ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2187
  • 340
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

اڄوڪا بزرگ ۽ سچي بزرگي

اڄ ڪلهه مڪانن ۾ ڀنگ پياڪ درويشن جي به وڏي عزت ڪئي ٿي وڃي، بلڪ کين ولي به سمجهيو ٿو وڃي. ڪي پير صاحب اهڙا به آهن جيڪي زنا ڪن، چوريون ڪرائين، خون ڪرائين، پراوا حق ۽ ملڪيتون کائين، جهيڙا ڪرائي رشوتون وٺن وغيره وغيره ته به پير ٿا سڏجن. انهن کي ماڻهو پيرين ٿا پون ۽ ٻارهين ٻارهين مهيني ڏن ٿا ڏين. مسلمانن جي مرده حالت جون ثابتيون هزار آهن، پر هيءَ هڪڙي به ڪافي آهي ته ماڻهو اهڙن ردي درويشن ۽ پيرن جي اڳيان به ڍيري ٿي پيا آهن.
انهن کي ڇڏي اسان انهن بزرگن جو بيان ٿا ڪيون جيڪي انهن کان گهڻو چڱا آهن، مگر بزرگي اڃا ٻي شيءِ آهي. اڪثر ڪري چيو ويندو آهي ته فلاڻو ڏاڍو نيڪ آهي، سڄو ڏينهن مسجد ۾ تسبي کنيون الله جو نالو ويٺو وٺي. پوءِ روزگار ڪيئن ٿو ٿئيس؟ چي الله مالڪ آهي، جي بندا سندس نالو وٺندا تن کي ڇڏي ڏيندو؟ الله سائين ماڻهن جي دلين ۾ صدق ٿو وجهي، سي پاڻهي گهر ويٺي کيس ڏئي ٿا وڃن. منهنجي خيال ۾ ته ائين ٿو اچي ته اسلام موجب هيءَ تعريف ناهي پر گلا آهي. تسبي سورڻ کان اسلام سکڻ ۽ سيکارڻ ۾ وڏو ثواب آهي، وٺڻ کان ڏيڻ ۾ ثواب آهي. ٻين جي پگهر جي ڪمائيءَ تي گذران ڪرڻ کان پاڻ ڪمائي ٻين کي ڏيڻ وڌيڪ افضل آهي. بعضي وري چيو ويندو آهي ته فلاڻو راتين جون راتيون ولين جي مقبرن تي وڃي جاڳندو آهي ۽ فلاڻو لک يا ڪروڙ صلواتون ڪڍندو آهي. صلوات پڙهڻ ۾ ته وڏو ثواب آهي پر ان بابت مفصل بحث پوءِ ڪيو ويندو. هت فقط ايترو چوڻ مناسب ٿو سمجهان ته نماز، روزو، تسبي، وظيفا ۽ صلواتون ٿڌي ڇانو ۾ ادا ڪرڻ ۽ ان جي عيوض ۾ پرائي ڪمائي تي گذران ڪرڻ، اهي ڪم وڌيڪ ڏکيا آهن يا ڪڙميءَ وانگر ٿڌيءَ ڪوسيءَ ۾ رات ڏينهن ڪم ڪرڻ يا ٽوڪرا کڻڻ يا مزوري ڪرڻ؟! وري حيرت جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته ڪيترائي ڪڙمي نماز به پڙهن ۽ روزا به رکن ۽ روزي سان سخت گرميءَ ۾ سخت ڪم به ڪندا وتن. انهن ويچارن جي ته تعريف ڪير ڪريئي ڪونه. اهي ته هنن بزرگن کان صدبار بهتر چئبا. ارمان جي ڳالهه آهي جو اهڙا ڪڙمي ماڻهو زاني ۽ بدڪار پيرن کي وڃي پيرين پون، ۽ پير پاڻ ڳاڙهيءَ کٽ تي ويهي هنن کي پٽ تي وهارين. ڇو نه انهن ڪڙمين کي کٽ تي وهاري، اهڙن پيرن کي چئجي ته سندن اڳيان پٽ تي وهن ۽ سندن پير ڌوئي پين؟
جيڪي اسان ۾ وڌيڪ سياڻا ۽ وڌيڪ پڙهيل آهن، سي انهن پيرن ۽ بزرگن ۾ ويساهه ٿا رکن ۽ انهن جي تعريف ٿا ڪن، جي سچ پچ سنڌ ۾ تمام ٿورڙا آهن. ڏهاڪو کن مس ٿيندا، انهن کي عزت بيشڪ ڏيڻ گهرجي پر حد کان ٻاهر عزت ڏيڻ به مناسب ناهي. اهي بيشڪ عزت جا لائق آهن ۽ هن قحط الرجال جي زماني ۾ غنيمت آهن. اهي شريعت جا پابند يعني نماز، روزن، زڪوات ۽ حج جهڙا ارڪان ادا ڪن ٿا، تهجد ۽ اشراق به ٿا پڙهن. ڪبيرن گناهن کان به پرهيز ٿا ڪن. پر بزرگي يا رهبري اڃا به ٻي شيءَ آهي. هڪڙو نقص منجهن هي آهي ته هنن کي قوم جي اصلاح ۽ تبليغ جي نه قابليت آهي نه شوق آهي. حالانڪه قرآن شريف ۾ آهي ته توهان ۾ ڪي اهڙا ماڻهو هئڻ کپن جيڪي امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪرڪن يعني ماڻهن کي چڱن ڪمن ڪرڻ جو حڪم ۽ بڇڙن ڪمن کان منع ڪن، اهيئي فلاح پائيندا. حضرت رسول ﷺ جتي جتي ماڻهن جو ميڙ ڏسندا هئا اتي ماڻهن کي الله تعاليٰ ڏي سڏيندا هئا ۽ حڪم احڪام ٻڌائيندا هئا. مسافرن جي قافلن ۾ ۽ ميلن ۾ وڃي تبليغ ڪرڻ فرمائيندا هئا. سنڌ ۾ مون ڪڏهن به نه ٻڌو آهي ته ڪو پير يا عالم ڪنهن ميلي ۾ ويو اتي وڃي اسلام ٻڌايائين يا جوا واري کي جوا کان منع ڪيائين يا رنڊين کي انهيءَ بد ڪم کان باز اچڻ جي هدايت ڪيائين. سنڌ ۾ هدايت ڪرڻ جا موقعا بلڪل گهڻا آهن. اڪثر ڪري شادي ۽ غميءَ تي گهڻا ماڻهو اچي ٿا گڏ ٿين ۽ ميلا ملاکڙا به جتي ڪٿي عام جام آهن. وڏن شهرن ۾ ڪٿي به ڪنهن ميدان تي بيهي الله اڪبر جو نعرو هڻي ٽي ڀيرا پڪارجي ته اچو الله ۽ الله جي پياري رسول مقبول ﷺ جا حڪم ٻڌو ته مان ڀانيان ٿو ته سؤ ماڻهو اچي ڪٺا ٿيندا. وري هن زماني ۾ نالي جي مسلمانن ۾ اصلاح ڪرڻ جي گهرج ايتري آهي جيتري ڪڏهن به ڪانه ٿي هوندي، ڇو ته اڄوڪا مسلمان هر طرح بگڙجي ويا آهن. اگرچه هيءُ فرض اولين آهي، ته به جيتري قدر ٿي سگهي اوتري قدر غير مسلمانن کي به اسلام ٻڌائجي، پر اهڙي سهڻي نموني سان جو هنن ۾ ڪشش پيدا ٿئي. پر هي سڀ ڪجهه تڏهن ڪري سگهجي ٿو جڏهن اسانجي بزرگن ۾ روحاني جذبو، ايماني قوت، علم ۽ عقل ۽ دنيا جي واقفيت هجي.
ٻيو نقص اسانجي بزرگن ۾ هي آهي جو هو نه رڳو دعوتون ٿا کائين ۽ پيسا ٿا وٺن پر ان سان گڏ عيش عشرت به ٿا وٺن. لکين مسلمان اهڙا آهن جن کي ٿڌ کان بچڻ لاءِ پورو ڪپڙو ۽ بسترو موجود نه آهي، نه اهڙو گهر آهي جو مينهن کي روڪي سگهي، نه ايترو پيسو آهي جو بيماري جو علاج ڪرائي سگهي، ۽ نه اهڙي طاقت آهي جو ٻارن کي مڪتب يا اسڪول ۾ موڪلي سگهن. مگر هي سڳورا لکين روپيه ماڻهن کان وٺي پنهنجي سک ۽ آرام تي خرچ ٿا ڪن. قرآن شريف ۾ پيغمبرن جي سچائي جو هڪڙو ثبوت پيش ڪيل آهي ته هو تبليغ جي عيوض ۾ ماڻهن کان ڪو اجر يا اجورو ڪونه ٿا گهرن. اها ڳالهه رسول الله ﷺ جي باري ۾ خواه ٻين پيغمبرن علهيم السلام جي باري ۾ ڪيترائي ڀيرا قرآن شريف ۾ آيل آهي، ”قُلْ مَاۤ اَسْـَٔلُكُمْ عَلَیْہِ مِنْ اَجْرٍ“ يعني انهن کي چئو ته مان انهيءَ لاءِ يعني اسلام سيکارڻ لاءِ اوهان کان ڪو اجورو ڪون ٿو گهران. هن مان ظاهر آهي ته تبليغ ڪندڙن جون هدايتون ۽ وعظ تڏهن اثرائتا ٿيندا جڏهن پاڻ ڪجهه به نه وٺندا. پر جيڪڏهن وٺن ته به وري انهن تي ماڻهن جي فائدي لاءِ خرچ ڪرڻ گهرجن. مثلن مسجد جي ڪم لاءِ يا مڪتب قائم ڪرڻ لاءِ وغيره وغيره. جيڪڏهن لاچاري حالت هجي ۽ تبليغ ۾ وقت صرف ڪرڻ ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي اهل عيال جو روزگار نٿو ڪمائي سگهجي ته پوءِ اوتري قدر وٺجي جنهن مان نهايت سادو گذران ٿي سگهي.
قرآن شريف ۾ آهي ته، ”لَنْ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتّٰی تُنْفِقُوْا مِمَّا تُحِبُّوْنَ“ يعني توهان چڱائي يا بزرگي کي تيستائين پهچي نٿا سگهو جيستائين خدا جي راهه ۾ خرچ نه ڪيو، اُن کي جنهن سان محبت ٿا ڪيو. ڏسو ته الفاظ ڪهڙا چٽا آهن. اسان جا بزرگ ڏيڻ جي بدران وٺن ٿا، اگرچه رسول الله ﷺ فرمايو آهي ته مٿيون (ڏيندڙ) هٿ هيٺئيِّن (وٺندڙ) هٿ کان افضل آهي.
پهريائين اسان کي ڏسڻ گهرجي ته ماڻهو پيرن کي ڇو ٿا کارائين ۽ ڏين، ۽ ڪهڙيءَ نيت سان ٿا ڏين؟ اڪثر ڪري نيت اها آهي ته پير صاحب کي ڏيندس ته مون کان راضي ٿيندو، ۽ مون کي اهڙي دعا ڪندو جو منهنجي رزق ۾ برڪت پوندي، ۽ پير صاحب مون کي مشڪل وقت ۾ دنيوي طرح توڙي دعا جي وسيلي مدد ڪندو. جيڪي ٺڳ پير آهن تن جيڪي فقيرن ماڻهن ۾ اهڙا اثر وجهي ڇڏيا آهن جو هو قسم قسم جي نيت سان ڏن ادا ٿا ڪن. هو اهو خيال اصل ڪون ٿا ڪن ته صدقي ۽ خيرات جا وڌيڪ حقدار ڪير آهن. جنهن پير صاحب کي اسان ڏن ڏيون ٿا سو وڌيڪ مسڪين آهي يا اسان پاڻ ۽ ڪي ٻيا ماڻهو وڌيڪ مسڪين آهن، پير صاحب اسلام جي تبليغ ۽ خدمت ڪري ٿو يا نه ۽ پير صاحب سادي زندگي ٿو گذاري يا وڏا خرچ ٿو ڪري.
ٽي نهايت عاليشان اخلاق جيڪي اڄ ڪالهه عيب سمجهيا ٿا وڃن، سي رسول الله ﷺ ۽ اصحابن سڳورن ۾ موجود هئا، مگر اسان جي بزرگن ۾ بلڪل ڪون آهن بلڪه اسان جا ليڊر، آفيسر ۽ زميندار ته بلڪل انهن جي خلاف آهن، اهي ٽي هي آهن، 1- سادگي 2- مساوات ۽ نماڻائي، 3- جان نثاري.
رسول الله ﷺ جن جي چلهي ۾ ڪيترائي ڏينهن باهه ئي ڪانه ٻرندي هئي، فقط کارڪون کائي پاڻي پي ڇڏيندا هئا. ڪڻڪ جي ماني ورلي کائيندا هئا نه ته جوَنَ جي ماني تي ئي گذرڪندا هئا. سندن پوشاڪ سادي ۾ سادي هئي. اڄڪلهه ڪڙمي ۽ مزدور به بهتر پوشاڪ ٿا پائين ڪپڙو ڦاٽندو هون ته پاڻ ئي اڳڙي وجهي پائيندا هئا، ۽ جتي ڇڄندي هين ته پاڻ کڻي ڳنڍ ٽوپو ڏيئي ڇڏيندا هئا. ڪاٺيون ڪري ايندا هئا، ڪوڏر کڻي کوٽڻ جو ڪم ڪندا هئا، ٻهاري پائيندا هئا، ٻڪري ڏهندا هئا، بازار مان گهرج جون شيون وٺي پاڻ ئي کڻي ايندا هئا. اڪيلا گهمندا هئا، گهر جي جاءِ ۽ سامان نهايت سادو هوندو هو، پٽ تي سمهڻ کان عار ڪونه ڪندا هئا، تڏي تي اگهاڙي پٺيءَ سمهي پوندا هئا، ايتري قدر جو پٺي مبارڪ تي تڏي جا نشان ٺهي پوندا هئا. ممڪن ته ناهي ته رسول الله ﷺ جن روضي مبارڪ مان ساڳي حالت ۾ اٿي اچن پر جيڪڏهن انهيءَ ساڳي سادگيءَ سان اٿي اچن ۽ اسان جي ڪنهن مسلمان ليڊر وٽ وڃن ته اڄوڪي اسلام جي حالت اها آهي جو کين دربان اندر رپورٽ ڪندا ته هڪڙو مسڪين توهان ڏي اچڻ ٿو گهري ته ليڊر صاحب فرمائيندو ته پڇوس ته ڪير آهي ۽ ڇا ٿو گهرجيس؟ جيڪڏهن کڻي اندر اچڻ ڏيندس ته به ڪرسي تي وهارڻ پنهنجي ماڳه، پر گلم تي وهڻ جي آڇ به ڪين ڪندن، ۽ بيٺي ئي چوندن ته ڇا ٿو گهرجي تو کي؟ جيڪڏهن چوندو ته مان توهان کي ڪي خدا جا حڪم ٻڌائڻ آيو آهيان ته ليڊر صاحب خفي ٿي چوندو ته مون کي فرصت ڪانهي وڃ هليو. جيڪڏهن پاڻ اصرار ڪندا ۽ ڪجهه چوڻ لڳندا ته پوءِ ته غضب جو طوفان کڙو ٿيندو. توهان کي اعتبار نه اچي ته آزمودو وٺي ڏسو. هڪڙو وڏو عالم نيڪ بزرگ مسڪيني پوشاڪ ۾ نالي ٻڌائڻ کانسواءِ ڪنهن ليڊر وٽ وڃي ۽ کيس سندس غير اسلامي ڪمن کان منع ڪري ته پوءِ ڏسو ته ان بزرگ جي ڏاڙهي نوڪرن هٿان ڪيئن ٿي پٽائي وڃي. حالانڪه سادگي اسلام جو شيوه آهي. رسول الله ﷺ فرمايو آهي ته الفقر فخري يعني مسڪينائي منهنجو فخر آهي. پاڻ مسڪينن سان ڏاڍي حب ۽ پيار سان هلت ڪندا هئا. ليڊرن کي ڇڏي، اسانجي وڏن ۾ وڏن پيرن ۽ بزرگن کي ڏسو ته انهن ۾ سادگي جو گڻ ڪيتري قدر موجود آهي.
رسول الله ﷺ جي ٻئي خلق يعني مساوات ۽ نماڻائيءَ جي به حد ئي ڪانه هئي. پاڻ اهڙي طرح ٻين ماڻهن سان رلي ملي ويندا هئا، جو ٻاهريون اڻ واقف ماڻهو ايندو هو ته کيس پڇڻو پوندو هو ته توهان ۾ فلاڻو ڪير آهي؟ ٻين کي اڳ ۾ ئي پاڻ سلام ڪندا هئا، ٻارڙن سان راند ڪندا هئا، سندن مٿي تي هٿ رکي پيار ڪندا هئا. ڪا به ٻڍي عورت گهٽيءَ ۾ کين ٻانهن کان جهلي بيهاري سگهندي هئي، ۽ پنهنجو ڊگهو احوال ٻڌائي مدد وٺندي هئي، مسلمان ته ڇڏيو پر گستاخ ڪافرن سان گستاخي جو عيوض وٺڻ بدران نرمي ڪندا هئا. حاتم جو پٽ توڙي عيسائي هو، وٽن آيو ته کيس وهڻ لاءِ گاديلو ڏنائون ۽ پاڻ پٽ تي ويهي رهيا، اها هئي سندن مساوات ۽ نماڻائي! مگر اسان جا ليڊر ۽ معزز مسڪين کي پاڻ جهڙوسمجهڻ بدران گارين جا دس چاڙهيندا آهن. اسان جا پير مسڪينن سان نه گڏ وهن نه ساڻن گڏ کائن. قرآن شريف ۾ آهي ته ڪل مومن اخوت يعني سڀ مومن ڀائر آهن. پر اسان جا چڱي ۾ چڱا بزرگ به مساوات ۽ نماڻائي کان عاري آهن. اسان جي اڪثر عالمن جو ته خاص گڻ آهيئي هٺ ۽ وڏائي، حالانڪه رسول الله ﷺ فرمايو آهي ته جنهن شخص ۾ هڪ داڻو به هٺ جو آهي سو بهشت ۾ نه ويندو.
ٽيون عاليشان گڻ آهي جان نثاري. رسول الله ﷺ جن ۽ اصحابن سڳورن جو مال، اولاد ۽ جان اسلام ۽ حق تان قربان هو. پنهنجي ذاتي غرض لاءِ نه هو شاهوڪارن جي عزت ڪندا هئا ۽ نه مسڪينن کي حقارت سان ڏسندا هئا. جيڪڏهن ڪو ساڻس زيادتي يا ظلم ڪندو هو ۽ پوءِ سندن قبضي ۾ ايندو هو ته سزا ڏيڻ يا ملامت ڪرڻ بدران شفقت ڪندا هئا، ۽ اهڙي طرح دشمنن جون دليون وٺندا هئا، جنهن ڪري هو مسلمان ٿي پوندا هئا. حضرت علي رضي الله بابت روايت آهي ته جنگ ۾ ڪنهن ڪافر کي ڪيرائي خنجر هڻي مارڻ تي هئا ته ان ڪافر سندن منهن مبارڪ ۾ پنهنجو پليت آب دهن اڇلايو. حضرت علي رضي الله کيس هڪدم ڇڏي ڏنو. ڪافر پڇيو ته هيءُ ڇا ڪيئي مون ته سمجهيو ته هاڻي مون کي چچري عذابن سان ماريندين. پاڻ فرمايائون ته اسان کي ڪنهن سان به ذاتي دشمني ڪانهي. جيڪڏهن انوقت مان تو کي ماريان ها ته ذاتي دشمني سمجهي وڃي ها، جو تو منهنجي طرف آب دهن اُڇلايو.
ان ڪافر تي ايترو اثر ٿيو جو هو مسلمان ٿي پيو، هي گڻ به اڄ ڪلهه اسان جي بزرگن ۾ ورلي موجود آهي.
اهي ٽي گڻ هن وقت مسلمانن ۾ ورلي ڏسڻ ۾ ايندا، مگر ڪن ڪن غير مسلمانن ۾ ڏسجن پيا. منهنجا مسلمان ناظرين ڀائر مون کي معاف فرمائيندا جيڪڏهن مان هڪڙي غير مسلمان جو مثال ڏيان جو در حقيقت گهڻا اخلاق اسلام کان ئي سکيو آهي. مسٽر موهن لعل ڪرمچند گانڌي مسلمان ناهي، مگر هميشه حق جي تلاش ۾ رهيو آهي، جيڪي هن کي حق سمجهڻ ۾ آيو آهي، تنهن تي عمل ڪندو آهي، ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان جي تبليغ ڪرڻ ۾ ڪنهنجي به پرواهه نه ڪندو آهي، ۽ نقصانن سهڻ لاءِ تيار رهندو آهي. هو کليو کلايو اسلامي دعائون عبادت طور پڙهندو آهي، ۽ چوندو آهي ته اسلام سچو مذهب آهي، ۽ اسلام جو پيغمبر سچو آهي، ۽ پڻ چوندو آهي ته مان پنهنجا ڪيترائي اصول ۽ گڻ اسلام کان سکيو آهيان. سندس زندگي ڏسبي ته مٿي بيان ڪيل ٽي عاليشان گڻ 1- سادگي 2- مساوات ۽ نماڻائي 3- جان نثاري گهڻي قدر منجهس موجود آهن. اها ڪهڙي نه ارمان جي ڳالهه آهي جو اسلامي اخلاق ڪن غير مسلمانن ۾ موجود آهن، مگر اسان جي بزرگن ۾ موجود نه آهن. ڇو نه آفرين ڏجي اهڙن غير مسلمانن کي ۽ ڇو نه ارمان ڪجي پنهنجي حالت تي جو اسلام جي عاليشان تعليم هوندي به اسان هر طرح بگڙيل آهيون.
ڪي ناظرين پڇندا ته جيڪڏهن گانڌي اسلام ۽ باني اسلام ﷺ کي سچو ٿو سمجهي ته پوءِ مسلمان ڇو نه ٿو ٿئي؟ انهي جو جواب هيءُ آهي ته گانڌي خواه ٻين ڪيترن غير مسلمانن بلڪ ڪن مسلمانن ۾ هڪ عجيب خيال ويٺل آهي، هو سمجهن ٿا ته نه رڳو اڳيان پيغمبر پر حضرت ﷺ جن به فقط پنهنجي پنهنجي ملڪ ۽ وطن لاءِ هئا. نون ملڪن ۽ نون وقتن ۾ نيون حالتون پيدا ٿين ٿيون، تنهنڪري ڪو به مذهب ڪامل ناهي. ائين سمجهڻ لاءِ هنن کي بلڪل ڪافي سبب آهن ڇو ته پوين بگڙيل عالمن اهڙا اهڙا عقيدا ٺاهيا آهن، جن کان سڀ ڪنهن عقل واري کي نفرت ٿي اچي. اهڙا هزار مثال ڏيئي سگهان ٿو، مگر هت فقط هڪ بيان ڪندس. بگڙيل عالمن جو خيال آهي ته غير مسلمانن کي جبرن مسلمان ڪجي، نه مسلمان ٿين ته انهن کي قتل ڪرڻ گهرجي، مرتد کي قتل ڪرڻ بابت ته سندن اتفاق آهي. انهن عالمن کي جيڪڏهن چئجي ٿو ته اهو عقيدو خود قرآن شريف جي آيتن ۽ حضرت جن ۽ خلفاءِ راشدين جي قولن ۽ عملن جي خلاف آهي ته به نٿا مڃن. قرآن شريف جي آيت ”لَاۤ اِكْرَاہَ فِی الدِّیْنِ- يعني دين جي باري ۾ جبر ڪونهي.“ منسوخ ٿا سمجهن. حالانڪه ڪيترن اوائلي تفسيرن ان کي منسوخ ڪونه ڪيو آهي ۽ ڪوئي به عقل وارو قبول نه ڪندو ته جبر ڪرڻ مان ڪو فائدو نڪري ٿو سگهي. بلڪه ايترو نقصان ٿيندو جو ڪروڙين حياتيون ضايع ٿينديون ۽ انهن جو نسل ئي نابود ٿي ويندو. ازانسواءِ جيڪي جبرن مسلمان ٿيندا سي ظاهري مسلمان هوندا، مگر اندروني طرح منافقن وانگر اسلام جي بيخ ڪني ڪرڻ جي ڪوشش وٺندا رهندا. سڄي غير اسلامي دنيا ۽ مسلمانن جي وچ ۾ هڪ عالمگير جنگ لڳي ويندي، جنهنجو نتيجو اسلام جو واڌارو نه ٿيندو پر دنيا جي تباهي ۽ خود اسلام جي تباهه ٿيندي.
قصو ڪوتاه اسان جي عالمن جي بگاڙي جو نتيجو اهو ٿيو آهي جو غير مسلمانن کي اسلام کان نفرت آهي. خود مسلمانن مان ڪيترائي پڙهيل مسلمان اندروني طرح اسلام کان ڦريل آهن ۽ عوام الناس ته رڳو نالي جا مسلمان آهن، نه اسلام جي خبر اٿن، نه وري سندن عمل اسلامي آهن. هو هر طرح بد اخلاق ۽ ذليل ۽ تباهه ٿي رهيا آهن. اسلام جي تبليغ جو رستو فقط هي آهي ته اسان نئين سر اصلاح ۽ سڌارو ڪيون. عملن مسلمان ٿيون، بدعتون ڪڍي رسول الله ﷺ ۽ سندس اصحابن سڳورن وارا اخلاق ۽ روش وٺون ته پوءِ غير مسلمانن ۾ از خود اسلام لاءِ محبت ۽ صداقت پيدا ٿيندي ۽ هو مسلمان ٿي پوندا. ڏسو، اوائلي زماني ۾ غير مسلمان فوجن جون فوجون ۽ ملڪن جا ملڪ مسلمانن جي روش ڏسي مسلمان ٿي پيا! هن وقت غير مسلمانن کي اٽلندو اسلام ۽ مسلمانن کان نفرت آهي. ان ۾ گهڻو ڏوهه اسان جو آهي نه سندن. تنهن هوندي به ڪيترن ئي غير مسلمانن کي آفرين آهي جو سڌيءَ طرح قرآن شريف ۽ اسلامي تاريخ پڙهي ڪجهه ڪجهه اسلامي تعليمات اختيار ڪن ٿا.
هن باب جي پڇاڙيءَ ۾ مان هڪڙو مثال ڪوڙي ۽ سچي تعريف جو پيش ٿو ڪريان ۽ اهو آهي امام اعظمؓ جو. سندس اهو ذڪر مولانا شبلي ؓ جي ڪتاب سيرت النعمان مان اخذ ڪري پيش ٿو ڪريان. مولانا شبليؓ جا ٽي ڪتاب، 1- سيرت النبي يعني رسول الله ﷺ جي حياتي جو احوال. 2- الفاروق يعني حضرت عمر رضي الله جي حياتيءَ جو احوال ۽ 3- سيرت النعمان يعني امام اعظم سڳوري جي حياتيءَ جو احوال آهي. ٽيئي ڪتاب خصوصاً پڙهڻ جهڙا آهن. مولانا شبليؓ لکي ٿو ته اسان جي تاريخ نويسن امام اعظم جي اخلاق ۽ عادتن جي جيڪا تصوير ڪڍي آهي تنهن ۾ خوش اعتقادي ۽ مبالغي جو ايتري قدر رنگ ڀريل آهي جو امام صاحب جي اصلي صورت سڃاڻي نٿي سگهجي. چاليهه سال سومهڻي جي وضوءَ سان صبوح جي نماز پڙهيائين، ٽيهه سال لاڳيتا روزا رکيائين، جتي وفات ڪيائين اتي ست هزار ڀيرا قرآن شريف ختم ڪيائين، ڪوف جي نهر ۾ شبه وارو گوشت جو ٽڪر پئجي ويو ته هن خيال جي ڪري ته اهو مڇين کاڌو هوندو ۽ مڇيون گهڻو وقت جيئريون رهن ٿيون ڪيتريءَ مدت تائين مڇي نه کاڌائين اهڙيءَ ئي طرح هڪ شبه جي ڪري ٻڪري جو گوشت کائڻ ڇڏي ڏنائين، سندس ذاتي خرچ فقط ڏهه آنا مهينو هو. اهي ۽ انهي قسم جا افسانا سندس بابت مشهور آهن، ۽ لطف هي ته اسان جا تاريخ نويس انهن دور از ڪار قصن کي امام صاحب جي ڪمالات جو جوهر ٿا سمجهن، حالانڪه اهي واقعا نه تاريخي اصول سان ثابت آهن، ۽ نه انهن جي ڪري ڪنهن جي شرف ۽ شان جو واڌارو ٿي سگهي ٿو.
نوٽ- امام صاحب جن جيڪڏهن سنڌ جا رهاڪو هجن ها ته پوءِ ته سوين واهيات قصا ۽ هزارين ڪوڙيون ڪرامتن جون ڪهاڻيون به ٺاهيون وڃن ها).
امام صاحب جي دانشمندي دقيقه سنجي ۽ نقعه شناسيءَ تي جڏهن نظر ٿي پوي جنهنجو ثبوت بلڪل عيان موجود آهي تڏهن انهن واقعن تي مشڪل سان يقين اچي ٿو سگهي، جي رهبانيت ۽ بي اعتداليءَ جي حد کان به گهڻو ٻاهر آهن.
امام صاحب جي اخلاقي خوبين جي صحيح مگر اجمالي تصوير ڏسڻي هجي ته قاضي ابو يوسف جي تقرير ٻڌو جا خليفه هارون الرشيد جي اڳيان ڪئي هوائين. خليفه هارون هڪ موقعه تي قاضي صاحب موصوف کي چيو ته ابو حنيفي جون وصفون بيان ڪر، هن چيو ته جيتري قدر مان ڄاڻان ٿو ابو حنيفي جا اخلاق ۽ عادات هيءُ هئا ته نهايت پرهيزگار هو. منهيات کان گهڻو دور رهندو هو. اڪثر ڪري چپ رهندو هو ۽ سوچ ويچار ڪندو هو، ڪوئي شخص مسئلو پڇندو هو ۽ کيس معلوم هوندو هو ته جواب ڏيندو هو نه ته خاموش رهندو هو. نهايت سخي ۽ فياض هو. ڪنهن به شخص وٽ ڪنهن ڪم لاءِ ڪونه ويندو هو، انهي لاءِ ته هيءُ ڪم ڪري ڏيو، يا هيءَ حاجت پوري ڪريو. دنيائي ماڻهن کان احتراز ڪندو هو. دنيوي مرتبي ۽ عزت کي حقير سمجهندو هو. غيبت يعني پرپٺ عيب جوئي ڪرڻ کان گهڻو پري ڀڄندو هو. جڏهن ڪنهن جو ذڪر ڪندو هو ته چڱائي بيان ڪندو هو، تمام وڏو عالم هو ۽ مال وانگر علم جي صرف ڪرڻ ۾ به فياض هو.
هارون الرشيد اهو ٻڌي چيو ته صالحين جا اهي ئي اخلاق هوندا آهن. عام ماڻهن جي نگاهه ۾ هيءُ ڳالهيون گهڻي وقعت نٿيون رکن، مگر روحاني اوصاف وارا نڪته شناس ئي سمجهي سگهن ٿا ته هي طرز زندگي ظاهر ۾ جيتري قدر سادي ۽ آسان آهي در اصل اوتري ئي قدر مشڪل ۽ قدر جي لائق آهي. (نوٽ. سنڌين کي ته مٿين تعريف تمام خشڪ ۽ بيڪار نظر ايندي. قاضي ابو يوسف کي چوڻ گهربو هو ته ڪروڙ صلواتون هر روز ڪڍندو هو، قبرن تي قرآن شريف جا ختما ڪڍندو هو، چاليها ڪڍندو هو، لکين ماڻهو تعويذ لکائڻ ايندا هئا ۽ سندس تعويذ اهڙا لڳندا هئا جو ڇا چئجي؟ ڪرامتن جا تجربا روزمره ڏسڻ ۾ ايندا هئا، مئا جياريندو هو، پاڻ ڪوفي ۾ ئي هوندو هو ته حاجي کيس مڪي شريف ۾ ڏسندا هئا، روزانه رسول اللهﷺ جي پٺيان نماز ادا ڪندو هو، ڪنهن کي هڪ نظر سان ولي ڪري ڇڏيندو هو ته ڪنهن کي هڪ پاراتي سان تباهه ڪري ڇڏيندو هو. وغيره وغيره.)
امام صاحب اميرن کان نذر وغيره وٺڻ جي خلاف هو، ۽ درٻار ۽ اميرن کان دور رهندو هو. هن بي تعلقي مان هڪ وڏو فائدو هيءُ هو جو حق جي اظهار ڪرڻ ۾ ڪنهن جو ڊپ ڪونه ڪندو هو. انسان ڪيترو به آزاد مزاج ۽ صاف چوندڙ هجي پر احسان اهو لڪل جادو آهي جو ان جي اثر کان بچڻ ناممڪن آهي. امام صاحب سڄي عمر ڪنهن جو به احسانمند نه ٿيو ۽ انهيءَ ڪري سندس آزاديءَ کي ڪا به شيءَ دٻائي نه سگهي. خليفو منصور ۽ سندس زال حره خاتون جي وچ ۾ ڪجهه شڪر رنجي ٿي پئي هئي. خاتونءَ کي شڪايت هئي ته خليفه عدل نٿو ڪري، منصور چيو ته ڪنهن کي به امين ڪر. هن امام صاحب جو نالو ورتو. امام صاحب کي گهرايو ويو. خاتون پرده جي قريب ويهي رهي ته امام صاحب جو فيصلو ڪري سو پاڻ پنهنجي ڪنن سان ٻڌان. منصور پڇيو ته شرع موجب مرد ڪيترا نڪاح ڪري ٿو سگهي؟ امام صاحب چيو ته چار، منصور خاتون جي طرف مخاطب ٿي چيو ته ٻڌين ٿي؟ پرده مان آواز آيو ته هائو ٻڌم. امام صاحب منصور جي طرف خطاب ڪري چيو مگر هيءَ اجازت ان شخص لاءِ خاص آهي جو عدل تي قادر هجي نه ته هڪ کان وڌيڪ نڪاح ڪرڻ چڱو ناهي. الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته، ”فَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تَعْدِلُوْا فَوَاحِدَۃً“ منصور چپ ٿي ويو. امام صاحب گهر آيو ته هڪ نوڪر پنجاهه هزار درهمن جو ٿيلهو کڻي اچي حاضر ٿيو ۽ چيائين ته خاتونءَ نذر موڪليو آهي. امام صاحب پيسا موٽائي موڪليا، ۽ خادم کي فرمايائين ته خاتون کي چئجانءَ ته مون جو ڪجهه چيو سو ڪنهن غرض سان ڪونه چيم، بلڪ منهنجو منصبي فرض هو.
امام صاحب جو واپار نهايت وسيع هو، لکن جي ڏيتي ليتي هئي. گهڻن شهرن ۾ گماشتا مقرر هئا، وڏن وڏن سوداگرن سان معاملو رهندو هو، اهڙي وڏي ڪارخاني هوندي به ديانت (ايمانداري) ۽ احتياط (خبرداري) جو ايتري قدر خيال رکندو هو جو ناجائز طور هڪ داڻو به ان جي خزاني ۾ نه پئجي سگهندو هو. اهڙي احتياط جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن نقصان به سهڻو پوندو هون، مگر ان جي ڪجهه به پرواه ڪانه ڪئي ويندي هئي. هڪڙي ڀيري حفص بن عبدالرحمان ڏي خز جا تاڪيا (ٿان) موڪليائين ۽ چوائي موڪليائين ته فلاڻي فلاڻي ٿان ۾ فلاڻو فلاڻو عيب آهي، خريدار کي ٻڌائجان. هن کي هن هدايت جو خيال نه رهيو، ٿان وڪڻي ڇڏيائين، ۽ خريدارن کي ان عيب جو اطلاع ڪونه ڏنائين. امام صاحب کي معلوم ٿيو ته نهايت افسوس ڪيائين، ٿانن جي قيمت جا ٽيهه هزار درهم ئي سڀ خيرات ڪري ڇڏيائين.
هڪڙي ڏينهن هڪڙي عورت خز جو ٿان کڻي آئي ته وڪڻائي ڏي. امام صاحب قيمت پڇي، هن سو رپيا ٻڌايا. پاڻ فرمايائين ته گهٽ آهي. هن چيو ته ٻه سو رپيا. پاڻ فرمايائين ته هي ٿان پنجن سون کان گهٽ نه لهي. هن عجب کائي چيو ته توهان شايد چرچو ٿا ڪيو‍! امام صاحب پاڻ پنج سو رپيا ڏنا ۽ ٿان وٺي رکيائين. هن احتياط ۽ ديانت ڪارخاني کي نقصان پهچائڻ بدران وڌيڪ چمڪائي ڇڏيو.
تجارت ۽ دولت جي ڪمائڻ مان سندس مقصد زياده تر عوام کي فائدي پهچائڻ جو هو. جيترا دوست ۽ ملڻ وارا هوندا هئا تن سڀني جا روزينا مقرر ڪري ڇڏيا هئائين. شيخن ۽ محدثين جي واسطي تجارت جو هڪ حصو مخصوص ڪري ڇڏيو هئائين، ۽ ان مان جيڪو نفعو ٿيندو هو سو سال بسال انهن کي پهچائي ڏنو ويندو هو. سندس عادت هئي جو گهر وارن جي لاءِ ڪا شيءَ خريد ڪندو هو ته اوتريئي قدر محدثين ۽ عالمن ڏي به موڪلي ڏيندو هو. اتفاقن ڪو شخص ملڻ ايندو هو ته ان جو حال پڇندو هو، پوءِ جيڪڏهن هو حاجتمند هوندو هو ته ان جي حاجت روائي ڪندو هو. شاگردن مان جنهن کي تنگ حال ڏسندو هو تنهن جي خانگي ضرورتن جي پورائي ڪندو هو، انهيءَ لاءِ ته دلجمعي سان علم جي تحصيل ڪري سگهي. ڪيترائي اهڙا ماڻهو جن کي مسڪينائي سببان علم حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي نٿي سگهيو سي امام صاحب جي دستگيريءَ سان وڏن وڏن درجن کي پهتا، قاضي ابو يوسف به انهن مان هو.
اهڙي دولت مندي ۽ عظمت ۽ شان هوندي به امام صاحب نهايت نماڻو، حليم ۽ خليق هوندو هو. هڪ ڀيري ڪنهن مسئله بابت گفتگو ڪندي فرمايائين ته امام حسن بصري ان ۾ غلطي ڪئي آهي. مجلس ۾ هڪ اهڙو شخص هو جو امام حسن بصري جو معتقد هو، تنهن غصي ۾ اچي زور سان چيو ته اي فاحش عورت جا پٽ تون امام حسن کي خاطي ٿو ڪوٺين! سڄي مجلس کي انهيءَ تي جوش اچي ويو ۽ ارادو ڪيائون ته ان شخص کي مار ڪڍون، مگر امام صاحب منع ڪئي. جڏهن ڪجهه وقت ماٺ رهي ۽ جوش ڍرو ٿيو تڏهن امام صاحب فرمايو ته ها امام حسن غلطي ڪئي آهي، ۽ عبدالله بن مسعود هن باري ۾ جا روايت ڪئي آهي سا صحيح آهي.
يزيد بن ڪميت جو بيان آهي ته هڪ دفعي مان امام ابو حنيفه جي خدمت ۾ حاضر هوس، هڪ شخص ساڻس گستاخي سان گفتگو شروع ڪئي. امام صاحب تحمل سان جواب پي ڏنا، ۽ هو شوخ پوندو پي ويو، تان جو امام صاحب کي زنديق ڪوٺيائين. تنهن تي پاڻ فرمايائين ته خدا توکي بخشي، هو خوب ڄاڻي ٿو ته منهنجي نسبت تو جيڪو لفظ چيو سو صحيح ناهي. امام صاحب پاڻ فرمائيندو هو ته مون ڪنهن تي لعنت نه ڪئي، ڪنهن کان به وير نه ورتم ڪنهن به مسلمان يا ذمي کي رنج ڪونه پهچايم، ۽ ڪنهن سان به فريب يا بد عهدي ڪانه ڪيم.
امام سفيان ثوري ۽ امام صاحب جي وچ ۾ ڪجهه شڪر رنجي هئي، هڪ شخص امام صاحب کي اچي چيو ته سفيان توهان کي گهٽ وڌ ڳالهايو آهي، امام صاحب فرمايو ته خدا مون کي ۽ سفيان ٻنهي کي بخشي. سچ هي آهي ته امام نخعي جي موجود هوندي به جيڪڏهن سفيان دنيا مان اٿي وڃي ته مسلمانن کي سفيان جي وفات تي ماتم ڪرڻو پوي.
هڪڙي ڏينهن مسجد ۾ سبق پي ڏنائين. ڪنهن شخص جنهن جي ساڻس دشمني هئي عام مجلس ۾ اچي ان جي بنسبت خراب لفظ ڳالهايا، پاڻ ڪجهه خيال نه ڪيائين ۽ تعليم ڏيڻ ۾ مشغول رهيو، شاگردن کي به منع ڪيائين ته هن ڏي خيال نه ڪريو. سبق پورا ڪري اٿيو ته اهو شخص به ساڻس گڏ هليو، ۽ جيڪي جيڪي پي وڻيس سو بڪندو پي ويو. امام صاحب جڏهن پنهنجي گهر کي ويجهو پهتو، تڏهن بيهي رهيو ۽ فرمايائين ته ادا هي منهنجو گهر آهي، باقي ڪجهه رهيل آهي ته چئي وٺ جو مان هاڻي اندر ٿو وڃان، پوءِ تو کي موقعو نه ملندو.
امام صاحب نهايت رقيق القلب (رحمدل) هو ۽ ڪنهن کي تڪليف ۽ رنج جي حالت ۾ ڏسندو هو ته بيتاب ٿي پوندو هو. هڪ دفعي مسجد ۾ ويٺو هو ته ڪنهن ماڻهوءَ اچي چيو ته فلاڻو شخص ڪوٺي تان ڪري پيو آهي. هڪدم اهڙي زور سان رڙ ڪري اٿيو جو مسجد ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. درس جو حلقو ڇڏي پيرين اگهاڙو اٿي ڀڳو، ۽ ان جي گهر پهچي تمام گهڻي غمخواري ۽ همدردي ڪيائين. جيستائين هو بيمار هو تيستائين هو هر روز صبوح جو ويندو هو ۽ ان جي تيمارداري ڪندو هو. ايتري نرم دليءَ هوندي به پاڻ تي ڪا مصيبت ايندي هيس ته اهڙي استقلال سان برداشت ڪندو هو جو ماڻهن کي عجب لڳندو هو. آفيسرن ۽ درٻارين جي هٿان اڪثر هن کي تڪليفون پهتيون، مگر هن جي ثابت قدمي کي ذرو به لوڏو نه آيو. نهايت مضبوط دل رکندو هو ۽ ضبط اسقتقلال گويا هن جي طبيعت هئي.
هڪڙي ڏينهن مسجد ۾ سبق پي ڏنائين اراد تمندن جي وڏي ٽولي موجود هئي. اتفاقن ڇت مان هڪڙو نانگ ڪريو، ۽ امام صاحب جي هنج ۾ اچي پيو. سڀ ماڻهو بي اختيار خوف ۾ ڀڄي ويا، مگر پاڻ اهڙي ئي آرام سان ويٺو رهيو جيئن اڳي ويٺو هو.
امام صاحب نهايت متقي ۽ زاهد هو. ذڪر ۽ عبادت ۾ کيس مزو ايندو هو ۽ وڏي ذوق ۽ خلوص سان ادا ڪندو هو. هن باري ۾ سندس مشهوري عام ٿي ويئي هئي. علامه ذهبي لکيو آهي ته هن جي پرهيزگاري ۽ عبادت جا واقعا تواتر جي حد کي پهچي ويا آهن. اڪثر ڪري نماز ۾ يا قرآن شريف پڙهڻ وقت رقت طاري ٿيندي هئي، ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ روئندو هو. ابراهيم بصري جو بيان آهي ته هڪ دفعي فجر جي نماز ۾ مان امام ابو حنيفه سان شريڪ هوس، نماز پڙهندڙ امام هيءَ آيت پڙهي ”وَلَا تَحْسَبَنَّ اللهَ غَافِلًا عَمَّا یَعْمَلُ الظّٰلِمُوْنَ“ يعني خدا کي ظالمن جي عملن کان بي خبر نه سمجهو. امام ابو حنيفه سان اهڙي حالت ٿي ويئي جو سڄو بدن ڪنبڻ لڳو. زايدهه چوي ٿو ته مون کي هڪ ضروري مسئلو دريافت ڪرڻو هو، امام ابو حنيفه سان سومهڻي جي نماز ۾ شريڪ ٿيس، ۽ منتظر رهيس ته نفلن کان فارغ ٿئي ته دريافت ڪريان. هو قرآن شريف پڙهندي پڙهندي هن آيت تي پهتو، ”وَ وَقٰىنَا عَذَابَ السَّمُوْمِ“ بار بار ان آيت کي پي پڙهيائين تان جو صبوح ٿي ويو ۽ ساڳي ئي آيت پڙهندو رهيو. هڪڙي ڀيري نماز ۾ هي آيت پڙهيائين، ”بَلِ السَّاعَۃُ مَوْعِدُهمْ وَ السَّاعَۃُ اَدْهٰی وَ اَمَرُّ“، يعني قيامت گنهگارن جي وعده گاهه آهي، ۽ قيامت سخت مصيبت واري ۽ اڻ وڻندڙ شيءِ آهي. انهيءَ آيت ۾ رات ختم ڪيائين، بار بار پي پڙهيائين ۽ رنو پي.
يزيد بن ڪميت هڪ مشهور عابد ۽ امام صاحب جو همعصر هو. ان جو بيان آهي ته مان هڪ دفع عشاءَ جي نماز ۾ ابو حنيفه سان شريڪ هوس. نماز پڙهائيندڙ امام اذا زلزلت الارض پڙهي. ماڻهو نماز پڙهي هليا ويا، مان ترسي پيس، امام ابو حنيفه کي ڏٺم ته ويٺي ويٺي ٿڌا ساهه پيو کڻي، مان اٿي آيس ته سندس مصروفيتن ۾ خلل نه پوي. صبح جو مسجد ۾ ويس ته ڏٺم ته غمزدهه ويٺو آهي، ڏاڙهي هٿ ۾ آهي، ۽ وڏيءَ رقت سان پيو چوي ته: ”اي الله سائين! تون جو نيڪي جي ذرڙي ۽ بديءَ جي ذرڙي ٻنهين جو بدلو ڏيندين. نعمان پنهنجي غلام کي آگ کان بچائجان.“ هڪڙي ڀيري بازار مان پي ويو هڪڙي ڇوڪر جي پير تي پير اچي ويس، ڇوڪر کان رڙ نڪري ويئي ۽ چيائين ته تون خدا کان نٿو ڊڄين! امام صاحب بيهوش ٿي ويو. هڪ دفعو عادت موجب دڪان تي ويو، نوڪر ڪپڙن جا ٿان ڪڍي رکيا. ۽ چيائين خدا اسان کي جنت ڏئي. امام صاحب تي رقت طاري ٿي ويئي، ۽ ايترو رنو جو هنجون پسي پيون. نوڪر کي چيائين ته دڪان بند ڪر. پاڻ منهن تي رومال وجهي ڪنهن پاسي نڪري ويو. ٻئي ڏينهن دڪان تي ويو ته نوڪر کي چيائين ته ادا اسان اهڙا ڪٿي آهيون جو جنت جي آرزو رکون، اهو ئي گهڻو آهي ته الاهي عذاب ۾ گرفتار نه ٿيون! حضرت عمر فاروق رضي الله به اڪثر فرمائيندو هو ته قيامت جي ڏينهن مون کي نه سزا ملي نه انعام ملي ته مان بلڪل راضي رهان.
هڪڙي ڀيري ڪنهن کي مسئلو ٻڌائي رهيو هو. هڪ شخص چيو ته ابو حنيفه! خدا کان ڊڄي فتويٰ ڏيندا ڪريو. امام صاحب تي هن جو ايترو اثر پيو جو چهري جو رنگ زرد ٿي ويو، ان شخص ڏانهن مخاطب ٿي چيائين ته ادا خدا توکي چڱي جزا ڏئي جيڪڏهن مون کي هي يقين نه هجي ته خدا مون کان پڇاڻو ڪندو ته ڄاڻڻ هوندي به علم کي ڇو لڪائيءِ مان هرگز فتويٰ نه ڏيان. ڪوئي مشڪل مسئلي اچي پوندو هو ۽ جواب معلوم نه هوندو هوس ته پريشان ٿيندو هو، ۽ انديشو ڪندو هو ته غالبن ڪو گناهه ڪيو اٿم، هيءَ ان گناهه جي شامت آهي. پوءِ وضو ڪري نماز پڙهندو هو ۽ استغفار ڪندو هو.
امام صاحب بابت هيءُ ٿورڙا اوصاف ۽ ٿورڙا واقعا بيان ڪيا اٿم. مولانا شبلي جو سڄو ڪتاب پڙهڻ وٽان آهي. امام صاحب جي ذهن ۽ فهم جي تيزيءَ جا مثال به بيشمار ڏنل آهن. مٿيون بيان فقط هن ڪري ڏنل آهي ته منهنجا سنڌي ڀائر ڏسن ته سچي بزرگي ڇا آهي، ۽ بيڪار بزرگي ڇا آهي؟ مٿين مثالن مان ڏسي سگهندو ته روحاني جذبو ۽ ايماني قوت ۽ خدا جو خوف ڇا آهي؟ رسول الله ﷺ ۽ مشهور اصحاب سڳورن جي حالت ته اڃا به اور هئي، اهي به امام صاحب وانگر واپار يا ڌنڌو يا مزوري ڪري گذران ڪندا هئا، وڏا سخي ۽ فياض هئا، وغيره وغيره. رسول الله ﷺ جن نماز پڙهندي ڪنهن اهڙي آيت تي ايندا هئا جنهن ۾ عذاب جو دڙڪو هوندو هو ته روئڻ ۽ سڏڪن ۾ ڪيتروئي وقت لڳي ويندو هون. کين پنهنجي پيروي ڪندڙ مسلمانن بلڪ ڪافرن جي لاءِ به سخت اونو رهندو هو. خود قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ کين ٿو فرمائي ته تون پاڻ کي انهيءَ ڏک ۾ ماري ڇڏيندين ڇا جو هو ايمان نه ٿا آڻين؟ ڏسو ته ڪافرن جي ڀلائي واسطي ڪيترو کين خيال هو جو ڳڻتيءَ ۾ پاڻ کي پي ڳاريائون. اسان جي بزرگن کي اسان جي تباهه حالت تي ذرو به افسوس ڪونهي، نڪي اسان جي سڌاري لاءِ باقاعده ڪوشش ٿا وٺن.
ناظرينو! توهان جيڪڏهن اصحابن سڳورن ۽ تابعين ۽ تبع تابعين جا احوال پڙهو ته انهن ۾ به ساڳيا امام صاحب وارا اخلاق ۽ اوصاف نظر ايندا. مگر انهن بابت ائين ڪان پڙهندو ته فلاڻو ولي هو، (سڀ ڪو مومن شريعت تي هلندڙ ۽ چڱا عمل ڪندڙ ولي الله آهي جئين خود قرآن شريف ۾ فرمايل آهي) يا شريعت کون اڳتي لنگهي طريقت جون منزلون لتاڙي معرفت ۽ حقيقت تي پهتو هو، فنافي الله هو، پهتل هو، امانت وارو هو، ڪرامت جو صاحب هو، يعني خرق عادت ڪري ڏيکاريندو هو، مئا جياريندو هو، غوث زمان، قطب دوران هو، يا قلندر هو، يا جبروت ملڪوت لاهوت لنگهي هاهوت مٿي رسيو هو، يا سلطان الا ذڪار جو ذڪر پڇائي انا الحق جو نعرو هنيائين، ان وقت سندس جسم کي تلوار هنئي ويئي ته ائين لنگهي ويئي جيئن هوا مان لنگهي وڃي، ۽ جسم کي ڪجهه به نه ٿيو، يا کيس ملن مارائي ساڙائي درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو ته گوشت جي ٽڪرن ۽ خاڪ ۽ پاڻي به انا الحق انا الحق پي ڪيو، يا ڪم باذني چوڻ سان ٻار کي جيئرو ڪرڻ ڪري ملن سندس کل لهرائي ته به گهمندو ڦرندو رهيو، ۽ سج مٿان لهي ايندو هو جنهن جي تَو تي طعام تيار ڪري کائيندو هو، اهڙي تعريف اوائلي مسلمانن جي بلڪل لکيل ڪانهي. انهي مان ائين سمجهبو ڇا ته اوائلي مسلمانن ۾ ڪجهه به ڪين هو، پويان انهن کون وڌيڪ هئا؟ اڄ ڪلهه ڪنڊو، ڪرڙ، توت، ونگو، ميهو سڀ ولي ۽ ڪرامت جا صاحب پيا سڏجن، ۽ انهن بابت هزارين ڪرامتون بيان ڪيون ٿيون وڃن، مگر منجهن اصحابن سڳورن جي عملن ۽ اخلاقن جي بوءِ به ڪانه ٿي ڏسڻ ۾ اچي. ناظرينو خدا جي واسطي اکيون پٽيو، فريبن ۽ ٺڳين کان بچو قرآن ۽ حديث جو مطالعو ڪيو رسول الله ﷺ ۽ اصحابن سڳورن وارا عمل ڪريو ته الله تعاليٰ توهان کي بخشي ۽ ڪامياب ڪري!