عام واقفيت وڌائڻ
خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو هاڻي سکر ۾ هڪ ٻي اخبار زميندار نالي نڪتي آهي. تنهن کان سواءِ بلڪل جلد لاڙڪاڻي ۾ هڪ نئين مسلماني اخبار ”الحقيقت“ جي نالي سان نڪرڻي آهي. انهيءَ اخبار جو خاص اهو مقصد ٿيندو ته اهڙا اُپاءُ وٺجن جو مسلمانن کي بيدار ڪري اسلامي تهذيب ۽ ترقيءَ کي زور وٺائجي.
اهڙي اخبار لاءِ چار يا پنج رپيا سال ۾ خرچ ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. پر تنهن هوندي به اخبارن گهرائڻ جي هڪ سولي رٿ ٻڌائجي ٿي. اها هيءَ آهي ته هر هڪ ڳوٺ گڏجي فقط هڪ اخبار گهرائي. انهيءَ حالت ۾ هر هڪ ماڻهو تي فقط ٽڪو يا آنو مهني ۾ پوندو جو سڀڪوئي آسانيءَ سان ڏيئي سگهندو. اهڙيءَ طرح آڻايل اخبار مسجد يا حجري ۾ رکڻ گهرجي ته سڀڪوئي ڳوٺ جو پڙهيل ماڻهو اُتي وڃي پڙهي سگهي، بلڪ اڻ پڙهيل به پڙهيلن کان ٻڌي سگهن.