تعليم
هلندڙ صديءَ ۾ تعليمي ڪم بابت ايترا تجربا ٿيا آهن ۽ ننڍن خواه وڏن جي دل ۽ دماغ بابت ايتري کوجنا ڪئي وئي آهي جو تعليم جي هنر ۾ هڪ وڏو انقلاب پيدا ٿي ويو آهي. من وديا ۽ تعليم بابت هزارين ڪتاب لکيا ويا آهن جن جي رکڻ لاءِ ٻه ٽي جايون به پوريون نه پون. ازان سواءِ هزارين ماهوار رسالا تعليم بابت شايع ٿيندا رهن ٿا ۽ ڪيترائي ماهوار رسالا خاص ٻارن ۽ شاگردن لاءِ نڪرندا رهن ٿا. اسان جي مڪتبن ۽ مدرسن جي معلمن اهڙن ڪتابن ۽ رسالن جو رڳو نالو به نه ٻڌو هوندو. سندن تعليم جا رستا اهڙا ناقص آهن جو جيڪو ٿورو گهڻو ڪم ڪن ٿا، تنهن جو به نتيجو چڱو ڪو نه ٿو نڪري. چوندا آهن ته عقل وارن جو رڳو عقل کپي ۽ ڄٽ جي کپي سڄي ڄمار.
اسان جي مڪتبن ۾ پهريان 2 سال فقط قرآن شريف پڙهڻ ۾ لڳايا وڃن ٿا، سو به اهڙيءَ طرح پاڙهيو وڃي ٿو جو ڪجهه وقت جيڪڏهن شاگرد ڇڏي ٿا ڏين ته وسري ٿو وڃين. انهي جو سبب هيءُ آهي جو هو گهڻو ڪري طوطي وانگر پڙهندا ياد ڪندا ويندا آهن. در حقيقت جيڪڏهن بغدادي قاعدو چڱي طرح سيکارجي يعني منڍ کان وٺي جيڪو حرف پاڙهجي سو سڃاڻارائجي به ۽ لکارائجي به ۽ زيرون زبرون پڙهن ته هجي ڪري لفظ پاڻ ٺاهي وڃن. پڙهي به وڃن ۽ لکي به وڃن ته پوءِ سڄو قرآن شريف پاڙهڻ لاءِ 3 مهينا يا وڌ ۾ وڌ 6 مهينا لڳندا. ان مان هيءُ به فائدو ٿيندو جو پوءِ هو سنڌي به هفتي کن ۾ يا وڌ ۾ وڌ مهيني ۾ پڙهي ويندا. ڇو ته سنڌي پڙهڻ لاءِ فقط ڪي ٿورا حرف وڌيڪ کين سکڻا پوندا. ساڳي طرح جيڪڏهن پهريائين سنڌي پاڙهجي ته پوءِ قرآن شريف سيکارڻ ۾ مهينو به مس لڳندو. تنهنڪري بهتر ائين ئي آهي ته پهريائين مادري زبان سنڌي سيکارجي. فطرتي قانون موجب اصول آهي ته ٻارن کي پهريائين سولو ڪم سيکارجي. پنهنجي زبان پڙهڻ سولي آهي. ٻيو فطرتي قانون آهي ته اهو ئي ڪم شوق ۽ آساني سان ڪري سگهندا جو کين سمجهه ۾ ايندو ۽ وڻندو. تنهنڪري بهترين طريقو اهو ڪڍيو ويو آهي ته شروعات ۾ ئي ٻارن کي ننڍڙيون ۽ وڻندڙ آکاڻيون ۽ گيت پاڙهجن، ڇو ته آکاڻيون ۽ گيت کين ڏاڍا وڻندا آهن. ٽئين درجي ۾ ٻارن کي ننڍيون ننڍيون سورتون پاڙهجن پر معنيٰ سان. ڇو ته کين معنيٰ سيکاربي ته وڌيڪ مزو ايندن ۽ هوريان هوريان اسلام جي خبر به پوندي ويندن. بلڪ سورتن شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪلمون شريف پڙهڻ، لکڻ ۽ ان جو مطلب سمجهائجي.
اسلامي تعليم ٻئي يا ٽئين درجي ۾ شروع ڪجي. ان لاءِ سنڌيءَ ۾ تمام سولا ۽ ننڍڙا اسلامي ڪتاب تيار ڪرڻ گهرجن. اهي ننڍڙا ڪتاب لوڪل بورڊ اسڪولن ۾ ماسترن کي پاڙهڻ گهرجن. هر روز هڪ ڪلاڪ نه ٿي سگهي ته فقط هفتي ۾ ٽي ڪلاڪ اهي سليس ديني ڪتاب پاڙهڻ گهرجن. مڪتبن ۾ جتي آهن ئي مسلمان ڇوڪرا اتي وڏيرڙا اسلامي ڪتاب پاڙهي سگهجن ٿا ڇو ته انهن ۾ پوءِ اسڪولي درسي ڪتابن ۾ ڪجهه پاڙهڻ جو ضرور ڪونهي. انهن ئي ڪتابن ۾ ڪجهه دنيوي سبق به وجهي سگهجن ٿا. ساڳي طرح ديني تعليم جو سلسلو (هفتي ۾ 3 ڪلاڪ) انگريزي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ به هلڻ گهرجي. ڪم از ڪم 4 درجا سڀني شاگردن کي پاس ڪرڻ گهرجن اها آهي ابتدائي تعليم.
خاص ديني مدرسن ۾ يا ته لوڪل بورڊ اسڪول جا چار درجا پڙهيل شاگرد داخل ڪجن يا جيڪڏهن لوڪل بورڊ اسڪول ڳوٺ ۾ يا ويجهونه هجي ته پاڻ 4 درجا پاڙهي پوءِ مٿاهين تعليم شروع ڪجي. مدرسن ۾ پهريائين پارسي پاڙهي وڃي ٿي پوءِ عربي. پارسي نڪي اسلامي زبان آهي نڪي اسان جي مادري زبان آهي. اڳي پارسي پڙهڻ لاءِ هي سبب هو جو بادشاهن جي مادري زبان پارسي هئي ۽ سرڪاري لکپڙهه ۾ فقط پارسي ڪم آڻبي هئي. هن وقت پارسي پاڙهڻ جو ڪو ضرور ڪونهي. فقط هڪ ڳالهه آهي ته سنڌي زبان وسيع نه آهي منجهس ڪارآمد ۽ چيدا لفظ ٿورا آهن تنهنڪري پارسي ۽ عربي لفظن جي مدد سان ئي ان کي ڪجهه وسيع ڪيو ويو آهي ۽ اڳتي به وسيع ٿيندي ويندي. پر ساڳيو ئي مقصد اڙدو پاڙهڻ سان به حاصل ٿي سگهندو. اڙدو وڌيڪ آسان آهي. جتي ڪٿي اها ٻولي ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي تنهنڪري ان جو سکڻ گهڻي قدر ضروري به ٿي پيو آهي. ازان سواءِ اڙدو زبان ۾ ڪارآمد لٽريچر جو وڏو ذخيرو موجود آهي. پارسي بابت چيو وڃي ٿو ته ان جي پاڙهڻ بعد عربي سيکارڻ ۾ آساني ٿئي ٿي ور نه سخت تڪليف ٿي ٿئي. ائين سمجهڻ ۾ هن ڪري ٿو اچي جو اڄ تائين اهو دستور هليو آيو آهي. هندستان ۾ اڳي ئي جهونو رواج ڇڏيو ويو آهي. ڪي اڙدو ڪتاب مثلن عربي بول چال ۽ عربي ڪي قواعد نڪتا آهن جن جي وسيلي عربي تمام آسانيءَ سان پاڙهي سگهجي ٿي. سنڌيءَ ۾ به ڊاڪٽر عمرالدين دائود پوٽي ڊي - پي - آءِ سنڌ عربي ۾ ٻه ڪتاب لکي ڇپايا آهن ۽ وڌيڪ ڇپارائي پيو. اهي اهڙي طرز سان لکيل آهن جو اميد ٿي ڪجي ته آئينده سنڌ جا مولوي تمام گهڻي آساني سان عربي تعليم ڏئي سگهندا.
مون اڳي ئي چيو آهي ته ابتدائي تعليم درجي تائين هئڻ گهرجي. اوتري تعليم سڀ ڪنهن مرد ۽ عورت کي ضرور هئڻ گهرجي. پوءِ خانگي طرح ديني ۽ دنيوي علم وڌائي سگهجي ٿو. اها تعليم 5 يا 6 ورهين جي عمر کان 11 ورهين جي عمر جي اندر ڏئي سگهجي ٿي. خانگي مدرسن جي تعليم جي ٻي منزل به پنجن ورهين جي هئڻ گهرجي يعني 11 ورهين جي عمر کان وٺي 16 ورهين جي عمر تائين. ان عرصي ۾ هيٺيان ڪم پاڙهڻ گهرجن. 1- عربي پنج درجا، 2- اسلامي ڪتاب سنڌيءَ ۾ خاص طرح تيار ڪيل، 3- هندستان جي مختصر تاريخ، 4- رسول الله ﷺ ۽ خلفاء راشدين جي مختصر تاريخ، 5- هندستان ۽ اسلامي ملڪن ۽ برٽش سلطنت جي تمام مختصر جاگرافي، 6- مضمون لکڻ جو استعمال ۽ 7- تقرير ڪرڻ جو استعمال. پارسي يا اڙدو نه سيکارجي ته ڪوئي حرج ڪونهي. پر جيڪڏهن هروڀرو ڪو پارسي سيکاري ته کيس گهرجي ته پڙهائڻ جو ڍنگ سڌاري. پارسيءَ ۾ به پهريائين پهريائين تمام سليس آکاڻيون ۽ روزمره جي گفتگو ۾ ڪم اچڻ جهڙا الفاظ ۽ جملا سيکارجن. شاگردن سان پارسي ۾ سليس گفتگو ڪرڻ گهرجي. انگريزي اسڪولن ۾ جيڪي پارسي ڪتاب پاڙهيا وڃن ٿا اهي پاڙهڻ گهرجن. سنڌي مان پارسي ۾ ترجمو ڪرائڻ جي مشق ڪرائڻ گهرجي ۽ پارسي ۾ خطَ ۽ مضمونَ لکائڻ گهرجن.
اڪثر ڏٺو ويو آهي ته معلم صاحب پارسي جي سٽ پڙهي متعلم کي پڙهائيندو آهي ۽ ان جي معنيٰ به متعلم کي چوارائيندو آهي. معنيٰ به سنڌي محاوري ۽ نحو موجب نه پر پارسي جي نحو موجب ڪندو آهي. مثلن زبان تابود درد هان جائيگر. ثنائي محمد بود دلپذير. معنيٰ ”زبان جيستائين هجي منجهه وات جي جاءِ وٺندڙ تعريف محمد جي هجي دل قبول ڪندڙ.“ شاگرد پارسي جي سٽ ۽ ان جي اهڙي معنيٰ ياد ڪري ٿا ڇڏين. مگر سمجهن ڪجهه به ڪونه ٿا. جيڪڏهن کانئن پڇجي ٿو ته وات جي واسطي پارسي لفظ ڪهڙو آهي ته ڪو نه ٿا ٻڌائي سگهن ۽ جيڪڏهن وري پڇجين ٿو ته دهان جي معنيٰ ڇا آهي يا ثنا جي معنيٰ ڇا آهي يا گير ۽ پذير جي معنيٰ ڇا آهي ته ڪو نه ٿا ٻڌائي سگهن. هاڻي انصاف ڪيو ته اهڙيءَ طرح سان ڇو نه ورهين جا ورهيه لڳي ويندا ۽ ٻئي معلم ۽ متعلم به سخت محنت ڪندا مگر پارسي سکي ڪين سگهندا. ساڳيو ئي حال آهي عربي تعليم جو بلڪ گهڻو بدتر. سولو رستو هي آهي ته هر هڪ لفظ جي معنيٰ ٻڌائجي ۽ استعمال لاءِ وري سنڌي لفظ لاءِ پارسي لفظ پڇجي. پوءِ متعلم جملي يا سٽ جي معنيٰ پاڻ ڪڍي وڃي ۽ مطلب به سمجهائي وڃي ته ڳالهه کي سمجهي لطف ۽ نصيحت ۽ واقفيت به حاصل ڪري. پارسي زبان سيکارڻ ۽ ترجمي ڪرائڻ لاءِ زمانن ٺاهڻ جا قاعدا ضرور سيکارڻ گهرجن. انهن جي سيکارڻ تي مهينو به مس لڳندو. پوءِ هنن کي پارسي مان سنڌي ۽ سنڌي مان پارسي ڪرڻ بلڪل آسان لڳندي، جملي ۾ جيڪي فعل اچن تن جو مصدر ۽ امر ضرور ٻڌائجي. بلڪ گرامر جا مکيه قاعدا جتي جتي جملي ۾ ضرورت پوي سيکاربا وڃجن.
ٻي منزل جي پنجن سالن ۾ شاگرد کي عربي زبان ايتري قدر اچي ويندي جو هو عربي ۾ ڳالهائي ٻولهائي سگهندا ۽ خط پٽ لکي پڙهي ويندا. عربيءَ ۾ مضمون لکي سگهندا. سليس عربي ادبي ڪتاب پڙهي مطلب ڪڍي ويندا ۽ لغت جي وسيلي ڏکيا عربي ڪتاب به پڙهي سگهندا. جيڪڏهن انهيءَ منزل کان پوءِ شاگرد ڇڏي ويندا. ته به هو پوءِ خانگي طرح ڪتابن جو مطالعو ڪري چڱا عالم ٿي سگهندا.
ڌارين ٻولين سيکارڻ جو هڪڙو عام مقبول اصول يورپ ۽ آمريڪا ۾ هي قائم ڪيو ويو آهي ته جنهن صورت ۾ ننڍڙو ٻار ٻولي ٻڌڻ ساڻ ۽ از خود ڳالهائڻ سان سکي ٿو وڃي، تيئن مدرسن ۾ به پهرئين ڏينهن کان طالب علمن سان ان ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ گهرجي جا هن کي سکڻي آهي. وڏا ته ننڍن ٻارن کان گهڻو وڌيڪ آساني سان ۽ جلد سکي پوندا. معلم کي ان طرح تعليم ڏيڻ لاءِ اشارن کان ڪم وٺڻو پوندو. شيون استعمال ۾ آڻڻيون پونديون ۽ ڪلاس ۾ رکيل شيون، طالب علمن جا عمل (مثلن اٿ ويهه، هيڏي اچ ۽ ڪتاب کڻ وغيره وغيره) ۽ بدن جا عضوا وغيره انهن جي وسيلي گفتگو جو دائرو وڌائڻو پوندو.
مدرسن جي تعليم جي ٽئين منزل لاءِ به منهنجي خيال ۾ 5 سال هئڻ گهرجن. ان لاءِ نصاب ڪهڙو هئڻ گهرجي سو مان چئي نٿو سگهان مگر ته به ڪجهه نه ڪجهه چوڻ کان رهي نٿو سگهان. 1- قرآن شريف جو ڪو اوائلي تفسير مثلن، ابن ڪثير، 2- صحيح بخاري، 3- فقه شريف، 4- قاضي سليمان جو رحمت للعالمين، 5- مولانا شبلي جا ڪتاب سيرت النبي. سيره النعمان ۽ الفاروق، 6- وڌيڪ حديثن جا ڪتاب پر تحقيق ڪيل معتبر ۽ صحيح حديثون هجن، 7- تاريخ اسلام، 8- تقريرون ۽ تصنيفن ڪرڻ جو استعمال ۽ 9- دنيا جي مختصر جاگرافي.
هر هڪ درجي لاءِ ڪم ۽ ٽائيم ٽيبل مقرر ڪرڻ گهرجن. هر مهيني طالب علمن جو امتحان وٺڻ گهرجي. سالياني امتحان ۾ سڄي درجي جي ڪمن جو امتحان وٺڻ گهرجي. جيڪو پاس ٿئي تنهن کي مٿين درجي ۾ ٽپائجي ۽ جيڪو ناپاس ٿئي تنهن کي وري سڄو سال پڙهائجي. سرڪاري اسڪولن ۾ اهو دستور آهي. پر منهنجو خيال آهي ته هر هڪ درجو 6 مهينن جو هئڻ گهرجي ۽ آخري امتحان درجي ٽپائڻ جو به ڇهين ڇهين مهيني هئڻ گهرجي. ان مان اهو فائدو ٿيندو جو جيڪڏهن ڪو شاگرد ناپاس ٿيندو ته وري 6 مهينا پڙهڻو پوندس نه ڪي ٻارهن مهينا.
ٻي منزل جو آخري امتحان باقاعدي مقرر تاريخن تي سنڌ جي ڪن مرڪزي هنڌن تي وٺڻ گهرجي. ممتحن اهي مقرر ڪرڻ گهرجن جيڪي وڏا عالم هجن ۽ تعليم جو ڪم ڪيل هجين. جيڪي پاس ٿين تن کي ڇپيل سرٽيفڪيٽ ملڻ گهرجي. انهيءَ لاءِ ته هو ڪٿي به معلمي جو عهدو وٺي سگهن ۽ مسلمانن جا ٻار پاڙهين.
ساڳي طرح ٽئين منزل جي آخري امتحان لاءِ سڄي سنڌ جي طالب علمن لاءِ هڪ مرڪز مقرر ڪجي. جيڪو پاس ٿئي تنهن کي عاليشان ڇپيل سند ڏيڻ گهرجي. فقط انهن کي ئي عالم يا مولوي سمجهڻ گهرجي.
سڄي سنڌ ۾ ڪم از ڪم هڪ عاليشان ديني اسلامي ڪاليج هئڻ گهرجي. جنهن جي لاءِ ٻين معلمن سان گڏ هڪ اهڙو معلم به هجي جيڪو مولوي به هجي انگريزي، دان بي - اي يا ايم - اي به هجي. ديني ۽ دنيوي علم کان چڱو واقف هجي. هو شريعت تي هلندڙ ۽ اعليٰ اسلامي اخلاقن وارو هجي. هڪڙو معلم مصر جي جامعه ازهر مان آڻائجي. اهڙي وڏي ڪاليج جي اشد ضرورت آهي. ان ۾ وڏا وڏا تفسير جهڙوڪ ابن جرير جو پڙهائڻ گهرجي ۽ وڏن وڏن اوائلي امامن جون تصنيفون پڙهائڻ گهرجن.
1- وڏن عالمن کي گهرجي ته پاڻ ۾ ڪانفرنس ڪري ٽنهي منزلن لاءِ نصاب ٺاهي سڀني معلمن ڏي ڏياري موڪلين، 2- گهربل ڪتاب تصنيف ڪن ۽ 3- ممتحن مقرر ڪن ۽ امتحان وٺڻ جو انتظام رکن.
تعليم ۽ ضابطي ۽ انتظام بابت هدايتون
تعليم جو مقصد آهي بدني، اخلاقي، دماغي ۽ روحاني ترقي. تعليم مان اهڙو هوش ۽ واقفيت حاصل ٿيڻ گهرجي جو ماڻهو دنيا ۾ روزگار به چڱو ڪمائي سگهي ۽ هر طرح ڪامياب ۽ با عزت رهي سگهي.
بدني ترقي يعني چڱي تندرستي بابت سوين بلڪ هزارين وڏا وڏا ڪتاب لکيل آهن. مختصر طور هيترو لکڻ ضروري آهي ته تندرستي جو مدار آهي صفائي ۽ ورزش تي.
هر روز صبح جو وهنجڻ گهرجي. وضو نماز ۽ روزن ۾ چڱا تندرستي جا اصول رکيل آهن پر هر وضو ساڻ ڏندڻ ڪرڻ گهرجي. ڪپڙا به صاف هئڻ گهرجن. شاگردن کي وهنجڻ ڏندن هڻڻ ۽ ڪپڙن ڌوئڻ ڌورائرڻ جو تاڪيد ڪجي. هوا صاف هئڻ گهرجي. دريون کليل رکڻ گهرجن. منهن تي ڪپڙو يا سوڙ وجهڻ نه گهرجي. وات بند رکڻ گهرجي ۽ نڪ سان ساه کڻڻ گهرجي. پاڻي به صاف هئڻ گهرجي. صاف نه هجي ته ڪاڙهي ٺاري رکي پوءِ پيئڻ جي ڪم آڻجي. گهرن جي ڀرسان گندگي نه هئڻ گهرجي. مکين کي کائڻ پيئڻ جي شين تي ويهڻ نه ڏجي.
ورزش بابت بهتر ته ائين آهي ته ٻارن کي گهر جو ڪم ڪار صبح شام ڪرڻ گهرجي. امريڪا ۾ ڪي اسڪول اهڙا آهن جن ۾ طالب علم پنهنجي گهرج جون شيون سڀ پاڻ تيار ڪندا آهن ۽ علم به حاصل ڪندا آهن. هو سرون وجهي جايون ٺاهيندا آهن ۽ پوک پوکي ان مان ڪپهه، ڀاڄيون ۽ ميوا پيدا ڪندا آهن. ڪپڙا اڻندا، سبندا ۽ ڌوئندا پاڻ آهن. واڍڪو ڪم سکي ڪرسيون ميزون کٽون پاڻ ٺاهيندا آهن. يعني علم سکڻ سان گڏ بدني ڪم ڪري تندرستي به ٺيڪ رکندا آهن ۽ هنر سکي دنيا ۾ روزگار ڪمائڻ جا وسيلا به ٺاهيندا آهن. اهڙا ڪم ڪاريون هجن توڙي نه هجن ته به گهمڻ ڦرڻ ڊڪڻ ڊوڙڻ ملهه وڙهڻ ۽ رانديون ڪرڻ به تندرستي لاءِ مفيد آهن.
شاگردن جي اخلاق سڌارڻ لاءِ پهرين ضروري ڳالهه آهي ته معلم پاڻ نيڪ اخلاق هجن پوءِ ٻارن جي عادتن ۽ اخلاقن تي نظر رکن. خصوصن گندو ڳالهائڻ ۽ گارين ڏيڻ کان پاڻ به پرهيز ڪجي ۽ ڇوڪرن کي به انهن ڳالهين کان سختي سان باز رکجي. انهن ڳالهين ۾ وڏي حڪمت رکيل آهي.
روحاني طاقت وڌائڻ لاءِ انهن بزرگن جي صحبت اپنائجي جن جي صحبت ڪري گناهن کان نفرت ۽ چڱن عملن ڪرڻ جو شوق پيدا ٿئي. قرآن شريف ۽ حديثون با معنيٰ پڙهڻ ته گهڻو افضل آهي.
ٻارن جي دماغي طاقت تڏهن ٿي وڌي جڏهن کين تعليم سوالن جي رستي ٿي ڏجي. ساڻن گفتگو ۽ بحث مباحثو ڪجي ته منجهن غور ۽ فڪر ڪرڻ جي عادت پيدا ٿئي.
ترقي جو مدار تعليم تي آهي ۽ تعليم جو مدار معلم تي ۽ معلم جو مدار ڪجهه قدر پاڻ تي ۽ ڪجهه قدر سوسائٽي تي. معلم ۾ چار گڻ ضروري آهن. 1- علم جي گهڻائي، 2- محنت، 3- نيڪ اخلاق ۽ چڱي چال ۽ 4- ماڻهن سان رلڻ ملڻ ۽ مرڪي پيش اچڻ جي خصلت.
پبلڪ (عوام) تي فرض آهي ته معلمن کي خوشحال رکڻ لاءِ سندن چڱيون پگهارون مقرر ڪن ۽ کين وڏي عزت سان ڏسن. جيئن اڳي چيو ويو آهي ته اسان جي ترقيءَ جو مدار معلمن تي ئي آهي. هو ئي اسان جا ليڊر ۽ رهبر آهن يا هئڻ گهرجن. هوئي اسان جا هادي ۽ مرشد آهن. جيستائين پبلڪ معلمن جي قدر شناسي نه ڪندي تيستائين تعليم جي ترقي ڪانه ٿيندي ۽ اسان جا ٻار فيض ۽ فائدو ڪو نه وٺندا.
اسڪول ۾ جيڪڏهن ضابطو ۽ انتظام پورو ناهي ته تعليم ڏيئي نٿي سگهجي. ان لاءِ هيٺيون هدايتون ضروري آهن.
1) اسڪول جو وقت مقرر ڪجي. ان وقت تي گهنٽي هڻائجي ۽ اسڪول کولجي. معلم کي ڪاڏي ٻاهر وڃڻو هجي ته هڪ وڏي شاگرد کي مانيٽر مقرر ڪري وڃي جيڪو کين ڪم ۾ مشغول رکي. سڀ ڪنهن درجي کي ڪم مقرر ڪري ڏئي وڃجي. معلم حاضر هجي ته پوري وقت تي اچي ۽ اجايو وقت نه وڃائي. وقت جي پابندي سڀ ڪنهن ڪم ۾ ڪاميابي جو پهريون اصول آهي.
2) روزانه ٽائم ٽيبل مقرر ڪرڻ گهرجي ۽ ان موجب ڪم ڪرڻ گهرجي. هر مهيني جي پهرين تاريخ تي لکي ڇڏڻ گهرجي ته هيترو ڪم هر درجي ۾ مهيني جي آخر تائين پورو ڪرڻو آهي.
3) ٻارن کي درجيوار قطارن ۾ وهارڻ گهرجي.
4) اسڪول جي جاءِ صاف هوادار ۽ روشنائي واري هجي. ڪن حالتن ۾ ته وڻن هيٺان ۽ وڏي ديوارن جي ڇانو ۾ ٻاهر پڙهائڻ بهتر آهي.
5) پهريائين ٻارن کي حڪم جي تعميل هڪدم ڪرڻ تي هيرائجي. هن قسم جا حڪم ڇوڪرن کي گڏي ڏجن ۽ هڪدم تعميل ڪرائجي. اٿي بيهو ويهي رهو ڪتاب کڻو، هيٺ رکو، سليٽ کڻو، هيٺ رکو. قطار ۾ هيڏي اچو. قطار ۾ موٽي وڃو وغيره وغيره.
6) شاگردن کي مشغول رکجي ته گوڙ نه ڪن. هڪڙي ڪلاس کي سبق سيکارجي ته ٻين کي لکڻ جو ڪم ڏيئي ڇڏجي.
7) درجي درجي جو گڏي ڪم وٺجي. گڏي ڪم وٺڻ جون گهڻيون تجويزون آهن جيڪي چڱن ماسترن وٽ ويهي ڏسڻ گهرجن. گڏي ڪم وٺڻ مان اهو فائدو آهي جو جيڪڏهن ڪنهن درجي ۾ ڏهه شاگرد آهن ته ڏهن تي ئي هڪ محنت ڪرڻي ٿي پوي. هر هڪ شاگرد کي ڌار ڌار سبق ڏيڻ سان ڏهوڻي محنت ڪرڻي پوي ٿي.
8) ٻارن کي لکڻ جو ڪم ڏجي ته اهو لکي سنڀالي سليٽون يا پٽيون پاڻيهي هيٺ رکن ۽ پوءِ سامهون نهارين. نڪي ٻين جي سليٽن ڏي نهارڻ گهرجين. نڪي ساڻن ڳالهائڻ گهرجين جيستائين سليٽون سڀئي هيٺ رکن.
9) ٻار گهڻو وقت هڪ هنڌ آرام سان ويهي نه سگهندا آهن تنهنڪري ضروري آهي ته اٽڪل چاليهن چاليهن منٽن بعد کين پنج منٽ موڪل ڏجي ته ٻاهران گهمي ڦري اچن.
10) جيڪڏهن ڪو ڪلاس استاد ڏي اچي سليٽون يا ڪاپيون ڏيکاري ته هڪ ٻي پٺيان پاڻيهي هلندا اچن ۽ استاد جي سڄي يا کٻي پاسي کان بيهن جنهن کي سليٽ يا ڪاپي واپس ملندي وڃي سو پاڻيهي هلندو وڃي ۽ ٻيو پاڻيهي هلندو اچي.
11) صورتخطي چوڻ ۾ ساڳيو نمونو يا ساڳيا لفظ ٻه ڀيرا نه چئجن. هڪ ڀيرو چوڻ ڪافي آهي. صورتخطي لکائڻ مهل شاگردن کي اصل ڪڇڻ نه گهرجي.
هر هڪ ڪم ڪيترو پاڙهجي تنهن بابت هت هدايتون ڏيون ته گهڻي ڊيگهه ٿي پوندي. معلمن کي گهرجي ته سنڌي خواهه انگريزي اسڪولن جي چڱن ماسترن وٽ ويهي سندن پڙهائڻ جو نمونو ڏسن ۽ خانگي طرح کانئن پڇن.
پڙهي ٻه ٽي اصول ياد ڪرڻ گهرجن.
1) تڪڙ اصل نه ڪجي. جيستائين ٻار هڪڙي ڳالهه پوريءَ طرح نه سمجهي آهي ۽ نٿو سمجهائي سگهي يا ان تي عمل نٿو ڪري سگهي تيستائين ٻي ڳالهه نه سيکارجي. جيستائين سکيل حرف يا لفظ لکي ۽ سمجهائي نٿو سگهي تيستائين ٻيو نه سيکارجي. جيترو بنياد پڪو ڪبو ۽ وري وري دور ڪرائبو اوترو فائدو ٿيندو.
2) طوطي وانگر پڙهائڻ ڦٽي ڪجي. سوالن جوابن، گفتگو ۽ بحث مباحثي جي نموني تعليم ڏجي. انهيءَ لاءِ ته سڀ ڪنهن مسئلي تي پهريائين شاگرد پنهنجو خيال ۽ خوض هلائي. لفظن سان ڪم ناهي. مقصد اهو آهي ته شاگرد کي اها ڳالهه دل سان لڳي ۽ وسهڻ ۾ اچيس.
سڄي ڪتاب جو خلاصو
تواريخ جو علم ترقي لاءِ نهايت ضروري آهي. خصوصن اسلام جي تاريخ ضرور پڙهڻ گهرجي.
ڪنهن به زبردست عالم کي گهرجي ته قرآن شريف جي سڀني تفسيرن تي تبصرو ۽ ريويو ڪري ۽ پڻ اوائلي زماني کان وٺي اڄ تائين اسلامي عقيدن خيالن ۽ رسمن ۽ تبديلن ٿيڻ جي هسٽري تيار ڪري، ظاهر آهي ته سندن عقيدا، خيال، رسمون، عمل وغيره اصحابن سڳورن جي زماني وران کان گهڻو مختلف ٿي ويا آهن.
عقل، دين کي سمجهڻ لاءِ، ان تي عمل ڪرڻ ۽ ٻين کي دين سيکارڻ لاءِ نهايت ضروري آهي.
اجتهاد جو دروازو نڪو ڪڏهن بند ٿيو آهي نڪي ٿيندو. تقليد ڪرڻ ۽ اجماع امت تي هلڻ ضروري آهي، پر ڪن شرطن سان. ضروري شرط هي آهي ته هر سال وڏن عالمن جي ڪانفرنس ٿيڻ گهرجي نه ته جاهلن جا خيال ۽ ڪتاب به رواج ۾ اچي ٿا وڃن. پوءِ انهن کي اجماع امت سمجهيو ٿو وڃي.
اسلام اهو مذهب آهي جو ڪامل عقل تي مبني آهي ۽ ان تي عمل ڪرڻ تي اسان جي بهبودي ۽ ترقي جو مدار اهي.
دنيا ۾ گناهن کان بچڻ ۽ چڱن عملن ڪرڻ لاءِ رڳو عقل ڪافي ناهي. روحاني جذبي کي زور وٺائڻ ۽ ان سان عقل کي شامل ڪرڻ سان ئي ماڻهو ترقي ڪري سگهي ٿو. اڄوڪا تعليم يافته چوندا آهن ته نماز روزو وغيره جو ضرور ڪهڙو آهي؟ کين خبر به آهي ته دنيائي ڪمن ۾ ڪاميابي لاءِ Discipline and self control ضابطو ۽ انتطام ۽ پاڻ کي وس ۾ رکڻ جي ضرورت آهي. نماز ۽ روزو ٻين سون فائدن سان گڏ اعليٰ درجي جيڪي ڊسپلن ۽ سيلف ڪنٽرول ٿا سيکارين. ازانسواءِ نماز ۽ روزا روحاني جذبي کي تقويت ٿا وٺائن ۽ هر وقت الله تعاليٰ ۽ سندس حڪمن جي يادگيري ٿا ڏيارين. ڪي مخبري خيالن وارا ماڻهو ته اصل دين ڌرم جي ضرورت ئي ڪا نه ٿا سمجهن. بلڪ چون ٿا ته دنيا ۾ دين ۽ ڌرم جي ڪري جيڪي فساد فتنا، جنگيون ۽ جهڳڙا پي ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا تهڙا ٻي ڪنهن به سبب کان ڪونه ٿيا آهن. اها ڳالهه شايد برابر به نه هجي پر اهي فساد وغيره هميشه دين جي نه سمجهڻ کان پي ٿيا آهن. سچو دين اٽلندو انهن ڳالهين جي پاڙ پٽيندڙ آهي. حقيقت ۾ مذهب کان سواءِ انسان شتر بي مهار آهي. جيئن ناڪيلي کان سواءِ اٺ سڌو نه هلندو ۽ جئن ٻيڙي سڙهه کان سواءِ سڌي نه هلندي تيئن روحاني جذبي کان سواءِ انسان ڀٽڪي ڀٽڪي تباهه ٿيندو، ڇو ته شريف روحاني جذبي جي اڻ موجودگي جي ڪري هو شيطاني جذبي جي غلبي هيٺ اچي هلاڪ ٿي ويندو. اڄوڪن بزرگن جو تسبي ۽ گوشه نشيني تي زور آهي. مگر اڳوڻن بزرگن جو خاصو هو دنيا ۾ عمل ڪري ڏيکارڻ ۽ اعليٰ اخلاق رکڻ ۽ قوم جو فائدو ڪرڻ.
اسلامي احڪامن تي اڄ ڪلهه عمل اهڙيءَ طرح ڪيو ٿو وڃي جو انهن جو مقصد يا فائدو حاصل ڪونه ٿو ٿئي. گويا اسلام جو پاڇو وڃي بچيو آهي. بلڪ بدعتون ۽ بدرسمون جاري ٿي ويون آهن. قرآن شريف کي هڪ بي معنيٰ منتر سمجهيو وڃي ٿو. ويچارن جاهل مسلمانن ۾ دين جو ايڏو شوق آهي جو ڪروڙين مسلمان صبح جو اٿي قرآن شريف جو دور ٿا ڪن ۽ اسر جو يا سمهڻ وقت هڪ قسم جو ذڪر ٿا ڪن. جيڪڏهن عالمن ۾ ڪجهه به فهم هجي ها ته ماڻهن کي سمجهائين ها ته معنيٰ سان قرآن شريف موجود آهن. صبح جي وقت جڏهن قرآن شريف جو دور ڪيو ٿا تڏهن معنيٰ کي ڏسو. ڏهه رڪوع بي معنيٰ پڙهي وڃو، تنهن کان هڪ آيت معنيٰ سان پڙهو ۽ سمجهو ته گهڻو بهتر اٿو. صلواتن ۽ وظيفن پڙهڻ ۾ ۽ ٻين ڪن ڪمن ۾ افراط ۽ تفريط کان پاسو ڪجي. سڀني ڪمن ۾ اهو ئي نمونو وٺجي جو اصحاب سڳورا وٺندا هئا.
ڪن مسئلن تي راءِ زني ڪرڻ يا انهن جي سمجهڻ ۾ هن اصول کي نه وسارجي ته سڀ ڪنهن ڪم ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ دنيوي طرح ڪوشش ڪرڻ به ضرور آهي ۽ ان سان گڏ الله تعاليٰ جي مدد گهرڻ به ضروري آهي. ليس للانسان الاماسعيٰ.
الله تعاليٰ دين ۽ ديني هدايتون ان لاءِ ڏنيون آهن ته اسان گناهن کان بچون ۽ چڱا عمل ڪيون، هڪ ٻئي کي فائدا ڏيون، پاڻ کي پاڪ رکون ته جيئن فلاح پايون ۽ الله تعاليٰ جو راضپو حاصل ڪري کانئس الهامن پهچڻ جا لائق ٿيون. الله تعاليٰ دين ۾ اسان لاءِ آسانيون ۽ فائدا رکيا آهن نه تڪليفون ۽ نقصان.
شفاعت برحق آهي. پر شفاعت مومنن لاءِ آهي. انهن مومنن جي لاءِ جيڪي هر طرح اسلام تي هلڻ جي ڪوشش ڪندا ٿا رهن. پوءِ به اهي شفاعت جو حق ڇڪي نٿا سگهن، مگر شفاعت جي اميد رکي سگهن ٿا. پوءِ پاڻ ﷺ جن شفاعت ڪن يا نه ڪن.
ڪوڙي تصوف اسلام کي بگاڙي ڇڏيو آهي ۽ مسلمانن کي سچي اسلام کان بلڪل پري اڇلائي ڇڏيو آهي.
معجزا ۽ ڪرامتون برحق آهن. پر انهن کي ڪنهن به قسم جو وزن ڏيڻ نه گهرجي ڇو ته يوگه ۽ مسمريزم وارا به خرق عادت جهڙا ڪم ڪري سگهن ٿا. سچن بزرگن جي سڃاڻڻ جون نشانيون ٻيون آهن سچا بزرگ اهي آهن جيڪي پنهنجي روزگار لاءِ ڪمائي ڪن ۽ سخاوت ڪن، وٺڻ بدران ڏين ۽ قوم جي بهتريءَ لاءِ خود قربانيون ڪن. وڏي نشاني هي آهي ته انهن جي صحبت جي ڪري گناهن کان باز اچجي ۽ چڱن عملن ڪرڻ جو شوق پيدا ٿئي.
قبا ٺاهڻ نه گهرجن. ان جي بدران تعليم تي پيسا خرچ ڪرڻ گهرجن. قبرن جي زيارت ۾ ثواب آهي، پر وڏيون تڪليفون ڪري دور دراز مسافريون ڪري قبرن تي وڃڻ نه گهرجي.
ملن جو فرقو هئڻ ئي نه گهرجي. نڪي پيرن جو فرقو هئڻ گهرجي. اسان کي گهرجي ته انهن معلمن کي مان ۽ عزت ڏيون ۽ پگهارون مقرر ڪري ڏيون جيڪي اسان کي ۽ اسان جي اولاد کي تعليم ڏين ۽ پڻ انهن عالمن کي عزت ڏيون جيڪي اسلام تي عمل ڪندڙ ۽ مسلمانن کي حق ڏانهن سڏيندڙ هجن. جيڪڏهن تعليم جي ڪم ڪرڻ ڪري هنن کي سادي گذران هوندي به روزگار جي تنگي ٿي رهي هجي ته انهن جي مدد به ڪرڻ گهرجي ڇو ته اها مدد انهن لاءِ ناهي پر قوم جي لاءِ آهي. مسڪين طالبن کي مدد ڪرڻ ۾ به وڏو ثواب آهي.
قرآن شريف کي منسوخ سمجهڻ ۾ وڏو نقصان آهي. اهو خيال بلڪل غلط آهي ته ”اسان جي عملي هدايت لاءِ فقه ڪافي آهي ۽ قرآن شريف فقط تبرڪن، پڙهڻ گهرجي.“ نجدي غلطين کان خالي ڪو نه آهن، پر عمل تي جيترو انهن جو زور آهي ۽ جيتري قدر هو قرآن شريف ۽ حديث ۽ شرعي قانون تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن جيترو ٻي ڪا به قوم ۽ ڪا به اسلامي رياست ڪا نه ٿي ڪري.
ڪتابن يا شخصن يا فرقن يا غير مذهب جي ماڻهن تي راءِ زني ڪرڻ ۾ پهريائين سندن خوبين تي زور ڏجي نه عيب جوئي تي. پوءِ جيڪڏهن عيب جوئي ڪجي ته بلڪل تهذيب جي نموني ڪجي. اهڙي نموني جو خود انهن ماڻهن تي به چڱو اثر پوي. عيب جوئي انهيءَ نيت سان ڪجي ته اهي ماڻهو راه راست تي اچن ۽ ٻيا ماڻهو سندن غلطين کان احتراز ڪن. تعصب ڪرڻ بلڪل ڇڏي ڏجي. سڀ ڪنهن قسم جي ماڻهن سان خنده پيشاني سان ملڻ گهرجي. فقط انهن ماڻهن کان منهن موڙجي جيڪي بدڪار بدگفتار ۽ فسادي هجن ۽ سمجهائڻ سان به نه مڙن.
مسلمانن ۾ جيڪي ٽي فرقا آهن تن کي هڪ ڌاڳي ۾ آڻڻ جي هر طرح ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ اختلافن هوندي به سڀني کي گڏجي نماز پڙهڻ گهرجي ۽ اهڙا ٻيا ضروري ڪم گڏجي ڪرڻ گهرجن.
اسلامي ڪتب خانن جو اهتمام ضرور ڪرڻ گهرجي. علم اسلام جو بنياد آهي. دنيوي خواه ديني تعليم تي ئي اسلام جو سچو مدار آهي.