاڻ کي جينٽلمين سڏائي ته جينٽلمين ڪونه ٿي پيو. اسان مسلم سڏائيندڙن جي گهرن ۾ پيدا ٿيا آهيون تڏهن پاڻ کي مسلم ٿا سڏايون. ساڳيءَ طرح جيڪي هندو سڏائيندڙن جي گهرن ۾ پيدا ٿين ٿا سي هندو سڏائين ٿا وغيره وغيره. مگر اهڙا انسان ڪي ورلي آهن جي علم ۽ عقل جي وسيلي تحقيقات ڪن ته مذهب ڇا آهي ۽ اسان کي ڪهڙي واٽ وٺڻ گهرجي ۽ اسان جي منزل مقصود ڇا آهي؟

اسلام ۽ ايمان
لفظ اسلام نڪتو آهي ”اَسلَم“ مان جنهن جي معنى آهي، ”هن الله تعالى جي مرضي ۽ حڪم اڳيان سِرُ جهڪايو يعني پوري پوري تابعداري ڪئي ۽ الله تعالى جي سڀني حڪمن جي پيروي ڪئي.“ هتي هي سوال اٿندو ته الله تعالى جا حڪم ڪهڙا آهن ۽ ڪٿي بيان ڪيل آهن؟ جواب هي آهي ته اُهي حڪم قرآن شريف ۾ بيان ڪيل آهن. قرآن شريف الله تعالى جو ڪلام آهي نه انسان جو، قرآن شريف آخري الاهي ڪتاب، ڪامل مڪمل ۽ صحيح طور موجود آهي. ساڍن تيرهن سو سالن ۾ منجهس زير زبر جي ڦير گهير به ڪانه ٿي آهي.
ايمان جي معنى آهي پڪو ويساهه، قرآن شريف ۾ گهڻن هنڌن تي ايمان جي بدران يقين جو لفظ ڪم آندل آهي. ڏسو ته اسان کي يقين آهي ته باهه ۾ هٿ وجهنداسين ته ايذاءُ ايندو ۽ هٿ سڙي پوندو، تنهنڪري باهه ۾ هٿ نه ٿا وجهون. اسان کي ويساهه پوي ٿو ته ڪئين مليريا جي تپ کي ڇڏائي ٿي تنهن ڪئين کائون ٿا. مگر جڏهن قرآن شريف ۾ الله تعالى فرمائي ٿو ته ڪوڙ ٺڳي رشوت شراب، زنا، چوري وغيره ۾ اسان جوئي نقصان ۽ تباهي آهي، تڏهن اسان کي ويساهه ۽ يقين ڪونه ٿو اچي. اسان بي ڌڙڪ گناهه جاڪم ڪيون ٿا ۽ چڱن ڪمن کان بچون ٿا. ڇو ته اسان کي الله تعالى ۾ ايمان يا ويساهه ڪونهي. يا قرآن شريف کي الله تعالى جو ڪلام نه ٿا سمجهون. پوءِ به اسان چئون ٿا ته اسان مسلم ۽ مؤمن آهيون ۽ اسان مرڻ کانپوءِ سڌو بهشت ۾ وينداسين. حالانڪه قرآن شريف ۾ بار بار فرمايل آهي ته بهشت حاصل ڪرڻ آسان نه آهي ۽ ايمان وارا اُهي آهن جي پنهنجو مال اولاد ۽ جانيون خدا جي راهه ۾ يعني گناهن کان بچڻ ۽ چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ قربان ٿا ڪن. ناظرينو! پڙهندڙؤ هاڻي پاڻ انصاف ڪيو ته اسان ڪيتري قدر مسلم ۽ مؤمن آهيون؟

ڪلمو پاڪ
ڪنهن جاهل مسلمان کان پڇبو آهي ته مسلمان ڇا کي چئجي ته گهڻي ۾ گهڻو ايترو چئي سگهندو آهي ته جيڪو ڪلمو شريف پڙهي سو مسلمان آهي. ائين هرگز ناهي. ايمان آهي نه رڳو زبان سان اقرار ڪرڻ پر دل سان به تصديق ڪرڻ، يعني دل کي يقين ٿئي ته اها ڳالهه سچي آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڪرستان يا هندوءَ کان پڇجي ته ڪرستان يا هندو ڇاکي چئجي ته ڪوبه اهڙو جملو (تعريف جو ......... )ٺاهي سگهندا جنهن ۾ سڀ ڪرستان يا هندو اچي وڃن. مگر اسان ٻين نمونن سان چئي سگهون ٿا ته مسلمان ڇاکي ٿو چئجي (1) مسلمان اُهو آهي جو يقين رکي ته قرآن شريف الله تعالى جو ڪلام آهي جو سڀني انسانن کي سچي ۽ ڪامل هدايت ڏيندڙ آهي. (2) مسلمان اهو آهي جو يقين رَکي لا اله الالله محمد رسول الله تي يعني سچي دل سان پڪو ويساهه رکي ته الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪو به معبود (عبادت جو لائق) ڪونهي ۽ حضرت محمد ﷺ الله تعالى جو پيغام پهچائيندڙ آهي. اهو پيغام آهي قرآن شريف. انهن جملن جو آخر مطلب ساڳيوئي آهي. اسان پاڻ کي تڏهن مسلم سڏائي سگهون ٿا جڏهن اسان کي يقين ٿئي ته قرآن شريف الله تعالى جو ڪلام آهي. منجهس اسان جي فلاح، بهبود ۽ ترقيءَ لاءِ دنيا ۽ آخرت جي چڱائي ۽ نعمتون ۽ سچيون ۽ ڪامل هدايتون ڏنل آهن. مگر اسان مسلمانن ۾ سؤ مان نوي مسلمان بلڪ هزار مان نوسؤ نوانوي مسلمان ته اهڙا جاهل آهن جن قرآن شريف ته معنى سان ڪونه پڙهيو آهي، پر رڳو ڪلمي شريف جي معنى به ڪونه ٿي اچين. پوءِ ويساهه ڇا تي ايمان ڇا تي؟ الَجهل قريبُ من الکفر. اڻڄاڻائي ڪفر کي ويجهي آهي. ارمان آهي ته پڙهيل مسلمان سوين قصا ۽ ڪتاب شوق سان پڙهن ٿا مگر الله تعالى جو موڪليل پيغام ۽ ڪتاب جو اسان لاءِ موڪليل آهي، تنهن جي ترجمي يا معنى پڙهڻ کان سؤ ڪوهه پري ٿا ڀڄن. جيڪڏ هن اسان ڏي ڪو خط ڪنهن دوست يا مائٽ آفيسر وٽان اچي ٿو ته ان اُهو خط يا پاڻ ٿا پڙهون يا ٻئي کان پڙهائي مطلب سمجهي طاقت آهر ان تي عمل ٿا ڪيون مگر الله تعالى جو خط پنهنجي لطف ۽ رحمت سان اسان جي فائدي لاءِ موڪليو آهي، تنهن تي عمل ڪرڻ ته پري رهيو پر رڳو اسان جي مطلب پڙهڻ يا ٻئي کان پڙهائڻ جو رڳو خيال به ڪونه ٿا ڪريون. ناظرين پڙهندڙؤ! انصاف ڪيو ته اسان ڪيتري قدر مسلم ۽ مؤمن آهيون.

وڌيڪ سمجهاڻي
اڳئين مضمون ۾ لاَ اِلهَ اِلالله جي معنى اها ڪئي ويئي آهي ته الله تعالى کانسواءِ ڪوبه عبادت جو لائق ڪونهي. عبادت جي معنى رڳو نماز ناهي، عبادت جي معنى آهي الله تعالى جي سڀني حڪمن جي فرمانبرداري يعني ته نه رڳو نماز، روزا، حج ۽ زڪواة ادا ڪجن پر ٺڳي، پرائو حق کائڻ، زنا، شراب ۽ جوا وغيره کان به پرهيز ڪجي ۽ سچائي، ايمانداري، ٻين سان چڱايون ۽ سخاوت ۽ ٻيا اهڙا چڱا ڪم ڪرڻ گهرجن. جاهل مسلمان چوندا آهن ته جنهن ڪلمو شريف رڳو پڙهيو سو بهشت ۾ ويندو اگرچه هو وڏا گناهه ڪري. گويا ڪلمي پڙهندڙن کي عام موڪل آهي ته ٺڳي، زنا، چوريون ۽ خونريزيون وغيره ڀلي ڪندا وتن ۽ پوءِ ڪلمي جي آڌار تي ۽ حضرت محمد ﷺ جن جي شفاعت سان سڌا بهشت ۾ هليا ويندا. مگر هي خيال قرآن شريف جي تعليم جي بلڪل خلاف آهي. ائين هجي ها ته قرآن شريف جي نازل ٿيڻ جو ضرور ڪهڙو هو، ڇو نه رسول الله ﷺ جن فقط ڪلمو سيکاريو. قرآن شريف ۾ هزارين ڀيرا فرمايل آهي. ته فلاح اُهي حاصل ڪندا ۽ جنت ۾ اُهي ئي ويندا جن ايمان آڻڻ سان گڏو گڏ چڱا عمل ڪيا هوندا. ٻيا ٻنهي جهانن ۾ مردود ۽ مصيبتن ۽ عذابن ۾ وڪوڙيل رهندا. خود ايمان جي لفظ ۾ ئي عمل سمايل آهي. جيئن اڳئي سمجهايل آهي ته جڏهن ته اسان کي پڪو ويساهه آهي ته باهه ۾ هٿ وجهبو ته سڙندو تڏهن هروڀرو باهه ۾ هٿ نٿا وجهون ۽ مليريا لاءِ ڪئين کائون ٿا. ڪي مسلمان چوندا آهن ته ڪئين مليريا جو تپ هٽائيندڙ آهي. تڏهن ته ڪئين کائون ٿا، ڪي مسلمان چوندا آهن ته ڇا ڪيون اسان ضعيف آهيون شيطان اسان کي ڀُلائي ٿو وجهي. مگر قرآن شريف ۾ الله تعالى بار بار فرمائي ٿو ته سچن مؤمنن ۽ خدا جي صالح ٻانهن کي شيطان هرگز ڀُلائي نٿو سگهي. بيشڪ ڀُل ۾ وقت سر ضعيف انسان کان گناهه جو ڪم ٿي ٿو وڃي اگرچه هو سچو مؤمن هجي، ان بابت حديث شريف ۾ چٽائي ٿيل آهي، ته مؤمن جي سڃاڻپ جي نشاني هيءَ آهي ته جيڪڏهن هو چڱو ڪم ڪري ته کيس خوشي ٿئي ۽ گناهه جو ڪم ڪري ويهي ته کيس افسوس ۽ پشيماني ٿئي. قرآن شريف ۾ چٽائي ٿيل آهي ته جيڪڏهن ڪو گناهه ڪري وهي ۽ پوءِ پشيمان ٿي توبه ڪري ۽ آينده گناهه ڪرڻ کان پاڻ بچائي ته پوءِ الله تعالى جي مغفرت ۽ رحمت کان نااميد نه ٿئي. پر اسان مسلمانن ۾ ته حالت ئي اور آهي. اسان نه رڳو گناهه ڪريون ٿا پر بي شرم ۽ بي حجاب ٿي ڪيون ٿا، نه انسانن کان شرم نه خدا ۽ خدا جي رسول کان شرم بلڪ گهڻا ته کليو کلايو گناهن جي ڪمن تي فخر ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته ترقي اُهوئي ڪندو ۽ موجون اُهو ئي ماڻيندو جو وڏو بدمعاش هوندو. ناظرينو، پڙهندؤ انصاف ڪيو ته اسان ڪيتري قدر مسلم ۽ مؤمن آهيون.

مڃڻ جي معنيٰ
اڄوڪا مسلمان چوندا آهن ته اسان الله تعالى ۽ سندن رسول ﷺ کي نه رڳو مڃون ٿا، پر سندن نالي تان به قربان آهيون. مان چوان ٿو ته اسان الله ۽ سندس رسول سان ٺٺولي (استغفرالله اعوذ بالله منها) ڪري رهيا آهيون، نه ڄاڻي واڻي، پر جهل ۽ ناداني کان. اسان ”مڃڻ“ لفظ جي معنى به ڪانه سمجهي آهي. الله تعالى قرآن شريف ۾ فرمائي ٿو ته الله ۽ سندس رسول ۽ ملائڪن ۾ ايمان آڻيو. جيڪڏهن ايمان ۽ مڃڻ جو مطلب آهي فقط سندن هئڻ جو اقرار ڪرڻ ته پوءِ ته شيطان به آهي. مگر ظاهر آهي ته مڃڻ جو مطلب آهي ويساهه رکي انهن جي هدايتن تي هلڻ الله تعالى فرمائي ٿو ته شيطان اوهان جو کليو کلايو دشمن آهي. مٿس ويساهه نه رکو، کيس ڪوڙو سمجهيو ۽ سندس چوڻ تي نه لڳو الله تعالى باربار فرمائي ٿو ته اطيعو الله واطيعو الرسول يعني الله تعالى جي فرمانبرداري ڪيو. تنهن ڪري ايمان ۽ مڃڻ جي معنى آهي فرمانبرداري ڪرڻ، پٽ پنهنجي ماءُ پيءُ کي امان ۽ ابا ڪري سڏي مگر سندن چَوَڻ تي نه هلي ته ماءُ پيءُ به کانئس ناراض رهندا ۽ پنهنجو به خانو خراب ڪندو. ساڳي طرح شاگرد استاد کي سائين سائين سڏي مگر پڙهڻ لکڻ جو ڪم اصل نه ڪري، اسڪول کان گسائي، جيڪڏهن ڪلاس ۾ اچي ته رڳو گوڙ ۽ مستي ڪري ۽ وڳوڙ پيدا ڪري ته استاد هن کي لت هڻي ڪڍي ڇڏيندو ۽ هو رُلي پني خراب ٿيندو. جيڪڏهن رعيت جو ڪو ماڻهو سرڪار کي ڍل نه ڏي ۽ سرڪاري قانو نن جي ڀڃڪڙي ڪري ته ضرور هو جيل ۾ پوندو. سمجهو ته ڪو ماڻهو ڪنهن سيٺ جو پگهار دار نوڪر آهي ۽ سيٺ کي نوڙي سلام ٿو ڪري سائين سائين ٿو سڏي ۽ کيس چوي ٿو ته توهان جي حڪم جي دير آهي. جيڪي فرمايو سو ڪريان. سيٺ هن کي چوي ٿو ته هي خط ٽپال ۾ وجهجان ۽ هن بوٽ کي پالش ڪجان ۽ وغيره وغيره نوڪر چوي ٿو ته حاضر سائين حاضر! سيٺ ٻاهر ٿو وڃي، نوڪر ڪوبه ڪم نه ٿو ڪري، جڏهن سيٺ واپس ٿو اچي تڏهن نوڪر وري به کيس نوڙي سلام ٿو ڪري. سيٺ پڇيس ٿو ته فلاڻو فلاڻو ڪم ڪيئي؟ چئي نه سائين. هاڻي ٻڌايو ته اهڙي نوڪر کي سيٺ پگهار ڏيندو يا مار ڏئي ڪڍي ڇڏيندو. اسان به ڏينهن ۾ ٽيهه کن ڀيرا الله تعالى جي اڳيان بيهون ۽ نمون ۽ سجدو ٿا ڪريون ۽ چؤن ٿا ته اي مهربان مولا اسان فقط تنهنجي ٻانهپ ڪيون ٿا، ڪندا آهيون ۽ ڪنداسين مگر حقيقت ۾ سڄو ڏينهن ڪوڙ ۽ دغا، وعده خلافي، گارين، فسادن، گلائن، فاحش ڪمن ۽ گناهن ۾ بسر ڪريون ٿا، اها خدا ۽ خدا جي رسول سان ٺٺولي نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ خدا اسان کي انعام ڏيندو يا عذاب ڏيندو؟ حقيقت هيءَ آهي ته الله تعالى اسان کي ذليل ۽ خوار خراب ڪيو آهي ۽ سڀ مصيبتون اسان تي نازل ڪيون اٿس ته به اڃا به اکيون ڪونه ٿا کوليون. هاڻي ناظرينو، پڙهندڙؤ! انصاف ڪيو ته اسان ڪيتري قدر مسلم ۽ مؤمن آهيون. هن مان ظاهر آهي ته اسان رڳو نالي جا مسلمان آهيون. اسان نالي طور خدا ۽ سندس رسول ﷺ کي مڃون ٿا پر حقيقت ۾ شيطان کي، بتن کي ۽ ناجائز نفساني خواهشن کي ٿا پوڄيون. هاڻي سوال آهي ته اسان کي ڪيئن يقين ٿئي ته الله رسول ﷺ سچا آهن، قرآن شريف الله تعالى جو سچو ڪلام آهي ۽ ان تي عمل ڪرڻ سان اسان دنيا ۽ آخرت جون سڀ نعمتون خود حڪومت سميت حاصل ڪري ٿا سگهون. جواب هي آهي ته (1) رسول الله ﷺ جي سچي تاريخ غور ۽ فڪر سان پڙهڻ گهرجي. اڙدو ۾ قاضي سليمان جو رحمته اللعالمين، مولانا شبلي جو سيرة النبي ۽ سنڌي ۾ حيات النبي، حالات نبوي ۽ اسان جو پيارو رسول موجود آهي (2) قرآن شريف غور ۽ فڪر سان پڙهڻ گهرجي. خصوصاً اُهي آيتون جن ۾ اسان لاءِ هدايتون ۽ حڪم احڪام آهن. انگريزي ۾ علامه يوسف علي ۽ حافظ غلام سرور جا ترجما، اڙدو ۾ بي شمار ترجما ۽ سنڌيءَ ۾ به ڪي ترجما موجود آهن. (3) قومن جي تاريخ ۽ سندن ترقي ۽ تنزل جو اڀياس ڪرڻ گهرجي. (4) ڪائنات ۽ انسان جي فطرت ۽ سندن روزمره جي عملن ۽ انهن جي نتيجن تي غور ڪرڻ گهرجي. اڪثر ماڻهن جا دماغ ڪمزور ۽ دليون تنگ آهن پوءِ هنن کي جيڪي اُٺ مغز ۾ ويٺل آهن سي چٽين حقيقتن ٻڌڻ يا پڙهڻ بعد به مغز مان نٿا نڪرن تنهنڪري سڀني انسانن جو فرض آهي ته هميشه اهو خيال رکن ته ممڪن آهي ته اسان جا خيال غلط هجن ۽ اسان کي گهرجي ته ٻين خيالن کي سمجهڻ جي گهڻي ڪوشش ڪيون. جيڪڏهن اُهي خيال صحيح ڏسڻ ۾ اچن ته جُرائت ڪري بي ڊپائي سان اُهي خيال اختيار ڪري انهن تي عمل ڪيون ۽ انهن خيالن جي اشاعت ۽ تبليغ ڪيون. برنارڊ شا سڄي دنيا ۾ مشهور معروف فيلسوف آهي هن هڪڙي مضمون ۾ بلڪل زبردست لفظن ۾ لکيو آهي ته يورپ جي ماڻهن کي پنهنجي مشڪل مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ضرور حضرت محمد ﷺ جن جي پيرن تي ڪرڻو پوندو يعني پنهنجي اخلاقي، پنگتي، سياسي ۽ اقتصادي سڌارن لاءِ قرآن شريف تي عمل ڪرڻو پوندو .

مذهبن جي سچائي ۽ الله تعالى جو وجود
سڀ مذهب اصل ۾ سچا آهن. ڪوبه ڪوڙو مذهب قبوليت حاصل ڪري نٿو سگهي. ڏسو اڪبر بادشاهه ڪيڏو عالي دماغ ۽ زبردست شنهشاهه هو تنهن هوندي به سندس ٺاهيل دين قبوليت حاصل ڪري نه سگهيو. (نوٽ: اڪبر ڪوبه نئون دين ڪو نه ٺاهيو هو پر اسلامي حڪومت کي هندستان ۾ مضبوط بنائڻ لاءِ اِها هڪ چال هئي جنهن ۾ هو ڪامياب ٿيو -مدير توحيد) هن هڪڙي ئي مثال مان ثابت آهي ته دين ۽ مذهب جو سيکاريندڙ فقط الله تعالى آهي. الله تعالى پنهنجي فضل سان ڪنهن چڱي انسان کي چونڊي کيس پيغام موڪلي ٿو ۽ اُهو انسان ٻين انسانن کي اُهي پيغام پهچائي ۽ سيکاري ٿو. اڄ ڪلهه اهڙا ماڻهو تمام گهڻا آهن جي سمجهن ٿا ته الله تعالى پيغمبر ڪونه ٿو موڪلي. جيڪي ماڻهو ائين سمجهن ٿا تن کي پنهنجي مذهب ۾ ائين ويساهه هئڻ ئي ڪونه گهرجي، ڇو ته انسان ڪهڙي به تحمل وارو هجي ته به سندس سڀ خيال صحيح ٿي نه ٿا سگهن. فقط الله تعالى جي سيکاريل دين تي ئي پڪو ويساهه ڄمي سگهي ٿو. ڪي پڙهيل ماڻهو پاڻ ئي قبول ڪندا آهن ته بيشڪ ڪوبه انسان سورهن آنا سچيون هدايتون ڏيئي نٿو سگهي پر سندس هدايتون گهڻي قدر صحيح ٿين ٿيون. سوبه خاص سندس ملڪ لاءِ ۽ سوبه ٿوري وقت لاءِ. هر هڪ ملڪ ۽ هر هڪ زماني لاءِ نوان نوان فيلسوف پيدا ٿيندا رهن ٿا جي ترقي ڪرائيندا رهن ٿا. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ دين ۽ مذهب کي پاڙ ئي ڪانهي ۽ ڪو به سمجهو ماڻهو ڪنهن دين تي پڪو ويساهه ڪونه رکندو نڪي ان تي عمل ڪندو. ڪي ماڻهو ته اهڙا به آهن جي الله تعالى جي وجود جو ئي انڪار ڪن ٿا، حالانڪ الله تعالى جي هئڻ جي شاهدي خود انسان جي فطرت ۽ اندر جو آواز ڏيئي رهيا آهن. ڪوبه سائنسدان چئي نه سگهندو ته هن حيرت انگيز ڪائنات جو پيدا ڪندڙ يا اصلي سبب خدا کان سواءِ ڪو ٻيو ٿي سگهي ٿو. انکانسواءِ پيغمبرن جي حياتيءَ جو احوال ۽ سندن تعليم تي غور ۽ خوض ڪبو ته يقين ٿي ويندو ته خدا سچ پچ آهي ۽ سندس سيکاريل دين سورهن آنا سچو آهي. اها ڳالهه برابر آهي ته مختلف ملڪن ۾ مختلف زمانن ۾ حالتون نراليون آهن پر بنيادي اصول ۽ بنيادي حقائق سڀني ملڪن ۽ سڀني زمانن لاءِ ساڳيا آهن. ڇو ته انسان جي فطرت هر ملڪ ۽ هر زماني ۾ ساڳي آهي. ڏسو ته رڳو هڪ شاعر شڪسپيئر، جو انساني فطرت جو نقاش آهي، تنهن جا خيال هر هڪ ملڪ ۾ هر ڪنهن زماني ۾ مقبول ۽ راحت ڏيندڙ ثابت ٿيا آهن. مان دنيا جي فيلسوفن کي چيلنج ٿو ڏيان ته ثابت ڪري ڏيکارين ته قرآن شريف جو ڪوبه حڪم ۽ ڪابه هدايت يا فطرت انساني يا عقل جي خلاف آهي. يا ترقيءَ کي رد ڪندڙ آهي يا ڪنهن به ملڪ يا زماني ياحالت لاءِ ناموزون آهي.

اسلامي برادري
پيغمبرن ۾ فقط هڪڙو ئي پيغمبر آهي جنهن جي حياتيءَ جو احوال ايتري قدر ڪافي يا گهڻو ۽ صحيح معلوم ۽ مڪتوب ٿيل آهي، جيتري قدر ڪنهن به ٻئي انسان جو بلڪ پنهنجي پي ۽ ڀاءُ جو به معلوم نه آهي. پيغمبرن تي نازل ٿيل ڪتابن مان فقط هڪڙوئي قرآن شريف آهي جو اڄ تائين صحيح سالم ۽ بنا ڦير ڦار جي موجود آهي ۽ قيامت تائين صحيح حالت ۾ موجود رهندو ڇو ته قرآن شريف ۾ الله تعالى پاڻ وعدو فرمايو آهي ته مان هن ڪتاب جو محافظ آهيان. ٻين پيغمبرن جي حياتين جا احوال اڪثر ڪري ڏند ڪٿائون آهن جن لاءِ ڪا تاريخي تحقيقات ڪانه ٿي سگهي. ٻين الاهي ڪتابن ۾ انسانن ۽ زماني جي دستبرد گهڻي ڦير ڦار ڪري ڇڏي. تنهن ڪري انهن کي هاڻي الاهي ڪتاب چئي نٿو سگهجي. تنهنڪري سڀني انسانن کي يا ته قرآن شريف تي ويساهه ۽ عمل ڪرڻو آهي. ياته کليو کليو دهريه ۽ لامذهب سڏائڻ گهرجي. اڄ اُهو زمانو آيو آهي جو هيءَ سڄي دنيا هڪ ٿي ويئي آهي. دنيا ۾ ڪٿي به ڪو واقعو ٿئي ٿو ته سڄيءَ ڌرتي کي هڪدم معلوم ٿي وڃي ٿو. اهڙي زماني لاءِ الله تعالى هڪ ئي ڪامل ڪتاب آخرين پيغمبر ﷺ جن جي هٿان موڪليو ته سڀ انسان هڪ برادري ۾ اچي وڃن ۽ سڀ ڪامل ترقي ڪري دنيا ۽ آخرت جون نعمتون حاصل ڪن. اسلام لفظ جي هڪ معنى اڳي ڏني وئي آهي. ٻي معنى اٿس صلح، سلامتي ۽ امن امان. دين اسلام جو مقصد ئي اهو آهي ته سڀ انسان هڪ ٻئي جا خير خواهه هجن ۽ صلح، سلامتي ۽ امن امان سان گڏجي رهن ۽ گڏجي ڪم ڪن. سڀ انسان هڪ رب العالمين جا خلقيل هڪ ئي ڪٽنب آهن. اسان سڀني کي الله تعالى جي حڪمن هيٺ رهي سندس هدايتن تي عمل ڪري هڪ ٻئي سان ڀائرن وارو برتاءُ ۽ هلت چلت ڪرڻ گهرجي. اُهو مذهب هرگز سچو ٿي نٿو سگهي جو ٻين مذهبن وارن لاءِ ڌڪار يا دشمني سيکاري. هاءِ افسوس اڄ ته اسان الاهي دين ۽ الله تعالى جي حڪم کان ايتري قدر غافل ۽ انڪاري آهيون جو ڀائر، چاچا، ڀائيٽا، سوٽ ۽ پاڙيسري به هڪ ٻئي جو چڪين ماس ٿا کائين. پوءِ ڪيئن مختلف مذهبن ۽ ملڪن ۽ قومن جا ماڻهو پاڻ ۾ ايڪو ۽ اتفاق ڪري سگهندا؟ پڙهندڙ، ناظرين! پاڻ انصاف ڪيو ته اسان ڪيتري قدر مسلم ۽ مومن آهيون.

حضرت رسول ﷺ
پاڻ سڳورا اٽڪل 570 عيسوي ۾ مڪي شريف ۾ تولد ٿيا. سندن والد اڳيئي گذاري ويو هو. سندن والده ۽ ڏاڏو به جلد گذاري ويا ۽سندن سنڀال چاچي ابو طالب جي حوالي ٿي. پاڻ سڳورا ننڍي هوندي کان ڪوڙ نه ڳالهائيندا هئا. ۽ وعده خلافي ڪڏهن به نه ڪندا هئا. امانت ۽ ايمانداري ۾ ايتري قدر مشهور ٿي ويا جو ماڻهو کين صادق (سچو) ۽ امين (امانت وارو) ڪري سڏيندا هئا. 25 ورهين جي ڄمار ۾ شادي ڪيائون. شادي کان پوءِ روزگار جي تنگي ڪانه رهي تنهن ڪري خدمت خلق ۾ مشغول رهندا هئا. هڪڙي انجمن جنهن جو خاص مقصد هو مسافرن ۽ مسڪينن جي خدمت ڪرڻ ۽ مظلومن جي واهر ڪرڻ تنهن ۾ گرمجوشي سان ڪم ڪيائون. مگر عربن جي اخلاقي حالت اهڙي ڪِرِيل هئي، ايتريقدر وحشي هئا ۽ مصيبتون ايتري قدر هيون جو پاڻ سڳورن جي دل پاش پاش ٿيندي هئي. انهيءَ ڪري 40 ورهن جي عمر کان اڳ حِرا جبل جي غار ۾ وڃي اڪيلا وهندا هئا جتي انسان جي فطرت، زندگي جي مقصد ٻين ڏکين مسئلن تي غور ۽ فڪر ڪندا هئا. 40 ورهن جي ڄمار ۾ انهيءَ غار ۾ کين الله تعالى وٽان پيغام آيو. (پاڻ سڳورا لکي پڙهي ڪونه ڄاڻندا هئا) ته پڙهه پنهنجي پالڻهار جي نالي سان جنهن سڄي سرشتي کي خلقيو آهي. ۽ جنهن انسان کي رت جي ڄميل ڦڙي مان پيدا ڪيو آهي. پڙهه ته تنهنجو رب وڏو شان وارو ۽ وڏو مهربان آهي. جنهن قلم جي وسيلي علم سيکاريو ۽ اُهو علم سيکاريائين جو انسان اڳي نه ڄاڻندا هئا. اٽڪل ڇهه مهينا پوءِ وري کين حڪم آيو ته ”اي چادر ۾ ويڙهيل اُٿ، اٿي خلق کي خبردار ڪر، پنهنجي رب جي ڪبريائي ۽ شان جو بيان ڪر، ڪپڙا پاڪ رک، اندرين خواهه ٻاهرين پليتي کان پري ڀَڄُ. ان ڪم ڪرڻ ۾ دولت جي گهڻائي يا ڪاٻي خود غرضي جي تمنا نه رکج ۽ پنهنجي رب جي ڪارڻ محڪم ۽ اورچ رهجان.“
هن حڪم پهچڻ بعد هوريان هوريان ماڻهن کي خدا جا حڪم پهچائڻ لڳا ته بتن، سج، چنڊ ۽ تارن جي پوڄا ڇڏي ڏيو. فقط الله جي ٻانهپ ڪيو، علم پڙهو، صفائي ۽ پاڪائي رکو، فاحش ۽ بيشرمي جا ڪم ڦٽي ڪريو، ڪوڙ نه ڳالهايو ۽ وعد خلافي نه ڪيو. مسڪينن تي ظلم نه ڪيو، دشمنيون، جنگيون ۽ جهيڙا بند ڪيو، ڀائر ٿي وڃو ته خدا اوهان کي دنيا ۾ به آسودو رکندو ۽ آخرت ۾ به بهشت نصيب ڪندو.
انهيءَ زماني ۾ ڪعبي ۾ 360 بُت رکيل هئا. چئني طرفن کان ماڻهو ڪعبي جي زيات ۽ بتن جي پوڄا لاءِ ايندا هئا. انهيءَ ڪري مڪي جي قريش سردارن کي عزت ۽ دولت حاصل ٿيندي هئي تنهنڪري هنن حضرت جن جي سخت مخالفت شروع ڪئي. ٽن سالن ۾ فقط تيرهن مسلمان ٿيا، جيڪي مسلمان ٿيندا هئا تن تي سخت ظلم ٿيندا هئا خود حضورﷺ جن تي به قريشين سخت ظلم ڪيا، مگر پاڻ فرمائيندا هئا ته ” اي انسانو! مون توهان ۾ سڄي عمر گذاري آهي. توهان کي منهنجي چالت چلت جي پوري خبر آهي. توهان منهنجي سڀ ڪنهن ڳالهه تي به اعتبار ڪندا آهيو ته پوءِ ڇوٿا انهيءَ ڳالهه تي به اعتبار ڪيو ته الله تعالى مون کي اوهان جي چڱائي لاءِ سهڻا ۽ مفيد پيغام موڪليندو رهي ٿو. مان ڪوبه عيوضو ته ڪونه ٿو گهران، مون کي ڪا خود غرضي ته ڪانهي، اٽلندو تڪليف ۽ مصبتن هيٺ اچي ويو آهيان. پر مون کي الله تعالى پڪو وعدو ڏنو آهي ته اسلام جي فتح ٿيندي ۽ اسلام جا دشمن فنا ٿي ويندا. توهان جيڪڏهن خدا تعالى جي فرمانبرداري ڪندؤ ته اوهان کي فائدو رسندو نه ته اوهان تي ئي عذاب نازل ٿيندا.
هوريان هوريان مسلمانن جو تعداد وڌندو ويو. قريشن جا مٿن ظلم وڌندا ويا. تنهڪري ڪي مسلمان حبش ڏي ڀڄندا ويا ته ڪي مديني منورڏي. هنن اسلام خاطر ظلم سٺا، پيارو وطن ڇڏيائون، گهر و ٻار، ۽ ملڪيتون ڇڏيائون مگر اسلام نه ڇڏيائون. قريشين ميٽنگ ڪري حضرت جن کي چيو ته جيڪڏهن تنهنجي مرضي آهي ته بادشاهه ٿيان ته اچ ته توکي بادشاهه ڪيون. جيڪڏهن دولت گهرجيئي ته بيشمار دولت ڏيون. ڪا سهڻي زال گهرجيئي ته اها وٺي ڏيون. مگر اسان جي بتن جي مخالفت ڇڏي ڏي. پاڻ سڳورن جواب ڏنو ته مون ۾ ڪابه خودغرضي ڪانهي. مان فقط خدا جا پيغام اوهان کي پهچايان ٿو. قبول ڪندؤ ته فائدو پائيندؤ نه ته نقصان هيٺ ايندؤ. مان توهان سان ڪهڙي دشمني ٿو ڪيان جو الله تعالى جي ڪم ۾ رنڊڪون ٿا وجهو.
ڪجهه وقت کانپوءِ وري قريشين ميٽنگ ڪري حضرت جن جي چاچي ابو طالب کي چيو ته پنهنجي ڀائٽي کي سمجهاءِ نه ته کيس قتل ڪنداسين. ابوطالب حضرت جن کي چيو ته هاڻي پاڻ کي به خطرو اٿئي ۽ مون کي به ٿو خطري ۾ وجهين. پاڻ سڳورن فرمايو ته چاچا اهي ڪافر جيڪڏهن منهنجي هڪڙي هٿ تي سج ۽ ٻئي تي چنڊ آڻي رکن ۽ حڪم ڪن ته اهو ڪم ڇڏي ڏي ته به خدا جي حڪمن مان هڪڙو حرف به نه گهٽائيندس، اگرچه منهنجي جان هلي وڃي. پوءِ مڪي جي قريشين هڪ ڳجهي ميٽنگ ۾ ٺهراءُ ڪري هر هڪ قبيلي مان هڪ پهلوان چونڊيو. اهي پهلوان هڪ رات رسول الله ﷺ جي گهر کي گهيرو ڪري ويٺا انهيءَ لاءِ ته جڏهن اَسُر جي وقت دستور موجب ٻاهر نڪرن ته کين قتل ڪري ڇڏجي. مگر رسول الله ﷺ گهيري هوندي به گهر مان اَسُر کان گهڻو اڳي نڪرن هليا ويا. ۽ هنن انڌن کي خبر به نه پئي. ڪجهه ڏينهن پوءِ رسول ﷺ جن مديني منور ۾ پهچي ويا. اتي جا ماڻهو ڪي ته اڳيئي مسلمان ٿيا هئا ۽ ڪي هاڻي به ٿيا. هنن حضرت جن کي نه رڳو رسول ڪري مڃيو پر حڪومت جون واڳون به کين سپرد ڪيون. رسول ﷺ جن هڪدم سڌارن جي ڪمن کي لڳي ويا. مدينه ۽ آسپاس جي يهودين ۽ ڪرستانن سان ۽ آسپاس جي عربن سان صلح ۾ رهڻ جا عهدنامه ڪيا. مگر قريشين هڪٻئي پٺيان مديني تي حملا ڪيا مدينه جي يهودين ۽ ٻاهرين عربن به دغا ڪري قريشين جي مدد ڪئي. انهن جنگين ۾ مسلمانن جو لشڪر دشمن جي فوج جي ٽئين پتي يا گهڻو گهٽ هو، تنهن هوندي به الله تعالى مسلمانن کي سو ڀارو ڪيو. آخر مسلمانن خود مڪو شريف فتح ڪيو. ٻاجهاري نبيءَ ﷺ سڀني دشمنن کي معافي ڏني نڪا ڦر لٽ ڪرائي. اٽلندو مسلمانن جون ملڪيتون ۽ جايون جي مڪي ۾ ڇڏي ويا هئا سي به واپس نه ورتيون. پوءِ قريش ۽ گهڻا عرب طوعاً ڪَرَهاً مسلمان ٿيا.
ان کان ڪجهه اڳي حضرت جن ﷺ گهڻن بادشاهن ڏي خط موڪليا ته مسلمان ٿيو. روم جي شنهشاهه هرقل کي جڏهن خط پهتو تڏهن حڪم ڪيائين ته عرب جا ڪي ماڻهو هن شهر ۾ هجن ته انهن کي وٺي اچو. اتفاق سان مڪي جو سردار ابو سفيان اُتي هو. کيس سندس ساٿين سميت درٻار ۾ آندائون. ابو سفيان ۽ سندس ساٿي اُن وقت حضرت جن جا سخت دشمن هئا. هرقل ابو سفيان کي چيو ته منهنجي سوال جا جواب سچا ڏجان ۽ سندس ساٿين کي چيائين ته جيڪڏهن ڪو جواب گهٽ وڌ هجي ته توهان سچو جواب ڏجو. ڏهن ٻارهن سوالن مان رڳو ٽي ڏجن ٿا:
(1) حضرت محمد ﷺ ڪڏهن ڪوڙ ڳالهايو آهي؟ جواب، نه.
(2) ڪڏهن انجام ڀڳو اٿس؟ جواب، نه.
(3) ڪڏهن عهد نامي جي خلاف ويو آهي؟ جواب، نه.
سڀني جوابن ملڻ بعد هرقل فرمايو ته بيشڪ هو سچو نبي آهي. ابو سفيان گهڻا سال پوءِ چيو ته سِرَ جو ڊپ نه هجيم ها ته حضرت جن تي گهڻا ڪوڙ هڻان ها ۽ سندس گلا ڪيان ها. (اهڙا لفظ بخاري جي روايت ۾ ڪونه آهن -مدير)

حضرت جن جا اخلاق
حضرت جن ﷺ نماڻا، لڄارا، سچا ۽صاف هوندا هئا. سندن اخلاق اعلى درجي جا هئا. سندن سادگي ايتري حد تي هوندي هئي جو بادشاهيءَ هوندي، به گهر ۾ ڪجهه ڪين هو.نه پيسو نه سامان چلهي ۾ طعام ڪو ورلي تيار ٿيندو هو. اڪثر ڪري کارڪن تي گذران ڪندا هئا. ڪپڙا اَهڙا سادا هوندا هئا جهڙا سڀني کان وڌيڪ مسڪين ماڻهو پائيندا هئا. اڪثر ڪري پٺي اگهاڙي هوندي هئي. تڏي تي سمهي پوندا هئا ته تڏي جا نشان پُٺيءَ تي ٺهي بيهندا هئا. ڪپڙو ڦاٽندو هو ته وري پاڻ ئي ٽوپو ڏيئي پائيندا هئا. جُتي ڇڄندي هئي ته پاڻ ئي ڳنڍا ٽوپو ڪري وري پائيندا هئا. ڪم ڪرڻ کان عار ڪونه ڪندا هئا. ٻڪري ڏهندا هئا. ٻهاري پائيندا هئا. بازار مان گهربل شيون وٺي ايندا هئا. ڪاٺيون ٻارڻ لاءِ جهنگ مان آڻيندا هئا. ڪوڏر هڻندا هئا، ٻڪريون چاريندا هئا. واپار ڪندا هئا بادشاهي جي زماني ۾ به اهڙا سڀ ڪم ڪندا هئا.
”مساوات“ يعني هڪجهڙائي جو خيال منجهن ايتري قدر محڪم هو جو پاڻ بار بار فرمائيندا هئا ته ”مان اوهان جهڙو انسان آهيان جنهن ۾ تڪبر ۽ وڏائي جو هڪڙو داڻو به موجود آهي سو بهشت ۾ ڪونه ويندو“ سو ال جي جواب ۾ فرمايائون ته تڪبر جي معنى آهي پاڻ کي وڏو سمجهڻ ۽ ڪنهن ٻئي کي پاڻ کان گهٽ ڄاڻڻ . پاڻ سڳورا اڄوڪن پيرن زميندارن ۽ ڪامورن وانگر مٿاهين يا الڳ جاءِ تي ڪونه وهندا هئا بلڪ سڀني ساٿين سان اهڙو رلي ملي وهندا هئا جو ٻاهريون اڻ واقف ماڻهو کين ملڻ لاءِ يا ڪنهن ڪم لاءِ ايندو هو ته کيس لاچار پڇڻو پوندو هو ته فلاڻو نبي ڪريم ﷺ ڪٿي آهي. پوءِ ٻيا ٻڌائيندا هئا ته هي ويٺو آهي يا پاڻ چوندا هئا ته مان آهيان.
جيڪڏهن پاڻ اٿندا هئا يا ٻاهران ايندا هئا ته ويٺل ماڻهو ادب خاطر اُٿي بيهڻ چاهيندا مگر پاڻ سڳورا سختي سان منع ڪري ڇڏيائون ته ڪو به اُٿي نه بيهي.
سندن وفات بعد هڪڙي ڀيري سندن بي بي عائشه  فرمايو ته حضرت جن ايتري قدر لڄارا هئا جو مون به ڪڏهن سندن اگهڙ نه ڏٺي. ايتري نرمي نمائڻي ۽ لڄارپ هوندي به عدل ۽ انصاف جي ڪم ۾ بلڪل محڪم ۽ سخت هئا. مسڪينن سان محبت رکندا هئا، شاهوڪارن ۽ زورداورن ماڻهن جي پاسخاطري يا خوشامد بلڪل ڪين ڪندا هئا.

ڪجهه اسلامي سبق
هرقل شهنشاهه جيڪي عجيب ريمارڪ ابوسفيان جي جوابن تي ڪيا هئا، تن مان هڪ هي هو ته جنهن سڄي حياتي ڪنهن به انسان تي ڪوڙ نه هنيو سو خدا تي ڪيئن ڪوڙ هڻندو ته هو مون کي پيغام ٿو موڪلي. ناظرين پڙهندؤ! غور ڪري ڏسو؛ چاليهن ورهين جي ڄمار تائين حضرت جن آرام جي زندگي گذاري، کين هر ڪوئي عزت ڏيندو هو، امين ۽ صادق سڏيندو هو، دولت گهرج کان وڌيڪ نه هين ۽ سندن اهليه ۽ اولاد کين بيحد پيارا هئا. کين ڪهڙي ضرورت هئي جو چاليهن ورهين کان پوءِ پاڻ کي تڪليفن ۾ وجهي سوبه ڪهڙي خود غرضي لاءِ؟ سالن جا سال هر قسم جا ظلم سٺائون ۽ ظاهري ته پوءِ به فتحيابي جو نشان ڪونه پئي ڏسڻ ۾ آيو. کين لالچون به سڀ ڏنائون ۽ پوءِ قتل جي ڌمڪي ڏنائون پر پاڻ اصل نه مڙيا، شايد ڪي منڪر چون ته هُن جي دماغ ۾ جنون اچي ويٺو ته خداکان مون ڏي پيغام ٿا اچن مگر جنون (ماليخوليا) وارا ڪڏهن به ڪامياب نٿا ٿين. پاڻ سڳورن حڪومت هلائي، فيصلا عدل ۽ انصاف سان نبيريا. جنگيون ۽ عهدناما، اخلاقي، پنگتي ۽ سياسي سڌارا ڪيا ۽ اهڙا عاليشان ڪم ڪيا جهڙا ٻئي ڪنهن به نه ڪيا. اهڙا ماڻهو ٻيا به ٿورا ٿي گذريا آهن جن بادشاهي هٿ ڪئي پر انهن اڪثر ڪري ڌاڙا، خونريزيون، اوچتا حملا ڪيا. ٺڳيون ۽ پاليسيون هلايون مگر حضرت جن اٽلندو ظلم سٺا سندن ساٿي ظلم کان مڪو شريف ڇڏيندا ويا ۽ پاڻ صبر ۾ رهيا. آخر مديني جي ماڻهن پاڻ لِڪ ڇپ ۾ مڪي ۾ اچي کين عرض ڪيو ته هلي اسان وٽ رهو. سندن دعوت قبول ڪري پاڻ سڳورا اُتي وڃي رهيا. قريشن کي پوءِ به آرام نه آيو ٿورڙن سَوَ مسلمانن تي هزارن جا لشڪر آڻي حملا ڪيائون. حضرت جن کي مجبوراً پنهنجي ساٿين (رعيت) جي بچاءَ لاءِ جنگيون ڪرڻيون پيون ۽ ڪامياب ٿيا. پر بادشاهه ٿيڻ ۽ چڱي حڪومت هلائڻ ڪجهه به نه آهي. وڏي ڳالهه هي آهي ته حضرت جن وحشي عربن کي انهيءَ اخلاقي ۽ روحاني حالت تي پهچايو جنهن تي اڄ تائين ڪابه قوم ڪانه پهتي. گويا مٽيءَ کي سون ۽ اڱرن کي هيرايا موتي بنائي ڇڏيائون. تاريخ ان لاءِ شاهد آهي ته انگريزي ۾ چوڻي آهي ته وڻ جي قدر جي خبر پوي ٿي ميوي مان، انهيءَ ۾ شڪ ئي ڪونهي ته جهڙي ڪاميابي حضرت جن کي حاصل ٿي تهڙي ڪنهن به انسان يا پيغمبر کي حاصل نه ٿي. پڙهندڙو! ڇا اڃابه چئي سگهو ٿا ته پاڻ سڳورا الله جا رسول نه هئا اللهم صل وسلم بارڪ عليه بداً ابداًه

قرآن شريف
اسلام جي سچائي جو ٻيو وڏو ثبوت آهي خود قرآن شريف. وڏي ۾ وڏا پڙهيل مصنف قلم کڻي ويهي مضمون يا ڪتاب يا شعر لکن ٿا، بار بار انهن کي درست ڪن ٿا پوءِ به منجهن گهڻيون ئي لفظي يا خيالي غلطيون رهجي ٿيون وڃن. مصنف خود پاڻ جڏهن نوان نوان ڇاپا ڇپرائين ٿا تڏهن وري وري درستيون ڪن ٿا ۽ خود سندن خيال جيئن پوءِ تئين مٽباٿا وڃن. سندن عبارت جئين پوءِ تيئن وڌيڪ استعمال سبب بهتر ٿيندي ٿي وڃي. مگر حضرت جن جي حالت تي غور ڪيو. پاڻ اڻ پڙهيل هئا. شعر سان به دلچسپي ڪانه هين. زباني طور قرآن شريف جون سورتون ٻڌائيندا هئا ۽ لکرائي ڇڏيندا هئا. ٽيويهه سال ائين ٿيندو رهيو. مگر نه ڪڏهن درستي ڪيائون ۽ نه ڪو لفظ ڪڍي ڇڏيائون ۽ نه وري ڪو اڳي ٻڌايل خيال يا حڪم جي ابتڙ ڪو ٻيو خيال يا حڪم قرآن شريف ۾ آيو. خود قرآن شريف ۾ فرمايل آهي ته جيڪڏهن هي ڪلام خدائي نه هجي ها ته منجهس گهڻوئي اختلاف ڏسو ها. قرآن شريف جا الفاظ ۽ عبارت اهڙا سهڻا آهن جهڙا نه اڳي ڪنهن ڪم آندا نه اڄ تائين ڪو شخص اهڙي سهڻي عبارت لکي سگهيو آهي. خود قرآن شريف ۾ بار بار ڪافرن کي چئلنج ڏنل آهي ته اهڙي هڪڙي سورت يا هڪڙي آيت ته ٺاهي ڏيکاريو. وڏا وڏا فصيح شاعر عاجز ٿي پيا ۽ بي اختيار اسلام قبول ڪيائون.
قرآن شريف جو هي هڪ معجزه آهي ته اگرچه انهن ڏينهن ۾ ڇاپخانا ته ڪونه هئا پر رڳو لکڻ جو هنر به اڌورو هو ته به قرآن شريف ۾ زير زبر جو تفاوت به اڄ تائين ڪونه پيو آهي. شيڪسپيئر جا ڊراما اگرچه ڇاپخانن جي زماني ۾ لکيا ۽ ڇپيا ويا ته به انهن ۾ ڪيتريون تبديليون ٿي ويون آهن. قرآن شريف ۾ الله تعالى پاڻ فرمائي ٿو ته مان هن ڪتاب جو محافظ آهيان.
قرآن شريف جي تعليم ڪيتري قدر حيرت انگيز ۽ سچي آهي ۽ ڪيتري قدر گهڻائي خيال ۽ حڪم ڏيکارين ٿا ته الله تعالى کانسواءِ ڪنهن به انسان اهڙا خيال ۽ حڪم نه ڪڍيا هوندا تنهن جي ڏيکارڻ لاءِ ڪتاب گهرجن، هتي گنجائش ڪانهي جو هن بابت قلم هلائجي.
پڇاڙيءَ ۾ سڀني کان پوءِ جيڪي الفاظ الله تعالى وٽان آياسي آهن ”اڄ مون اوهان جي دين کي ڪامل ڪيو ۽ اوهان تي نعمت پوري ڪيم ۽ دين اسلام اوهان لاءِ پسند ڪيم.“ ناظرين، هن ڳالهه تي غور ڪيو ته حضرت جن انهن الفاظن جي نازل ٿيڻ بعد جلدئي بيمار ٿيا ۽ رحلت فرمايائون. هن مان ظاهر آهي ته الله تعالى حضور جن کي فقط تيستائين زندهه رکيو جيستائين قرآن شريف پورو نازل ٿي رهي ۽ پوءِ هڪدم کين پاڻ ڏي آڻائي ورتائون. جڏهن ته دين ڪامل ٿي چڪو ۽ قرآن شريف صحيح صحيح موجود آهي ۽ موجود رهندو تنهن صورت ۾ نڪو ٻيو پيغمبر پيدا ٿيڻو آهي، نڪو ٻيو ڪتاب ئي نازل ٿيڻو آهي.

عمل ۽ اخلاق
سڀ ڪنهن قسم جي ترقيءَ جو مدار آهي نيڪ عملن ۽ نيڪ اخلاقن تي. سڄي قرآن شريف ۾ جابجا ايمان ۽ چڱن عملن تي زور ڏنل آهي. پاڻ سڳورن فرمايو ته ”مون کي الله تعالى انهيءَ ڪري موڪليو آهي ته نيڪ اخلاقن کي ڪماليت ڏيان. ۽ پڻ فرمايائون ته بهشت ۾ اُهو ويندو جنهن جا اخلاق چڱا هوندا.“ قرآن شريف ۾ الله تعالى حضرت ﷺ جن کي فرمائي ٿو ته ”بيشڪ تنهنجا اخلاق اعلى آهن.“ حضرت جن جي وصال بعد ڪنهن شخص بي بي عائشه سڳوري کان پڇيو ته حضرت جن جا اخلاق ڪهڙا هئا؟ جواب ۾ فرمايائين ته ”سندن اخلاق هئا قرآن“ يعني سڀني ديني حڪمن تي عمل ڪندا هئا.
هڪڙي حديث ۾ آهي ته ” اهو مؤمن ئي نه آهي جو چوري ٿو ڪري يا زنا ٿو ڪري يا شراب ٿو پئي يا ڦر ٿو ڪري يا امانت ۾ خيانت ٿو ڪري.“ ٻي حديث ۾ آهي ته ”منافق اُهو آهي جو گهڻو ڪوڙ ڳالهائي ٿو. وعده ڪري ته پورو نه ڪري. عهد ڪري ته ڀڃي ۽ امانت ۾ خيانت ڪري.“ ٻيون حديثون آهن ته اسلام آهي خدا جي حڪمن جي فرمانبرداري ۽ انسان ذات سان خير خواهي ڪرڻ. مُسلم اهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان کان سڀ انسان سلامت هجن. جيڪو ٻئي جو حق ٿو کائي سو خدا جي هيڪڙائي کي مڃيندڙ ناهي. خدا ان تي رحم نٿو ڪري جيڪو ٻين انسانن تي رحم نٿو ڪري. قرآن شريف ۾ آهي ته الله تعالى جي ٻانهپ ڪيو ۽ ڀلائي ڪيو والدين ۽ مائٽن سان، پاڙيسرين سان پوءِ هو مسلم هجن توڙي غير مسلم هجن. ٻئي هنڌ آهي ته نيڪي ۽ پرهيزگاري ۾ ٻين جي مدد ڪريو مگر گناهه ۽ دشمنيءَ جي ڪمن ۾ مدد نه ڪيو. يعني جيڪڏهن پنهنجو ڀاءُ ٻئي ڪنهن غيرمسلم سان ظلم ڪري ته انهيءَ غير مسلم جي مدد ڪرڻ گهرجي. ٻئي هنڌ فرمايل آهي ته سچي شاهدي ڏيو اگرچه ڀاءُ يا پنهنجي خلاف هجي ۽ اگرچه ٻئي ڌر غير مسلم هجي. هڪڙي عاليشان آيت سڳوري آهي ته الله تعالى وٽ انهيءَ جي عزت وڌيڪ آهي جو پرهيزگاري ۽ نيڪي جي ڪمن ۾ وڌيڪ آهي. هنن آيتن ۽ حديثن مان ظاهر آهي ته اسلام اخلاقن جي بلندي ٿو سيکاري. اوائلي زماني ۾ مسلمان غيرمسلمانن کي چوندا هئا ته ڪو به مسلم ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندو. جي هن ڪو ڪوڙ ڳالهاپو ته سمجهو ته هو مسلم ناهي. جيڪڏهن ڪو مسلم ڪو ڏوهه ڪندو هو ته ڪنهن کي به خبر ڪانه پوندي هئي ته پاڻ ئي وڃي حاڪم يا قاضي کي ٻڌائيندو هو ته مون فلاڻو ڏوهه ڪيو آهي مون کي سزا ڏيو. ترقيءَ ۽ خود حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ ايمان سان گڏ اهڙن نيڪ اخلاقن جي ضرورت آهي جيڪي مٿي بيان ڪيا ويا آهن.

اسلام جا ٿنڀ
گهڻا مسلمان سمجهندا آهن ته جيڪو ڪلمون پڙهندو، نماز ادا ڪندو، روزا رکندو، زڪواة ڏيندو ۽ حج ڪندو تنهن جا گناهه ڌوپجي ويندا ۽ هو سڌو بهشت ۾ ويندو؛ مگر قرآن شريف ۾ يا حديثن ۾ ائين ڪٿي به ڪونه فرمايل آهي. انهن کي ٿنڀ انهيءَ لاءِ سڏيو ٿو وڃي جو انهن تي اسلام جي عمارت کڙي ڪري سگهجي ٿي. پر جيڪڏهن عمارت ئي ڪانه هجي ته پوءِ ٿنڀ ڪهڙي ڪم جا ٿيا. اڄ ڪلهه ته انهن ٿنڀن جو به رڳو نالو نشان وڃي رهيو آهي. ٻيو خير ئي خير! عمارت آهي اخلاقي پابندي جا هاڻي گم ٿي ويئي آهي. ڇو ته انهن پنجن ٿنڀن کي جنهن نموني قائم رکڻ گهرجي تنهن نموني ۾ قائم ڪونه ٿا ڪيا وڃن.
(1) ڪلمي شريف جي معنى به ڪنهن ورلي کي ٿي اچي. جيڪڏهن معنى سمجهي ڪلمون پڙهجي ته اسان کي هر هر ياد گيري ڏياري ته اسان کي روز مرهه جي سڀني ڪمن ۾ الله تعالى جي حڪمن جي پيروي ڪرڻي آهي. جي حڪم قرآن شريف ۾ چٽا چٽا ڏنل آهن. مگر اسان ته قرآن شريف به معنى سان ڪونه ٿا پڙهون.
(2) الله تعالى قرآن شريف ۾ فرمائي ٿو ته نماز فاحش ڪمن ۽ گناهن کان روڪي ٿي. حديث شريف ۾ آهي ته نماز دل کي صاف ٿي ڪري ۽ جا نماز گناهه کان نٿي روڪي سان اٽلندو خدا کان اسان کي پري ڪري ٿي ڇڏي. مگر اسان کي نماز مان اهي مقصد حاصل ڪونه ٿا ٿين ڇو ته اسان نماز جا الفاظ نه ٿا سمجهون، نه ڪي انهيءَ نيت سان نماز ٿا پڙهون ته اسان خدا جي حڪمن تي هلون. نماز اسان کي ٻين فائدن کان علاوه وقت جي پابندي، ارادي جي قوت ، پاڻ تي ضابطو رکڻ ۽ ڊسپلن سيکاري ٿي جن کان سواءِ دنيا ۾ ڪابه ڪاميابي حاصل ڪري نٿا سگهون.
(3) قرآن شريف ۾ آهي ته توهان تي روزا انهيءَ لاءِ فرض ڪيا ويا آهن! ته پرهيزگاري سکو. حديث شريف ۾ آهي ته جيڪو روزن ۾ گناهه نٿو ڇڏي انهن جي کائڻ پئڻ جي ڇڏڻ تي الله تعالى ڌيان ڪونه ٿو ڏئي.
(4) زڪواة هڪڙي ڍل آهي جا مسلمانن جو امير شاهوڪارن مان اڳاڙي فقيرن ۽ مسڪينن جي مدد ۾ خرچ ڪري ٿو.
(5) حج ٻين فائدن ڏيڻ جي علاوهه الله تعالى جي راهه ۾ مال ۽ اولاد قربان ڪرڻ جي تعليم ٿو ڏئي. مگر اڄ ڪلهه پنجن ٿنڀن جو رڳو نالو آهي ۽ بس.

مذهب ڇا آهي؟
اڄ ڪلهه سمجهيو وڃي ٿو ته مذهب آهي فقط نماز يا پوڄا. انهيءَ ڪري ائين پڻ سمجهيو وڃي ٿو ته مذهب هڪ انفرادي يا شخصي سوال آهي. حقيقت هيءَ آهي ته مذهب جي معنى آهي واٽ، جنهن تي اسان سڀني کي هلڻ گهرجي. اسانکي چوويهن ئي ڪلاڪن ۾ جيڪي جيڪي ڪرڻو آهي. ۽ جيڪي ڪم ڪرڻا آهن سي خدائي هدايتن، حڪمن، قانون ۽ اصولن موجب ڪرڻا آهن. انهيءَ ڪري سڀني پيغمبرن نه رڳو نماز يا پوڄا جو طريقو سيکاريو پر سڀني دنيا ئي ڪمن بنسبت حڪم، اصول ۽ قانون سمجهايا. مثلاً حضرت موسى تي ڏهه حڪم نازل ٿيا جي هن بني اسرائيل کي سيکاريا ۽ جن تي هنن کي عمل ڪريائين. اسلام نه رڳو نماز، روزا، زڪواة ۽ حج ادا ڪرڻ جو حڪم ٿو ڏئي پر اُهي سڀ اصول به ٿو سيکاري جن تي هلڻ سان اسان بدني، اخلاقي، مالي، ملڪي ترقي ڪري سگهون. اسلام سيکاري ٿو ته ڪهڙا ڪم گناهه ۽ بربادي جا آهن. ڪهڙا ڪم ثواب ۽ فائدي يعني سڌاري ۽ ترقي جا آهن. اسلام اخلاقي، پنگتي، اقتصادي، (مالي)سياسي قانون ۽ اصول سيکاري ٿو. اسلام سول ۽ فوجداري قانون مقرر ڪري ٿو مثلاً شادي، طلاق، ۽ ورثي جا قانون سيکاري ٿو. لڙائي ۽ صلح جا قانون ۽ ٻيا بين الاقوامي قانون ٻڌائي ٿو. اسلام سيکاري ٿو ته ماءُ پيءُ ۽ اولاد جا، زال ۽ مڙس جا، سرڪار ۽ رعيت جا، مختلف مذهب وارن جا، پاڙيسرين جا هڪ ٻئي تي ڪهڙا حق ۽ فرض آهن. نه رڳو کائڻ، پيئڻ ۽ ننڊ ڪرڻ پر فطرت جي قانونن تي هلڻ به مذهبي ڪم آهي.
اهو خيال بلڪل واهيات آهي ته مذهب هڪ انفرادي شخصي سوال آهي. جماعتن يا سرڪار جو ان سان ڪوبه واسطو ڪونهي. حقيقت هي آهي ته ڪو به اهڙو گناهه جو ڪم ڪونهي جو رڳو ڪندڙ کي. نقصان رسائي نه ٻين کي. مثلاً ڪو شخص هڪ رپيو درياءَ ۾ کڻي ڦٽو ڪري ته ان ۾ نه رڳو سندس نقصان آهي پر سندس ڪٽنب جو به نقصان آهي بلڪه سڄي ملڪ کي نقصان آهي. اهڙي طرح زنا، جوا، شرابخوري نه رڳو ڪندڙن کي ۽ سندن عزيزن دوستن ۽ پاڙيسرين کي، بلڪ سڄي قوم ۽ ملڪ کي تباهي ڏي ٿا گهلين.
بد اخلاق ۽ لوفر ماڻهو نه رڳو پاڻ کي ۽ ٻين کي نقصان ٿا رسائين پر سندن مثال وٺي ٻيا به بداخلاق ۽ لوفر ٿي ٿا پون. جيڪڏهن زميندار ڪامورا وغيرهه عام ماڻهن تي ظلم ڪري کين جاهل، بداخلاق ۽ سڃو رکن ته اهي ٻين خرابين جي علاوه چوريون، ڌاڙا ۽ خون ڪري ملڪ کي تباهه ٿا ڪن. اهڙن ظلمن جي ڪري فرانس ۾ 1789ع ۾، رشيا ۾ 1917ع ۾ زبردست انقلاب ٿيا جن ۾ بادشاهن جا سڄا ڪٽنب، سردار، زميندار، عهديدار، پادري مارجي فنا ٿي ويا. مطلب ته ملڪن ۽ قومن جي ترقيءَ جو دارومدار نيڪ اخلاقن تي آهي. ۽ بداخلاقي تباهي جو باعث آهي. تنهن ڪري سرڪاري خواهه چڱن ۽ سٺن ماڻهن جو ٻين تي فرض آهي ته ٻين کي هر حيلي سان گناهن کان رو ڪن ۽ چڱا ڪم ڪرائين.

اخلاق ۽ نظام
ترقي ۽ خود حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ ٻن ڳالهين جي ضرورت آهي: (1) نيڪ اخلاق (2) نظام يا تنظيم،
ڪهڙا اخلاق چڱا آهن ۽ ڪهڙا لڇڻ خراب ۽ نقصانڪار آهن يعني ڪهڙا ڪم ثواب ۽ فائدي وارا آهن ۽ ڪهڙا ڪم نقصان وارا آهن. تنهن جو فيصلو ڪير ڪري؟ گهڻائي ماڻهو اهڙا آهن جي شرابخوري، جوا بازي، زناڪاري، وياج خوري وغيره کي گناه جا ڪم يا نقصان وارا ڪم نٿا سمجهن. مگر اسان مسلمانن لاءِ سڀ ڳالهيون الله تعالى قرآن شريف ۾ چٽيون ڪري ڇڏيون آهن. مون کي خبر آهي ته اسان مسلمانن ۾ به گهڻائي انگريزي دان يورپي لوڪن جي طاقت ۽ تجمل ڏسي اسلام کان بدظن ٿي رهياآهن. ان جو وڏو سبب هي به آهي ته هنن قرآن شريف جو اڀياس چڱي طرح نه ڪيو آهي. نڪي اوائلي مسلمانن جي تاريخ تي غور ڪيو اٿن. هو بيشڪ اهو سوال ڪري سگهن ٿا ته جيڪڏهن اسلام سچو آهي ته پوءِ ڇو مسلمان پٽ پئجي ويا آهن. ۽ ڇو يورپي لوڪ اسلام اختيار ڪرڻ کانسواءِ ئي هيڏي وڏي ترقي ڪري ويا آهن. انهيءَ سوال جو جواب تاريخ بلڪل چڱي طرح ڏيئي سگهي ٿي. انسان نيٺ به انسان آهي، ضعيف آهي. غلطي جو گهر آهي. ۽ ٿاٻو کائي کڏ يا کوهه ۾ ڪري ٿو. چوندا آهن ته ”تِر جي گُٿي سؤ چوٽون کائي“ اوائلي مسلمانن اها غلطي ڪئي جو حضرت علي جي مدد پوري جوش ۽ سچي طاقت سان نه ڪيائون . هنن خيال ڪيو ته حضرت علي رضه جي طرف وارا به مسلمان آهن ۽ حضرت امير معاويه جي طرف به مسلمان، پوءِ ڇو اهڙي خانه جنگي ۾ حصو وٺجي. مسلمانن اها ڳالهه وساري ڇڏي ته امام جي پوري فرمانبرداري نه ڪرڻ آهي اسلام کان خارج ٿيڻ. حضرت علي رضه جي ناڪاميابي جو نتيجو اهو نڪتو جو چونڊ واري خلافت هلي وئي. ۽ استبدادي (ڏاڍ واري) ۽ مورثي بادشاهي قائم ٿي وئي. پر جيڪڏهن خلافت موروثي چڱي هجي ها ته حضرت جن کان پوءِ حضرت علي خليفو ٿئي ها يا حضرت ابو بڪر صديق رضه کان پوءِ سندس پٽ خليفو ٿئي ها. يا حضرت عمر کان پوءِ سندس پٽ خليفو ٿئي ها. اڄ ڪلهه بيوقوف ۽ نادان ماڻهو به چئي سگهن ٿا ته موروثي بادشاهي سڀني تباهين جو بنياد آهي.

موروثي بادشاهي
پهريان چار خليفا ڇڙو بادشاهه نه هئا.هو مسلمانن جا امير بيشڪ هئا پر خادم به هئا. هو مسڪينن وانگر رهندا هئا. ڪم ڪار ڪندا هئا. تڏي تي وهندا هئا ۽ مسافرن ۽ گهرج وارن جي خدمت ڪندا هئا. هو قرآن ۽ حديث موجب حڪومت هلائيندا هئا. مگر حضرت علي رضي الله کان پوءِ شام جي طرف بنو اميه زور وٺي ويا ۽ زور سان بادشاهي قائم ڪيائون. امير معاويه کان پوءِ سندس پٽ يزيد بادشاهه ٿيو. اگرچه هو شرابي، زاني، فاسق ۽ سفاڪ هو. ائين ٿيڻو ئي نه آهي ته هڪڙو بادشاهه عادل ۽ لائق هجي ته ان جو وڏو پٽ به هرو ڀرو لائق ۽ عادل ٿيندو. تاريخ مان ثابت آهي ته مسلمانن جي بادشاهي مان به سوين بادشاهه بيڪار، بدڪار ۽ ظالم ٿيا ۽ مسلمانن جو خانو خراب ڪري ڇڏيائون. چونڊ نه ٿيڻ جو نتيجو اهو ٿيو جو جيڪي ڏاڍو سو گابو. هڪڙاٻين کي ماري بادشاهه ٿيا. هڪڙا خود خليفا سڏيندڙ بادشاهن جي مخالف ٿي بغاوت ڪري زور سان بادشاهه بڻجي ويٺا. هڪڙي خلافت مان گهڻيون بادشاهيون ٿي ويون. جن جي وچ ۾ دائماً جنگيون پيون لڳنديون هيون، اهڙي طرح سان مسلمانن مان اتفاق ۽ ڀائپي نڪري وئي ۽ آخر تباهي اچي وئي.
پهرين چئن خليفن جي ڏينهن ۾ مسلمانن اهڙي ترقي ڪري ڏيکاري جا سچ پچ معجزو سمجهڻ گهرجي. عرب مسڪين هئا، وٽن نه خزانا هئا نه تربيت يافته لشڪر هئا. کين مجبوراً ٻن زبردست سلطنتن ايران ۽ روم سان ساڳئي وقت لڙڻو پيو . تڏهن به ٻنهين کي شڪست ڏيئي ايران، شام ۽ مصر فتح ڪيائون. عربن نه رڳو فتحون ڪيون پر قرآن شريف تي عمل ڪرڻ سان علمن، هنرن، واپار وغيره ۾ به ترقي ڪيائون. جتي به مسلمان ويا ته اتي غير مسلمان سندن اعلى اخلاق ڏسي مسلمان ٿي پيا. مگر جڏهن خلافت راشده بدران ڏاڍائي واري ۽ موروثي بادشاهي قائم ٿي وئي تڏهن خرابين ۽ برباديءَ جي به شروعات ٿي ويئي.

مسلمانن جي تاريخ
ڪي پڇندا آهن ته پهرين چئن خليفن کانپوءِ مسلمانن ترقي ڪانه ڪئي آهي ته ڇو؟ برابر پوءِ به ڪن حالتن ۾ مسلمانن ترقي ڪئي، پر انهيءَ جو سبب به اسلامي تعليم ئي هئي. ائين نه آهي ته چئن خليفن کان پوءِ اسلامي ڳڻ ۽ اسلامي تعليم هڪدم گم ٿي ويا. ان کانسواءِ ڪي بادشاهه پاڻ قابل هئا. مثلاً عباسي خاندان جي بادشاهن منجهان هارون الرشيد ۽ مامون الرشيد گهڻي ترقي ڪرائي، ته سندن پوين مان گهڻا ته بلڪل بيڪار ثابت ٿيا. ساڳي طرح مغل خاندان جا پهريان بادشاهه چڱيرا هئا ته ٻيا عياش ۽ بيڪار ثابت ٿيا.
مطلب ته اسلام کي سخت ڪاپاري ڌڪ اهو لڳو جو چونڊ واري خلافت جي بدران استبدادي ۽ موروثي بادشاهي قائم ٿي ويئي. بيڪار ۽ ظالم بادشاهن پنهنجن عملن کي جائز ٺهرائڻ لاءِ هزارين بلڪه لکين ڪوڙيون حدثيون مشهور ڪرايون. اسلام ۾ فرقا ٺهي ويا. آزاديءَ جي حالت ۾ حق گوئي جي ڪري سڀ ڪنهن قسم جي ترقي ٿئي ٿي، مگر زبردست بادشاهن جي رعيت غلامي جي طوق ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿي ۽ سچ چوڻ جي جرائت ڪري نٿي سگهي. انهيءَ غلامي ۽ ڊپ جو نتيجو اهو ٿيو جو قرآن شريف تي عمل به گهٽبو ويو بلڪه قرآن کي معنى سان پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت به محسوس نه ڪيائون. اهو ئي سبب آهي جو اڄڪلهه غير مسلم گهڻي تعداد ۾ مسلمان ڪونه ٿا ٿين بلڪ خود مسلمانن ۾ به هزارن ۾ هڪ مسلمان مَس اهڙو لڀندو جنهن قرآن شريف معنى سان پڙهيو هوندو.
ڪي وري پڇندا آهن ته ڀلا يورپ، آمريڪا ۽ جپان ڪيئن ترقي ڪئي آهي؟ انهي جو جواب به تاريخ ۾ ملي سگهي ٿو. مسلمانن اسپين ۽ يورپ جي ٻين ڀاڱن ۾ ڪيتريون صديون بادشاهي ڪئي. يورپ جا نوجوان مسلم يونيورسٽين ۾ تعليم وٺندا هئا. جيڪي اسلامي گڻ مسلمان ڦٽي ڪندا ويا، سي يورپي کڻندا ويا.علم ۽ سائنس، واپار ۽ دنيا جو سير وطن جي حب، نوان ملڪ ڳولي لهڻ، وغيره اهي ئي سڀ ڳالهيون يورپ جي ترقيءَ جو باعث ٿيون. هن وقت به انهن سڌريل ملڪن ۾ جيڪي گڻ آهن سي اسان ۾ ڪونه آهن، هنن ۾ سچائي، محنت، وقت جو قدر، وعده وفائي، ملڪ ۽ قوم لاءِ قربانيءَ جو مادو، نظام ۽ تنظيم اسان کان صد بار وڌيڪ آهن. اهو ئي سبب آهي جو هو هيتري ترقي ڪري ويا آهن. اڃابه جيڪڏهن سڀ اسلامي گڻ هنن ۾ موجود هجن ته وڌيڪ ترقي ڪن ۽ وڌيڪ نعمتون ماڻين. هاڻي به منجهن سچي خوشي ايتري ڪونهي جيتري اسان سمجهي رهيا آهيون. خصوصاً جنگين ته يورپ ۾ هڪڙي قسم جي قيامت ۽ وڏو عذاب آڻي ڇڏيو آهي.

اسلام، اخوت ۽ اتفاق
قرآن شريف سورت الحجرات ۾ فرمايل آهي ته سڀ مومن ڀائر آهن پوءِ پنهنجي ڀائرن جي وچ ۾ صلح ڪرايو ۽ خدا کان ڊڄو ته من توهان تي رحم ڪيو وڃي. هڪ حديث آهن ته سڀ مسلمان هڪ جسم آهن. جسم جي هڪ عضوي کي ايذاءُ ٿو پهچي ته سڄو جسم ٿو ڏکي، تنهن ڪري جيڪڏهن ڪنهن به هڪ مسلم کي ايذاءُ هجي ته سڀ مسلم ان سان همدردي ڪن ۽ هن جو ايذاءُ دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. ٻي حديث آهي ته سڀ مسلمان ڀت وانگر آهن جيڪڏهن ڀت جي هڪ سر نڪري وڃي ته سڄي ڀت کي جوکو آهي. قرآن شريف ۾ الله تعالى انهن عربن کي ٿو فرمائي جي حضرت جن جي زماني ۾ مسلمان ٿيا هئا ته الله تعالى جي رسيءَ کي گڏ جي مضبوط جهليو ۽ جدائي نه ڪريو (ٽوليون نه ٺاهيو سڀ يڪ مشت رهو.) ياد ڪيو الله جو فضل جو ڪڏهن ته توهان هڪ ٻئي جا جاني دشمن هئو. ۽ الله تعالى اوهان جون دليون محبت ۾ ڳنڍي ڇڏيون آهن ۽ الله تعالى جي فضل سان ڀائر ڀائر ٿي ويا آهيو. ٻي آيت ۾ آهي ته ڪافرن مان نه ٿيو جن فرقا ٺاهيا ۽ هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويا. شورى واري سورت ۾ فرمايل آهي ته ”امرُ هُم شُوري بَينَهم“ يعني مسلمانن جا جماعتي ۽ سياسي ڪم صلاح مصلحت سان ٿيڻ گهرجن نه ڏاڍائي ۽ زبردستي سان. مٿين آيتن ۽ حديثن مان ثابت آهي ته سڀني مسلمانن کي هڪ ڌاڳي ۾ ميلاپ ۽ اتفاق سان ڪم ڪرڻا آهن. جيڪو جدا پارٽي ٺاهيندو ۽ جماعت کان ڀڄي ويندو سو مسلم ناهي پر ڪافر آهي. سڀني مسلمانن کي گڏ جي الله جي رسي (قرآن شريف) کي مضبوط جهلڻو آهي. هاڻي جيڪڏهن مسلمان قرآن شريف معنى سان پڙهن ۽ ان تي عمل ڪن ته ڪوبه فرقو ڪونه رهندو . اسان مان ڪنهن کي به سني يا شيعو يا حنفي يا وهابي سڏائڻ نه گهرجي. اسان کي گهرجي ته پاڻ کي انهيءَ ئي نالي سان سڏايون جو نالو الله تعالى پاڻ اسان تي رکيو آهي. اهو آهي ”مسلم.“ هڪڙي حديث آهي ته، ”يَدُ اللهِ عَلیَ الجماعَتهِ“ يعني: جماعته تي الله تعالى جو هٿ آهي. زبردستيءَ ۽ ڏاڍائيءَ واري ۽ موروثي بادشاهت ٿيڻ ڪري ۽ گهڻيون بادشاهتون ٺهڻ ڪري مسلمان جدا جدا ٿي ويا. اسلام جو رڳو نالو وڃي رهيو. مسلمان پست پئجي عذابن ۾ مبتلا ٿيا ۽ ڌاريان مٿن غالب پئجي ويا.
اسان جي ليڊرن جيڪو پوليٽيڪل ڪمن لاءِ نظام رکيو آهي سو به اونڌو آهي، يعني عمارت مٿان کان وٺي هيٺ ٺاهي وڃي ٿي. يعني پولٽيڪل جماعتن ۾ پهريائين شاهوڪار، زميندار وڪيل وغيره بهرو وٺن ٿا. هو عوام الناس جا عيوضي ٿي نٿا سگهن ڇو ته عوام الناس نڪو هنن کي چونڊيو آهي نڪو عوام الناس کي پولٽيڪل مسئلن جي ڪا خبر آهي ته اسان مسلمانن لاءِ الله تعالى ۽ سندس رسول الله ﷺ اهڙو نظام ٺاهي ڇڏيو آهي جنهن کان بهتر ڪو ٿي ڪونه ٿو سگهي. مگر اسان انهيءَ نظام کي به ڊاهي برباد ڪري ڇڏيو آهي. رڳو نالي طور موجود آهي.
حضرت ﷺ جن جي زماني ۾ مسجد ۾ نه رڳو نماز پڙهي ويندي هئي پر ٻيا سڀ جماعتي ڪم اُتي ٿيندا هئا. اسلام جي تعليم ۽ تبليغ به اُتي ٿيندي هئي. ڪيس ۽ فيصلابه اُتي ئي نبيريا ويندا هئا. سياسي ڪم لاءِ پارليمينٽ جي جاءِ به اُها ئي هئي.
جماعت سان نماز پڙهڻ تي انهيءَ لاءِ زور رکيو ويو ته مسلمان پنج ڀيرا ڏينهن ۾ هڪ ٻئي سان گڏجن، ميل ميلاپ ۽ محبت وڌائين، هڪ ٻئي جون غلط فهميون ۽ جهيڙا فساد دور ڪري ڇڏين. تعليم ۽ صفائيءَ ۽ سڌاري جا ڪم گڏجي صلاح مصلحت سان ڪن، جمع جي نماز ۽ خطبو وري انهيءَ لاءِ مقرر ڪيا ويا ته سڄي شهر يا گهڻي ڀاڱي جا مسلمان هفتي ۾ هڪ ڀيرو گڏ جي مٿيان ساڳيا ڪم ڪن. عيدن جون نمازون انهيءَ لاءِ مقرر ڪيون ويون ته اڃان به وڌيڪ مسلمان سال ۾ ٻه ڀيرا هڪ هنڌ گڏ ٿين ۽ حج انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو ويو ته اڃا به وڌيڪ مسلمان سال ۾ هڪ ڀيرو مڪي شريف ۾ گڏ ٿين. خطبا انهيءَ لاءِ مقرر ڪيا ويا ته مسلمانن کي اسلام جي حڪمن جي خبر پوي ۽ ترقي ۽ سڌاري جا اُپاءَ ٻڌائجن. مگر اڄ ڪلهه خطبا اڪثر ڪري بيڪار آهن. مسجد جا امام وڏا عالمِ هئڻ گهرجن، ۽ خطبا اهڙا ٻڌائڻ گهرجن جهڙا سيرت ڪميٽي ضلع لاهور وارن ڇپارايا آهن. بيتن وارا خطبا ترڪ ڪرڻ گهرجن. هندستان جي مشهور عالمن کان ٺهرائي اُهي ٻڌائڻ گهرجن. وڏي جماعت هجي ته لائوڊ اسپيڪر ڪم آڻڻ گهرجي. مڪي شريف ۾ حج جي موقعي وارو خطبو اهڙو عاليشان هجي جو سڄي دنيا جي مسلمانن لاءِ سجاڳي ۽ سڌاري جو باعث ٿئي. اُهو خطبو دنيا جي مشهور ٻولين ۾ ترجمون ڪري سڀني مسلمانن ڏي موڪلڻ گهرجي. مسجدن ۾ قرآن شريف جو معنى سان ۽ اسلامي ڪتاب ۽ اسلامي اخبارون رکڻ گهرجن.
اسان جو پهريون فرض اهو آهي ته مسجدن جي تعمير ڪيون ۽ نماز ۽ جماعت کي زور وٺايون. هر هڪ مسجد جي جماعت پاڻ مان هڪڙو امام يا پريزيڊنٽ چونڊي جو جماعت جي صلاح مصلحت سان جهيڙا، تڪرار ۽ فيصلا نبيري ۽ ٻيا سڌاري جا ڪم ڪري. سڄي تعلقه جا امام سال ۾ هڪ ڀيرو ڪنهن هنڌ گڏجي ميٽنگ ڪن ۽ پاڻ مان ٻه يا ٽي عيوضي ضلع جماعت لاءِ چونڊين. ضلع جماعت جا ميمبر به سال ۾ هڪ ڀيرو ڪنهن خاص هنڌ يا ضلع جي هيڊ ڪواٽر ۾ گڏ ٿي ميٽنگ ڪن ۽ سنڌ جماعت لاءِ عيوضي چونڊين. ساڳي طرح هندستان جي سڀني پر ڳڻن جون جماعتون پنهنجا عيوضي چونڊي سڄي هندستان جي جماعت ٺاهين جنهن کي آل انڊيا مسلم ليگ جي نالي سان سڏيو وڃي. سڀ فيصلا ڪثرت راءِ يا ميجارٽي سان نبيرڻ گهرجن. جن جي راءِ مخالف هجي سي ڀلي پنهنجي راءِ ظاهر ڪن. ٻين کي پنهنجي راءِ ڏي آڻڻ جي ڪوشش ڪن مگر جدا پارٽي ٺاهي جدا ڪم ڪرڻ يا جماعت کان ٻاهر وڃڻ اسلام کان خارج ٿيڻ جي برابر آهي. اُحد جي جنگ لڳڻ کان اڳ حضرت جن راءِ ورتي ته مدينه ۾ رهي بچاءُ ڪجي يا ٻاهر نڪري دشمن سان مقابلو ڪجي. پاڻ سڳورن پنهنجي راءِ جي خلاف غلبه راءِ تي عمل ڪيو. انهيءَ مان اسان کي سبق وٺڻ گهرجي ته سڀ مسلمان هڪ ئي جماعت ۾ شامل هئڻ گهرجن. هر ڪنهن کي پنهنجي راءِ ظاهر ڪرڻ جو حق آهي پوءِ ووٽ وٺي ڪثرت راءِ سڀني مسلمانن کي عمل ڪرڻ گهرجي. قرآن شريف ۾ حڪم آهي ته اوهان ۾ هميشه اهڙا ماڻهو هئڻ گهرجن جي ٻين کي گناهن کان روڪين ۽ چڱا ڪم ڪرڻ جو حڪم ڪن. اهڙا ماڻهو اهي ئي ٿيندا جي مسجدن جي جماعت جا عيوضي هوندا. ٻي آيت سڳوري آهي ته الله تعالى ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪريو. ۽ انهيءَ امير جي تابعداري ڪريو جو اوهان مان هجي. اُهي امير ٿيندا جماعت جا پريزيڊنٽ جيڪي جماعت جي صلاح سان اسلامي حڪمن موجب ڪم هلائيندا. سڀني مسلمانن کي اهڙن اميرن جي حڪم هيٺ رهڻ گهرجي. سڄي دنيا جي مسلمانن جي عيوضين کي گهرجي ته مڪي شريف ۾ حج جي موقعه تي گڏجي ميٽنگ ڪن اهو آهي، اسلامي نظام ۽ تنظيم مسلم جنهن کي وري ٺاهڻ سان مسلمان قرآني حڪمن تي عمل ڪري وري ترقي ۽ خود حڪومت حاصل ڪري سگهندا.

تبليغ
جيڪي سچا عالم آهن ۽ نيڪ عمل ڪندڙ ۽ نيڪ اخلاق آهن تن جو فرض آهي اسلام جو پيغام ۽ تعليم ۽ اسلامي احڪام سڀني مسلمانن ۽ غير مسلمن جي ڪنن تائين پهچائن . اهو فطرتي قانون آهي ته جنهن شخص کي ڪنهن ڳالهه جي سچائي جو يقين هوندو آهي ۽ ان مان کيس مزو ۽ فائدو رسندو آهي سو بي اختيار سڀ ڪنهن سان ڳالهه ئي اها پيو ڪندو آهي. اسان جا مولوي ڳڻي ڏسو ته انهن مان ڪيترن کي قرآن شريف جي مضمونن، هدايتن ۽ حڪمن مان اهڙو مزو ٿو اچي جو بار بار قرآن شريف معنى سان پڙهن ٿا ۽ جيڪي ڳالهيون کين وڻن ٿيون سي ٻين کي ٻڌائين ٿا. مان ڀانيان ٿو ته نه، سَوَ مان هڪ مولوي به مَسَ اهڙو لڀندو. انهيءَ جو سبب هڪ ته هي آهي ته مدرسن جي تعليم رد ٿي چڪي آهي. ٻيو سبب هي آهي ته عام ماڻهن ۾ اهڙا اسلام جي ابتڙ خيال قائم ٿي چڪا آهن جو موچارن عالمن کي به جرائت نٿي ٿئي جو مسلمانن کي سچيون ۽ پوريون حقيقتون ٻڌائي سگهن. جڏهن ڪو غير مسلم اسلام اختيار ڪندو آهي ته مسلمانن کي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي پر خبر ناهي ته ڇو خوشي ٿيندي اٿن. جيڪڏهن انهيءَ خيال کان خوشي ٿي ٿئين ته اسان مسلمانن جو تعداد وڌندو ته اها خوشي بلڪل اجائي آهي. ڇو ته اسان اڳيئي 60 ڪروڙ مسلمان آهيون. مگر اسان ۾ هڪ لک مسلمانن جي طاقت به ڪانهي ڇو ته اسان رڳو نالي جا مسلمان آهيون. جيڪڏهن اسان جي خوشي هن خيال کان هجي ته گمراهه خدا جو خلقيل انسان سئين راه تي آيو ۽ ٻنهي جهانن جي چڱائي ۽ سعادت نصيب ٿينديس ته پوءِ بيشڪ وڏي ۽ سچي خوشي ٿيڻ گهرجي. پر جڏهن ته اسان پاڻ ئي اسلام کان ناواقف آهيون، پاڻ ئي گمراهه آهيون، پاڻ ئي ذليل آهيون، پاڻ ئي سڃا ۽ مفلس آهيون ۽ پاڻ ئي غلام ۽ مغلوب ۽ محڪوم آهيون ته پاڻ کان وڌيڪ سڌريلن کي ڪيئن ذلت ۽ غلامي جي برادري ۾ آڻي خوشي ڪري سگهون. مسلمان ڀائرو! اچو ته پهريائين پاڻ کي سچو مسلمان بنايون! پوءِ اِزخود ڌاريون قومون به اسان جي قرآن شريف جو اڀياس ڪنديون ۽ پنهنجي فائدي لاءِ اسان جي برادريءَ ۾ داخل ٿينديون . ڪنهن کي لالچ ڏيئي نالي طور اسلام آڻڻ جائز نه آهي. حضرت جن مسيلمه ڪذاب کي فرمايو هو ته جيڪڏهن چئين ته هيءَ کجيءَ جي ڪاٺي مون کي ڏيو ته اسلام ۾ اچان ته اها ڪاٺي به توکي ڪين ڏيندس. اي مسلمانو! ۽ غير مسلمانو! مان وڏي شوق سان ۽ دل جي همدردي ۽ خيرخواهي سان اوهان سڀني کي دعوت ٿو ڏيان ته پنهنجي چڱائي لاءِ ۽ ٻنهي جهانن جي فتحن لاءِ حضرت جن جي سوانح عمري ۽ قرآن شريف جو اڀياس ڪيو. جيڪي حڪم ۽ هدايتون اوهان کي سچيون ۽ سهڻيون ڏسڻ ۾ اچن تن تي عمل ڪري پنهنجي حالت سڌاريو.
آخر ۾ مان دولتمند مسلمانن کي استدعا ٿو ڪريان ته هنن مضمونن کي ڪتابي صورت ۾ آڻي لکين ڪاپيون ڇپارائي سنڌ جي هر هڪ گهر ۾ اسلام جو پيغام پهچائين بلڪ اڙدو ۽ انگريزي ۾ ترجمو ڪرائي سڄي هندستان ۾ شايع ڪرڻ فرمائين. هن استدعاءِ مان ناظرين مهرباني ڪري اهو خيال نه ڪن ته مان پاڻ کي اهڙو قابل ۽ نيڪ سمجهي رهيو آهيان.منهنجو دماغ بلڪل رواجي دماغ آهي. مگر سڄي حياتي رسول ﷺ جي حالات ۽ قرآن شريف جي اڀياس ۾ گذاري اٿم ۽ هاڻي به منهنجو مکيه شغل اهوئي آهي. مون کي يقين آهي ته دنيا جي ترقيءَ جو مدار قرآن شريف تي عمل ڪرڻ تي منحصر آهي. تنهنڪري بي اختيار بنا ڪنهن ذاتي غرض جي سڄي حياتي اسلام جي تبليغ ۾ صرف ڪندو رهيو آهيان. مان پنهنجي ڪتابن مان پائي به ڪانه ڪمائيندو آهيان ۽ نه ڪمائڻ جو ئي حرص اٿم. ارمان آهي ته اگرچه منهنجاڪتاب هندن ۽ مسلمانن کي پسند آهن تڏهن به انهن جي اشاعت ايتري نه ٿي آهي جيتري ٿيڻ گهرجي. منهنجا حالات نبوي، احاديث نبوي تعليمات اسلام ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو، رسومات تباهي ۽ اخلاقي گدستو ميسرس پوڪرداس ۽ سنز وٽان ڪراچي (هاڻي سنڌيڪا اڪيڊمي جي بوڪ اسٽالن تان) ۽ حيدرآباد مان ملي سگهندا ۽ حالات نبوي ۽ اسلام ۽ ترقي چئن جلدن ۾ مسٽر ويڙهي مل بڪ سيلر لاڙڪاڻي وٽان ملي سگهندا ۽ ترقي سنڌ مسلم، مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد وٽان ملي سگهندو. اهي سڀ تعليم کاتي جا منظور ٿيل ڪتاب آهن.
من کي گمان آهي ته ڪي انگريزي دان مسلمان منهنجي مذهبي خيالن تي ٽوڪيندا هوندا. مگر اهي ٽوڪون مون تي نه آهن پر الله ۽ الله جي رسول تي آهن. اِهي ماڻهو اسلام ڇڏي چڪا آهن مگر جرائت نٿا ڪن جو کليو کلايو مسلم سڏائڻ کان انڪار ڪن. منهنجي خيال ۾ منافقي ڪفر کان به خراب آهي ڇو ته اهي منافق پاڻ کي مسلمان سڏائي سڀني مسلمانن ۽ غيرمسلمانن کي اسلام کان بدظن ٿا ڪن. اي رب منهنجا! اسان سڀني مسلمانن ۽ غيرمسلمانن کي سنئين راهه تي آڻ. اسان ۾ اتفاق پيدا ڪر ۽ اسان کي ٻنهي جهانن جون نعمتون نصيب ڪر. آمين.
(توحيد اپريل، مئي، جون، آگسٽ، آڪٽوبر 1945ع