معجزا ۽ ڪرامتون (خرق عادت)
اسان جا مولوي ۽ عام ماڻهو سر سيد احمد خان ۽ مولوي محمد علي کي انهيءَ ڳالهه تي تمام سخت ٿا وٺن ته هو ڇو تاويلات ڪري معجزن کي رواجي واقعا بنائي ٿا ڇڏين. پر ايتري قدر سخت وٺڻ جو ڪهڙو ضرور آهي. اسلام جو مدار خرق عادت جي واقعن تي آهي ڇا يا ان ۾ قادر جي قدرت جو نقص يا شان جي گهٽتائي آهي ڇا. قرآن شريف ۾ پاڻ انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته ڏسو ته دنيا ڪيئن باقاعدي قانونن موافق پئي هلي. رات ڏينهن ڏي ڏسو ستارن جي گردشن ڏي ڏسو وغيره وغيره.
ٻي ڳالهه هي آهي ته جيئن جهل گهڻو هوندو آهي تيئن خوش اعتقادي گهڻي هوندي آهي. جيئن ٻارن کي ديون ۽ پرين ۽ راڪاسن ۽ طلسمات جون ڪهاڻيون وڻنديون آهن تيئن جاهلن کي به اهي ڳالهيون وڻنديون آهن. جيڪي عقل ۽ مشاهدات کان گهڻو بعيد هجن (جيئن حاتم طائي ۽ ممتاز دمساز جا قصا ماڻهن کي سچا سمجهڻ ۾ ايندا آهن ۽ نهايت وڻندا آهن) يورپ ۾ جڏهن ماڻهو جاهل هئا تڏهن منجهن لکين ولي موجود هئا ۽ ڪروڙين ڪرامتن جا قصا، جنن ۽ ڀوتن ۽ ڏائڻين جا قصا رائج هوندا هئا. جنهن به عورت ۾ اهو شڪ پوندو هو ته ڏائڻ آهي تنهن کي ڦاسيءَ چاڙهيو ويندو هو. هزارين ٻڍڙيون عورتون ناحق سوريءَ تي لٽڪايون وينديون هيون. هاڻي جڏهن يورپ جا ماڻهو عقل ۽ علم ۾ ترقي ڪري ويا آهن، تڏهن نڪي ڪرامتون ٿا ڏسن، نڪي جن ۽ ڏائڻون ٿا ڏسن. اسان جي سنڌ ملڪ ۾ به اهڙو جهل آهي جهڙو يورپ ۾ ٽي سؤ سال اڳي هو. سيوهڻ، روهڙي ۽ ٺٽي ۾ سوا سوا لک ولين جو مدفون سمجهيو وڃي ٿو. ٻين هنڌن به جابجا هزارين ولين جون قبرون ڏيکاريون وڃن ٿيون. وري لطف هي ته انهن بابت هڪ به تواريخي واقعو ڪونه ٿا ٻڌائي سگهن. اهل حياتي وارن ۾ به هزارين ولي سمجهيا وڃن ٿا. مستن کي به اولياءَ الله سمجهيو وڃي ٿو. جيڪي بيشرم، بدمعاش، نانگا ماڻهن کان پنهنجا مخصوص عضوا مهٽرائن ٿا تن کي ڪي تعليم يافته ماڻهو به ولي مڃين ٿا ۽ مرادن حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جا عضوا ٿا مهٽين. ڪرڙ ڪانڊيرو، ميهو ونگو سڀ ڪو ولي سمجهيو پيو وڃي اگرچه هن جا عمل شريعت جي مخالفت ڇو نه هجن. سندن ڪرامتن جون ڳالهيون لکين ڪروڙين بيان ڪيون ٿيون وڃن جي ڳالهيون اڪثر ڪري انهن جا فقير يا دوست هٿرادو ٺاهي پکيڙين ٿا. پر انصاف جاهلن جا به نه وڃائبا جو تحقيقات ڪرڻ کان سواءِ کنيو قبول ڪن. هڪڙي پير جو مشهور قصو آهي ته هڪڙي جيئري ماڻهو کي تڪبير سان ماري پوءِ مٿس جناري جي نماز پڙهيائين. مون ان ڳوٺ ۾ وڃي جانچ ڪئي مگر پتوئي نه پيو. ساڳي طرح جنن جا قصا به لکين ڪروڙين بيان ڪيا ٿا وڃن مگر ملائڪن جو هڪ به نه . جيڪڏهن انهن قصن بابت تحقيقات ڪندءُ ته هرگز سچا نه نڪرندا. هڪڙي وڏي عالم لکيو آهي ته جن نڪو وڻن ۽ جاين وغيره ۾ ٿا رهن نڪو ماڻهن کي ڊيڄارين يا ايذائين ٿا نڪو منجهن واسو ڪري ٿا ويهن يا لهر ٿا هڻائين. عجب ته وري اهو آهي ته ڪاريهر نانگن کي به اولياءِ سمجهيو پيو وڃي ۽ انهن جا حيرت انگيز قصا بيان ڪيا پيا وڃن. انهيءَ ڪري ڪي ماڻهو ڪاريهر نانگ کي نه ماريندا آهن.
ڪرامتن جي قصن جو هڪ تباهه ڪندڙ نتيجو اهو پيدا ٿيو آهي جو ڪيترائي ماڻهو قيمتي وقت وڃائي تڪليفون ۽ خرچ ڪري ڪوڙن درويشن ۽ ڪوڙن پيرن وٽ وڃن ٿا ۽ انهن کي پيسا وغيره ڏيئي پنهنجو جهڳو جهڻ ڪري ٿا ڇڏين. ائين نٿا سمجهن ته جيڪڏهن اهي ولي هجن ته بنا اجوري کين دعا ڪن ۽ ٻين کان وٺڻ بدارن انهن کي ڪجهه ڏين. وڏو نقصان هي به ٿو ٿئي جو بيماريءَ جيڪي علاج ڪرڻ بدارن ۽ ٻين ڪمن ۾ ڪوشش وٺڻ بدارن پيرن ۽ فقيرن جا در ڳوليندا ٿا وتن جنهن ڪري مرادن حاصل ڪرڻ بدارن نقصان ٿيو وڃي. الله تعاليٰ ٿو فرمائي ته سڀ ڪنهن ڪم لاءِ پنهنجي ڪوشش ڪيو ۽ الله تعاليٰ تي توڪل رکو ۽ کانئس ئي مدد گهرو. ماڻهو چوندا آهن ته جيئن دنيائي بادشاهن کي عرض سندس وزيرن ۽ زيردستن جي معرفت ڪبو آهي تيئن الله تعاليٰ وٽ به ولين جي وسيلي کان سواءِ نه پهچي سگهبو. بادشاهن کي ته ايتري طاقت ڪانهي جو سڀني ماڻهن کي پاڻ سڌو ڏسي سگهن. پر الله تعاليٰ به انسان وانگر محدود ۽ بي طاقت آهي ڇا؟ اُٽلندو الله تعاليٰ بار بار ٿو فرمائي ته ذري ذري تي هر هڪ چڙيءَ خواه انسان تي منهنجي نظر آهي ۽ پڻ فرمائي ٿو ته توهان مون کان سوال گهرو مان مجيب الدعوات آهيان. افسوس جو الله تعاليٰ کي ضعيف انسان جهڙو بنايو وڃي ٿو.
جنن جي قصن ۾ ويساهه رکڻ ڪري جيڪي برباديءَ جا نتيجا پيدا ٿيا آهن، سي به عالم آشڪار آهن. ڪيترائي ڏاڙهين وارا ڊپ کان گهر کان ٻاهر نه نڪرن. رات جو خواه ڏينهن ڏٺي جو ڪا رواجي ڳالهه ڏسن ته جن سمجهي موٽي پون. هراس کان بيمار ٿي پون ۽ بعضي مري به وڃن. ڪن بيمارين لاءِ به سمجهيو ويندو آهي، ته هن کي حساب آهي. پوءِ دوا ڪرائڻ ڦٽي ڪري فقيرن ۽ تعويذ لکندڙن ۽ سڳن ڌاڳن ڪندڙن ۽ فالن وجهندڙن جي پٺيان رلندا خرچ ڪندا وتن. بلڪ دور دور وارن اهل مماتي جي قبرن تي مريض کي وٺيو وڃن ۽ سفر جي تڪليف ڪري مريض وڃيو وڌيڪ ضعيف حالت کي پهچي. هزارين مڪريل عورتون پري پري مقبرن تي وڃي سرندي جي آواز تي غيرن جي اڳيان وار ڇوڙي لهر هڻنديون آهن. هن کان وڌيڪ جهل ۽ بربادي ڪا ٻي ٿيندي آهي ڇا؟
ماڻهن کي گهرجي ته علم پڙهن. علم کانسواءِ هنن کي سڀ ڪو مڪار ٺڳي ٿو سگهي. کين گهرجي ته پيرن ۽ فقيرن کي ڪجهه به نه ڏين. جيڪڏهن ڪو نيڪ عالم شريعت تي هلندڙ علم سيکاريندڙ ۽ وعظ ڪندڙ هجي، ته ان جي صحبت اختيار ڪجي ۽ ضرورت هجي ته اسلامي ڪم لاءِ ان جي مدد ڪجي. ڪرامتن جي قصن تي ٺڳجي وڃڻ نه گهرجي.
مقبرن جي زياتن ۾ ۽ اتي وڃي مرادن پنڻ ۾ ڄڃون ڪري وڃي نذر نياز ڏيڻ ۾ سنڌ جي مسلمانن جو لکن جو قيمتي وقت ۽ لکين رپيا روڪڙا سال بسال ضايع ٿا ٿين. اهو اجايو اسراف ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ الله تعاليٰ هر جاءِ تي آهي، سڀ ڪنهن هنڌ سوال ٻڌي سگهي ٿو، پوءِ هرو ڀرو ڪوهن جا ڪوهه پنڌ ڄڃون ڪري قبرن تي وڃڻ جو ڪهڙو ضرور آهي. وقت سر ويجهي ۾ ويجهي قبرستان تي هن لاءِ وڃڻ گهرجي ته موت ياد اچي، عبرت وٺجي ۽ مسنون دعائون پڙهجن. جنهن کي منهنجي هنن خيالن تي اعتبار نه اچي سو حديثون پڙهي ڏسي ته اصحابن سڳورن ۽ تابعين جا عمل هن باري ۾ منهنجي خيالن موافق هئا يا اڄوڪي جاهلن جي عملن جهڙا هئا.