ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

فقهه شريف

حضرت مولانا مولوي محمد صادق صاحب مدظله تازي ”الوحيد“ ۾ لکڻ فرمايو آهي ته اخبار ”الوحيد“ ۾ مسٽر علي خان صاحب جو مضمون ڇپيو هو جنهن ۾ هن پنهنجي مضمون ۾ فقه شريف ۾ ترميم جي خواهش ڏيکاري هئي. جيتري قدر مون کي ياد آهي، مون ته فقط هيترو لکيو هو ته فقه شريف ۾ جيڪي جيڪي ڳالهيون اهڙيون آهن جيڪي قرآن مجيد ۽ حديث ۾ نٿيون ملن سي الڳ ڪري رکجن. مونکي ارمان آهي ته مون غلطي ڪري اهي لفظ لکيا. منهنجو مضمون فقه شريف بابت نه هو پر تعصب ۽ جاهلائي بابت هو. جو جاهل ماڻهو سڀ ڪنهن پڪي ۽ چڱي پڙهيل مسلمان کي وهابي ۽ گمراهه ڪوٺي سڄي خدا جي خلق کي گمراهه ڪري رهيا آهن. اهي جاهل نه رڳو نجدين کي، اهلحديث کي ۽ غير مقلدن کي بلڪه پڪن حنفي مسلمانن کي به وهابي ۽ گمراه سڏي رهياآهن. ديوبندي عالمن کي جيڪي پڪا حنفي آهن، تن کي نه رڳو وهابي پر مرتد ۽ ڪافر سڏي رهيا آهن. نه رڳو ايترو پر اها به فتويٰ ڏني اٿن ته جيڪو انهن کي مرتد ۽ ڪافر نه سمجهندو سو به ڪافر آهي. خود حضرت مولانا محمد صادق صاحب مدظله کي عام طرح وهابي ۽ وهابين جو سردار سڏيو ٿو وڃي. منهنجو عقيدو آهي ته سڀ ڪو ڪلمي گو مسلمان آهي. جنهن کي به قرآن شريف تي ايمان آهي سو پڪو مسلمان آهي. اسلام ۾ فرقا آهن ئي ڪونه اسان سڀني کي فقط مسلمان سڏائڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان ۾ اختلاف آهن ته اُهي گهڻو ڪري فروعي آهي. اُهي اختلاف هن ڪري آهن جو هر ڪنهن جي سمجهه پنهنجي آهي، ڪي گهٽ پڙهيل آهن، ڪي وڌيڪ ۽ ڪي خود غرض پيٽ پالو آهن. ته ڪي وري غني ۽ بي پرواه آهن. جن مسئلن جو تعلق جماعت سان آهي تن بابت سڀني مسلمانن کي اجماع امت تي ضرور هلڻ گهرجي.جيڪو جماعت کان ڇڄندو ۽ جدا فرقو ٺاهيندو تنهن بابت ڇاچئجي تنهن کان مان هن وقت حذر ٿو ڪريان، باقي جن مسئلن جو جماعت سان ڪو تعلق ڪونهي، تنهن بابت وڏا عالم اختلاف ڪن ته بجا آهي پر اهو اختلاف عوام الناس جي ڪنن تائين پهچڻ ئي نه گهرجي. نڪي اُنهن تي ايترو زور ڏيڻ گهرجي. مثلاً عالمن جو خيال هو ته ايمان ۾ سڀ مسلمان حضرت ابوبڪر صديق رضي الله سان برابر آهن ۽ ڪن جو خيال هو ته نه عوام الناس کي ته اهڙن مسئلن ۾ به تقليد کانسواءِ چاروئي ڪونهي. باقي عالمن کي زبردستي سان ته ڪونه چئبو ته هروڀرو پنهنجي ضمير جي خلاف هي عقيدو رک يا هروڀرو هن طرح عمل ڪر! هن وقت اهڙن فروعي مسئلن تي بحث ڪرڻ جو مثال اهڙو آهي جهڙو قسطنطنيه جي پادرين جو لکيو اٿن ته جنهن وقت مسلمانن قسطنطنيه فتح پي ڪيو، تنهن وقت پادري هن بحث ۾ مشغول هئا ته عيسيٰ ابن خدا (نعوذبالله) جو ٽورو يا پيشاب پاڪ هو يا پليت. هڪڙي ماڻهو کي نمونيا جي بيماري هجي ۽ حالت خوفناڪ هجي پر ان سان گڏ پير ۾ هڪڙو ننڍي ۾ ننڍو ڪنڊو لڳل هجيس. پوءِ حڪيم نمونيا ڇڏي ڪنڊي جي بحث ۾ لڳي وڃن ته انهن حڪيمن کي ڪير عاقل سمجهندو . هوبهو اها حالت آهي اسان جي قوم جي. اسان ۾ جهل ايترو آهي. جو 100 مان 99 ماڻهن کي ڪلمه جي معنيٰ به ڪانه ٿي اچي.100 مان 99 ماڻهو مڪانن جي جاهل ڀنگ چرس نوش ڪندڙڻ کي برحق ٿا سمجهن. قوم بدعتن ۽ بد رسمن جي ڪري ذليل ۽ تنگ حال ٿي رهي آهي. بداخلاقين جهڙوڪ فسادن، چوري، نشو، زنا، وڙهڻ، گاريون ڏيڻ، خون ڪرڻ، پرائو حق کائڻ، ظلم ڪرڻ، مڪرن ۽ فريبن سان ماڻهن کي ڦرڻ وغيره وغيره جي ڪري قوم تباهه ٿي رهي آهي. اهڙي وقت ۾ اصلاحي ڪمن کي ڇڏي فروعي مسئلن ۾ پوڻ بلڪل نامناسب آهي. ضرورت اها آهي ته جنهن قرآن مجيد کي قوم قطعاً ڇڏي ڏنو آهي، تنهن ۾ قرآن پاڪ جي اشاعت ڪئي وڃي. قرآن مجيد جي هڪ هڪ آيت بلڪل ننڍڙا جملا به قوم کي ترقي جي معراج تي پهچائي سگهن ٿا. ضرورت آهي رڳو عمل جي نه بحثن جي. رڳو لا الهٰ الا الله تي عمل ٿئي ته قوم سڄي دنيا ۾ سربلند ٿي وڃي. رڳو اياڪ نعبد تي عمل ٿئي ته الاجي ڇا ٿي پوي. و ايالڪ نستعين تي عمل ٿئي ته قوم سڀني بدعتن کان ڇٽي پوي. ٻيون ڪي آيتون سنڌيءَ ۾ ٿو ڏيان جن تي عمل ڪرڻ سان اسان جي قوم جيڪر ٿوري ئي وقت ۾ اعليٰ عروج حاصل ڪري ڇڏي.
”مؤمن فقط اهي آهن جيڪي الله ۾ ايمان ٿا رکن. شڪ نٿا آڻين ۽ پنهنجن جان ۽ مال سان جهاد ٿاڪن. الله جي رسيءَ کي سڀئي گڏجي مضبوط جهليو ۽ جدا جدا نه ٿيو. سڀ مومن ڀائر آهن پوءِ انهن جي وچ ۾ صلح ڪرايو ۽ خدا کان ڊڄو ته توهان تي رحم ڪيو وڃي. اجايا خرچ نه ڪريو تحقيق اجايو خرچ ڪندڙ شيطانن جا ڀائر آهن.“
وري زور سان عرض ٿو ڪريان ته قرآن شريف جو صحيح ترجمو ۽ تفسير مختلف نمونن ۾ عوام النا س ۾ شايع ڪرڻ گهرجي. ۽ عمل ۽ اصلاح تي زور ڏيڻ گهرجي. باقي دقيق ۽ فروعي مسئلن تي ههڙي نازڪ وقت ۾ وقت وڃائڻ ائين آهي، جيئن نمونيا جي علاج کي ڇڏي ڪنڊي تي بحث ڪرڻ.
مان پنهنجي سر فقهه جي فائدي ۾ آهيان. پر ان بابت جيڪي منهنجا خيال آهن سي وڏن زبردست علامن مجتهدن جي پيش ڪرڻ جهڙا آهن نه عوام الناس جي اڳيان رکڻ جهڙا. منهنجو خيال آهي ته الوحيد“ ۾ اختلافي مسئلن تي بحث نه ڪيو وڃي. فقط عوام لناس جي اصلاح بابت مضمون وڌا وڃن. حصرت مولانا مولوي محمد صادق صاحب مدظله لاءِ مونکي نهايت عزت ۽ احترام آهي. هو صاحب مون کي اميد ته معاف ڪرڻ فرمائيندو. جيڪڏهن مان ادب سان عرض ڪريان ته اهڙي قسم جا مضمون الوحيد ۾ شايع ڪرڻ نه فرمائي.
(توحيد آڪٽوبر 1935ع)