زناني تعليم، زنا ۽ جوهر عصمت
مان وري به زور سان چوان ٿو ته مان زناني تعليم جي فائدي ۾ آهيان. مگر تعليم سان گڏ هيٺيون ڳالهيون هئڻ گهرجن.
1 - ڇوڪرين کي حياءُ ۽ حجاب جون عادتون سيکارجن.
2 - چڱين عادتن ۽ نيڪ اخلاقن پيدا ڪرڻ لاءِ خاص اپاءُ وٺجن.
3 - هنن کي پاڪ دامن عورتن جا قصا ٻڌائجن ۽ پاڪ دامني سيکاريندڙ شعر سيکارجن.
4 - هنن کي سچي ڌرمي تعليم ڏجي.
5 - اهي ماسترياڻيون موقوف ڪري ڇڏجن جن جا اخلاق چڱا نه آهن، ڇو ته بيحيائي سکڻ کان بي علم رهڻ بهتر آهي.
6 - زنانه ٽرينگ ڪاليج حيدرآباد ۾ خاص طرح ايتري نظرداري هئڻ گهرجي ۽ ايتري قدر اتي نيڪ اخلاقن جو ٻج پوکڻ گهرجي جو شريف ۾ شريف ماڻهو به فخر سان بي ڌڙڪ پنهنجون جوان نياڻيون ٽريننگ ڪاليج ۾ موڪلي سگهن ۽ پڙهي نڪتل عورتون پوءِ وڃي پنهنجي اسڪولن ۾ پاڪدامني جو ٻج ڇٽين.
(اخبار تعليم -جنوري 1934)