ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

ڪامل تندرستي جا اسرار

ايامن کان ڊاڪٽرن تندرستي جي اسرارن لهڻ جي ڪوشش پي ڪئي آهي. اڄ ڪلهه سڀني ڊاڪٽرن کي اهي معلوم آهن، مگر ڪيتري قدر انهن تي عمل ڪيو ٿو وڃي؟ جن جي مرضي آهي ته تندرست رهون تن لاءِ تندرستي جون هدايتون هيٺ ڏجن ٿيون.
1 - پورو پنو کائو - 21 ورهين جي عمر تائين چڱو صحت بخش کاڌو گهڻي انداز ۾ کائڻ نقصان نٿو ڪري. ان عرصي ۾ بدن ٺهي به ٿو (يعني واڌ ٿو ڪري) ۽ کوٽ به ٿو ڀري. جڏهن بدن واڌ ڪرڻ کان بس ٿو ڪري ته پوءِ کاڌو فقط کوٽ ڀرڻ جو ڪم ٿو ڪري. گهڻا عارضا فقط پاڻ کي پاڻ نشي ڏيڻ سان ٿين ٿا، ۽ اهو نشو يا زهر گهڻو ڪري هن مان پيدا ٿئي جو بدن تمام گهڻي غذا کي هضم ڪرڻ ۽ نيڪال ڪرڻ جي طاقت نٿو رکي. هي هڪڙو نهايت معقول قانون آهي ته ڪڏهن به پيٽ ڀري تار ڪري نه کائجي، جڏهن ڪنهن ڪم جي تڪڙ هجي تڏهن نه کائجي ۽ جڏهن ماڻهو ڪاوڙ رنج يا ملولائي ۽ ڳڻتي ۾ هجي تڏهن به نه کائجي. جيڪڏهن توهان بدني پورهيو ڪندڙ نه آهيو ته مهيني ۾ هڪ ڏينهن ڪجهه نه کائڻ عقلمندي جو ڪم آهي.
2 - غلاظتون ڪڍو - پاڻ کي پاڻ نشو يا زهر ڏيڻ جي حالت تڏهن ٿي پيدا ٿئي، جڏهن بدن زهر پيدا ڪندڙ غليظ مواد کي نيڪال ڪري نٿو سگهي. ان لاءِ روزانو قانونن تي هلڻ ۽ صفائي تمام ضروري آهن. غلاظتن جي نيڪال ڪرڻ جا جي رستا آهن تن مان اهو رستو جنهن جي نسبت عام طرح گهڻي غفلت ڪئي ٿي وڃي سو آهي چمڙيءَ جا مسام. (جن مان پگهر ٿو نڪري) هر هڪ مسام هڪ ڪسي آهي جا جيڪڏهن برابر ڪم ڪندڙ آهي ته بدن جون غلاظتون وهائي ٻاهر ڪڍي ٿي ڇڏي. جيڪڏهن بدن جي ڪسين کي ڪا رنڊڪ ٿي ٿئي ته مرضن پيدا ڪندڙ ٻجن ۽ جيوڙن جو مقابلو اهڙو ڪري نٿو سگهي جهڙو صاف رت ڪري ٿو سگهي. هن قانون تي عمل ڪرڻ لاءِ چمڙي بنسبت غفلت هرگز نه ڪريو. هوا ۽ ٽوال چمڙيءَ کي چڱي عملي حالت ۾ رکن ٿا.
3 - ٿڪ کي ننڊ سان دفع ڪريو – ننڊ، طاقت کي وري آڻڻ لاءِ هڪ قدرتي طريقو آهي. جڏهن اسان ننڊ ٿا ڪريون تڏهن دل ۽ ڦڦڙن کي آرام ٿو اچي، ۽ اسان جي رت جو سرشتو کوٽ ڀرڻ جي ڪم کي لڳي ٿو وڃي. ڪيتري ننڊ ڪجي تنهن لاءِ ڪو مقرر قانون ڪونهي. ڏسڻو آهي ته ڪيتري ننڊ تازو توانو ڪري ۽ وڃايل طاقت کي موٽائي آڻي ٿي.
ڪم از ڪم نوي منٽ اڌ رات کان اڳي سمهو کليل دريءَ ڀرسان. جن ماڻهن جي رت جو دورو ضعيف آهي سي گهڻو ڳورو بسترو مٿئون وجهندا آهن. اها حالت ضعف پيدا ڪندڙ آهي. ڳورين سوڙين وجهڻ بدران گرم ڪپڙا پائي سمهو (هي پوئين هدايت انگلينڊ وارن لاءِ ٿي ڏسجي جو اتي گهڻي ٿڌ سبب تمام ڳوريون سوڙيون ڪم ٿا آڻين) گرم اوني ڪپڙا بدن جي گرمي قائم رکن ٿا ۽ بار به نٿا ٿين.
4 - بدن کي ورزش ڏيو - ورزش جو انداز اوهان جي عمر ۽ هاٺيءَ تي مدار ٿو رکي، پر سڀ ڪنهن کي ٿوري يا گهڻي ورزش جي ضرورت آهي. ورزش رڳن (گوشت) کي درست ڪري ٿي ۽ انهن کي غلاظتن دور ڪرڻ جي طاقت ڏئي ٿي، دل کي ۽ رت جي دوري کي چست ڪري ٿي ۽ دماغ کي صاف ڪري ٿي. ورزش نه وٺڻ ڪري بدن ڪمزور ٿئي ٿو. گوشت ڍلڙو ۽ خيال سست ۽ ضعيف ٿئي ٿو.
مگر ٿڪائيندڙ ورزش مان به نقصان آهن. ڏسڻو آهي ته ڪيتري ورزش چڱو اثر پيدا ٿي ڪري، ۽ هن ڳالهه ۾ هر ڪوئي پنهنجو پاڻ حڪيم آهي.
5 - تمام گهڻي ڪم ڪرڻ کان پاسو ڪريو - انسان جي طاقت محدود آهي، جا بدن ۽ ڪم ڪندر دماغ لاءِ ورهايل آهي. جيڪڏهين انهيءَ حد کان ٻاهر ٿو وڃجي ته بدن ۽ خيال ڪمزور ۽ ملول ٿي ٿا پون. نيپولين ڪم ڪندي 2 منٽن جي ننڊ به ڪري وٺندو هو. کيس ننڊ جو قدر هوندو هو ۽ تندرست بدن ۽ صاف دماغ جو به قدر ڪندو هو.
6 - وات صاف رکو - جيڪڏهن پاڻ کي ٺيڪ نه سمجهين ۽ ڊاڪٽر ڏي وڃين ته هو گهڻو ڪري توکي ڏندن جي ڊاڪٽر ڏي موڪليندو. ڇو ته وات مرضن جي جيوڙن جو مرڪزي مڪان آهي. تنهنڪري وات جي صفائي جي اشد ضرورت آهي. ڏندن ۽ مهارن جي غفلت ڪيترين ئي بدني بيمارين جو باعث بڻجي ٿي. ڏندڻ سخت برش سان هڻجي ۽ ڪو به چڱو پائوڊر ڪم آئجي ان سان گڏ صبح ۽ رات وقت پاڻي ۾ لوڻ ملائي گرڙيون ڪجن. (ڏندڻ ڪم از ڪم ٻه ڀيرا هڪ صبح جو ۽ ٻيئو رات جو سمهڻ مهل ڪرڻ گهرجي.)
7 - پاڻي پيو - انسان جو پهريون شربت يا شراب صاف پاڻي هو، جو غلاظتن ڪڍڻ جو بهترين وسيلو آهي. بهترين وقت پاڻي پيئڻ جو آهي صبح جو نيراني، ٻيو نيرن بعد ڪجهه وقت رکي. ٽيون رات جو سمهڻ وقت (هن جو مطلب ناهي ته ٻين وقتن تي پاڻي نه پيئجي ڀلي هر هر پئجي). پاڻي سڄي بدن کي اندر ئي اندر ڌوئي غلاظتون ٻاهر ڪڍي ٿو ڇڏي. جيڪڏهن پوري انداز ۾ پاڻي نٿو پئجي ته ڪيتريون عذاب ڏيندڙ شڪايتون پيدا ٿين ٿيون. پاڻي ڪيترو به پيو اهو گهڻو ناهي. گهڻا ماڻهو گهٽ پاڻي ٿا پيئن جو چڱو ناهي.
8 - صاف رهو - وهنجڻ جو مقصد رڳو اهو ناهي ته ٻاهرين گندگي لهي وڃي ۽ اسان کي بڇان نه اچي، پر سچو مقصد هي آهي ته چمڙيءَ جا هزارين مسام يعني دروازا کليل رهن. وهنجڻ رت جي دوري کي چست ڪري چمڙيءَ کي درست ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو وهنجڻ کان پوءِ پاڻ کي تازو توانو سمجهندا آهيون. بدني صفائي سان گڏ عام صفائي به ضروري آهي، جنهن ۾ ڪپڙن جي صفائي به اچي ٿي وڃي. ميرن ڪپڙن ۾ يا انهن ٿلهن ڪوٽن ۾ جي دير سان بدلائيندا آهيون، مرضن جا جيوڙا رهندا آهن، جن کي اسان جاڏي وڃون ٿا اوڏاهين پکيڙيون ٿا ۽ گهر ۾ به آڻيون ٿا.
9 - خوف يا ڊپ کي تڙي ڪڍو - تندرست خيال کان سواءِ تندرست بدن حاصل ڪري نٿو سگهجي. خوف جي معنيٰ آهي جرائت جو نه هئڻ. اسان ان کي ڳڻتي ٿا سڏيون جو اهو لفظ وڌيڪ پسند ٿا ڪيون، مگر ان کي ڊڄڻائپ يا بزدلي سڏڻ گهرجي. سائنس ثابت ڪيو آهي ته ڊپ جو بدن تي گهرو اثر آهي. ڊپ هڪدم هليو ٿو وڃي جيڪڏهن اسان ڊپ واري شيءِ جو مقابلو ٿا ڪريون. ڊپ پاڻ کي پاڻ کائي ٿو. مگر عمل ڪرڻ سان ڊپ غائب ٿي وڃي ٿو.
10 - محبت - قديم حڪيمن يقين ڏيکاريو آهي ته محبت تندرستي لاءِ نهايت ضروري آهي. جن کي محبت ناهي سي پاڻ تي ظلم ٿا ڪن. هو سمجهن ٿا ته سڄي دنيا سندن چوڌاري پئي ڦري. اسان انهن کي خود غرض ٿا سڏيون ۽ کين پسند نه ٿا ڪيون. اسان کي مٿن افسوس ڪرڻ گهرجي. هو حياتي جو سڀ کان وڏو مزو وڃائن ٿا. جتي محبت آهي اتي بغض ۽ عداوت نه رهندي. طب چوي ٿي ته ڌڪار ۽ عداوت رت ۾ زهرات وهائين ٿا. محبت تندرستي جو هڪ مکيه اسرار آهي.
(اخبار تعليم نومبر 1934)