ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

وهابيت

ڪو زمانو اهڙو هو جو گهڻا مولوي صاحب ٿوري ئي اختلاف سبب ٻين کي ڪافر سڏيندا هئا. پوءِ جڏهن ترڪن سياسي سببن جي ڪري نجدين کي بدنام ڪرڻ جو پروپيگنڊا شروع ڪيو تڏهن ”وهابي“ لفظ ايجاد ڪيائون. ڇو ته نجدين جو اصلاح عبدالعزيز بن عبدالوهاب ڪيو هو. جڏهن اهو لفظ مشهور ٿيو تڏهن سنڌ ۽ هند ۾ به ٿوري گهڻي اختلاف سبب ڪافر جي بدران وهابي جو خطاب ملڻ لڳو. مشهور قصو آهي ته بهاولپور ۾ هڪڙي خود غرض مولويءَ ڪنهن هندو دڪاندار تي وهابي هئڻ جي تهمت رکي ته هن جو واپار ئي بيهي ويو.
جڏهن مون کي اسلام جو علم تمام ٿورو هو ته به اصلاحي مضمون لکڻ شروع ڪيم. تڏهن هڪڙي مضمون ۾ لکيم ته پيرن سڳورن کي حضرت رسول الله ﷺ جن ۽ اصحابن سڳورن واري سادگي ۽ مساوات جي روش اختيار ڪرڻ گهرجي، قرآن مجيد معنيٰ سان پڙهڻ گهرجي، ان تي عمل ڪرڻ گهرجي، ۽ مريدن کي به انهن عملن ڪرڻ جي تلقين ڪرڻ گهرجي، خصوصا تعليم حاصل ڪرڻ لاءُ مٿن زور رکڻ گهرجي ۽ ڀرم سنسا ۽ بد رسمون ڪڍي ڇڏڻ گهرجن وغيره وغيره. هڪڙي مولويءَ جمع نماز بعد ان مضمون مان ٻه ٽي جملا پڙهي چيو ته: ”ڏسو ته هي ڪهڙا نه وهابي پيرن جا منڪر پيدا ٿيا آهن.“ حقيقت هيءَ آهي ته ان مضمون ۾ نڪو پيرن تي حملو ڪيل هو نڪي سندن بدعملن جي اپٽار ڪيل هئي نڪا ڪا سندن مخالفت ڪيل هئي. مون ته بلڪل چڱي نيت سان کين مشورو ڏنو هو ته قوم جي اصلاح ڪن.
انهيءَ زماني ۾ حڪيم پير ارشاد الله شاهه جو هڪڙو ڪتاب پڙهيم جنهن ۾ صوفي فقيرن جي ذڪرن ۽ تصورن جو بيان ڏنل هو. مون عالمن کان پڇيو ته اهي ذڪر فڪر ڪنهن سکاريا. عالمن هڪ ٻئي کان پڇيو تانجو اهو سوال پاٽ شريف تائين پهچي ويو ۽ اُتي جي وڏي عالم سڳوري جواب ڏنو ته اهو علي خان وهابي اٿو، انهيءَ کي ڇڏي ڏيو يعني ته انهيءَ کي جواب ئي نه ڏيو. گهڻا سال پوءِ انهيءَ تي منهنجو هڪ مضمون توحيد ۾ شايع ٿيو. تنهن تي ڪنهن عالم جواب موڪليو سو پڻ توحيد ۾ شاعري ٿيو ۽ مرحوم وفائي صاحب ان تي نوٽ هنيو ته مسٽر علي خان جو سوال آهي ته اُهي ذڪر فڪر ڪنهن سيکاريا ۽ قرآن مجيد يا حديثن يا فقه ۾ انهن جو ڪوبه حوالو آهي ڇا؟ انهيءَ سوال جو جواب ته توهان بلڪل ڪونه ڏنو آهي.
هڪڙي ڀيري هڪڙي وڏي مجلس ۾ مون کان پڇيو ويو ته وهابي ڪنهن کي ٿو ڪوٺيو وڃي؟ مون جواب ڏنو ته سنڌ ۾ ته انهيءَ کي وهابي چيو ٿو وڃي جو فقط حضرت رسول الله ﷺ جن ۽ اصحابن سڳورن جي طريقي ۽ تي ۽ قرآن ۽ سنت تي هلڻ چاهي ٿو ۽ بدعتن کان يعني پوءِ ٺاهيل نئين ڳالهين کان بيزاري ٿو ڏيکاري. حديث سڳوري آهي ته ڪل بدعه ضلال- يعني سڀ ڪا بدعت گمراهي آهي. حاضرين چيو ته جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ اهي ماڻهو ته حق تي آهن پوءِ انهن کي ڇو ٿو وهابي ڪوٺيو وڃي. مون جواب ڏنو ته جيڪڏهن انهن ماڻهن جا خيال قبول ڪيا ويندا ته ملن، فقيرن مجاورن ۽ پيرن جي دڪانداريءَ ۽ عزت کي ڌڪ ٿو لڳي، تنهنڪري اهي فرقا انهن ماڻهن جي مخالفت ٿا ڪن ۽ عوام کي به انهن جي برخلاف ٿا ڪن. ويچارا عوام بي علم آهن تنهنڪري اُهي انهن ئي چئن فرقن جي دام ۾ گرفتار آهن. حقيقت هيءَ آهي ته اسلام جي اوائلي زماني ۾ اُهي فرقا هئا ئي ڪونه. انهن جي خيالن ۽ فتوائن کي ته انهن ڳالهين ۾ وزن ئي ڏيڻ نه گهرجي جيڪي سندن فائدي سان تعلق رکن ٿيون. خودغرضي انسان کي انڌو ڪندڙ آهي. ڪورٽ ۾ به غرض واري جي شاهدي قبول نه پوندي آهي. ميونسپالٽين ۽ اسيمبلين ۾ به انهن ميمبرن جو ووٽ نه ورتو ويندو آهي جن جو ڪنهن ڳالهه سان ڪو ذاتي تعلق هوندو آهي.
(توحيد- مئي 1951ع)