ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

ماسترن جا فرض ۽ جوابداريون

هر هڪ ماستر کي يقين هئڻ گهرجي ته ملڪ جي سڌاري ۽ آسودگي، تهذيب ۽ ترقيءَ جو سڄو مدار فقط ماستر تي آهي. هر هڪ ماستر يقين ڄاڻي ته فقط هوئي ملڪ کي ترقيءَ جي اوج تي پهچائي سگهي ٿو. اهو هڪ قدرتي قانون آهي ته جيڪڏهن ڪو به شخص ڪو چڱو ارادو ڪري ڪنهن به چڱي ڪم ۾ عزم ۽ استقلال سان چهٽي ٿو پوي ته ڌڻي تعاليٰ هن کي ضرور ڪامياب ٿو ڪري. جيڪو به شخص خالص نيت سان بنا اجوري عيوضي جي ٻين جي خدمت ٿو ڪري، سو هڪدم عزت حاصل ٿو ڪري ۽ جلد ئي قوم جو مخدوم ۽ سردار بنجي ٿو پوي. ماستر جو ته خاص طرح فرض ئي اهو آهي ته هو پنهنجي شاگردن کي اهڙيون عادتون، تهذيب ۽ اخلاق سيکاري ۽ اهڙي طرح تعليم ڏيئي جو هو سچ پچ عقل، علم ۽ نيڪ اخلاقن سان طاقت حاصل ڪري آئينده هلي آسودا ۽ ڪامياب ٿين ۽ ٻين کي سڌارڻ ۽ ڪامياب ڪرڻ ۾ بهرو وٺن. جيڪو ماستر اهو پنهنجو فرض چڱيءَ طرح محسوس نٿو ڪري ته مون کي پنهنجي شاگردن کي سڌارڻو ۽ عقل وارو بنائڻو آهي، سو ماستريءَ جي هرگز لائق نه آهي اڃا به بهتر ماستر اهو آهي جو نه رڳو پنهنجن شاگردن کي سڌارڻ جو عزم ۽ ڪوشش ڪري پر فرصت جي وقت ۾ پنهنجي پنهنجي حد جي ماڻهن کي به سڌارڻ جي ڪوشش ڪري.
سڌارو ۽ ترقي ڇا کي ٿو چئجي؟ سڌاري ۽ ترقيءَ جا ٽي جزا آهن. 1- تندرستي 2- نيڪ اخلاق 3- علم ۽ هنر. انهن ٽن جو نتيجو آهي آسودگي، شاهوڪاري خوشي ۽ آخرت جي دائمي سعادت.
هٽلر جو ڪالهه هڪ مسڪين ماڻهو هو ۽ اڄ جرمني جو خود مختيار حڪمران آهي، سو پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته منهنجي خيال ۾ سچي تعليم جي تجويز اهڙي ڍنگ واري هئڻ گهرجي جو هر هڪ ڇوڪرو پنهنجو فرصت جو وقت سڄي جو سڄو پنهنجي جسماني صحت کي بهتر ڪرڻ ۾ خرچ ڪري. هن کي پنهنجو وقت سستيءَ ۾ گذارڻ نه گهرجي، نه هن ۾ ته بازارين ۾ بيهوده رلي ڦري يا گوڙ ڪري يا واهيات مشغوليون اختيار ڪري. هن کي گهرجي ته پنهنجي جسم کي سخت ڪندو رهي ته جڏهن حياتيءَ جي ڪشمڪش کي منهن ڏيڻو پويس، تڏهن هو ڪمزور ثابت نه ٿئي، بلڪه ان لاءِ پوريءَ طرح تيار هجي. مان به ائين سمجهندو آهيان ته انسان جي ترقي ۽ خوشيءَ جو مدار ڪم از ڪم اٺ آنا فقط تندرستي تي آهي. انهيءَ ڪري ضروري آهي ته سرڪار، ليڊر ۽ ماستر گهڻي ۾ گهڻو زور انهيءَ ڳالهه تي ڏين ته شاگردن خواهه پبلڪ کي نه رڳو صحت جي قانون جو علم هجي پر هو انهن قانونن تي عمل ڪن. سڀني کان پهريائين ماسترن جو فرض آهي ته هو صحت جي قانونن تي پاڻ عمل ڪن، پوءِ شاگردن کي جبرن عمل ڪرائين ۽ پوءِ پبلڪ کي انهن قانونن تي عمل ڪرڻ لاءِ بار بار هدايت ڪن ۽ ڪندا رهن. تندرستي جو گهڻو مدار آهي روزاني ورزش ۽ حد درجي جي صفائيءَ تي. ورزش ضرور روزاني ڪرڻ گهرجي. صفائيءَ ۾ هيٺيون ڳالهيون اچي ٿيون وڃن.
1 - ڪم از ڪم صبح جو اٿڻ مهل ۽ ٻيو رات جو سمهڻ مهل ڏندن کي ڏندڻ يا برش سان خوب صاف ڪجي، کاڌي جو ڪو به ذرو ڏندن ۾ رهجي نه وڃي.
2 – هر روز ڪم از ڪم هڪ ڀيرو وهنجڻ ۽ ٽوال سان خوب جسم کي مهٽڻ.
3 - ڪپڙا جلد جلد ڌوئارڻ.
4 - گهر جي ڀرسان ڪنهن به قسم جو ڪن ڪچرو يا گندو پاڻي نه ڇڏڻ، ڀاڻ کي کڏن ۾ پوري مٿان مٽي وجهڻ گهرجي. ڍڳن جي جاءِ تي هر روز مٽي وجهڻ گهرجي. ماڻهو جي پيشاب، ٽوري بلڪ ٿڪ تي به مٽي يا سيڙهي وجهڻ گهرجي.
5 - پاڻي سورهن آنا صاف ۽ پاڪ نه هجي ته ان کي ٽهڪائي پوءِ دلن ۾ وجهي رکجي.
6 - کاڌي جون شيون به صاف ۽ تازيون هئڻ گهرجن ۽ مٿن مکين کي هرگز وهڻ نه ڏجي.
تندرستيءَ لاءِ ٻيون هدايتون به گهڻيون آهن پر هت فقط ٽي مکيه هدايتون ڏجن ٿيون:
1 - کاڌو فقط مقرر وقتن تي کائڻ گهرجي. ٻين وقتن تي رڳو پاپڙ پڪوڙو ڀڳڙو يا ميوو به نه کائڻ گهرجي.
2 - قبضي بلڪل ٿيڻ نه ڏجي.
3 - مڇرن کان قطعي پرهيز ڪجي يا جيتري قدر ٿي سگهي اوتري قدر. جيڪڏهن ڪلي پرهيز نه ڪري سگهجي ته اڳواٽ ڪوئنين کائي بخار کي روڪي ڇڏجي ڇو ته اهو بخار تندرستيءَ ۽ حياتيءَ لاءِ وڏو کاٽ آهي.
تندرستيءَ کان پوءِ ٻيو نمبر نيڪ اخلاقن ۽ نيڪ عادتن تي زور ڏجي. تندرستيءَ تي 8 آنا ته اخلاقن تي 6 آنا ته علم، عقل ۽ هنر تي ٻه آنا زور ڏجي، ڇو ته تندرستيءَ ۽ اخلاقن کان سواءِ علم عقل ۽ هنر بلڪل بيڪار آهن. اخلاقن ۾ مکيه ڳالهيون هي آهن:-
1 - محنت ۽ سادگي يعني گهڻو ڪمائڻ ۽ ٿورو خرچ ڪرڻ.
2 - ڪوڙ ٺڳي ۽ وعده شڪني ڪرڻ کان ۽ گارينءِ گندن الفاظن ڪڍڻ کان سوء ڪوه پري ڀڄڻ.
3 - ذات انسان (خصوصن مائٽن ۽ پاڙيسرين) سان محبت ٻڌي ۽ ڀلايون ڪرڻ. محبت ۽ اتفاق هن ئي دنيا ۾ بهشت آهن ۽ دشمنيون ۽ جهيڙا هن ئي دنيا ۾ دوزخ آهن. ٻين سان ڀلايون ڪندڙ گويا پاڻ سان ڀلايون ڪندڙ آهي ڇو ته آخر هو سعادت ماڻي ٿو، ۽ ٻين سان ظلم ڪندڙ گويا پاڻ سان ظلم ڪري ٿو، ڇو ته هو ڪڏهن به خوش ڪين گذاريندو. جيڪو ٻين سان صلح، اتفاق ۽ محبت سان رهي ٿو، اهو ئي سچو مسلمان ۽ اهو ئي خدا جو فرمانبردار ٻانهو آهي. پر جيڪو ٻين سان همدردي ۽ رحم نٿو ڪري، سو ئي ڪافر آهي، سو ئي خدا کان باغي ۽ شيطان جو فرمانبردار ٻانهو آهي. خدا جو ٻانهو آخر ڪامياب ٿيندو ۽ شيطان جو ٻانهو تباهه ٿيندو.
ٽئين ڳالهه آهي علم عقل ۽ هنر. هن جو تعلق ان تعليم سان آهي، جا ماستر اسڪول ۾ ڏين پيا، مگر اڪثر ڪري ماستر نڪي ان تعليم جو مقصد ڌيان ۾ ٿا رکن، نڪي ان مقصد حاصل ڪرڻ جا اپاءَ ويچار هيٺ آڻي، ڪارائتي نموني ۾ تعليم ٿا ڏين. تعليم جو مقصد هي آهي ته شاگردن ۾ غور، فڪر ۽ نتيجن ڪڍڻ جي طاقت پيدا ٿئي، (يعني عقل وڌي) ۽ کين اهڙي معلومات ملي يعني اهڙين ڳالهين جي واقفيت حاصل ٿئي، جي ڳالهيون هنن کي زندگي ۽ دنيا جي امورن ۾ ڪم اينديون ۽ هو انهن معلومات هئڻ جي ڪري دنيا ۾وڌيڪ خوشحالي سان رهي سگهندا. انهن مقصدن حاصل ڪرڻ جو بهترين طريقو آهي، عمل ڪرائڻ. مثلن شاگردن کي بورڊنگ هائوس ۾ رهائجي جتي سڀ ڪم ڪاريون پاڻ ڪن ۽ انهن ڪمن ڪندي صحت جا قانون سکندا وڃن ۽ حساب ۽ واپار سکندا وڃن. جيڪڏهن بورچيخاني جي سنڀال واري واري سان شاگردن جي حوالي ڪبي ته هنن کي ماسترن جي زير نظر حساب ڪتاب رکڻو پوندو ۽ ان ۾ حسابن ڪرڻ جو استعمال ٿيندو. اسڪول جي جاءِ ڪا جوڙائجي ته ان ڪم ۾ به شاگردن کي شريڪ ڪجي. جنهن مان هنن کي ڪيترين ئي ڳالهين جي خبرداري پوندي. ٻنيءَ ۾ ان، ڀاڄيون ۽ ميوا پوکائبا ته انهن ڳالهين جي به کين خبر پوندي، ۽ ڪپڙو آڏاڻن ۾ ٺهرائبو، مينهون، ڳئون ۽ ڏاند رکبا ته انهن جي وسيلي به کين گهڻو علم حاصل ٿي سگهندو وغيره وغيره. مگر اسان جي رواجي اسڪولن ۾ هي طريقو تعليم جو ڪم آڻڻ محال آهي.
ماسترن کي هميشه هيءَ ڳالهه خيال ۾ رکڻ گهرجي ته جيڪي جيڪي شاگرد کي سيکارين، تنهن کي زندگيءَ جي روزمره جي ڪمن ڪارين ۽ مشاهدن سان لاڳاپو ۽ ڀيٽ ڏيکاري سمجهائين ۽ شاگردن کي مجبور ڪن ته انهن بنسبت پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا بيان ڪن. مثلن سچ ۽ ڪوڙ بابت سبق هجي ته شاگردن کان پڇجي ته اوهان گذريلن روزن ۾ ڪهڙا ڪوڙ ڳالهايا ۽ ڇو ڪوڙ ڳالهايا. پوءِ انهن کي سمجهائجي ته انهن ڪوڙن ڳالهائڻ مان اوهان کي ڪهڙو نقصان ٿيو، ۽ هن نموني عمل ڪيو ها ته ڪوڙ ڳالهائڻ جو ضرور ئي ڪو نه پوي ها. جيڪڏهن ڪو ڏوهه جو ڪم ڪري پوءِ سزا کان بچڻ لاءِ ڪوڙ هنيو هجين ته انهن کي سمجهائجي ته ڪوڙ جي وسيلي سزا کان پاڻ کي بچائيندو ته وري به ڏوهه ڪندو، جنهن ڪري اوهان ۾ ڏوهن جي عادت پڪي ٿيندي، پوءِ عادت به ڪين ڇڏي سگهندو ۽ ڏوهه به آخر ظاهر ضرور ٿيندا. پوءِ ته توهان کي جيڪي نقصان رسندا تن جو شمار ئي نه ٿو ڪري سگهجي. پر جيڪڏهن ڏوهه ڪري ويهو ۽ پشيمان ٿي پنهنجو ڏوهه پاڻ قبول ڪري اڳتي لاءِ توبهه ڪريو ۽ معافي گهرو ته توهان کي گهڻو ڪري معافي ملندي. پر جيڪڏهن سزا ملندي ته به اڳتي لاءِ انهيءَ ڏوهه ڪرڻ تي دل ئي نه ورندي. اهڙي طرح هر هڪ حالت لاءِ جدا دليل ڏيئي شاگردن کي سمجهائي سگهبو ته ڪنهن به حالت ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ مان فائدو ته ڪونهي، پر اٽلندو نقصان آهي. اهڙي طرح جيڪي جيڪي پڙهجي تنهن بابت ماستر ۽ شاگرد پنهنجا پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا بيان ڪري راءِ قائم ڪن، ۽ ماسترن کي جاچڻ گهرجي ته جيڪي جيڪي ڇوڪرا سکن ٿا. تنهن تي عمل ڪن ٿا يانه؟
ٻيو نمبر طريقو تعليم ڏيڻ جو آهي سوالن پڇڻ ۽ گفتگو ڪرڻ جو. جهونو ۽ بيوقوفيءَ جو طريقو جنهن ۾ ڇوڪرا بنا سمجهه جي ڪجهه چئي وڃن سو اهڙو ردي آهي جو ان تعليم ڏيڻ کان نه ڏيڻ بهتر آهي. نڪي شاگرد واقفيت حاصل ٿا ڪن، نڪي سندن عقل ٿو وڌي. ڪتاب اهڙي طرح پڙهي ٿا وڃن، جيئن جاهل مسلمان قرآن شريف عربي زبان ۾ بنا سمجهڻ جي پڙهندا آهن. اڄوڪن گهڻن اسڪولن ۾ رڳو لکڻ ۽ پڙهڻ جو هنر حاصل ٿئي ٿو ۽ قدري ليکو چوکو به ڪري سگهجي ٿو، مگر عقل ۽ سمجهه نه هئڻ ڪري اهي به گهڻي قدر بي سود ٿي ٿا وڃن ۽ ايندڙ زندگي ۾ پڙهيلن جو حال اڻ پڙهيلن جهڙو ٿي ٿو پوي، ۽ سڌارو ۽ ترقي ڪانه ٿي ٿئي. تنهن ڪري نهايت ضروري آهي ته ماستر سوالن جو طريقو اختيار ڪن. پهريائين هنن کي ڏکيو لڳندو مگر رفته رفته آزموده سان اهڙي آساني پيدا ٿيندي جو انهي نموني تعليم ڏيڻ پاڻ سولي لڳندي ۽ نتيجا ڏاڍا خوشي ڏيندڙ ظاهر ٿيندا.
ٻيو نهايت ضروري اصول هي آهي ته جيڪو ڪم سيکارجي سو سورهن آنا بلڪ 18 آنا پڪو ڪرائي پوءِ اڳتي هلجي. ائين ڪرڻ سان اڳتي تعليم ڏيڻ ۾ آساني ٿي پوندي. جيئن جيئن بنياد ڪچو رهندو ويندو تيئن تيئن مٿي هلڻ محال ٿي پوندو. تڪڙ ڪم شيطاني آهي. تڪڙ ڪرڻ ڪري پوئتي موٽڻو پوندو ۽ اٽلندو ڪم پوري ڪرڻ ۾ دير لڳندي. مگر ڍرائي ۽ پڪائي سان ڪم ڪرڻ ۾ ڪم جلد به ٿيندو ۽ سٺو به ٿيندو.
ٽيون ضروري اصول هي آهي ته ماستر شاگردن سان پيار رکي ۽ تعليم ڏيڻ مهل کل مک رهي ۽ ڪڏهن به غصي ۾ نه اچي ۽ نه ڪاوڙ ۾ اچي چماٽ هڻي. جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي ڪجهه نه ٿو اچي ته ان ۾ يا ته ماستر جو ڏوهه آهي يا ته شاگرد سان ڪا جسماني يا دماغي يا ڪا ٻي حرڪت آهي. بهر صورت ان ۾ شاگرد جو ڏوهه بلڪل ڪونهي. پوءِ جيڪڏهن استاد ناحق هن کي سزا ڏئي ته استاد پاڻ سزا جو لائق آهي. ٻي خرابي هيءَ آهي ته اهڙيءَ حالت ۾ شاگرد کي چماٽ هڻڻ ڪري سندس ذهن کلندو ڪونه پر اٽلندو هو منجهي پوندو. سزا فقط بد چالي، گسائڻ يا هوم ورڪ (گهر جي ڪم) نه ڪرڻ وغيره لاءِ ڏبي آهي، نه حساب غلط ڪرڻ ۽ صورتخطي وغيره غلط لکڻ يا غلط جواب ڏيڻ لاءِ. سڌريل ملڪن جا ماستر نه رڳو پنهنجي شاگردن کي سڌاريندا آهن پر پنهنجي حد جي ماڻهن کي به سڌارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هو تقريرون ڪندا آهن ۽ ماڻهن کي صحت جا قانون ۽ ڳوٺ جي صفائي وغيره جو انتظام سيکاريندا آهن، ۽ هنن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري هنن جي ڪلب ۽ انجمن ٺاهيندا آهن. پوءِ سڀ ماڻهو ان انجمن جي ماتحت رهندا ۽ ان جي قانون ۽ حڪمن تي عمل ڪندا آهن. اسان جي ملڪ ۽ ڳوٺن ۾ انتظام نه هئڻ ڪري ڇڙ ڇڙ گابا وارو ليکو لڳو پيو آهي. نه رڳو ڏاڍا هيڻن تي ظلم ٿا ڪن پر سڀ هڪ ٻئي تي ظلم ڪري هڪ ٻئي کي تباهه ٿا ڪن. جيڪڏهن پوليس يا ڪورٽن ۾ فرياد ٿا ڪن ته هيڪاري وڌيڪ تباهي هيٺ ٿا اچن، تنهن ڪري ڳوٺن جي ماڻهن کي سمجهائجي ته پنهنجي پنهنجي ڳوٺن ۾ هڪ ٽن يا پنجن ماڻهن جي جماعت چونڊين. چونڊ ڪرڻ کان اڳي قسم کڻن ته جيڪي ميمبر غلبي راءِ سان چونڊبا، سي اسان سڀ قبول ڪنداسين. چونڊ اهڙي طرح ٿيڻ کپي جو ڪنهن کي به خبر نه پوي ته ڪنهن ڪنهن کي ووٽ ڪيو. پوءِ سڀئي ماڻهو اهو قسم کڻن ته اسان به انهن ميمبرن جي غلبي راءِ واري حڪم تي ضرور هلنداسين ۽ جيڪو ڪنهن به حڪم جي انحرافي ڪندو، تنهن سان سڀ واسطا ٽوڙي ڇڏينداسين. ياد رکڻ گهرجي ته دنيا ۾ ڪو به سڌارو اهڙي انتظام يا هڪ ماڻهو يا هڪ جماعت جي فرمانبرداري کان سواءِ هرگز هرگز ڪري نٿو سگهجي.

سڄي مضمون جو حاصل مطلب هي آهي.
1 - ماسترن جو فرض آهي نه رڳو شاگردن کي سڌارڻ پر ٻين ماڻهن کي به سڌارڻ.
2 - سڌاري لاءِ ضروري آهي ته ماستر صحت جا قانون سکي انهن تي عمل ڪن ۽ پوءِ شاگردن ۽ ٻين ماڻهن کي به اهي قانون سيکاري انهن تي عمل ڪرائين.
3 - ماستر پنهنجا اخلاق اعليٰ رکن، پنهنجي عزت سڃاڻن. ڀلي سڀ ڪنهن کي تعظيم ڏين، پر پاڻ کي ڪنهن کان گهٽ نه سمجهن، نڪي ٻين وٽ پاڻ کي ذليل ڪن ۽ خوشامد ۽ چاپلوسي ڪن ۽ ڊڄ يا غرض کان ٻين جا ڪم ڪاريون ڪن. جيستائين ماستر پنهنجي عزت نه رکندا، تيستائين ڪو به سڌارو ڪري ڪو نه سگهندا. پنهنجي عزت ۽ ذلت جو ڪارڻ پاڻ ئي ماستر بڻجن ٿا.
4 - ماسترن کي گهرجي ته علم سان وڌيڪ واهپو رکن، ۽ غور ۽ فڪر ڪن، تعليم جو مقصد ڌيان ۾ رکي تعليمي طريقا سڌارين. جيڪڏهن ماستر مٿين هدايتن تي عمل ڪندا ته هو ملڪ ۽ قوم وٽ عزت حاصل ڪندا، قوم ۽ ملڪ جا ليڊر ۽ سردار بڻبا، بي انتها خوشي حاصل ڪندا. ڌڻيءَ کي پيارا لڳندا ۽ دائمي سعادت ماڻيندا.
(اخبار تعليم – آڪٽوبر نومبر 1935)