علامه علي خان ابڙو جا خط مولانا دين محمد وفائي مدير “توحيد” ڏانهن
جناب مولوي دين محمد صاحب مدير رساله “توحيد“
بعد اسلام عليڪم جي عرض ته ”توحيد“ جو پهريون نمبر عنايت ٿيو. بي انتها خوشي حاصل ٿي. ٻه رپيا چند و اڄ موڪليو ويندو. اڄ ئي جيڪب آباد ۾ پنهنجي دوستن کي توحيد جو پهريون نمبر ڏيکارڻ ويس جن رساله گهرائڻ وڏي خوشي سان قبول ڪيو. مهرباني ڪري کين پهريون نمبر ڏياري موڪلڻ فرمائيندا. ٻيا دوست اڄ نه ملي سگهيا. اميد ته هتان لاڙڪاڻي مان اٽڪل ويهه دوست اهڙا لڀي سگهندا جي خوشيءَ سان ”توحيد“ جا خريدار ٿيندا.
تبليغ هڪ وڏي ۾ وڏو اسلامي فرض آهي. بلڪه سچو جهاد آهي، مگر تبليغ فقط غير مسلمانن لاءِ محدود سمجهڻ نه گهرجي. اڄ ڪلهه خود اسان مسلمانن جي اهڙي نازڪ حالت آهي جو مسلمانن ۾ ئي سچي اسلام جي اشاعت ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي، مسلمان 95 في سيڪڙو بلڪل جاهل آهن، جيڪي پڙهيل آهن سي وري گهڻو ڪري سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهيا آهن. جتي اسلام جو الف به ڪونه سيکاريو وڃي، ٻيا ته ڇڏيو پر ماستر به گهڻا اهڙا لڀندا جن کي ڪلمي شريف جي معنى به نه ٿي اچي. انگريزي دانن ۾ وري اهڙابه آهن جي مذهب کي پاڳلپڻو ٿا سمجهن، اهڙي حالت تي ويچار ٿو ڪجي ته مايوسي وٺيو وڃي، مگر مايوسي ۽ اسلام متضاد الفاظ آهن، فقط هڪڙوئي سچو مسلمان ڪم کي لڳي وڃي ته خدا تعالى جي اعانت سان انقلاب پيدا ڪري ڇڏي.
منهنجو عرض آهي ته هن رساله ۾ گهٽ ۾ گهٽ ۾ ٽي صفحه سيرت النبي ﷺ لاءِ ڪيا وڃن ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻه صفحا قرآن مجيد جي ٿورين آيتن جي معنى ۽ سمجهاڻي لاءِ رکيا وڃن. انهيءَ لاءِ ته مسلمانن خواهه غير مسلمانن کي رسول ﷺ جن جي حميده صفات ۽ قرآن مجيد جي اعلى تعليمات ۽ خوبين جي واقفيت حاصل ٿيندي وڃي.
مگر سوال آهي ته رسالو ڪيترن مسلمانن غيرمسلمانن وٽ پهچي فيض جو ڪم ڏيندو. مون قوم جي خدمت ۾ بار بار عرض پيش ڪيو ته جيستائين تنظيم جو ڪم هٿ ۾ نه کنيو ويندو تيستائين ڪابه ترقي ڪرڻ نهايت محال آهي. تنظيم جو پهريون ڏاڪو آهي هر هڪ مسجد کي مرڪز بنائڻ. جيڪڏهن هر هڪ مسجد جا جماعتي گڏجي هڪ اسلامي رسالو ۽ هڪ اسلامي اخبار گهرائي مسجد شريف جي حجري ۾ رکن، ته نهايت آسانيءَ سان تنظيم ڪري سگهن ٿا. گهر گهر تي فقط پيسو يا ٽڪو يا آنو ماهوار چندو رکجي، جيڪا رقم جمع ٿيندي تنهن مان نه رڳو هڪ رسالو ۽ هڪ اخبار گهرائي سگهبي، مگر بچت مان ٻيا ڪم به ڪري سگهبا. منهنجو عرض آهي ته عالم سڳورا ۽ ماستر ۽ معلم هن ڪم کي لڳي وڃن ۽ پنهنجي پنهنجي ڳوٺ ۾ اهو ڪم شروع ڪري ڏين. ٻي وڏي ضرورت هيءَ آهي ته اسان جي ٻچن کي اسلامي تعليم ضرور هئڻ گهرجي. اسڪول بورڊن جي ميمبرن کي عرض ڪجي ته گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڪلاڪ هفتي ۾ ديني تعليم کي ڏنا وڃن ۽ جناب مولوي فتح محمد صاحب جا ڪتاب پاڙهيا وڃن.
افسوس آهي ته اڄ ڪلهه ڪن ماڻهن تبليغ ۾ شڌي تحريڪ جي باري ۾ قومي عداوت جو خيال پيدا ڪري وڌو آهي. هندو ڌرم ۾ اگرچه شڌي جائز نه آهي ته به ڪي هندو صاحب اسلام تي حملا ۽ شڌي جو پرچار فقط هن نيت سان ٿا ڪن ته هندن جو عدد گهٽجڻ بدران وڌي ۽ مسلمانن سان مقابله ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون. اها نيت نهايت ڌڪار جوڳي آهي ۽ نهايت نقصان ڪار نتيجا پيدا ڪندي. اميد ته مسلمان انهيءَ نيت کان پاڻ بلڪل صاف پاڪ رکندا. نيت فقط هي رکڻ گهرجي ته مسلمان خواهه غير مسلمان سئين راهه تي اچن ۽ دنيا ۽ آخرت جي بهبودي ۽ خوشنودي حاصل ڪن ۽ الله تعالى جو راضپو ۽ ديدار نصيب ٿين. فقط تعداد وڌيو ته ڇا ٿي پيو. هن وقت دنيا ۾ اٽڪل پنجاهه ڪروڙ مسلمان آهن. مگر انهن پنجاهه ڪروڙ جي بدران فقط پنجاهه مسلمان اصحابن سڳورن جهڙا خصوصاّ سيدنا ابوبڪر صديق جهڙا هن وقت موجود هجن ها ته الله تعالى جي اعانت سان سڄي دنيا ۾ ڪروڙ سچا مسلمان پيدا ڪري ڇڏين ها ۽ غيرمسلمان يا ته ساڻن سچي صلح ۽ دوستي ۾ رهن ها يا ته وڙهي فنافي النار ٿي وڃن ها. ڏسو ته وائلي عرب مسلمان فقط چند هزار هئا، رسول ﷺ جي وصال وقت هر طرف، خود عربستان ۾ چوڌاري بغاوت ڦهلجي وئي ته ٻئي پاسي قيصر ۽ ڪسرى دنيا جا زبردست شهنشاهه مسلمانن کي پائمال ڪرڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيا. مگر نتيجو هي نڪتو جو بي سرو سامان مسلمانن ساڳي ئي وقت بغاوتين کي به مغلوب ڪيو ۽ صرف ستن سالن اندر ڪسر ى جي سڄي سلطنت ۽ قيصر جي جو وڏو حصو به قبضو ڪري ورتو. تنهنڪري اسان کي تعداد جي ايتري ضرورت ناهي جيتري پاڻ کي سچي مسلمان بنائن جي. جيڪڏهن اسان سچا مسلمان ٿيون ته اسان هر طرح خوشحال ٿي وڃون ۽ ڪابه قوم اسان جو وار به ونگو نه ڪري سگهي. بلڪه سڀ قومون جوق درجوق اسلام ۾ داخل ٿي وڃن.
اسلام جي تبليغ اسان جي هندو ڀائرن کي غصه ۾ بيتاب ڪري ٿي ڇڏي، مگر خبر ناهي ته ڇو؟ فطرتاّ هر ڪو انسان پنهنجي خيال جي اشاعت ڪري ٿو خوش ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪوبه انسان سندس خيال قبول ڪري ٿو. پوءِ جيڪڏهن ڪو مسلمان يا هندو يا عيسائي پنهنجي پنهنجي مذهب جي تبليغ ڪري ته اهو اٽلندو چڱو ڪم آهي، مگر شرط آهي ته جائز طريقا ڪم آڻجن. زور زبردستي ڪم نه آڻجي، لالچ نه ڏجي. نڪي ننڍن ٻارن کي قبضي ۾ آڻي سندن اباڻي دين ۾ دست اندازي ڪجي.اڃا به وڏي ڳالهه آهي ته تبليغ ڪرڻ ۾ سچ ۽ انصاف کان ڪم وٺجي مثلاّ جيڪڏهن هندو صاحب ڄاڻي واڻي ڪوڙا حملا اسلام تي ڪندو رهي ۽ اگرچه مسلمانن وٽان انهن اعتراضن جو چڱو جواب کيس ملي وڃي ته به اهو جواب پنهنجي تحرير يا تقريرن ۾ نه ڄاڻائي بلڪ ساڳيا حملا ڪندو رهي ۽ پنهنجي ڌرم جون اُهي خوبيون ٻڌائيندو رهي جي در حقيقت ويدن ۾ هجن ئي ڪونه ۽ اُهي خاميون لڪائيندو رهي جي ويدن ۾ يا هندو سوسائٽي ۾ موجود هجن، ته اها پنهنجي هندو قوم سان وفاداري ناهي پر غداري آهي، چڱائي ناهي پر برائي آهي ۽ ان ۾ ترقي ناهي پر تباهي آهي. جيڪڏهن ويدن جي تعليم چڱي آهي ته ويدن جو ترجمو هندن ۽ غير هندن جي آڏو پيش ڪجي پر ترجمو به اهڙو ته هجي جنهن کي ترجمو چئي سگهجي. مسلمانن کي به اهائي صلاح ٿي ڏجي. مگر مسلمانن کي ان صلاح جي چند ان ضرورت ناهي. قرآن شريف ترجمي سان بيشمار موجود آهن ۽ رسول الله ﷺ جون سوانح عمريون به بيشمار موجود آهن، هندو صاحبن کي عرض آهي ته اُهي پڙهي پوءِ سچي نيت سان اعتراض ڪن ۽ انهن جا جواب طلب ڪن، باقي جيڪڏهن فقط تعداد وڌائڻ خيال سان حملا ڪندا ته اسلام ۽ مسلمانن کي ڪجهه به ڪري نه سگهندا. مگر پنهنجي قوم کي بي انتها نقصان پهچائيندا.
بررسولان بلاغ باشدوبس (توحيد- مارچ 1934)
(2)
بخدمت جناب ايڊيٽر صاحب رساله توحيد
بعد السلام عليڪم جي عرض ته توهان صاحبن منهنجي مضمون شائع ڪرڻ بعد جيڪو نوٽ فرمايو آهي تنهن به نسبت ڪجهه هيٺ لکان ٿو جو پڻ مهرباني ڪري رساله توحيد ۾ شايع ڪرڻ فرمائيندا ته نهايت ئي احسان.
توهان صاحبن جيڪي الفاظ”ايمان بچائي خير جو وقت گذاري دنيا مان لڏي وڃڻ “ به نسبت لکڻ فرمايا آهن تن بابت منهنجو عرض آهي ته مان پاڻ سڄي حياتي اهڙن خيالن جي خلاف جهاد ڪيو آهي. مون هميشه اها تبليغ پي ڪئي آهي ته خالي الله الله ڪري صلواتون پڙهڻ، وظيفه ڪڍڻ بلڪ نماز روزا وغيره ادا ڪرڻ اسان جو رڳو هڪ جزو آهي. اسلام سڀني دنيائي امورن معاملن بابت اُهي سڀ اصول ۽ احڪام ڏئي ٿو جن تي عمل ڪرڻ سان انسان هن دنيا ۾ به اعلى درجي تي پهچي آزاد ۽ حڪمران ٿئي ٿو ۽ آخرت ۾ به جنت ۾ داخل ٿئي ٿو. اسلام نه رڳو اخلاقي تعليم ٿو ڏئي پر معاشرتي ۽ سياسي قانون، سِول ۽ فوجداري قاعدا، حڪمراني، جنگ ۽ صلح جا قانون ٿو سيکاري. دنيا جي سڀني ڪمن ڪارين جا بنيادي قانون قرآن شريف ۾ سيکاريل آهن. جيڪي مضمون تازو توهان صاحبن جي رسالي ۾ ڇپيا آهن تن ۾ به انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي. مان سمجهي نٿو سگهان ته ڪيئن ايتريقدر غلط فهمي پيدا ٿي آهي.
توهان صاحبن پوءِ لکڻ فرمايو آهي ته جيڪڏهن سچي مسلمان جي اها معنى ڪڍجي جا مسٽر علي خان هتي سمجهائي آهي ته پوءِ مايوسي ۽ نااميدي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه ايندو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ نموني جا سچا مسلمان نڪي هن زماني ۾ پيدا ٿيندا نڪا خودحڪومت حاصل ٿيندي. مگر منهنجي سڀني مضمونن جو نچوڙ هي آهي ته قرآن شريف تي عمل ڪرڻ سان سڀ ڪجهه حاصل ٿي سگهي ٿو. ائين آهي ڇا ته عياشي، سُستي، بداخلاقي، نفاق، خود غرضي، ٺڳي، منافقي ۽ هڪ ٻئي سان وڙهڻ ۽ گلا ڪرڻ سان ئي ترقي ڪري خود حڪومت حاصل ڪري سگهنداسين نه نيڪ اخلاقن، ايثار، جان نثاري، اتحاد ۽ اطاعت امير وغيره سان؟ منهنجو اهو مطلب به ڪونه آهي ته جيستائين مسلمان بااخلاق ۽ سچا مسلمان نه ٿيا آهن تيستائين هٿ تي هٿ رکي ويٺا هجن. آزادي ۽ خود حڪومت لاءِ گڏجي نظام ٺاهي جهاد ڪرڻ سوبه ته قراني تعليم ۾ داخل آهي. مطلب ته سڀني قرآني حڪمن تي هڪدم عمل شروع ڪري ڏجي عمل کان سواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. مان به انهيءَ تي ايمان ۽ انهن ئي عملن جي تبليغ ٿو ڪيان جن جي ذريعه اوائلي مسلمانن رومته الڪبرى ۽ ايون ڪسرى تي قبضو ڪيو. اُهو ايمان ۽ اُهي اعمال قرآن شريف ۾ ڪونه سيکاريل آهن. ڇا؟ منهنجو عقيدو آهي ته دنيا ۾ ترقي، آزادي ۽ حڪومت جا بنيادي قانون ۽ وسيلا سڀ قرآن شريف ۾ موجود آهن جن تي عمل ڪرڻ لاءِ مسلمانن تي فرض آهي ته يڪمشت ٿي نظام ٺاهي گامزن ٿين. توهان صاحبن وڌيڪ لکڻ فرمايو آهي. ته ” جنهن ايمان ۽ اعمال سان اوائلي مسلمانن بلندي حاصل ڪئي سو فقط ڪلمون پاڪ يا صرف پرهيزگاري نه هئي پر ٻيو به ڪجهه هو جنهن جو شرح ولي اللهي رنگ ۾ حضرت امام عبيدالله سنڌي قدس سره جي سمجهايل طريقه تي اسان هن رساله جي ذريعه پيش ڪندا رهندا آهيون“ مان وري انهيءَ خيال جو آهيان ڇا ته رڳو ڪلمون پاڪ پڙهڻ ۾ گناهن کان پرهيز ڪرڻ سان (مگر ڪلمو پاڪ ۽ پرهيزگاري بنيادآهن) آزادي ۽ خود حڪومت ڪنهن ڪرامتي نموني سان پاڻهي اچي جهولي ۾ پوندي؟ جئين ڪي ماڻهو سمجهندا آهن ته کيتي ۽ ٻين ڌنڌن ڪرڻ بدران خدا تي توڪل رکي ويهي الله الله ڪجي ته آسمانن مان قسمن قسمن جا طعام لهي اچي اڳيان پون؟ مگر ايترو ضرور چوندس ته جيڪڏهن اسان بدا اخلاق هونداسين ۽ سستي ۽ گناهن وغيره ۾ غلطان هونداسين ته ڪئين اتحاد ۽ نظام قائم ڪري انهن رستن تي گامزن ٿينداسين جي آزادي ۽ خود حڪومت تائين پهچائيندا؟ آزادي ۽ خود حڪومت حاصل ڪرڻ بابت ولي اللهي فلسفو جيڪڏهن قرآن شريف جو مخالف آهي (مخالف هرگز نه هوندو) ته پوءِ ڪوبه مسلمان ان ڏي نهاريندو به نه. پر جيڪڏهن قرآن شريف کان مخالف ته نه آهي پر بلڪل الڳ آهي يعني جيڪڏهن قرآن شريف ۾ ان بابت ڪجهه به نه آهي ته پوءِ ائين سمجهبو ڇا ته قرآن شريف اهڙو نامڪمل آهي جو اسان کي هڪ وڏي ۾ وڏي ضرورت ۽ نعمت بابت ڪابه هدايت ڪانه ڏني اٿس. شايد توهان صاحب چوندؤ ته قرآن شريف ۾ سڀ ڪجهه آهي مگر قرآن شريف کي سمجهڻ محال آهي ۽ اها حقيقت فقط حضرت شاهه ولي الله ؓ ئي قرآن شريف مان استنباط ڪري سمجهائي آهي. پر مان چوان ٿو ته قرآن شريف ۾ الله تعالى فرمائي ٿو ته قرآن شريف ۽ اُن جون آيتون مُبين (چٽيون ) چٽائي ڪندڙ آهن. گهڻيون ئي آيتون محڪمات آهن ۽ اوا مر ۽ نواهي به سماجي فهم وارن ماڻهن لاءِ بلڪل چٽا آهن، تاهم ولي اللهي فلسفه تي غور ڪرڻ عالمن ۽ سياسي ليڊرن جو ڪم آهي.
توهان صاحبن لکڻ فرمايو آهي ته: ”انهيءَ نموني جا سچا مسلمان نڪي هن زماني ۾ پيدا ٿيندا ۽ نه ڪا خود حڪومت حاصل ٿيندي. گويا هي مضمون مسلمانن لاءِ اڳتي وڌڻ جي بجاءِ هڪ نااميدي جو آئينو آهي، جنهن ۾ پنهنجا افعال ڏسي پوئتي هٽبا نڪي اڳتي وڌندا.“ جيڪڏهن منهنجو مضمون قرآن شريف تي ٻڌل آهي ته پوءِ ائين چئبو ته قرآن شريف ئي نااميديءَ جو آئينو آهي. حالانڪ الله تعالى فرمائي ٿو ته لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْمَۃِ اللهِ ؕ. اڄو ڪا مسلمان ڪهڙا به ڪريل آهن مگر جيڪڏهن سچي نيت سان قرآن شريف تي عمل ڪرڻ شروع ڪن ته الله تعالى سندن رهنمائي ڪري کين اوج تي رسائيندو. اها ڳالهه منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي ته ڪيئن مسلمان قرآن شريف جي حڪمن کي سامهون رکڻ سان پوئتي هٽندا ۽ اڳتي نه وڌندا؟
آخر ۾ مان خلوص نيت سان استدعا ٿو ڪيان ته مهرباني ڪري اسان مسلمانن کي آگاهه ڪرڻ فرمائيندا ته شاهه ولي الله ؓ آزاديءَ ۽ خود حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙا حيلا وسيلا سيکاريا آهن. انهن مان ڪهڙا قرآن شريف مان ۽ ڪهڙا پنهنجي مغز مان ڪڍيا اٿس.
(علي خان ابڙو)
نوٽ از مدير ”توحيد“
مسٽر علي خان ايم اي منهنجو هڪ جهونو مهربان ۽ درد رکندڙ مسلمان آهي، آئون جڏهن 1918ع ۾ لاڪاڻي مان حضرت پير حڪيم عبدالقادر شاهه راشدي جي رفاقت ۾ ”الڪاشف“ رسالو ڪڍندو هوس ته ان وقت به محترم علي خان جا اصلاحي مضمون الڪاشف ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا. مسٽر علي خان ملازمت هوندي به سمورو توجه سنڌ جي مسلمانن جي سڌاري تي خرچ ڪيو آهي. فجز اه الله خير الجزاءِ مگر افسوس هي آهي ته سنڌ جي مسلمانن جي حالت مرڳو ئي ٻئي رنگ ۾ بدلجي رهي آهي. يعني ته اسلام تي پابندي جا جيترا به وعظ ڪيا وڃن ٿا تن جو اثر مرڳوئي ابتو نڪرندو رهي ٿو. يورپين تهذيب ۽ مغربي تعليم جي برڪت سان سمورو معاملو هڪ ٻيو رنگ اختيار ڪري رهيو آهي.
مرض بڙهتا گيا جون جون دوا کي.
دنيا ۾ مسلمانن جي سڌاري لاءِ جيڪي به تحريڪون اٿيون آهن تن، سمورين جو بنياد هميشه ملڪي طاقت هٿ ڪرڻ واري نقطي تي هوندو آهي. يعني جيستائين ڪابه قوم ملڪي طاقت جي مالڪ نه آهي تيستائين هو بلڪل هن لاءِ ٻڌل نه آهي ته قرآن مجيد تي عمل ڪري. بلڪه اسان جو چوڻ آهي ته غلام قومون جيڪڏهن قرآن مجيد جي فقط اخلاقي پهلوءَ تي به عمل ڪنديون رهن ته ان مان قوم کي مجموعي طرح ڪهڙو فائدو پهچي سگهي ٿو. قرآن شريف جو اصلي نقطو جهاد يا انقلاب آهي. ان کان جيڪڏهن مسلمانن جو ڪوبه گروهه غافل رهجي ويو ته آخر هو حڪومت جو مالڪ ٿي قرآن جي بنيادي ڳالهه کي ماڻهن ۾ ڪيئن پهچائي سگهندو؟
قرآن مجيد مولانا عبيدالله سنڌي جي ارشاد موجب هڪ انقلابي ڪتاب آهي. ان کانپوءِ ٻيو ڪجهه جيستائين ڪنهن ماڻهوءَ جي ذهن ۾ قرآن شريف تي عمل ڪرڻ وقت انقلاب جو نقطو موجود نه هوندو تيستائين هو قرآن مجيد کي صحيح رنگ ۾ سمجهي نٿو سگهي. انهيءَ انقلاب واري مقصد کي يورپ جون قومون سمجهن ٿيون تنهن ڪري هندستان ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو سرڪاري طرح پيدا ٿيندا رهيا آهن جو فقط قرآن جي انقلابي تحريڪ کان روڪڻ لاءِ ڪڏهن نماز تحريڪ پيدا ڪندا آهن ته ڪڏهن سيرة النبي جا جلسا سڏائيندا آهن ۽ ڪڏهن ٻيون شيون مذهبي رنگ ۾ پيش ڪري خلق جي دل کي ڇڪڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن ماڻهن جو توجه فقط ڪنهن هڪ مذهبي ڳالهه ۾ اٽڪي پئي ۽ هو قرآن شريف جي اصلي مقصد انقلاب واري کان پوئتي هٽجي وڃن.
قرآن شريف ۾ دنيائي زندگيءَ جو سمورو دستورالعمل آهي مگر ان تي جنهن جماعت شروع ۾ عمل ڪيو سا انقلابي جماعت هئي جنهن جو بنياد پهريان مڪي شريف ۾ پيو. ان کان پوءِ هن مدينه شريف ۾ پنهنجو مرڪز بڻايو.
حضرت امام عبيدالله سنڌي قدس سره ۽ شاهه ولي الله جي تعليم موجب قرآن مجيد جي انهيءَ انقلابي جماعت جو پهريون دور خليفه سوئم حضرت عثمان جي شهادت تي ختم ٿئي ٿو ۽ ان کانپوءِ زمانه جي تبديلي ۽ اسلامي تحريڪ جي وڌندڙ حالت مطابق اها جماعت جدا جدا صورتون اختيار ڪندي هلندي وڃي ٿي، تان جو انٽرنيشنل يا بين الاقوامي پوزيشن اختيار ڪري ٿي. دمشق، بغداد، بخارا، غزني، دهلي ان ئي تحريڪ جون جدا جدا شڪليون ۽ مظاهر آهن. اگرچه هنن زمانن ۾ شروعاتي ٽن خليفن جو هو بهو قدم بقدم نقشو نٿو ملي مگر انهن زمانن جو اصل مقصد آسمان کان آيل انقلابي ڪتاب جي اصولن کي رائج ڪرڻ جو هو ۽ انهيءَ بنياد تي هو فيصلا ۽ معاملا نبيريندا هئا.
حضرت مولانا عبيدالله جو ارشاد آهي ته قرآن شريف جيڪا شروع زمانه ۾ سوسائٽي قائم ڪئي انجي عبادت ۽ ان جا معاملا ڪيئن هوندا؟ تن کي جيڪڏهن صحيح رنگ ۾ ڏسڻو آهي ته اُهي سمورا فقط حديث جي ڪتاب موطا امام مالڪ ۾ ڏسجي سگهن ٿا. ان ۾ فقط مديني وارن جون روايتون آهن ۽ گهڻو ڪري اُهي شيون آهن جي حضرت عثمان جي خلافت تي ختم ٿين ٿيون.
امام مالڪ پاڻ مدينه جو رهاڪو آهي ۽ ٽي وڏا خليفا به مدينه ۾ پنهنجي خلافت جو وقت گذاري وبا هئا ۽ اهي ٽيئي خليفا ۽ سندن ساٿي حضور رسول ڪريمﷺ سان هر هڪ معامله ۾ هر وقت گڏ رهندا آيا ٿي انهن جو ڪجهه قول يا فعل پيش ڪيو يا هنن کان صادر ٿيو سو ڪتاب موطا امام مالڪ ۾ محفوظ آهي. باقي ٻيا سمورا حديث جا ڪتاب موطا جا شاهد يا شرح آهن.
حضرت مولانا سنڌي جو ارشاد آهي ته اهل سنت جماعت جي چئني مذهبن جو سرچشمو موطا امام مالڪ آهي. ڇاڪاڻ ته امام ابو حنيفه جو مذهب مرتب ڪندڙ امام محمد امام مالڪ جو شاگرد آهي. قاضي ابو يوسف به اتان فيض پرايو ۽ شافعي امام محمد کان ۽ امام مالڪ جي ٻين شاگردن کان حاصل ڪيو. امام احمد بن حنبل امام اهل سنت جماعت وري امام شافعي جو شاگرد آهي. اهڙي طرح سڀني مذهبن جو اصلي ماخذ موطا بنجي ٿي. پوءِ جيڪي مذهبن ۾ فروعي اختلاف آهن سي ملڪ ۽ ماڻهن جي حالتن موجب معمولي اختلاف آهن. باقي اصولي طور هڪ ئي ڳالهه آهي.
اصل مطلب آهي ته مسلمانن جي دنيا ۾ پکڙجڻ کان پوءِ جتي به هو پهتا آهن تن جي سامهون اصولي طرح قرآن شريف ۽ مٿس عملي صورت جو سبق موطا امام مالڪ رهيو آهي. ان کانپوءِ نون واقعن ۽ نين حالتن موافق جيترا به قانون ۽ فقه جا مسئلا ٺهيا آهن، سي مٿين ٻن اصولن پٽاندر ٿيا آهن. تنهن ڪري حضرت مولانا جي سمجهاڻي موجب اسان کي حضرت عالمگير جي دور حڪومت دهلي کي مدينه شريف جي دور اول تائين مسلسل طريقي سان ڳنڍڻ ۾ ڪابه تڪليف درپيش نٿي اچي بلڪ اسان هن چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته قرآن شريف جي تعليم ذريعي جيڪا سوسائٽي مديني شريف ۾ پيدا ٿي تنهن جي ڪم کي مسلمانن اخير وقت تائين خاص رنگ ۾ ادا ڪندا قرآن شريف جو بنيادي حڪم جاري رکندا آيا.
هاڻي ڇا ڪجي؟
هن وقت اسلامي دنيا غلامي جي زنجير ۾ جڪڙجي چڪي آهي. هنن تي يورپين غلط تهذيب جو سخت اثر پئجي رهيو آهي. هو قرآن جو نالو وٺن ٿا پر ان تي هرگز هرگز عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. نه وري ڪا اهڙي طاقت آهي جو هنن کي مجبور ڪري ته اهي اخلاق ۽ افعال ڌارين جن جو قرآن مجيد ارشاد فرمايو آهي. اڄوڪي زماني جا ماڻهو مادر پدر آزاد خيال ٿي چڪا آهن. آخر انهن کي ڪهڙي ضرورت پئي آهي جو ويهي عمدن اخلاقن حاصل ڪرڻ وارن وعظن تي ڪن ڏين. تنهن ڪري قومن جي درست ٿيڻ واري اصول موجب جيستائين هنن ۾ آزادي حاصل ڪرڻ وارو موجوده حالتن موجب انقلابي تخيل پيدا نه ٿيندو، تيستائين هو فقط وهمي طرح ڪنهن به سکڻي اخلاقي وعظ مان ڪجهه به پرائي نٿا سگهن. فرض ڪريو ته مسلمانن جي هڪ ٽولي اندر گهڻي حد تائين چڱا لڇڻ پيدا ٿي ويا آهن مگر هو گهرن کان ٻاهر نٿا نڪرن يا حجرن ۽ مسجدن ۾ پنهنجي بلند اخلاقن موجب بند ٿيا ويٺا آهن ۽ ويٺا ٿا ڌارين لاءِ دعائون گهرن ۽ قرآن شريف جي صحيح انقلابي آزادي واري اصول کان بي خبر آهن ته ڇا مڪمل اخلاق حاصل ڪرڻ کان پوءِ هنن کي حڪومت حاصل ٿي سگهي ٿي؟ هرگز نه.
قرآن کي اسان دنيا ۾ مڃائي ۽ رائج ڪري تڏهن سگهون ٿا جڏهن اسان وٽ دنيائي طاقت هجي ۽ انهيءَ دنيائي طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي اهي سڀ اصول اختيار ڪرڻا آهن جي موجوده زماني جي حالتن سارو اسان جي امداد ڪري سگهن ۽ انهن قرآن شريف جي پاران ڪوامتناعي حڪم به نه هجي.
اوهان پنهنجي وڏن جي تاريخ تي غور ڪريو ته پهرين ٽن خليفن جي زماني کان پوءِ مسلمانن ايشياتي ۽ يورپ جي ڪجهه حصي تي قبضو ڪيو ۽ آفريقا سندن هٿ ۾ آئي مگر هٿيار ۽ لڙائي جو هوبهو نمونو ۽ بدر حنين وارو ڪونه هو. پر فقط اصول ساڳو هو ته انسانيت جي خدمت لاءِ قرآن جا اصول دنيا ۾ طاقت سان پهچائڻا آهن. ان موجب حضرت امام عبيدالله جو ارشاد آهي ته موجوده زماني ۾ عدم تشدد جي ذريعي انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪجي ۽ ان کانپوءِ جو ڪجهه ملي ان کي حاصل ڪري اڳتي وڌجي. ان ريت اسلام کي هندستان ۾ دوباره زندهه ڪجي ۽ روس مان جيڪا بي ديني جي لهر ملڪ تي چڙهائي ڪندي اچي ٿي ان جو مقابلو ڪجي.
تمته بحث
اسان جو مطلب آهي ته قرآن شريف جو انقلابي اصول سامهون رکيو وڃي. ان کانپوءِ جو ڪجهه ڪرڻو هجي ان موجب ڪيو وڃي، جيڪڏهن اڄوڪي زماني ۾ هي وعظ ڪيو ويندو ته جيستائين صحابين جهڙا هوبهو مسلمان نه ٿيندا، تيستائين ڪجهه به نه بڻندو ته اسان ان جا قائل نه آهيون. اهي مايوسي جا سبق آهن جن کي غلامي پسند ماڻهو ملڪ ۾ پکيڙڻ گهرن ٿا. پر اسان جي اڳيان قرآني انقلاب جي 13 سو ورهن جي مسلسل تاريخ آهي، جنهن مان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته زماني جي حالتن ۽ ملڪن جي آب هوا ۽ جغرافيائي حالات جي لحاظ موجب جدا جدا نمونن جي مسلمانن جدا جدا رنگ ۾ قرآن جي اصلي تعليم پکيڙڻ لاءِ حڪومت جي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن ۽ هو ان ۾ ڪامياب ٿيا آهن.
خليفه عبدالملڪ بن مرو ان کان ڪن ماڻهن سوال ڪيو هو ته اوهان اڳين خليفن يعني خليفه راشدين جهڙا ڇونه بنجو ٿا ته جواب ۾ پاڻ چيو هئائين ته اوهان به انهن وڏن خليفن جهڙي رعيت بڻجو ته پوءِ آئون به اهڙو ٿي پوان!!
مطلب آهي ته ڪابه تحريڪ پنهنجي اصلي شروعاتي رنگ ۾ قائم نه رهندي آهي پر هو پنهنجي حياتي جون جدا جدا منزلون طي ڪندي آهي تنهن ڪري هوبهو صحابه ڪرام جي اخلاق حاصل ڪرڻ کانپوءِ آزادي ۽ خود حڪومت جي حصي جو انتظار ڪجي، اها هڪ اهڙي ڳالهه آهي جا اسلامي ترقي جي تاريخي فلسفي جي برخلاف آهي.
انقلابي ماڻهو ٿي ئي اهو سگهندو آهي جنهن ۾ بلندا خلاق هوندا. پوءِ جيستائين بلند اخلاق نه ايندا تيستائين هڪ بزدل ۽ گيدي ماڻهو جي دماغ ۾ انقلاب جو تصور ئي نه اچي سگهندو. اسان جو عرض آهي ته سڀ کان پهريان صحيح انقلابي هجڻ جو تصور پيدا ڪريو، ان کانپوءِ ڏسو ته ڪيئن نيڪ اخلاق حاصل ٿيندا رهن ٿا.
قرآن شريف سمجهڻ بيشڪ آسان آهي مگر اسان کي اهو قرآن جو تفسير ۽ ترجمو نه گهرجي جو رڳو غلامي پرست انسانن جو تيار ڪيل هجي جنهن جي ذريعه رڳو ئي غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙجي وڃون.
يقين رکڻ گهرجي ته غلامي بداخلاقي جي جڙ آهي. انهيءَ لعنت کان وڌيڪ ٻئي ڪابه بداخلاقي نه ٿي ٿي سگهي. جيستائين ان کي دور نه ڪيو ويو آهي. تيستائين هڪ غلام بد اخلاق، انسان تي وعظ يا نصيحت ڪهڙو اثر ڪري سگهي ٿي.
(توحيد- جنوري-فيبروري 1945ع)