ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

پير ۽ سندن ڪرام

اڄوڪي زماني ۾ ڪي ماڻهو پيرن جا منڪر ٿي پيا آهن. ڪي چون ته پير نه آهن پر پيڙ آهن، ڪي چون ته ڄورون آهن، جيڪي ماڻهن جو رت چوسينديون وتن. ڪي چون ته ماڻهن کي جاهل رکي کين بي دين ۽ ڪافر ڪيو ڇڏين ۽ ڪي وري چون ته پير وڏي ۾ وڏا ڌاڙيل آهن ۽ خبر نه آهي ته ڇو سڌريل سرڪار رواجي ڌاڙيلن کي ته جيل ۾ ٿي رکي باقي وڏن مڪار ٺڳباز ڌاڙيلن کي ڇوٽ ڇڏي ٿي ڏئي ته ڀلي غارت ڪندا وتن ۽ ماڻهن کي جاهل، بيڪار، بلڪه گمراه به ڪندا وتن، اهڙن خيالن پيدا ٿيڻ لاءِ ڪافي سبب به آهن، پر ائين نه ٿيڻ گهرجي جو بيڪار ۽ بدڪار پيرن سان گڏ چڱن بزرگن جي به توهين ٿئي. تنهنڪري اسان کي سَنَدَ ۽ دليل سان ۽ ٿڌي دل سان هن سوال تي غور ڪري فيصلو ڪرڻ گهرجي. مان عالم ڪين آهيان مگر پنهنجي ٿوري علم آهر ڪي خيال پيش ٿو ڪريان، پوءِ وڏن علم وارن جو فرض آهي ته فيصلو ڪرڻ فرمائين. ڪي پير سڳورا فرمائين ٿا ته اُهي شخص جي پيرن کي ۽ ولين کي ۽ ڪرامتن کي نٿا مڃن سي وهابي آهن. هاڻي سوال آهي ته پير، ولي ۽ ڪرامت ڇاکي ٿو چئجي؟ ۽ اوائلي مسلمانن جي زماني جي ڇا حالت هئي؟ ڏسجي ٿو ته اوائلي زماني ۾ اهڙو پتوئي ڪونه ٿو لڳي ته ڪوائين چيو ويندو هو ته فلاڻو پير آهي، ولي آهي، صاحب ڪرامت آهي. پهتل آهي، واصل بالله آهي، وغيره وغيره. پير جو لفظ عربي ۾ آهي ئي ڪو نه، پارسي زبان ۾ پير چئبو آهي، پوڙهي ٻڍڙي کي. اڄوڪي زماني جي پيري مريدي ۽ نذر نياز جو رواج به اوائلي زماني ۾ بلڪل ڪونه هو مرشد وٺڻ جو رواج به شايد پوءِ ايران ۾ پيو جڏهن تصوف جي آڙ ۾ ڪي نوان طريقا جاري ٿيا. اوائلي زماني ۾ بيعت فقط خليفة المسلمين اميرالمؤمنين جي ڪئي ويندي هئي جو مسلمانن جي گله باني ڪندو هو ۽ مسلمانن کي اسلام سيکارڻ ۽ هلائڻ جو انتظام رکندو هو. قرآن مجيد ۾ اولياء الله تعالى جا دوست انهن کي سڏيو ويو آهي جي ايمان ٿا آڻن ۽ چڱا عمل ٿا ڪن. ائين ڪٿي به قرآن يا حديث ۾ ڪونه آيل آهي ته اوليا اهي آهن جي ڪرامتون خرق عادت ۽ ڪرشما ڪري ڏيکارين يا ماڻهن کي دعا سان پٽ وٺي ٿا ڏين يا ماڻهن ۾ حال وجهي ٿا ڏيکارين، خرق عادت جا ڪرشما يا حال وجهڻ ته رواجي يوڳي، جادوگر ۽ مسميريزم ڄاڻندڙ به ڪري ٿا ڏيکارين، سچي ڪرامت ۽ معجزا بلڪل ورلي ظهور ۾ ٿا اچن، جي الله تعالى جا ڪم آهن نه ڪنهن انسان جا. اُهي انسانن جي سڌاري لاءِ ظهور ۾ ٿا اچن نه ماڻهن کي پُٽَ ڏيڻ واسطي، نه مريدن هٿ ڪرڻ ۽ نذر نياز حاصل ڪرڻ واسطي. خود پيغبرن کي به طاقت نه آهي، جو پنهنجي پاران ڪو ڪرشمه ڪري ڏيکارين. حضرت موسى ؑ جڏهن الله تعالى جي حڪم موجب لٺ کي اڇليو ۽ نانگ ٿي پئي تڏهن ڊڄي پوئتي هٽڻ لڳو. الله تعالى کيس فرمايو ته ڊڄ نه. هن مان ئي ڏسي سگهبو ته حضرت موسى اهو معجزو پاڻ ته ڪونه ڪري ڏيکاريو پر اٽلندو، ڏسي ڊڄي ويو ۽ ڀڄڻ لڳو.
اڄوڪي زماني جا پير پاڻ کي اوليا، الله ۽ ڪرامت جا صاحب سڏائين ٿا يانه؟ ماڻهو کين پيرين ٿا پون تنهن تي خوش ٿين ٿا يانه؟ جيڪڏهن ڪو کين پيرين نٿو پوي يا ساڻن گڏ ٿو وهي ته رنج ٿين ٿا يانه؟ جيڪڏهن ماڻهو سندن تعظيم لاءِ اُٿي بيهن ته کين خوشي ٿئي ٿي يانه؟ اهي سوال هر ڪوئي پاڻ کان پڇي. حضرت عمررضي الله ۽ امام اعظم ؓ بابت مشهور آهي ته هو خدا جي غضب ۽ آخرت جي عذاب کان ايتري قدر ڊڄندا هئا جو فرمائيندا هئا ته جنتّ ته ٺهي پر الله تعالى رڳو عذاب مان اسان کي ڇوٽڪارو ڏئي ته ٻيو ڇا گهرجي. اڄوڪي زماني جا پير پاڻ کي ته ڇٽل اوليا ۽ جنت جا حقدار ۽ ڪرامتن جا صاحب سمجهيون ويٺا آهن، پر پنهنجن مريدن کي ڇٽائڻ ۽ شفاعت ڪرڻ جو ٺيڪو کڻي ڇڏيو اٿن.
عالمن کان ٻڌو اٿم ته هڪڙي حديث شريف آهي ته جيڪو ماڻهو پنهنجي تعظيم لاءِ ٻين جو اٿي بيهڻ پسند ٿو ڪري تنهنجو اڌ ايمان ويو. ٻي حديث ته مشهور آهي ته جنهن ۾ هڪ داڻو به هٺ جو آهي سوبهشت ۾ نه ويندو. هٺ آهي ٻين کي پاڻ کان گهٽ ڄاڻڻ. هاڻي ٻڌايو ته اڄوڪا پير پاڻ کي ٻين کان وڌيڪ سمجهن ٿايانه؟ ڪنهن بزرگ مون کي چيو ته حال وجهڻ يا ٻئي جي دل پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ ۽ اهڙي طرح ڪنهن کي پنهنجي لاءِ معتقد بنائڻ يا ڪنهن کي مطيع ڪرڻ هڪ عظيم گناهه آهي والله اعلم بالصواب
هڪڙي روايت آهي ته ڪو مشهور اصحابي ڪنهن ڳوٺ ۾ ويو، ماڻهن کيس وڏي عزت ڏني جڏهن ان ڳوٺ مان نڪتو تڏهن ماڻهو هن کي اماڻڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيا ۽ هن جي پوئتان هلڻ لڳا. هي اصحابي سڳورو ٿيو اڳ ۾ ۽ ٻيا ادب کان پوئتان هلڻ لڳا. حضرت عمر کي انهيءَ ڳالهه تان سخت غصو آيو ۽ فرمائين ته تون مسلمانن کي ذليل ڪرڻ ٿو گهرين؟
اڄوڪي پيري موروثي ٿي پئي آهي ولي پير ته پٽ به هروڀرو پير، مريد آهن ملڪيت جيئن ٻي ملڪيت ورثي ۾ ملندي آهي تيئن مريد به ورثي ٿاملن. اهي پير مريدن جي لاءِ ڇا ٿاڪن؟ گهڻي ۾ گهڻو ته هٿ کڻي دعا گهرن، ٻيو ٿيو ڀلو. مٿي مون چيو آهي ته اولياء الله اُهي آهن جي ايمان آڻين چڱا عمل ڪن، چڱا عمل رڳو نماز، روزو، تلاوت قرآن، تسبيح تي وظيفا پڙهڻ ۽ صلواتون ڪڍڻ ۾ محدود نه آهن، چڱن عملن ۾ اُهي سڀ عمل اچي وڃن ٿا جي قرآن مجيد ۽ حديثن ۾ سيکاريل آهن. قرآن شريف ۾ خاص حڪم آهي ته اوهان ۾ ڪي ٽوليون اهڙيون هجن جي امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جو ڪم يعني چڱن ڪمن جي هدايت ڪن ۽ بڇڙن ڪمن کان منع ڪن، سمجهو ته بزرگن لاءِ اهو ڪم ڪونه ڏسيل آهي ته ماڻهن کي رڳو دعائون ڪندا وتن مگر اهو ڪم ڏسيل آهي ته ماڻهن کي اسلام سيکارين.
هاڻي مان تفصيل سان پنهنجا خيال ٿو ٻڌايان. سچو رهبر اُهو آهي جو وڏو عالم هجي ۽ علم تي عمل ڪندڙ هجي، سادگيءَ، نماڻائي خود قرباني ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ جا جذبا ۽ جوش منجهس موجود هجن، جوش ايڏو هجيس جو جوشيلن تقريرن ڪرڻ کان هو پاڻ کي روڪي نه سگهي. جتي به ماڻهو گڏٿين اتي هڪدم ماڻهن کي خدا تعالى ڏي رجوع ڪرڻ جو ڪم ڪري ڏئي. نڪي پاڻ کي پير سڏائي نڪي تڪلف سان اٿي وهي، مريد اصل نه ڪري، سڀني مسلمانن کي ڀاءَ سمجهي، سڀني کي يڪسان هدايت ڪري، کيس گهرجي ته مسلمانن کي علم جي ترغيب ۽ تحريص ڏياري، مڪتبن ۽ مدرسن کولڻ جو چڱو انتظام ڪري. مسلمانن مان بدعتون ۽ بدرسمون ڪڍي گناهن ۽ بداخلاقن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري، وڙهيل مسلمانن جو پاڻ ۾ صلح ڪرائي، اتفاق پيدا ڪري وغيره وغيره. اهڙي رهبر کي جيڪڏهن ماڻهو دعوت ڏئي وٺي وڃن ته ڀلي وڃي دعوت هرگز نه کائي مگر نه دعوت کائڻ جي نيت سان پر تقريرن ڪرڻ لاءِ. جيڪڏهن هن کي پيسا ملن ته ان جو حساب ڪتاب رکي ۽ اهي پيسا قوم جي ترقي لاءِ ڪم آڻي. جيڪڏهن مسڪين هجي ۽ سادو گذران ڪندڙ هجي ته پنهنجي لاءِ به ڪجهه پيسا کڻي مگر اُهي حساب ۾ ڏيکاري مگر انهن شخصن جي دعوت کائي جن بابت معلوم هجي ته ڪي وڏا گناه ڪندڙ آهن ۽ هدايت ڪرڻ سان به باز نٿا اچن.
سنڌ ۾ ڪي وڏا عالم ۽ گهڻن مريدن وارا پير آهن، انهن کي استدعا آهي ته هڪ ماهوار اسلامي رسالو جاري ڪن ۽ هڪ چڱو عربي مدرسو هلائين ان کانسواءِ کين گهرجي ته قرآن شريف جو سليس سنڌي زبان ۾ ترجمون ۽ تفسير تيار ڪرائي ماڻهن کي هدايت ڪن ته اهو پڙهن. صحيح بخاري جو ترجمو حڪيم عبدالحق سکر واري ڇپارايو آهي. ان جي پڙهڻ جو تاڪيد ماڻهن کي ڪن ۽ عربي سيکاريندڙن کي تاڪيد ڪرڻ فرمائين ته ڊاڪٽر داؤد پوٽي جا ڪتاب پڙهائين، )ڊاڪٽر موصوف جو گيشوري ڪاليج بمبئي ۾ عربي جو پروفيسر آهي(.
(توحيد- جون 1934ع)