وهابي ڪنهن کي ٿا ڪوٺين ؟
ڏسو ته هندوستان جي مشهور مدرسي ديوبند جي سني حنفي زبردست عالمن کي پڻ ڪن مولوين ڪافر ۽ مرتد ڪوٺيو آهي. پوءِ وهابي ڪوٺڻ ڪهڙي ڳالهه آهي. تاهم مختصر طور هيٺيون نشانيون ڏجن ٿيون.
1) وهابي انهن کي سڏيو ٿو وڃي جي حضرت رسول ﷺ ۽ صحابن سڳورن جي دين ۽ روش تي ٿا هلن ۽ انهن کي وهابي اهي ٿا ڪوٺين جي ڪتاب الله ۽ سنت رسول الله کي ڇڏي پوين صدين جي هٿرادو ٺاهيل دين تي ٿا هلن.
2) وهابي انهن کي ڪوٺيو ٿو وڃي جي ديني توڙي دنيوي علم ۽ عقل تي گهڻو زور ٿا ڏين ۽ انهن کي وهابي ڪوٺيندڙ نڪي علم جي شوق رکن نڪي ٻين کي علم پرائڻ جي ترغيب ڏين. هو چوندا ته جيڪو گهڻو علم ٿو پڙهي سو وهابي ٿي ٿو پوي.
3) وهابي انهن کي سڏيو وڃي ٿو جي قرآن شريف کي معنٰي سان پڙهن ۽ ان تي عمل ڪرڻ تي زور ٿا ڏين. انهن جا مخالف وري چون ٿا ته قرآن شريف معنيٰ سان نه پڙهن ڇو ته اهو ڏکيو آهي ۽ ڪنهن کي سمجهه ۾ نه ايندو سواءِ ڪن وڏن عالمن جي. تنهنڪري قرآن شريف بنا معنيٰ ۽ بنا سمجهڻ جي پڙهڻ گهرجي. فقط تبرڪ ۽ ثواب لاءِ پڙهجي. مگر هدايت ۽ عمل لاءِ فقه شريف ۽ ٻيا عالمن جا لکيل ڪتاب ڪافي آهن. در حقيقت قرآن شريف بالڪل سليس ۽ سولي زبان ۾ لکيل آهي. خود قرآن شريف بالڪل سولو آهي ۽ ان جون هدايتون بالڪل چٽيون آهن. اهو ئي سبب آهي جو قرآن شريف بنا ڪنهن سمجهاڻي ۽ تفسير جي سڀني عربن، پڙهيلن توڻي اڻ پڙهيلن کي ٻڌايو يا ياد ڪرايو ويندو هو. جيئن ته عرب جا ماڻهو قرآن شريف جي عربي ٻولي سمجهندا هئا تنهن ڪري بنا سمجهاڻي جي قرآن شريف پڙهندا ۽ ان تي عمل ڪندا هئا. نه رڳو عربن ۾ پر عجمي ماڻهن ۾ قرآن شريف جي اشاعت عام جام بنا تفسير جي ڪئي ويندي هئي. پر پوءِ اهڙو زمانو آيو جو يونان جي فلسفي ۽ نون زمانن جي نون خيالن جي اثر هيٺ اچي قرآن شريف جي الفاظن کي مروڙي سروڙي غلط معنائون ڪڍيائون ۽ آيتن سان ڪوڙيون روايتون ۽ هٿرادو ٺاهيل حديثون شامل ڪري بالڪل نوان خيال ۽ عقيدا پيدا ڪري ورتائون. جنهن ڪري ئي بيشمار فرقا ۽ اختلاف پيدا ٿي ويا. عام ماڻهن جي جهل ۽ ٻين سببن ڪري بدعتون ۽ نوان خيال ۽ نوان عقيدا ۽ نيون رسمون رواج ۾ اچي ويون جن جي پاڙ پٽڻ لاءِ پوءِ به قرآن شريف ڪافي هو ۽ آهي. گمراهه مولوين اڃا به وڌيڪ گهاٽ گهڙيا جيڪي چٽيون آيتون پوءِ به سندن خيالن ۽ عقيدن ۽ رسمن وغيره جي آڏو پي آيون. تن به نسبت يا ته چوندا هئا ته منسوخ آهن يا ته چوندا هوا ته انهن جي اندروني ۽ صحيح معنٰي ٻي آهي جا توهان کي سمجهڻ ۾ نه ٿي اچي حقيقت ۾ قرآن شريف جي چٽين آيتن (محڪمات) جي جيڪا ظاهري معنيٰ آهي اها ئي صحيح آهي. ڪنهن آيت يا ان جي ڀاڱي کي جدا ڪري پوءِ ان جي معنيٰ کي مروڙي سروڙي غلط تفسير ڪري سگهجي ٿو. مگر جيڪڏهن مضمون جي لاڳاپي ۽ رابطي کي ڏسجي ته ڪڏهن به معنيٰ ۽ تفسير ڪرڻ ۾ غلطي نه ٿي ٿئي ۽ سڀ مفسر جيڪر هڪ ئي معنيٰ ڪڍن ۽ پڻ جيڪڏهن قرآن شريف جي آيت وَاعْتَصِمُوۡا بِحَبْلِ اللهِ جَمِیۡعًا وَّلَا تَفَرَّقُوۡا ۪ يعني الله جي رسي (قرآن شريف) کي سڀئي گڏجي مضبوط جهليو ۽ جدا نه ٿيو يا فرقا نه ٺاهيو انهيءَ آيت تي جيڪڏهن اسان عمل ڪيون. يعني قرآن شريف کي معنٰي سان پڙهون ۽ ان تي ئي عمل ڪريون ته پوءِ فرقا ۽ اختلاف بالڪل مٽجي وڃن. مگر اسان جا ڪي مولوي اسان کي چون ٿا ته قرآن شريف کي ڇڏي ڏيو اوهان ان کي ڪين سمجهي سگهندو. انا لله وانا اليه راجعون.
4) جن کي وهابي ڪوٺيو ٿو وڃي سي بدعتن ۽ نون خيالن، عقيدن ۽ رسمن جي سخت مخالفت ٿا ڪن. پر مخالف ماڻهو انهن ۾ سخت مبتلا آهن.
5) جن کي وهابي چيو وڃي سي نيڪ اخلاق ۽ دنيوي عملي زندگي تي زور ٿا ڏين. مگر ٻيا گوشه نشيني ۽ ماٺ ڪري وهڻ کي وڌيڪ پسند ٿا ڪن.
6) جن کي وهابي ٿو ڪوٺجي تن جو مقصد آهي اتفاق، اتحاد قومي همدردي، قومي خدمت، دولت، ترقي ۽ سلطنت. مگر انهن جي مخالفن جو مقصد آهي خود غرضي، ڦوٽ، تفرقه بازي، سڃائي، ذلت ۽ غلامي.
7) جن کي وهابي ٿو سڏجي تن جو مقصد آهي اسلام جي تبليغ ڪرڻ ۽ قوم کي زور وٺائڻ مگر سندن مخالفن جو مقصد آهي ٻين جي ڪمائي تي گذران ڪرڻ ۽ قوم کي جاهل ۽ پست رکڻ.
ايترين ڳالهين ٻڌڻ بعد ان شخص چيو ته جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ جن کي وهابي ڪوٺيو ٿو وڃي سي حق تي آهن. ڇو کين گمراهه بلڪ ڪافر سمجهيو ٿو وڃي؟ مون جواب ڏنو ته سنڌ جي (بلڪ سڄي دنيا جي) ڪن فرقن مان گهڻن ماڻهن جو گذران ۽ عزت جو مدارئي ٻين ماڻهن جي ڪمائي، ٻين ماڻهن جي جهل، ڀورڙائي ۽ خوش عقيدائي تي آهي. پوءِ اهي ويچارا ڪيئن خوشيءَ سان پنهنجي مخالفن کي حق تي ڪوٺي پنهنجي گذران ۽ عزت جي آڏو ايندا. اسلام جي اوائلي زماني ۾ پير، مرده شو ملان، مڪاني درويش ۽ مجاور هئائي ڪين. جڏهن رفته. فته جهل وڌي ويو تڏهن اهي فرقا ٺهيا ۽ انهن فرقن جو گذران ئي آهي ٻين جي ڪمائي تي. جڏهن ماڻهو قرآن شريف معنيٰ سان پڙهن ۽ اصلوڪي اسلام تي هلن ته پوءِ انهن ويچارن جي پيدائش ۽ عزت خاڪ ۾ ملي ويندي. پوءِ هو ڇو نه پنهنجي مخالفن کي وهابي ۽ ڪافر ڪوٺيندا.
هاڻي هندوستان ۾ هڪ فرقو آهي جو فقه شريف يا ڪنهن خاص امام جي تعليمات تي هلڻ بدران سئون سڌو قرآن شريف ۾ صحيح حديثن تي هلڻ پسند ٿو ڪري. انهن کي به اهل حديث سڏيو وڃي ٿو. انهن کي وهابي يا گمراهه يا ڪافر سڏڻ سراسر بي انصافي آهي. جيڪڏهن هي گمراهه آهن ته پوءِ اصحاب سڳورا ۽ تابعي سڳورا يعني سڀني اوائلي مسلمانن کي ڇا چئجي ۽ جي پڻ قرآن ۽ حديث تي عمل ڪندا هئا. چار امام ته پوءِ پيدا ٿيا ۽ فقه شريف به پوءِ ٺهيو. فقه شريف جو بنياد به قرآن شريف ۽ حديثن تي ٻڌل آهي. مگر فقه شريف ۾ ڪي فروعي ڳالهيون اهڙيون به آهن جي پوين جي قياس تي ٻڌل آهن. اُهي ڳالهيون ڪي اهڙيون ضروري ناهن. مکيه ڳالهيون اهي ئي آهن جي قرآن شريف ۽ صحيح حديثن ۾ آهن. پوءِ سنئون سڌو انهن تي عمل ڪرڻ جيڪڏهن گناهه آهي ته اوائلي مسلمان به گنهگار هئا. حقيقت ۾ سنئون سڌو قرآن شريف ۽ حديثن تي هلڻ ۾ ئي وڌيڪ سلامتي آهي. مان پنهنجي سر فقه شريف کي چڱو ٿو سمجهان جو ان ۾ مسئلن کي ترتيب هيٺ آڻي عام مسلمانن جي رهنمائي ڪئي ويئي آهي. منهنجو فقط اهو خيال آهي ته فقه مان اُهي ڳالهيون ڌار ڪجن جن جو بنياد قرآن شريف ۽ حديث تي نه آهي پر هي ڪم وڏن عالمن جي ڪانفرنس کي ڪرڻ گهرجي. پر مان اهل حديث کي هرگز گمراهه ڪو نه ٿو سمجهان. هو انهي ئي اسلام تي هلڻ چاهين ٿا جنهن تي اصحاب سڳورا هلندا هئا.
توهان کي ٻڌي عجب لڳندو ته وهابي لفظ اصل آيو ڪٿان. عرب ملڪ ۾ هڪ نجد جو علائقو آهي جتي هڪ شخص محمد بن عبد الواهاب پيدا ٿيو. هن بدعتن ۽ بدرسمن جي مخالفت ڪئي ۽ انهن کي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيو. نجدي ماڻهو انهيءَ ڪري زور وٺڻ ۽ ترقي ڪرڻ لڳا. ترڪن سياسي سبب جي ڪري هنن کي بدنام ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا ڪيو ۽ کين محمد بن عبدالواهاب جي نالي پٺيان وهابي ڪوٺيو. ان کان پوءِ دنيا جي ڪنهن به اسلامي ڀاڱي ۾ ڪو به مصلح يعني سڌاريندڙ پيدا ٿو ٿئي يا جيڪي به ماڻهو بدعتن ۽ بدرسمن جي برخلاف ٿا وڃن يا پيرن مرده شو ملن، فقيرن ۽ مجاورن جي گذران جي وسيلن جي آڏو ٿا اچن تن کي وهابي ڪوٺيو ٿو وڃي. اگرچه هنن ڪڏهن به محمد بن عبد الواهاب جو نالو نه ٻڌو هجي ۽ نه سندس تصنيفون پڙهيون هجن.
خود نجدي پاڻ امام احمد بن حنبل جي مذهب جا پيروڪار آهن. هو قرآن شريف جي انهي تفسير کي پسند ڪندا آهن جيڪو امام ابن ڪثير جو ٺاهيل آهي. هو ڪتاب الله ۽ سنت رسول الله تي هلڻ جي ڪوشش ڪندڙ آهن. جهڙا اهو اسلام جي رڪنن يعني نماز روزي زڪوات ۽ حج تي مستحڪم آهن تهڙو دنيا جو ڪو به ٻيو اسلامي ملڪ ڪونهي سندن اخلاق سڄي دنيا جي مسلمانن کان بهتر آهن. چوري، زنا، نشو، جوا، ڪوڙ، دغا، وعده شڪني، جهيڙن فسادن وغيره وغيره کان جيتري قدر هو پري آهن اوتري قدر دنيا جو ٻيو ڪو به ڀاڱو ڪو نه هوندو. سياسي نظام ۽ انتظام ۽ امن ۽ رعيت پروري جهڙي اتي آهي تهڙي دنيا جي ڪنهن به اسلامي خواه غير اسلامي ملڪ ۾ بالڪل ڪانهي. تنهن هوندي به جيڪڏهن هو گمراهه آهن ته کين الله تعاليٰ وٽ حساب ڏيڻو پوندو. والله اعلم بالصواب.
(توحيد آگسٽ 1935ع)