ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

تعليم جي ضرورت ۽ اهميت

سنڌ جي مسلمانن اڃا سوڌو تعليم جي ضرورت محسوس نه ڪئي آهي. ان ضرورت جي محسوس ڪرائڻ ۽ مسلمانن کي عملي طور راغب ڪرڻ لاءِ وڏي پيماني تي پروپئگينڊا ڪرڻ، سڀني پڙهيلن تي فرض آهي. خصوصن تعليم کاتي جي عملدارن ۽ معلمن کي هن ڪم ۾ بهرو وٺڻ گهرجي. هن موضوع تي هيٺ نموني لاءِ ليڪچر پيش ڪجي ٿو:-
حضرت رسول ﷺ جي نبوت کان اڳ واري زمانه کي ايام جاهليت يعني جاهليت جو زمانه سڏيو ويو آهي. جنهن مان ثابت ٿيو تي جاهليت ڪفر آهي ۽ علم اسلام آهي. پهريون پهريون وحي جو حضرت محمد ﷺ جن تي نازل ٿيو سو آهي اقرا باسم الخ جنهن ۾ پڙهڻ لکڻ ۽ علم ۽ قلم جي فضليت بيان ڪيل آهي. ازان سواءِ علم جي اشد ضرورت بنسبت بيشمار آيتون ۽ حديثون آهن. اهي جيڪو پڙهندو سو هڪدم پنهنجي پٽن ۽ نياڻين کي تعليم ڏياريندو، ڇو ته کيس پڪ پوندي ته علم کان سواءِ نڪو آهي دين نڪا دنيا.
جڏهن بدر جي جنگ ۾ ڪي ڪافر گرفتار ڪري مديني ۾ آندا ويا، تڏهن رسول الله ﷺ انهن کي چيو ته توهان انصارن جي پٽن ۽ نياڻين کي لکڻ پڙهڻ سيکاريو ته پوءِ بنا ڪنهن ٻي چٽيءَ جي آزاد ڪيو ويندو. پوءِ جڏهن هنن ائين ڪيو، تڏهن هنن کي آزاد ڪيو ويو. ان وقت کان وٺي مسلمانن علم ۽ فن ۾ ترقي شروع ڪئي. ڌارين ملڪن جا ڪتاب عربي ۾ ترجمو ڪري پڙهيائون ۽ ڪيترائي علم ۽ هنر پاڻ به ڳولي ڪڍيائون. نتيجو اهو ٿيو جو عرب سڄي دنيا تي حڪمراني ڪرڻ لڳا ۽ سڄي دنيا جا استاد ٿي پيا. دنيا ۽ دولت مسلمانن وٽ ڌڪا پئي کاڌا. تهذيب ۽ اخلاق ته سندن اهڙا هئا جو غير مسلمان مٿن عاشق ٿي، هڪدم مسلمان ٿي پوندا هئا.
مگر افسوس جو عباسي خاندان جا پويان بادشاهه عياش ۽ بدڪار ٿي پيا. ڪيترائي ڪتاب ساڙائي ڇڏيائون، عالمن ۽ عاقلن کي نوڪرين مان ڪڍي، چاپلوسن ۽ بدڪارن کي وڏا عهدا ڏنائون. پوءِ ته مسلمانن جي پستي ۽ تنزل جو زمانو اچي ويو. تاهم ڪنهن نه ڪنهن ملڪ جي مسلمانن ۾ چڱا چڱا عالم پيدا ٿيندا آيا مگر هن وقت اڪثر مسلمان جاهل آهن. جهل جي ڪري مسلمانن حڪومت به وڃائي دولت به وڃائي، اخلاق به وڃايا پر دين ايمان به وڃايو. هو اڄ ڪلهه سڀني قومن اڳيان ذليل ٿي رهيا آهن، ٻين جا غلام بڻبا ٿا وڃن ته به اڃا غفلت جي ننڊ ۾ ستا پيا آهن. افسوس! صد افسوس!!
وري انگريز ۽ يورپي لوڪ ڏسو ته علم ۽ واپار جي ڪري سڄي دنيا تي حڪمران ٿي پيا آهن. خصوصن انگريزن جو مثال وٺو. انگلينڊ هڪڙو ننڍڙو ملڪ اسان کان ست ولايتون ۽ ست سمنڊ پري آهي. پهريائين ٽن مهينن جو پنڌ هو، هاڻي ٻن هفتن جو پنڌ آهي. ڪٿان اچي ڪٿي بادشاهي ڪرڻ لڳا آهن. اسان جو ملڪ سندن ملڪ کان چاليهوڻون آهي. گويا ڪوئلي هاٿي کي کائي ويئي آهي يا چئجي ته ڪوئلي هاٿيءَ تي حڪم ٿي هلائي. اهو سڀ علم هنر ۽ حب الوطني جو نتيجو آهي. ترڪن جو سلطان ڪن ڏينهن ۾ اڌ دنيا جو بادشاهه هو، مگر ترڪ جيئن علم کي¬ ڇڏيندا ويا تئين ضعيف ٿيندا ويا، تان جو ننڍڙا بادشاهه به کانئن ڏاڍا ٿي ويا. هاڻي ترڪن کي علم جو قدر اهڙو پيو آهي جو زالون مڙس، ننڍا وڏا سڀ تعليم ۾ مشغول آهن. جن ننڍي هوندي علم نه پڙهيو سي هاڻي ڏينهن جو پنهنجو ڪم ڪن ۽ رات جي وقت شبانه اسڪول ۾ تعليم وٺن، تنهن ڪري هاڻي وري سندن عاليشان ترقي ٿي ويئي آهي، ايتري قدر جو دنيا جو ڪو زبردست بادشاهه به مٿن حملو ڪرڻ جي جرئت نه ڪندو.
اسان کي به جيڪڏهن ترقي ڪرڻي آهي ته فقط علم ئي هڪ وسيلو آهي. پر اسان جي ماڻهن کي اها به خبر ڪانهي ته ترقي ڪهڙي مردار ڪتي آهي. ترقي جي خبر انهن کي آهي جن سڌريل ملڪن ۾ سير ڪيو آهي. مثلن جپان ۾ وڃي ڏسو ته ڇا حال آهي، هر هڪ مرد خواهه عورت پڙهيل آهي. اتي نڪو آهي پينو نڪو آهي سڃو. اتي جاين کي ڪرف ڪون هڻن، جهيڙن ۽ فسادن بدران محبت ۽ دوستي آهي. ننڍا خواهه وڏا مرد خواهه عورتون پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ مشغول آهن. فرصت جي وقت گڏجي رانديون رونديون ۽ جشن ڪندا آهن. گويا رات ڏينهن شاد مانا لڳا پيا آهن. مزدورن ۽ ڪڙمين، ٻارن خواه وڏن کي اهڙي صفائي ۽ سٺائي آهي، جهڙي هت اسان جي اميرن کي به ڪانهي. ننڍا وڏا پوپٽن ۽ پتنگن وانگر چلڪندا وتن. سندن گهرن جي صفائي سينگار اهڙو آهي، جهڙو بادشاهن جي محلاتن ۾. گهر گهر ۾ باغيچو آهي، قرض جو نالو ڪونهي، بيماري اتي ڪا ورلي ٿئي، جي ٿئي ته هوشيار ڊاڪٽرن جي ملڻ ۽ شفا پائڻ ۾ دير ئي ڪانه ٿئي. سچو پڇو ته سڌريل ملڪن جا ماڻهو جيئري ئي بهشت ۾ آهن ۽ سندن ملڪ باغ آرام آهي ۽ اسان جيئري دوزخ ۾ آهيون.
ڪهڙي نه ارمان جي ڳالهه آهي جو جن جو مذهب علم سکڻ تي تمام گهڻو زور ٿو ڏئي، سي جاهل ٿي ويا آهن جن جي مذهب ۾ اهڙو تاڪيد ئي ڪونهي، سي اڳوڻن مسلمانن کان سبق سکي، سڀني علمن ۽ هنرن بلڪ اسلامي اخلاقن ۾ گوءِ کڻي ويا آهن. اي مسلمانو! جيڪڏهن توهان کي دنيا ۾ ذليل ٿي رهڻو ناهي ۽ باعزت زندگي گذارڻي اٿو، جيڪڏهن سڃائي ۽ بيمارين کان ڇٽي، آسودگي ۽ تندرستي حاصل ڪرڻي اٿوَ، جيڪڏهن ڪفر کان اسلام ۽ دوزخ کان بهشت وڌيڪ پسند اٿو، جيڪڏهن تباهي کان ترقي وڌيڪ پسند اٿوَ ته علم کي وٺو ۽ مڙس ٿي ننڍا خواهه وڏا سڀ علم پڙهو. ڪتب خانا کوليو، هڪ ٻئي کي ڪتاب پڙهي ٻڌايو، وقت اجايو نه وڃايو.
ڪي مسلمان وري زناني تعليم کان اجايو پيا ڇرڪن، حضرت ﷺ جن فرمايو آهي ته طلب العلم فريضته عليٰ ڪل مسلم ومسلمته يعني علم جي طلب سڀ ڪنهن مسلمان مرد توڙي عورت تي فرض آهي. مسلمان اوائلي زماني کان آخري زماني تائين ان حڪم جي تعميل ڪندا آيا آهن. ڏسو آخري زماني جو متشرع بادشاه اورنگزيب عالمگير، جو پنهنجي گذران لاءِ ٽوپيون ٺاهيندو هو ۽ ڪتاب لکندو هو، مگر گهرج هوندي به بادشاهي خزاني کي هٿ نه لائيندو هو. هن پنهنجي نياڻي زيب النساءِ کي ديني خواه دنوي علم سيکاريو. هوءَ وڏي شاعره هوندي هئي ۽ دنيا جي زبردست عالمن ۽ شاعرن سان بحث مباحثو ڪندي هئي. ياد رکو ته توڙي سڀ مرد پڙهيل هجن ته به اسان جي ترقي تيستائين هر گز نه ٿيندي، جيستائين عورتون جاهل هونديون. زناني تعليم کان سواءِ دنيا ۾ ڪابه قوم نڪا سڌري آهي نه سڌرندي.
(اخبار تعليم سيپٽمبر 1931ع)