ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

اهل حق ۽ قرآن مجيد جي مخالفت

سنڌ ۾ ڪي نيم خوانده ۽ خود غرض ماڻهو وهابيت جو ڀوت کڙو ڪري سنڌ جي جاهل مسلمانن کي قرآن ۽ حديث کان پري رکي گمراه ڪري رهيا آهن. در حقيقت نڪي آهن فرقا نڪي آهن اختلاف. جيڪڏهن فرقا آهن ته فقط ٻه آهن. هڪڙو عالمن ۽ عاقلن جو ۽ ٻيو جاهلن ۽ خود غرضن جو ۽ بس. اسان جو قرآن به هڪ ۽ رسول به هڪ پوءِ فرقا ڇا جا؟ سچو اسلام اُهو آهي جنهن تي رسول ﷺ ۽ سندن اصحابن سڳورن عمل ڪيو. اسان سڀئي انهن جي مذهب تي هلون ته فرقا هجن ئي ڪو نه نڪي جهڳڙا هجن. اوائلي مسلمانن سچي اسلام تي عمل ڪري اخلاقن، عملن، هنرن، دولت ۽ حڪومت ۾ سڀني کان سرفراز ٿيا. مگر پويان مسلمان سچي اسلام کي ڇڏي فرقا ٺاهي خدا پرستي ڦٽي ڪري ذليل ۽ تباه ٿي ويا.
جيڪي ماڻهو ٻين کي وهابي سڏي رهيا آهن، سي گهڻو ڪري خود غرض آهن. جهڙوڪ پيشه ور ملان، مجاور ۽ پينو فقير. انهن جو گذران ۽ انهن جو وقار آهي ئي ٻين جي ڪمائي تي. اهي ماڻهو هزارين حيلن ۽ مڪرن سان ۽ خود ساخته عقيدن ۽ بدعتن ۽ بدرسمن پيدا ڪرڻ سان سڀني مسلمانن کي ڦري عيش عشرتون ٿا ڪن. مسڪينن، يتيمن، رنن زالن جو مال به هڪ ڳيت سان ڳهي وڃن. حرام حلال ڏي به اصل ڪين ڏسن. رشوت کائيندڙن، پرائو حق کائيندڙ، چوريون ڪرائيندڙ، قرض ۾ مبتلا رهندڙن جي دعوتن ۽ نذرانن هضم ڪرڻ کا به ڪين ٽرن. سرڪار به انهن لاءِ ته جيل خانا کولي ڇڏيا آهن جي ڪڏهن ڪڏهن رات جي وقت لڪي لڪي چوريون ٿا ڪن، يا ڌاڙا ٿا هڻن. پر اُهي وڏا وڏا ڌاڙيل جي روزمره کليو کلايو ڏينهن ڏٺي جو مڪرن ۽ ٺڳين سان لکن جا ڌاڙا هڻن تن لاءِ پينل ڪوڊ قائم ئي ڪو نه رکيو اٿس. مريد ڪهڙا به بي دين ۽ بد اخلاق هجن پر دعوت کارائن ۽ نذرانا ڏين ته پوءِ اُهي ڏاڍا پيارا ٿا لڳن. ڪائونسل جي ميمبري ۽ ضلع بورڊ جي پريزنڊنٽي لاءِ انهن جي مدد ڪئي ٿي وڃي جي هزارن کان مٿي نذرانو پيش ڪن. پوءِ اُهي لائق هجن ته ڇا جي نالائق ۽ قوم جا دشمن هجن ته ڇا! قرآن شريف ۾ جيترا ڀيرا نماز جو حڪم آهي. تنهن کان ڪم از ڪم ٻيڻ ڀيرا خدا جي راه ۾ خرچ ڪرڻ جو حڪم ڪيل آهي پر هڪڙو رڪوع ته خاص طرح ان بابت آهي ته هرگز نيڪي کي پهچي نٿا سگهو جيستائين نه ٿا خرچيو ان کي جنهن کي حب (محبت) ٿا ڪيو.
چئبو ته فقط خدا جي راه ۾ خرچ ڪندڙ يعني ٻين کي ڏيندڙ ئي نيڪ آهن. پوءِ جيڪي پاڻ ڪمائين ئي ڪون ۽ ٻين کي ڏيڻ بدران ٻين کان وٺي عيش عشرت ڪن، انهن کي نيڪين جي ابتڙ نه چئجي ته ڇا چئجي؟ اڄ ڪلهه جهل به ايترو وڌي ويو آهي جو ڀلارا به اُهي سمجهيا ٿا وڃن، جيڪي قوم کي پيڙي سڃو به ڪن ۽ قرآن حديث ۽ اسلام کان جاهل رکي بيدين ۽ بداخلاق ڪن. پيغمبر سڳورا پاڻ ڪمائيندا هئا ۽ ڪنهنجو احسان نه کڻندا هئا ۽ پنهنجي تبليغ جي سچائي ثابت ڪرڻ لاءِ اهو ئي دليل پيش ڪندا هئا ته ”اسان جيڪي توهان کي سيکاريون ٿا تنهن لاءِ ڪو اجر يا عيوضو ته ڪو نه ٿا گهرؤن !“
امام اعظم سڳورو به واپار ڪندو هو ۽ پنهنجي دولت مان بي انداز سخاوت ڪندو هو. هاڻي جيڪي ماڻهو ٻين جي ڪمائي تي گذران ٿا ڪن تن جي تبليغ ۽ فتوائن تي ڇو اعتبار ڪجي؟ خود غرض ماڻهو جي شاهدي توڙي راءِ قبول ناهي. شريعت ۾ توڙي ڪورٽن ۾ اهو قانون آهي. ڪائونسلن ۽ ميونسپالٽين ۽ بورڊن ۾ اهو قانون آهي ته جنهن ممبر جو ڪنهن سوال سان ذاتي واسطو آهي سو ان سوال تي ووٽ نه ڪري. ڪنهن به پير يا عالم يا درويش کي هروڀرو هر حالت ۾ برحق سمجهڻ خدا پرستي جي خلاف مردم پرستي آهي. قرآن شريف ۾ يهودين به نسبت فرمايل آهي ته هو خدا تعاليٰ جي بدران پنهنجي عالمن کي رب ڪري ٿا وٺن. يهودي پنهنجي عالمن کي رب ڪو نه سڏيندا هئا. پر جيڪي اُهي چوندا هئا سوئي قبول ڪندا هئا. ايئن ڪرڻ آهي انهن کي رب سمجهڻ. سنڌ جي عوام الناس مسلمانن کي منهنجي زوردار استدعا آهي ته هو پيرن ۽ عالمن ۽ درويشن کي رب ڪري نه وٺن، پر ڪوشش ڪري پاڻ خدا جا حڪم معلوم ڪن ۽ انهن تي هلن.
خدا جا حڪم ۽ خدا جي سيکاريل تعليم قرآن شريف ۾ آهي ته الله تعاليٰ جي رسي (يعني قرآن شريف) کي مضبوط جهليو ۽ فرقا نه ٺاهيو ! حضور ﷺ پنهنجي آخري حج جي مشهور خطبي ۾ وصيت ڪئي ته مان توهان ۾ ٻه شيون ڇڏيون ٿو وڃا ! هڪ قرآن ٻيو منهنجي سنت. جيڪو انهن کي چنبڙي پوندو سو گمراه نه ٿيندو. پر جيڪي خود غرض ٻين کي وهابي سڏي رهيا آهن سي چون ٿا ته قرآن شريف معنيٰ سان نه پڙهو ! هو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن ماڻهو قرآن شريف معنيٰ سان پڙهندا ته پوءِ اسان کي پڇندا به ڪو نه. هو چون ٿا ته قرآن شريف رڳو ثواب لاءِ پڙهجي مگر عمل لاءِ فقه ڪافي آهي. جيڪڏهن فقه ڪافي آهي ۽ قرآن ۽ حديث جي ضرورت ئي ڪانهي ته پوءِ الله تعاليٰ قرآن شريف ڇو نازل ڪيو. ڇو نه اهو موجوده فقه شريف نازل ڪيائين. حقيقت هي آهي ته اسلام جو روح، اسلام جي جان ۽ جوهر جو قرآن شريف ۾ آهي سو فقه شريف ۾ اچي نٿو سگهي. هو سمجهن ٿا ته ماڻهو فقه ته هونئن ئي ڪو نه پڙهندا تنهنڪري انهيءَ تجويز سان قرآن ۽ حديث کان به ماڻهن کي روڪي ٿا ڇڏين. حقيقت هي آهي ته قرآن شريف ۾ سڀ مکيه هدايتون موجود آهن ۽ فقط ڪي فروعي ڳالهيون ڇڏيل آهن جي وري حديثن ۾ موجود آهن. جيڪي ماڻهو فقط فقه جي نالي تي نه رڳو اهل حديث وارن پو خود پڪن حنفي عالمن کي وهابي سڏي رهيا آهن سي در حقيقت حنفي فقه جا به دشمن آهن. جيڪي ئي غلط عقيدا بدعتون ۽ بدرسمون پيدا ڪيون اٿن تن لاءِ فقه ۾ به ڪا سند ڪانهي. پوءِ اهو لاچار ڪوڙيون حديثون ٺاهي پنهنجو بچاءِ ڪندا آهن.
قرآن مجيد جي برخلاف ٻيو دليل هي ڏيندا آهن ته قرآن شريف سمجهڻ ڏکيو آهي. تنهنڪري جيڪو معنيٰ سان پڙهندو سو گمراه ٿيندو. مگر الله تعاليٰ پاڻ ٿو فرمائي ته قرآن شريف بالڪل سولو آهي. اوائلي زماني ۾ مسلمانن جي هدايت لاءِ فقط قرآن شريف (بنا تفسير) جي اشاعت ڪئي ويندي هئي. قرآن شريف کي ڏکيو به انهن پاڻ بنايو جو آيتن سان ڪوڙيون روايتون شامل ڪري پنهنجا تاويل ٺاهي پنهنجون معنائون ڪڍيون اٿن ورنه قرآن شريف جي چٽين آيتن (محڪمات) جي معنيٰ اُها ئي صحيح آهي جا سئين سڌي ترجمي مان بالڪل ظاهر آهي. بيشڪ ڪي آيتون متشابهات آهن. عوام الناس کي گهرجي ته انهن کي ڇڏي ڏين يا بي غرض عالمن کان پڇي ڏسن سنڌ جي مسلمانن کي منهنجي زوردار استدعا آهي ته هو قرآن ۽ حديث کي نه ڇڏين. الله ۽ الله جي رسول جي حڪمن کي ڦٽي نه ڪن ۽ خدا پرستي جي بدران مردم پرستي نه ڪن. کين گهرجي ته قرآن شريف ترجمي ۽ تفسير سان يا رڳو ترجمي سان پڙهن ۽ روزمره پڙهن.
ٻي استدعا هي آهي ته دين به نسبت انهن زبردست عالمن سان گفتگو ڪن جيڪي عربي چڱيءَ طرح ڄاڻن. بي غرض بي ڊپاهجن. پوءِ به هروڀرو انهن تي اعتبار نه ڪجي پر تحقيق هئڻ ڪجي جو کانئن اُهي آيتون يا حديثون لکائي وٺجن. پوءِ وڃي اُهي ٻين عالمن کان ڪڍائي انهن جو ترجمو ڪرائين. ٻي ضروري هدايت هي آهي ته پوئين زماني جا تفسير اڪثر غير معتبر ۽ ردي آهن ۽ اوائلي تفسير وڌيڪ معتبر آهن مگر هاڻي اردو ۾ گهڻا ئي چڱا تفسير ڇپيا آهن جي اڳوڻن تفسيرن ۽ حديثن سان موافق آهن.
استدعا اها آهي ته هي اصول هميشه ياد رکڻ هجي ته اسلام جا عقيدا ۽ عمل سڀ اهڙا آهن جي ڪامل عقل تي ٻڌل آهن ۽ اهڙا آهن جو انهن جي ڪري قوم جو سڌارو ۽ ترقي ٿي ٿئي. الله تعاليٰ جيڪي حڪم ڏنا آهن سي اسان کي تڪليف ڏيڻ لاءِ نه ڏنا آهن پر اسان جي بهبودي ۽ سڌاري لاءِ ڏنا آهن. ڪي ڀليل ماڻهو چوندا آهن ته هن دنيا ۾ مؤمنن لاءِ مصيبتون آهن مگر آخرت ۾ انهن جي عوض بهشت ملندو. ائين هرگز ناهي. انهي ڳالهه جي چٽائي خود قرآن شريف ۾ بار بار ٿيل آهي. قرآن شريف تي هلڻ ڪري اسان کي دنيا جون به سڀ نعمتون نصيب ٿينديون. ۽ آخرت جون به. اسلام جي تعليمات تي هلڻ ڪري بدني صحت ۽ تندرستي ۽ طاقت وڌي ٿي. اخلاق اعليٰ ٿا ٿين ۽ مالي ۽ ملڪي ترقي حاصل ٿئي ٿي. ۽ انهن تي نه هلڻ ڪري مرضَ، سڃائي، ذلت ۽ مصيبتون نازل ٿين ٿيون. خاص طرح اسلام جو مقصد آهي نيڪ اخلاق. نيڪ اخلاقن ۾ وري بهترين خلق آهي ٻين تي رحم ڪرڻ. سڀني کان بهتر انسان اُهو آهي جو ٻين تي رحم ڪري ۽ ٻين کي فائدو پهچائي. سڀني کان بدترين انسان اُهو آهي جو جو ٻين تي ظلم ڪري يا ٻين جو نقصان ڪري. حديث آهي ته ”الله تعاليٰ انهن تي رحم نٿو ڪري جي ٻين انسانن تي رحم نٿا ڪن.“
مان ڪنهن به فرقي جو ماڻهو ناهيان. منهنجو ڪنهن سان به اختلاف ڪونهي. منهنجو اختلاف فقط انهن سان آهي جي ماڻهن کي قرآن شريف ۽ حديث کان منع ٿا ڪن. مان فقه شريف جي مخالفت بلڪل ڪونه ٿو ڪريان. فقه شريف جو ته رڳو بهانو ڪري ماڻهن کي قرآن شريف ۽ حديث کان به محروم رکيو ٿو وڃي. خدا جي واسطي قوم تي رحم ڪيو کين الله جي ڪلام ڏي رجوع ڪيو. جيڪڏهن قرآن شريف سمجهڻ ڏکيو آهي ته سليس ۾ بامحاوره سنڌيءَ ۾ ان جو ترجمو ڪيو. جتي ضرورت هجي اُتي مختصر سمجهاڻي به لکو. حديثن لاءِ سڀني کان وڌيڪ صحيح ۽ معتبر ڪتاب صحيح بخاري آهي. ماڻهن کي هدايت ڪيو ته اُهو معنيٰ سان پڙهن. جيڪڏهن ان ۾ ڪي حديثون ضعيف آهن ته انهن کي ڪڍي ڌار ڪريو. وڏي ڳالهه هي آهي ته قوم ۾ محبت ۽ خير خواهي جو انگ پيدا ڪيو اتفاق ۽ نظام قائم ڪيو. بداخلاق ڪڍي اعليٰ اخلاق سيکاريو ۽ بدرسمون ڪڍي قوم کي مالي ۽ ملڪي ترقي وٺارايو. هن وقت عمل جي سخت ضرورت آهي. فروعي اختلافن سان قوم جو ٻيڙو غرق نه ڪريو !
منهنجو ويساهه آهي ته قوم ۾ ڪجهه قدر سجاڳي پيدا ٿي آهي. هو هاڻي پاڻ قرآن شريف حديثون معنيٰ سان پڙهي سچي اسلام تي عمل ڪندا ۽ مطلبي ماڻهن تي اعتبار نه ڪندا. جيڪي ماڻهو قرآن ۽ حديث جا مخالف آهن سي الله ۽ الله جي رسولﷺ جا دشمن آهن. مسلمانن ۽ اسلام جا ويري آهن، بلڪ وڏي ۾ وڏا دشمن پنهنجا آهن. الله تعاليٰ کين چڱي مت ڏئي ۽ قرآن ۽ حديث ڏي رجوع ڪري ! آمين
(توحيد نومبر 1935ع)