ملا اسڪولن کي نائب ڏيڻ
2. مگر هي ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ائين ناهي ته جنهن به اسڪول ۾ ٻار ايترا گهڻا آهن جو نائب ڏيئي ٿو سگهجي تنهن کي نائب وٺڻ جو حق آهي ۽ سرڪار اُن کي نائب ڏيڻ لاءِ ٻڌل آهي. نه نه سرڪار پاڻ کي ٻڌل اصل نه رکندي آهي ڇو ته سرڪار جو خزانو غير محدود يعني اڻ کٽ ناهي. سرڪار فقط سالياني رقم منظور ڪندي آهي، پوءِ اُن رقم اندر خرچ ڪبو آهي. سنڌ جي اٺن ئي ضلعن اندر ايتري رقم منظور ٿيل آهي، جنهن مان اٽڪل 144 نائب رکي سگهجن ٿا يعني هر هڪ ڊويزن ۾ 48 نائب. گهڻائي اهڙا اسڪول آهن جن ۾ 50 کان به وڌيڪ ٻار آهن، ته به انهن کي نائب ڏيئي نٿو سگهجي ڇو ته منظور ٿيل رقم بلڪل ٿوري آهي. ٻيڻي ٽيڻي رقم منظور ٿيل هجي تڏهن به مس اُنهن اسڪولن کي نائب ڏيئي سگهجن جن کي گهڻي گهرج آهي.
3. ڪنهن به معلم کي ڪيترا به ٻار هجن، کڻي 100 ٻار هجنس ته به هن کي هروڀرو نائب ملڻ تي حق ڪونهي. نائب ڏيڻ سرڪار جي خاص مهرباني آهي. جنهن معلم کي نائب ملي ٿو تنهن لاءِ هڪ وڏي ۾ وڏي ڀلائي آهي ڇو ته نائب جي گرانٽ به کيس ملي ٿي، اگرچ اُن تي هن جو ڪو به حق ناهي. جنهن کي سرڪار پگهار تي نائب مليل آهي تنهن کي گهڻي ۾ گهڻو ته به ڪمايل گرانٽ جو 2/ 3 حصو مس ملڻ گهرجي، پر سرڪار مهرباني ڪري سڄي گرانٽ معلم کي ڏياري ٿي، تنهن ڪري ياد رکڻ گهرجي ته ڪو به معلم هروڀرو نائب وٺڻ لاءِ حقدار ناهي نڪي ڪنهن به معلم کي شڪايت ڪرڻ جو ڪو حق آهي. جيڪڏهن کانئس نائب کسي ڪنهن ٻئي مڪتب کي ڏيارجي.
جنهن صورت ۾ سرڪار سڀني معلمن کي نائب ڏياري نٿي سگهي، تنهن صورت ۾ جن معلمن کي گهڻا ٻار آهن تن کي نيڪ صلاح ٿي ڏجي ته پنهنجي پگهار سان پنهنجو نائب رکن يا گرانٽ جي اڌ يا 2/3 حصي ڏيڻ جي انجام تي مددگار رکن، اُن ۾ هنن لاءِ نقصان بلڪل ڪونهي، پر اُٽلندو فائدو آهي. ڏسجي ٿو ته ڪي معلم ائين هن ڪري نٿا ڪن جو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن پنهنجي پگهار تي رکنداسين ته پوءِ سرڪاري نائب اصل نه ملندو، ائين هرگز ناهي. نائب ڏيارڻو هوندو ته اول ويچارئي اُنهي جو ڪبو جنهن همت ڪري پنهنجي پگهار تي نائب رکيو هوندو. ڪي معلم وري هن ڪري پنهنجو نائب نٿا رکن جو کين پگهار ڏيڻ لاءِ پيسو ڪونهي. اُنهن کي گهرجي ته گرانٽ جي اڌ يا 2/3 حصي تي نائب رکن. ڪي سمجهن ٿا ته پگهار يا گرانٽ ڏيڻ ڪري فائدو نه پوندو مگر ائين هرگز نه آهي. اُهي ڏينهن ويا جڏهن ڪچن شاگردن کي به پاس ڪري چڱي گرانٽ ڏياربي هئي. هاڻي فقط پڪن شاگردن کي پاس ڪري انهن جي پڪائي جي قدرتي گرانٽ ٿي ڏيارجي. ان حالت ۾ فائدو ئي تڏهن ٿيندو جڏهن نائب رکي سٺو ڪم ڪري ڏيکاربو. خصوصن لوڪل بورڊ اسڪولن جهڙو ڪم ڏيکاربو ته تمام چڱي گرانٽ ڏيارڻ ۾ ايندي.
4. جن معلمن کي نائب ڏيارجي ٿو تنکي هيٺين ڳالهين بابت پائبند رهڻو پوندو نه ته کانئس نائب کسيو ويندو :-
(1) سراسري حاضري هميشه ايتري رکندو جيتري پهرين فقره ۾ ڏيکاريل قانون موجب رکڻي آهي.
(2) معلم پاڻ دنيوي تعليم باقاعدي روزمره ڏيندو. بنا موڪل ڪڏهن به غير حاضر نه رهندو، جيڪڏهن اوچتو بيماريءَ سبب فقط هڪ ئي ڏينهن ڪم ڪري نه سگهندوته به هڪدم موڪل جي رپورٽ لکي ٽپال ۾ موڪليندو. سال ۾ گهڻي ۾ گهڻو 20 ڏينهن موڪل وٺندو، جيڪڏهن معلم پنهنجي پاران ٻيو ڪو ماڻهو تعليم ڏيڻ لاءِ پگهار تي مقرر ڪندو ته اُن بابت هيٺيون احوال لکي موڪليندو :-
(1) نالو، پيءُ جو نالو ۽ ذات (2) وطن
(3) عمر (4) ڪيترا درجا پاس ڪيل ۽ ڪهڙي اسڪول مان؟
(5) اڳي ڇا ڪندو هو
جيڪڏهن اُهو ماڻهو ڪڍي ڇڏي ته هڪدم اُن تاريخ جي رپورٽ ڪري ته فلاڻي تاريخ ڪڍيو ويو. جڏهن ٻيو مقرر ڪجي ته پري اُن جي مقرريءَ جي تاريخ ۽ مٿي ڄاڻايل احوال موڪلجي. اهو عيوضي پنهنجي حاضري روزمره صحيح سميت ڀريندو رهي. اُهو به بنا موڪل هرگز غير حاضر نه رهي، مگر عيوضيءَ هئڻ جي حالت ۾ هيڊ معلم يا مئنيجر بنا موڪل ڪيترو به غير حاضر رهي سگهي ٿو.
(3) سرڪاري پگهار واري نائب کي ڪلاس ورهائي ڏيڻ گهرجن. نائب پنهنجي ڪلاسن جي ڪم لاءِ جوابدار آهي.
(4) شاگردن جي حاضري روزمره نائب ڀري ۽ هيڊ معلم ڏسي ته سچي حاضري ڀريل آهي. هيڊ معلم ۽ نائب ٻئي سچن شاگردن داخل ڪرڻ ۽ سچي حاضري ڀرڻ لاءِ جوابدار آهن.
(5) نائب جو فرض آهي ته اسڪول جي بهبوديءَ لاءِ اسڪول جون سڀ حقيقتون مخفي طور عملدارن وٽ پيش ڪري.
(ملامخزن نومبر 1934ع)