ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2187
  • 340
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

تعليم جي اهميت

اسان هن مخزن ۾ شروعات کان وٺي جيڪي مضمون تعليم به نسبت ڏنا آهن تن ۾ پهريائين ڏيکاريل آهي ته تعليم جو مقصد آهي الله تعاليٰ جي عبادت يا حڪمن جي فرمانبرداري. اها عبادت تڏهن ڪري سگهجي ٿي جڏهن انسان جون بدني، اخلاقي، دماغي ۽ روحاني طاقتون سالم هونديون. انسان جيڪڏهن تندرست ناهي ته ڪجهه به ڪري نٿو سگهي. انهن مضمونن ۾ اخلاقن جي اشد ضرورت پڻ سمجهائي ويئي آهي. تنهنڪري استاد جو پهريون فرض آهي شاگردن جي تندرستي تي نظر رکڻ ۽ سندن اخلاق سڌارڻ. اخلاقن سڌارڻ لاءِ پهرين ضروري ڳالهه اها آهي ته استاد پاڻ ديندار ۽ نيڪ افعال هجي ۽ ٻي ضروري ڳالهه آهي ته شاگردن کي ديني عقيدا ۽ خدائي حڪم ٻڌائي.
چڱي تعليم ڏيڻ لاءِ سڀ کان ضروري ڳالهه آهي ته استاد ۾ هيٺيان گڻ ضرور هئڻ گهرجن. اشرافت، محنت، علميت، خوش خلقيت ۽ ٻارن لاءِ پيار. ٻي ضروري ڳالهه آهي صفا روشن ۽ هوا دار جاءِ جو هئڻ. ٽين ضروري ڳالهه آهي سامان هئڻ ۽ چوٿين آهي چڱو ضابطو ۽ انتظام. انتظام ۽ ضابطو لاءِ وقت جي پابندي جي ضرورت آهي. اسڪول مقرر ڪيل وقت تي کولجي ۽ مقرر ڪيل وقت تي بند ڪجي. ٻنهي وقتن تي گهنٽي هڻڻ گهرجي. پڙهائڻ جو سڀ ڪم مقرر ڪيل ٽائيم ٽيبل موجب ڪرڻ گهرجي.
اهي سڀ ڳالهيون اڳوڻن مضمونن ۾ مفصل طور سمجهايل آهن. ناظرين کي التماس آهي ته اهي ساڳيا مضمون يڪبارگي وري پڙهي ڏسن.
اسان بدني اخلاقي ۽ روحاني طاقتن جو ذڪر ڪري چڪا آهيون، هاڻي اچون ٿا دماغي طاقت تي.
دماغي تعليم جو اهو مقصد ناهي ته شاگردن کي ڪنهن مصنف يا شاعر جي الفاظن يا خيالن سان ڀري تار ڪري ڇڏي پر جيتري قدر هنن جو حافظو سهي سگهي اوترو بار مٿن وجهي ڇڏجي. سڀ کان بيڪار بلڪ سخت نقصان ڪار تعليم اها آهي جنهن ۾ رڳو ٻين جا چيل الفاظ اهڙيءَ طرح بر زبان يار ڪرائجن (سمجهڻ کان سواءِ) جهڙيءَ طرح چتونءَ کي لفظ چوڻ سيکاربا آهن. ڪيترن ئي مڪتبن ۾ ڏٺو ويو آهي ته نور نامو ڪي ٻار ياد پڙهي ويندا آهن مگر رڳو پهرين سٽ جي معنيٰ به کين نه ايندي آهي. کانئن پڇبو آهي ته ”آگر“ ڪنهن کي ٿو ڪوٺجي ته ڪين ٻڌائي سگهندا آهن. انهيءَ تعليم مان فائدو ڪهڙو؟ لفظن سان حافظي جي طاقت کي زير بار ڪرڻ ائين آهي جئن مٿي تي بيڪار ٺڪر ۽ ڀتر کڻڻ.
انهيءَ کان ٿوري بهتر تعليم اها آهي جنهن ۾ شاگردن کي نه رڳو الفاظ پر انهن جو مطلب به سمجهايو وڃي ٿو ۽ هنن کي ڪي ڳالهيون تاريخ جون يا جاگرفي جون يا نصحيت جهڙيون آکاڻيون سيکاريون ۽ سمجهايون وڃن ٿيون. مگر رڳو واقعا يا معلومات حاصل ڪرڻ يا پراوا خيال هٿ ڪرڻ به ڪو فائدي مند ناهي. اهو به ايئن آهي جئين هٿيارن جو هئڻ، مگر استعمال نه ڪرڻ. جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي سيکارجي ته بندوق ۾ ڪارتوس وجهي گهوڙو چاڙهي بندوق کي ڪلهي ۾ قابو جهلي نشان تي نظر وٺي پوءِ ٽرگر کي ڇڪ ڏجي ته ٺڪاءُ ٿي وڃي ته ايتري سيکارڻ ۾ شاگرد بندوق هڻڻ سکي پوندو ڇا؟ اهڙيءَ طرح جيڪڏهن معلومات يا پراوا خيال ياد ڪبا ته فقط ياد ڪرڻ مان ڪجهه حاصل ٿيو ڇا؟ نه نه، سچي دماغي تعليم اُها آهي جنهن سان دماغ جي طاقت زور وٺي ۽ غور ۽ ويچار ڪري نتيجن ڪڍڻ جي طاقت پيدا ٿئي ۽ انهيءَ غور ۽ ويچار جي ڪري دل ۽ دماغ تي اهڙو اثر پوي جو دنيا جي ڪاروبار ۾ انهن تي بي تڪليف عمل ڪجي.