قرآن شريف معنيٰ سان نه پڙهڻ گهرجي ڇا؟
اهڙي حالت ڇو ٿي آهي؟ حقيقت هي آهي ته قرآن شريف جو مقصد آهي اخلاقي ۽ مالي ترقي تي. قرآن شريف سيکاري ٿو ته دنيا جي سڀني امورن ۾ ڪهڙيءَ طرح هلجي. مگر دنيا انهن ماڻهن جي هٿ ۾ اچي ويئي آهي جي الله تعاليٰ جي متابعت ۽ مسلمانن جي سڌاري ۽ ترقيءَ بدران پنهنجي حرص و هوائن، نفسانيت، خودغرضين، عيش عشرتن ۽ شيطان جي متابعت ۾ مبتلا ٿي ويا. يزيد کان وٺي جيڪي بادشاه ٿيا سي نيڪ مسلمانن جا چونڊيل نه هئا پر پنهنجي زور زبردستي سان بادشاهه ٿيا ۽ پنهنجي ئي خيالن ۽ غرضن موجب مسلمانن تي حڪومت هلايائون. بادشاهي موروثي ٿي پئي يعني جيڪڏهن هڪ بادشاه مرندو هو ته ان جو پٽ يا ڪو ٻيو وارث بادشاهه ٿيندو هو. هنن بادشاهن جي زور زبردستي تي ڪا به روڪ ڪا نه هوندي هئي. پهريان بادشاهه بيشڪ قدري عالمن جون فتوائون وٺندا هئا ۽ ڪورٽن ۾ اسلامي قانونن موافق فيصلا قاضي ڪندا هئا. پر عالمن کان زبردستي سان يا لالچون ڏيئي ڪوڙيون ۽ غلط فتوائون به وٺندا هئا ۽ ڪوڙيون حديثون به رائج ڪرائيندا هئا. جيئن پوءِ تيئن بادشاهه عياش ۽ ظالم ۽ اسلام کان بي پرواهه ٿيندا ويا. تنهنڪري جئين پوءِ تيئن بگاڙو ٿيندو ويو. نيڪ عالمن جو دنيائي امورن تي ڪو اختيار ڪونه رهيو. تنهنڪري هنن گوشه نشيني اختيار ڪئي ۽ رڳو نماز وغيره تي زور ڏنو. تصوف وارن وري دل جي پاڪيزگي وغيره تي زور ڏنو ۽ رفته رفته تصوف به بگڙي ويو. تصوف وارن قرآن شريف جي آيتن جون معنائون ئي پنهنجون ٺاهيون. آخر عالمن جو ڪم وڃي ٿيو فقط نماز، وضو، روزي وغيره جا فروعي مسئلا سکڻ ۽ سيکارڻ ۽ تصوف جو ڪم ٿيو فقط وجود کي وسارڻ. نشو ۽ عشق بازي ڪرڻ. نماز، روزي ۽ قرآن شريف کان پري ڀڄڻ ۽ دنيا کان غافل رهڻ، مگر دنيا وارن کان مڪر ۽ فريب سان پني پيٽ ڀرڻ. جڏهن قرآن شريف کان دنيائي امورن ۾ رهبري ۽ هدايت وٺڻ جي ضرورت ئي ڪانه رهي تڏهن ان کان ٻيا ڪم وٺڻ شروع ٿيا. فالون وٺڻ، تعويذ لکڻ، قرآن بخشڻ، اسقاط، ڪرائڻ بيمار جي سيني تي رکڻ، گهرن يا ڳوٺ جي چوڌاري ڦيرائڻ، قرآن جو قسم ڏيڻ، قرآن مٿي تي يا هٿن ۾ ڏيئي سچي ڳالهه ڪرائڻ، ڪن سورتن کي بار بار پڙهي جنن کي تابع ڪرڻ، بيمارن کي شفا ڏيڻ، ۽ ڪي ڪرشما ڪري ڏيکارڻ. پوءِ ته ڪرامتن جي ڪوڙن قصن جي ڌم لڳي ويئي، چي فلاڻي شخص کي ياسين سڳوري تي اهڙو عمل هو جو سندس لاءِ آسمان تان ڍاڪون پلاءَ جو لهي ايندو هو. فلاڻي کي الرَحمن سڳوريءَ اهڙو فيض ڏنو جو کوه جي پاڻيءَ کي حڪم ڪندو هو ته پاڻي مٿي چڙهي ايندو هو. فلاڻو قل يا سڳوري پڙهي بيمار تي شوڪاريندو هو ته بيماري بروقت هلي ويندي هئي وغيره وغيره.
وري ائين به ناهي ته عمل ۽ هدايت جي لاءِ رڳو قرآن شريف کي ترڪ ڪيو ويو، بلڪ حديثن کي به قطعن ترڪ ڪيو ويو ڇو ته صحيح حديثون قريبن اُها ئي تعليم ٿيون ڏين جا قرآن شريف ۾ آهي. رسول الله ﷺ ۽ اصحابن سڳورن جي عملي زندگي ۽ اخلاق جي قرآن شريف ۽ حديثن ۾ اسانجي رهبري لاءِ موجود آهن تن کي قطعن ترڪ ڪيو ويو. رسول الله ﷺ جي هڪ خيالي تصوير ڪڍي. کين فقط معجزن جو مجسمو سمجهيو ويو. انسان ۽ رسول جي درجي کان مٿي چاڙهي کين الوهيت جي درجي تي پهچايو ويو. جئين هڪ شاعر چيو آهي :- لگا هي ڊر شريعت کا نهين تو کهه دون خدا تم هو. رسول الله ﷺ به نسبت جيڪو گهڻو ذڪر ڪيو ويندو هو سو فقط معراج ۽ شفاعت جو.
حقيقت هي آهي ته قرآن شريف سراسر علم آهي ۽ عملي زندگي لاءِ سڀني مکيه امورن لاءِ حڪم ۽ هدايتون ڏيندڙ آهي جن تي عمل ڪرڻ ڪري انسان اخلاقي ۽ دنيوي ترقين جي معراج تي پهچي ٿو وڃي جيئن اوائلي مسلمان سچ پچ عملن ۽ هنرن ۾ سڄي دنيا جي قومن کان گوءِ کڻي ويا. دولتمند ٿي پيا ۽ اڌ دنيا تي حڪمران ٿي ويا. مگر پويان مسلمان قرآن شريف کي ترڪ ڪري پنهنجي پنهنجي خيالن موجب فرقا ٺاهي قوم ۾ تفرقا وجهي فاسق ۽ جاهل بلڪ ڪي ته ڪافر ٿي قوم کي ڪمزور ۽ ذليل ڪري دولتمندي ۽ بادشاهي وڃائيندا سڃا ۽ تباهه ۽ غلام ٿيندا ويا. هي به بلڪل غلط آهي ته قرآن شريف کي سمجهڻ مشڪل يا محال آهي. قرآن شريف جهڙو سولو ڪتاب دنيا ۾ ڪونهي. خود الله تعاليٰ بار بار قرآن شريف ۾ فرمائي ٿو ته قرآن شريف سولو ۽ چٽو آهي. خلفاءِ راشدين قرآن شريف جا نقل ڪرائي بنا تفسير عربي خواه عجمي ماڻهن کي ان جي پڙهڻ جو تاڪيد ڪندا هئا ۽ ان تي ئي عمل ڪرڻ جو ارشاد ڪندا هئا. پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو اسان ترجمن ۽ تفسيرن جي مدد سان به قرآن شريف نه سمجهي سگهنداسين. هاڻ! هڪڙو سبب هي به آهي ته ترجما تحت لفظي ۽ ردي سنڌي ۾ لکيل آهن. تفسير وري ڪي اهڙا آهن جي عقل جي خلاف ۽ ترقيءَ بدران تنزل ڏي نيندڙ آهن. سٺيو سڌيون ۽ سهڻيون معنائون ڇڏي اونهيون ۽ غلط معنائون ڪڍيون ويون آهن. منهنجو خيال آهي ته سنڌي ترجمو انهيءَ ساڳيءَ ڍنگ ۾ لکڻ گهرجي جنهن ڍنگ ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد قرآن شريف جو ترجمو لکيو آهي. جيستائين اهڙو ترجمو ڪو صاحب تيار ڪري ڇپارائي تيستائين مرحوم مولوي محمد عثمان جو ترجمو غنيمت سمجهڻ گهرجي. هر هڪ سيپاره جو هديه فقط ڇهه آنه آهي. جيڪڏهن ڪو مسلمان سال ۾ ڇهه آنا الله جي ڪلام پڙهڻ لاءِ خرچ ڪرڻ پسند نٿو ڪري تنهن جي مسلماني ۾ شڪ آهي. حيف آهي اسان جي حال تي جو عمر مارئي، سسئي پنهون، مومل راڻو، گل بڪاولي، چاردرويش، عشقي قصا ۽ غزل ۽ ڪافيون پڙهون ٿا. مگر الله جو ڪلام ۽ الله جي رسول ﷺ جو ڪلام اسان کي نٿو وڻي ۽ جن کي الله جو ڪلام ۽ الله جي رسول ﷺ جو ڪلام نٿو وڻي تن کي مسلمان سڏائڻ جو ڪهڙو حق آهي؟
سڀني روشن خيال صاحبن ۽ ايڊيٽرن ۽ وعظ ڪندڙن کي منهنجي استدعا آهي ته ماڻهن کي قرآن شريف ۽ صحيح بخاري معنيٰ سان پڙهڻ جي هدايت ڪن.