ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

نئون اروگيه وگيان ( علم صحت)

ديباچو

عام تندرستيءَ بابت ٻين ٻولين ۾ سوين ڪتاب موجود آهن، پر سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ اهڙو ڪو سليس ڪتاب موجود ڪين هو، تنهنڪري هيءُ ننڍڙو ڪتاب ڪتاب ڪوشش وٺي سليس ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي. اڪثري سمورين عام بيمارين جو سلسليوار بيان ڏنو ويو آهي ۽ بدن جي هر هڪ عضوي جي تشريح چٽائي سان سمجهائي ويئي آهي. مطلب ته هن ڪتاب تي عمل ڪرڻ سان ماڻهو بيمارين کان ڇٽي پوندو. اميد ته انگريزي چوٿين درجي ۽ سنڌي پنجين، ڇهين ۽ ورنيڪيولر فائينل امتحان لاءِ ڪارائتو ٿيندو. هن ڪتاب ۾ جيڪي شڪليون ڏنل آهن، تن کان ڪم وٺڻ ضروري آهي. اميد ته هن ڪتاب جو قدر نه فقط اسڪولي شاگرد ۽ ماستر صاحب ڪندا، پر عام ماڻهون پڙهي منجهانئس فائدو حاصل ڪندا.
(علي خان – ايم – اي ۽ ڪندنداس وتومل نئناڻي 1936ع)

اروگيه وگيان يا علم صحت
هيءُ اهو علم آهي، جنهن جي وسيلي ماڻهو سڄي حياتي تندرست گذاري سگهي ٿو.
سچ پچ تندرست ماڻهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو. دنيوي خواه ڌرمي ڪارج تندرستيءَ سان حاصل ٿي سگهن ٿا. تندرستيءَ جي قاعدن موجب جيڪڏهن ڪو به ماڻهو بلڪل پورو هلندو، ته اهو پوري عمر ماڻيندو. ”يڪ تندرستي هزار نعمت“ ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪيترو به ڌن دولت هجي ۽ کيس بيشمار سک هجن، پر جيڪڏهن تندرست نه آهي، ته اهي سڀ زهر سمان آهن. تنهنڪري اهڙن املهه قاعدن جو ڄاڻڻ ضروري آهي. اهي قاعدا هن ننڍڙي ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان اميد ته بيمارين جي تڪليفن کان ڇٽي پوندا ۽ ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن جي خرچن کان به ڇٽي پوندا.
جڏهن اسين چڱا ڀلا آهيون، تڏهين پنهنجو ڪم ڪار ته ڪري سگهون ٿا، پر ٻين کي به مدد ڏيئي ٿا سگهون، بيماري اسان کي نستو ڪري ڇڏي ٿي ۽ اسين مٽن مائٽن تي ٻوجهه ٿي پئون ٿا.

ڀاڱو پهريون (بدن جي بناوٽ)

بدن جي ٻاهرين بناوٽ:
ظاهري ڏسڻ ۾ ايندو ته اسان جو بت مکيه ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي: (1) سسي (2)ڌڙ (3) عضوا يعني ٻه ٽنگون ۽ ٻه ٻانهون.

بدن جي اندرين بناوٽ:
جهڙيءَ طرح گهر ٺهرائبو آهي، ته پهريائين ڪامون، پٽيون ۽ ٿنڀا جڙبا آهن، ان جي مٿان پترون ۽ ٽوٽا وجهبا آهن، تنهنجي مٿان وري پلستر ڏياربو آهي، اسان جي بدن جي بناوت به ساڳيءَ طرح آهي.
پهريائين هڏن جي جڙت ٿيل آهي ۽ ان جو پڃرو ٺهيل آهي، ان جي مٿان رڳون چڙهيل آهي، جنهن کي اسين عام طرح ماس چوندا آهيون، ان ماس ۾ ڳاڙها رت واهڻ ۽ اڇون نسون آهن، جن جي مٿان نيرا رت واهڻ آهن، ان ماس جي مٿان وري چرٻيءَ جو سنهو تهه آهي، جنهن جي مٿان چمڙي آهي، جا اسان کي ڏسڻ ۾ ٿي اچي.

هڏا
هڏن جي پڃري ۾ اٽڪل ٻه سؤ هڏا آهن، جي هيٺينءَ ريت جڙيل آهن:
(1) کوپڙيءَ جا هڏا: هن ۾ اٺ هڏا ڳنڍجي هڪ ٿانو جي مثل ٿي پيا آهن، جنهن جي خال ۾ مغز محفوظ رکيل آهي.
(2) چهري جا هڏا: هن ۾ چوڏهن هڏا ڳنڍيل آهن، جن مان ڄاڙيءَ جو هڏو چري پري سگهي ٿو، جنهن ڪري کاڌي چٻاڙڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي.
(3) ڳچيءَ جا هڏا: هن ۾ 8 هڏا آهن، جن مان هڪ اڳيان مڻڪي مٿان آهي، باقي ست پٺيان ڪرنگهي سان لاڳو آهن، جن کي ريڙهون چئبو آهي.
(4) ڇاتيءَ جا هڏا: هن ۾ 64 پاسريون، هڪ ڇاتيءَ جي هڏي ۾ 12 ڪرنگهي جون ريڙهون جملي 37 هڏا گڏجي هڪ پڃرو ٺاهين ٿا جنهن کي سينو چئبو آهي. ڇاتيءَ جي خال ۾ ڦڦڙ، دل، هوا ۽ کاڌي جون نليون رکيل آهن.
(5) چيلهه جا هڏا: هن ۾ پنج مضبوط ڪرنگهي جون ريڙهون ڳنڍيل آهن. بدن جو ڪي گهڻو بار هنن هڏن تي رکيل آهي.
(6) پولهه جا هڏا: هن ۾ ڍاڪ جا هڏا، هڪ ڍونگري، هڪ دمچي جمله 4 هڏا ليکجن ٿا، مگر حقيقت ڪري ڍونگريءَ ۾ 5 ڪرنگهي جون ريڙهون ۽ دمچيءَ ۾ 4 ريڙهون اهڙيءَ طرح مضبوط ڳنڍيل آهن، جو ڍونگري خواه دمچي هڪ هڪ هڏو سمجهجن ٿا.
(7) ٻانهن جا هڏا: هر هڪ ٻانهن ۾ هيٺينءَ ريت هڏا آهن: هسليءَ ۾ 1، ڦڻيءَ ۾ 1، ڏوري ۾ 1، بڪيءَ ۾ 2، ڪرائي ۾ سنها هڏا 8، تريءَ ۾ 5، آڱرين ۾ 14 جمله 32، ٻنهي ٻانهن ۾ 64 ٿيا.
(8) ٽنگن جا هڏا: هر هڪ ٽنگ ۾ هيٺينءَ ريت هڏا آهن: سٿر ۾ 1، (جو بدن جي سڀني هڏن کان وڏو آهي) گوڏي جي ڍڪڻيءَ ۾ 1، تنگ ۾ 2، کڙيءَ ۽ پير جي ڪنڊي ۾ 7، پير جي تريءَ ۾ 5، آڱرين ۾ 14، جمله 30، ٻنهي ٽنگن ۾ 60 ٿيا.

سڀ هڏا هن ريت آهن
کوپڙيءَ ۾ 8، منهن ۾ 14، ڳچيءَ ۾ 8، ڇاتيءَ ۾ 37، چيلهه ۾ 5، پولهه ۾ 4، ٻانهن ۾ 64، ٽنگن ۾ 60 ڪل 200 جوڙ.
نوٽ 1: هڏائين پڃري ۾ انهيءَ ريت 200 هڏا ليکبا آهن، مگر در حقيقت 207 هڏا آهن، ڇو ته ڍونگريءَ ۾ 5 ۽ دمچيءَ ۾ هڏا 4 ڳنڍيل آهن، جي مٿئين تفصيل ۾ هڪ هڪ ڪري لکيل آهن.
نوٽ 2: نازڪ عضون واسطي بدن ۾ مکيه ٽي خال رکيل آهن: (1) کوپڙيءَ جو، جنهن ۾ مغز رکيل آهي. (2) پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ نريءَ وانگر خال، جنهن مان ڏورو لنگهي ٿو. (3) ڇاتيءَ وارو پور، جنهن ۾ دل ۽ ڦڦڙ رکيل آهن.

ڪرنگهو يا پٺيءَ جو ڪنڊو
ننڍن 33 پورن هڏن جي زنجيري ٺهيل آهي، جن کي ريڙهون (ڪڙيون) چوندا آهن: جن مان 7 ڳچيءَ ۾ 12 ڇاتيءَ ۾ 5 چيلهه ۾ 5 ڍونگري ۾ 4 دمچيءَ ۾ شمار ٿيل آهن. ڪرنگهي ۾ اندران خال آهي، جنهن مان ميڄالي جو ڀاڱو چيچ جهڙو ٿلهو پڇ وانگر ڏورو بنجي ڍونگري تائين وڃي ٿو، جنهن کي مغزي ڏورو چئبو آهي. پٺيءَ جو ڪنڊو جيڪڏهن يڪو هجي ها ته بدن کي ورائڻ ڦيرائڻ ۾ تڪليف ٿئي ها.

هڏن جي بناوٽ
ڪو به ڊگهو هڏو ڊيگهه ۾ چيربو ته ان ۾ (1) ٻاهران نهرو حصو (2) اندران پورو حصو (3) وڏو خال ڏسڻ ۾ ايندا. (جيئن شڪل ۾ آهي) چوٽي هڏي ۾ خال ڪو نه ٿئي، مگر ٻاهران نهرو حصو ۽ اندران پورو حصو ٻئي ڏسبا انهيءَ مان ڏسبو ته سڀ هڏا پورا آهن انهيءَ ڪري هڏا هلڪا ۽ مضبوط آهن، جيئن ڌاتوءَ جا پورا ٿنڀا نهرن کان وڌيڪ بار جهليندو آهن. جي هڏا نَهرا هجن ها ته ڳرا ٿين ها ۽ پاڻ کڻڻ ڏکيو ٿئي ها ۽ جٽاءُ به ايترو نه ڪن ها. جيئن هيٺئين تجربي مان معلوم ٿيندو: پٽي جا ٻه هڪ جيڏا اڌ کڻو. هڪ رول تي ويڙهي، ان مان پورو ٿنڀو ٺاهيو ۽ ٻي اڌ کي سنهي تار تي ويڙهي نهرو ٿنڀو تيار ڪيو. ٻنهي جي وچ تي بار ٽنگي ڏسندا، ته پورو ٿنڀو نهري کان وڌيڪ بار جهلي سگهندو. (ڏسو شڪل ۾)
پورو هڏو نهرو هڏو





بار بار
گهڻو ٿو جهلي ٿورو ٿو جهلي
2 – هڏي کي جاچي ڏسبو ته پورن ۾ ٿنڀڻ جهڙو نرم مال آهي، يعني هڏا پٿر جهڙي سخت شيءِ ۽ ٿنڀڻ جهڙي نرم مال جا ٺهيل آهن. اهو نرم مال هڏن کي طاقت ڏيندو رهي ٿو. جڏهين ڪو به هڏو ڀڄي پوندو آهي، ته انهيءَ مال جي ڪري سولائي سان ڳنڍجي سگهندو آهي. ننڍيءَ عمر ۾ اهو نرم مال هڏن ۾ گهڻو ٿئي ٿو، جنهن ڪري ٻارن جا هڏا ڪچڙا ۽ نرم ٿيندا آهن، مگر جيئن ماڻهو عمر ۾ وڌندو وڃي ٿو، تيئن نرم مال گهٽبو وڃي ٿو، جنهن ڪري ٻڍن جا هڏا سخت ٿين ٿا، جي ڪمزور ۽ جلد ڀڄڻ جهڙا آهن.
تجربو 1 – هڪڙو هڏو کڻي ان کي باهه تي رکو، ته ٿوري وقت ۾ ٿنڀڻ جهڙي شيءِ بانس ڪري سڙي نڪري ويندي. پوءِ هڏو ٺاري ان کي ٿورو زور ڏيندا ته هڪدم ِڀڄي پوندو.
تجربو 2 – ٻيو هڏو کڻي تيزاب گڏيل پاڻيءَ ۾ هڪ ٻه ڏينهن رکندا، ته پٿر وارو سخت ڀاڱو ان ۾ ڳري ناس ٿي ويندو، باقي ٿنڀڻ جهڙي شيءِ وڃي بچندي پوءِ تيزاب مان هڏو ڪڍي ڏسندا ته رٻڙ وانگر پيو رڙندو.
اهي ٻئي ڀاڱا ۽ پورائي جي خاصيت گڏجي هڏي کي مضبوط ۽ هلڪو ڪن ٿا.

هڏن مان فائدا
(1) بدن جي بيهڪ ۽ شڪل جو مدار هڏن تي آهي، انهن کان سواءِ جيڪر اسان جي شڪل بي ڊولي ٿي پوي ۽ جيڪر اٿي ويهي به نه سگهون. (2) گوشت کي جهلڻ لاءِ هڏا آڌار آهن. (3) هڏا رڳن جي وسيلي چرپر ڪري سگهن ٿا، جنهن ڪري اسين ڪو به ڪم سولائيءَ سان ڪري سگهون ٿا. (4) هڏن جي ڪري بدن ۾ طاقت ٿئي ٿي، جنهن ڪري هلڪي سلڪي ڌڪ لڳڻ ڪري عضوا چٻا نٿا ٿين. (5) هڏا نازڪ عضون جو بچاءُ آهن: جيئن کوپڙيءَ جي پور ۾ مغز، ڇاتيءَ جي پور ۾ ڦڦڙ ۽ دل ۽ ڪرنگهي جي پور ۾ مغزي ڏورو ۽ ٻين پورن ۾ ڪليون ڪاڪڙو، زبان، اکيون وغيره سلامت رکيل آهن. (6) اسان جي ڊگهن هڏن (نرين) ۾ جو گورو آهي، سورت جا ڳاڙها جزا ٺاهيندو آهي.

هڏن جا ڳنڍ ۽ سنڌ
جتي هڏا پاڻ ۾ گڏجن ٿا، تتي سنڌ آهن. سنڌ وٽ مضبوط چلڪندڙ اڇا ڌاڳا آهن، جي هڏن کي ڳنڍين ٿا، انهن کي ٻنڌيون يا بند چئبو آهي. هڏن جا سنڌ جدا جدا نموني جا آهن جيئن ته:
(1) درزن وارا سنڌ- هي چرن پرن اصل ڪين، جيئن کوپڙي جون درزون.
(2) انجيسي سنڌ- جي در جي طاق وانگر پٽجي ۽ پورجي سگهن ٿا، جيئن گوڏي ۽ ٺونٺ وٽ.
(3) گولي ۽ پيالي وارا سنڌ- جن ۾ هڪ هڏي جو گول مٿو ٻئي جي پيالي جهڙيءَ پڇڙيءَ ۾ پيل هوندو آهي، جيئن ڪلهي ۾ ڍاڪ وارا سڌ.
(4) ڦرڻا سنڌ- مثلا مڻڪي وارو سنڌ جنهن تي مٿو سڄي کٻي ڦري سگهي ٿو.

هڏا ورائڻ ڦيرائڻ ۾ ڇونھ ٿا آواز ڪن
(1) جيئن ڪلن کي تيل ڏبو آهي، ته چڱيءَ طرح ڪم ڪن ۽ آواز نه ڪن، تيئن سنڌن وٽ سڻڀ جون ڳوٿريون رکيل آهن، جتان سنڌن کي پاڻمرادو سڻڀ پيو ملي.
(2) هڏن جون پڇڙيون تمام لسيون آهن.
(3) پڇڙين تي چلڪندڙ پوش چڙهيل آهي، جنهنڪري هڏا ورائڻ ۾ سندن وٽ آواز نه ٿا ڪن.

سوال
1 – بدن جي اندرين ٻاهرين بناوٽ کولي سمجهايو.
2 – هڏن جا مکيه خال ۽ منجهائن فائدا ٻڌايو.
3 – هيٺين تي نوٽ لکو.
ڪرنگهو – هڏن جي بناوٽ – هڏن جا سنڌ
4 – ثابت ڪيو ”يڪ تندرستي هزار نعمت“
5 – هڏن مان ڪهڙا فائدا آهن، ۽ پڻ ٻڌايو ته عضون کي ورائڻ ڦيرائڻ ۾ هڏا آواز ڇو نه ٿا ڪن.

مشڪون يا رڳون (گوشت)
اسان جو گوشت تاندورن جو ٺهيل آهي، جيئن ته وڏيءَ ٻڪريءَ جي گوشت ۾ (رنڌڻ کان پوءِ) اهي تاندورا ظاهر ڏسبا آهن، جن کي رڳون يا مشڪون چئبو آهي.
ضرورت: (1) اسان جي چرڻ پرڻ ۽ ڪم ڪرڻ جو مدار رڳن تي آهي، جن کان سواءِ هڏائون پڃرو ڪجهه ڪري نه سگهندو. (2) رڳون هڏن کي طاقت ۽ چرپر ڪرڻ لاءِ سڻڀ موجود ڪري ٿيون ڏين. (3) رڳن جي ڪري هڏا ڍڪيل رهن ٿا، جنهن ڪري بدن سهڻو نظر اچي ٿو.
قسم: رڳن جا ٻه قسم آهن: (1) هڪڙيون مغز جي حڪم تي ڪم ڪندڙ مثلا ٻانهن ۽ ڄنگهه جون رڳون، جي مرضيءَ موافق چورجن ٿيون. (2) ٻيون پاڻمرادو ڪم ڪندڙ مثلا ڦڦڙ، دل ۽ هاضمي وارا عضوا، جي ننڊ جي حالت ۾ به برابر ڪم ڪندا رهن ٿا. جيڪڏهن انهن رڳن کي ڪم ڪرڻ لاءِ قدرتي حڪم مليل نه هجي ها ۽ مغز جي حوالي هجن ها، ته جيڪر مغز کي آرام ڪرڻ جي فرصت به نه ملي ها، جنهن ڪري ننڊ به نه ڪري سگهجي ها ۽ مغز ضعيف ٿي پوي ها، تنهن لاءِ اها ڌڻي تعاليٰ جي خاص مهرباني آهي، جو جن رڳن تي اسان جي جيئاپي جو مدار آهي، تن کي پاڻمرادو ڪم ڪرڻ جي شڪتي ڏيئي ڇڏي اٿس.

رڳن جو ڪم ڪرڻ
رڳن ۾ رت واهڻ گڏيل آهن، جن ۾ رت هميشه پيو مٽ سٽ ٿئي، اهو رت رڳن کي هميشه طاقت ڏيندو رهي ٿو، جنهن ڪري رڳون ڪم ڪن ٿيون.
جيئن رڳن ۾ طاقت وڌيڪ آهي، تيئن منجهن ڪم ڪرڻ جي توفيق گهڻي ٿئي ٿي.
مزور ۽ ڪاريگر جي گهڻو ڪم ڪن ٿا، تن جون رڳون بلڪل مضبوط ۽ طاقت واريون ٿين ٿيون، مگر منشي ۽ ماستر جي بدني ڪم نه ٿا ڪن، تن جون رڳون ضعيف ٿين ٿيون. ساڳيءَ طرح ملهه ۽ ڪثرت ڪرڻ وارن جون رڳون به مضبوط ٿين ٿيون، ان جو سبب هي آهي، جو ڪثرت ۽ ڪم ڪرڻ سبب رڳون رت مان وڌيڪ طاقت ڇڪن ٿيون، جنهن ڪري زور واريون ٿين ٿيون، تنهنڪري ڪثرت ڪرڻ بلڪل ضروري آهي.
تجربو- ٻانهن ورائي ٻيڻي ڪجي، ته ڏوري وٽ ماس ڳوڙهو ٿيل نظر ايندو، اهو رڳن جي سسڻ ڪري ٿئي ٿو، وري ٻانهن سنئين ڪبي ته رڳون وڌي وڏيون ٿينديون، اهڙيءَ طرح رڳون جڏهن رٻڙ وانگر وڌي ۽ سسي سگهن ٿيون، تڏهن ڪم ڪن ٿيون. رڳن جو مکيه ڪم آهي سسڻ ۽ وڌڻ.

سوال
1 – رڳون ڇا آهن، تن جو بيان کولي ٻڌايو؟
2 – رڳن جا مکيه گهڻا قسم آهن، ۽ انهن جا ڪهڙا ڪم آهن؟
3 – رڳن ۽ رت واهڻ ۾ تفاوت کولي ٻڌايو؟
4 – رڳن کي مضبوط رکڻ لاءِ ڇا ڪجي؟

تنتي سرشتو
1 – جيئن لشڪر ۾ سپه سالار سڄي لشڪر تي ضابطو رکي ان کي هلائيندو آهي، تيئن اسان جي بدن ۾ مغز سپه سالار آهي، جو تنتن جي وسيلي سڄي بدن تي ضابطو رکي ان کي هلائي ٿو.
2 – جيئن ريلوي جي مرڪزي ٽيليفون هر هڪ اسٽيشن سان ڳنڍيل آهي ۽ اتي ويٺل ڪنٽرولر (ڪم سنڀاليندڙ) سڀني کي وقت بوقت حال احوال ڏيئي وٺي سگهي ٿو ۽ سڄي ريلوي جو ڪاروبار هلائي ٿو، تيئن مغز مان به تنتون ڦٽن ٿيون، جي سڄي بدن ۾ هر هڪ رڳ سان ڳنڍيل آهن، جن جي وسيلي مغز سڄي بدن تي ڪلي اختيار هلائي ٿو. مکيه نس مغز مان نڪري پٺيءَ جي ڪنڊي جي ڏوري مان وڃي ٿي، جنهن مان ٻيون ڪيتريون نسون ڦٽن ٿيو.
مغز جو بيان: مغز يا ميڄالو کوپڙيءَ ۾ رکيل آهي. هي اڇيري ڀوري رنگ جو نرم آهي. هن ۾ مروٽيل رومال وانگر گهنج گهنج ٿين ٿا، جيئن مغز ۾ گهنج گهڻا تيئن سمجهه تيز ٿئي ٿي، ماڻهوءَ جي مغز ۾ ٻين جانورن کان گهنج گهڻا ٿين ٿا، اهو ئي سبب آهي جو ماڻهوءَ جي سمجهه ٻين ساهه وارن جي سمجهه کان وڌيڪ آهي. مغز جا چار ڀاڱا آهن: (1) وڏو مغز (2) ننڍو مغز (3) مستطيل مغز (4) مغزي ڏورو.

مغز ۽ سندس ڀاڱا
(1) وڏو مغز :- هي کوپڙيءَ جو گهڻو حصو والاري ٿو ۽ ننڍي مغز کان اٺوڻو آهي. سندس ڪم آهي، خيال ڪرڻ، ارادو ۽ فيصلو ڪرڻ، خوشي، ڏک ۽ ڪاوڙ ڪرڻ جي مکيه جاءِ به هيءَ آهي، اهو ئي سبب آهي، جو انسان جو مغز هاٿيءَ جي مغز کان به وڏو ٿئي ٿو.
(2) ننڍو مغز :- هي وڏي مغز جي پٺيان ۽ هيٺڀرو آهي. سندس ڪم آهي، رڳن کي پوريءَ طرح ضابطي ۾ رکڻ ۽ انهن کي هلائڻ، هن مان خاص تارون نڪرن ٿيون، جن جي وسيلي اسين ڏسي ٻڌي ۽ چکي سگهون ٿا ۽ اکين جا تارا، ڄڀ ۽ ڳچي چوري پوري سگهون ٿا.
(3) مستطيل يا پل مغز :- هي مڻڪي جي سنڌ وٽ آهي ۽ ميڄالي کي ڏوري سان پل وانگر ڳنڍي ٿو، هن ۾ مکيه ۽ پاڻ مرادو ڪم ڪندڙن عضون جيئن ته دل، ڦڦڙ، وغيره جا مرڪز رکيل آهي، جي هي ضربجي پيو ته دل هڪدم بيهجي ويندي، جنهنڪري ماڻهو مري ويندو آهي.
ڦاسيءَ ڏيڻ ڪري جو ماڻهو يڪدم مري ويندو آهي، سو به انهيءَ ڪري جو مستطيل مغز جي چيڀاٽجڻ ڪري ۽ مڻڪي ٽٽڻ ڪري دل يڪدم بيهجي ويندي آهي.
(4) مغزي ڏورو :– هي مستطيل مغز مان نڪري ٿو ۽ چيچ جهڙو ٿلهو آهي ۽ 18 انچ کن ڊگهو آهي، پٺيءَ جي ڪنڊي مان وچان ئي وچان هيٺ دڏ تائين وڃي ٿو ۽ هر هڪ ڪڙيءَ وٽان ٻنهي پاسي تنتون ڦٽن ٿيون، جي سڄي بدن ۾ پکڙيل آهن.
ڏوري جا ڪم :– هن جا مکيه ٽي ڪم آهن :– (1) نائب آفيسر وانگر بدن جا پيغام مغز کي پهچائڻ، (2) مغز جا حڪم بدن ڏي موڪلڻ ۽ (3) بعضي پنهنجي هيڊ آفيس (مغز) کان روءِ سوءِ ٿي ڪم ڪرڻ. اهو پويون ڪم ڏورو هئين ٿو ڪري:– سمجهو ته ڌڪ لڳڻ سبب ڏورو ڪپجي پوي ٿو. انهيءَ وڍ جي هيٺئين ڀاڱي سان جيڪي به عضوا ڳنڍيل هوندا، تن جو لاڳاپو مغز سان ٽٽي پوندو، پوءِ ته مغز جو حڪم تنتن کي پهچي ڪين سگهندو ۽ نڪو تنتن جو نياپو مغز کي ملي سگهندو. تنهن هوندي به ڏسڻ ۾ آيو آهي، ته جيڪڏهن ڪو پير کي ڌڪ هڻندو آهي، ته بروقت سڌ پوندي آهي، جيتوڻيڪ مغز سان واسطو ٽٽل هو، ته به اهو ڪم ڪنهن ڪيو؟ اهو ڪم خود ڏوري ڪيو. اهو آهي ڏوري جو خود مختيار ٿي ڪم ڪرڻ.
اهڙي قسم جا گهڻيئي ڪم آهن، جن ۾ مغز بهرو ڪين ٿو وٺي، رڳو ڏورو ئي ڪم پورو ڪري ڇڏي ٿو، جيئن ته ڪو جيت اک جي ويجهو ايندو مس آهي، ته اک بند ٿي ويندي آهي. ننڊ ۾ جڏهين مغز آرام ۾ هوندو آهي، تڏهين جيڪڏهين پير ۾ ڪو ڪتڪتائي ڪندو آهي، ته يڪدم پير پري ٿي ويندو آهي، اهو ڪم به ازخود ڏوري ڪيو. مغز توڙي سڀ عضوا ننڊ ۾ هوندا ته به هيءُ ڏورو پيو ڪم ڪندو آهي.

تنتون
هي باريڪ اڇا ڌاڳا آهن، جي ٻن قسمن جون آهن:–
(1) هڪڙيون پيغام پهچائيندڙ يعني حس واريون تنتون. (2) حڪم پهچائيندڙ يعني تحرڪي تنتون.
(1) حس واريون تنتون- جي سڄي بدن مان خبرون کڻي مغز کي رسائن ٿيون، جنهن ڪري اسان کي ڪوسين، ٿڌين، نرم ۽ ڏاڍين شين جو تفاوت معلوم ٿئي ٿو ۽ ايذاءَ جي خبر پوي ٿي.
(2) تحرڪي تنتون- هي مغز جو حڪم وٺي، رڳن کي پهچائن ٿيون، جنهن ڪري رڳون سسي چرپر ڪري ان حڪم جي پيروي ڪن ٿيون.
مثال:- سمجهو ته ڪنهن هنڌ مڇر چڪ هڻي ٿو، ته ان هنڌ جون حس واريون تنتون يڪدم مغز کي خبر ڏين ٿيون ۽ مغز تحرڪي تنتن جي وسيلي هٿ جي رڳن کي حڪم موڪلي ٿو، جنهنڪري مڇر کي هڪاليو وڃي ٿو، اها ڪاروائي يڪدم ٿئي ٿي.
نوٽ :- وارن ۽ نهن ۾ تنتون ڪو نه آهن، جنهن ڪري ڪترائڻ ۾ ايذاءُ نه ٿو ٿئي.

سوال
1 – مغز ڇا آهي ۽ سندس مکيه ڀاڱا ٻڌايو؟
2 – انسان جي وس ۾ سموارا زور وارا جانور ڇو ٿا رهي سگهن؟
3 – تنتن جا قسم ۽ سندن ڪم ٻڌايو؟
4 – وڏي مغز جي بناوت کولي سمجهايو؟
5 – وارن ۽ نهن ٺهرائڻ وقت ايذاءُ ڇو نه ٿو اچي، سو ڇو؟

کاڌو ۽ هاضمون
کاڌو جيڪو اسين کائون ٿا، سو سڄو هضم ٿي، هڪڙي طاقت واري رس ٿي، نلين جي وسيلي وڃي رت سان ملي ٿو. اهو کاڌو به اندر رڳون هضم ڪن ٿيون.
ضرورت- جهڙي طرح انجڻ ۾ اڱر وجهبا رهبا، ته باهه پيئي ٻرندي، مگر جي اڱر وجهڻ بند ڪبا، ته هوريان هوريان باهه وسامي ويندي ۽ انجڻ ڪم ڪرڻ کان بيهجي رهندي. ساڳيءَ طرح بدن جي گرمي قائم رکڻ لاءِ کاڌي جي ضرورت آهي، جنهن ڪري اسان زنده رهي سگهون ٿا.
1 – سياري جو اگرچ ٻاهر تمام ٿڌ هوندي آهي، ته به تندرست ماڻهوءَ جي گرميءَ جو درجو ساڳيو اونهاري وارو (98.04) درجا رهي ٿو. ڇا لاءِ جو اسان جو بدن هميشه بتيءَ وانگيان پيو سڙي ۽ گهربل گرمي پيو پيدا ڪري، فقط تفاوت رڳو اهو آهي، جو بتي مان لاٽ نڪري ٿي، مگر اسان جي بدن مان لاٽ ڪان ٿي نڪري سو انهيءَ ڪري، جو بتيءَ جي گرمي هڪ هنڌ ڪٺي ٿيل آهي ۽ اسان جي بدن جي گرمي سڄي بدن ۾ پکڙيل آهي.
2 – ڪم ڪرڻ يا فقط خيال ڪرڻ سبب بدن ۾ کوٽ پيدا ٿئي ٿي، جنهن ڪري مرمت يا پورائي ڪرڻ لاءِ اسان جو بدن کاڌي جي طلب ڪري ٿو، تنهنڪري کاڌو بدن جي کوٽ ڀري ٿو.
3 – ننڍن ٻارن جي حالت ۾ بدن واڌ جو ڪم به ڪري ٿو. بکايل ٻار بدن ۾ ضعيف رهندو آهي ۽ واڌ دير سان ڪندو آهي.

کاڌي جا قسم
اسين جيڪو کائون ٿا، سو چئن قسمن جو آهي:
(1) مٺاڻ- هيءُ ٻن قسمن جا آهن: هڪڙا سڌا مٺاڻ جي – چکڻ سان مٺا لڳن، جيئن ته – کنڊ، ڳڙ، انگور وغيره. ٻيا مرڪب مٺاڻ – جي فقط هاضمي وارين رسن سان ملي مٺا ٿا لڳن، جيئن ته ڪڻڪ، چانور، پٽاٽا، کير، وغيره جن ۾ نشاستو موجود آهي. ڏٺو اٿو ته ڪڻڪ جي ماني وات ۾ ڪجهه وقت چٻاڙڻ کان پوءِ مٺي لڳندي آهي. مٺاڻ واريون اهي گرمي پيدا ڪندڙ ۽ طاقت ڏيندڙ شيون آهن.
(2) نائٽروجني شيون- جيئن ته داليون، کير، ڏڌ، پنير، گوشت، بيضا، مڇي، پکي، سايون ڀاڄيون وغيره اهي کاڌا ماس وڌائين ٿا ۽ کوٽ جو پورائتو ڪن ٿا.
(3) سڻڀ- جهڙوڪ: گيهه، تيل، مکڻ، ملائي، باداميون، چرٻي، بيضن جي زردي وغيره اهي گرمي پيدا ڪندڙ شيون آهن.
(4) معدني شيون- پاڻي، لوڻ ۽ لوڻ جهڙيون شيون، جي کاڌي کي هضم ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون ۽ هڏن جوڙڻ لاءِ ڪم اچن ٿيون.

هاضمي وارا عضوا
(1) وات (2) معدو (3) ننڍو آنڊو (4) وڏو آنڊو.

کاڌي جو هضم ٿيڻ
(1) وات- جڏهن کاڌو ڏندن سان چٻاڙجي ٿو، تڏهن پِڪ (هڪ قسم جي رس) کاڌي ملي ٿي، جنهنڪري کاڌو مٺو ۽ نرم ٿئي ٿو ۽ ڳهڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي. انهيءَ پڪ ۾ نشاستي جهڙي مال کي هضم ڪرڻ جي طاقت رکيل آهي، جنهنڪري کاڌو مٺو ٿي پوندو آهي، ڇاڪاڻ ته پڪ جي گڏجڻ ڪري کاڌي مان مٺاڻ ٺهندو آهي، انهيءَ ڪري هن حالت ۾ کيس کنڊ جي حالت سڏيو آهي. تنهنڪري کاڌو جيئن گهڻو چٻاڙبو، تيئن ساڻس پڪ گهڻي گڏبي ۽ نرم ٿيندو. تندرستيءَ جو قاعدو آهي، ته کاڌو ايترو چٻاڙجي جيئن ڳهڻ ۾ تڪليف اصل نه ٿئي، پوءِ کاڌو نرم ٿي کنڊ جي حالت وٺي نڙيءَ مان هيٺ لهي، معدي ۾ ايندو آهي.

ڏندَ ۽ سندن بناوت
وات ۾ ڏند آهن، جي کاڌي کي چٻاڙي سنهون ڪن ٿا.
ڏندن جا قسم- اسان جي وات ۾ ٻه ڄاڙيون آهن، هر هڪ ڄاڙيءَ ۾ 16 ڏند آهن، جن مان 4 چپترا، 2 ڊگها ۽ 10 هوڙون آهن. چپترن ۽ ڊگهن ڏندن جو ڪم آهي کاڌي کي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ ۽ هوڙن جو ڪم آهي، کاڌي کي پيهي سنهو ڪرڻ. پيٺل کاڌو سڄي کاڌي کان جلد هضم ٿئي ٿو، جيئن پيٺل شيءِ پاڻيءَ ۾ جلد ڳري وڃي ٿي.
ڏندن جي بناوٽ: ڏند کي اڀو چيربو ته اسان جا 3 ڀاڱا ڏسبا:
1 – چينيءَ وارو ڀاڱو
2 – اندرين ڏند
3 – ڏند جو ڳڀ
4 – رت واهڻ
5 – سور ٻڌائيندڙ تنتون
(1) چينيءَ وارو ڀاڱو- جو تمام سخت ٿئي ٿو ۽ اندرئين ڀاڱي جو بچاءُ آهي.
(2) اندريون ڏند- هي هڏي جو ٺهيل آهي.
(3) ڳڀ وارو ڀاڱو- هن ۾ نرم مال آهي، جو ڏندن کي طاقت ڏئي ٿو. هن ڀاڱي ۾ رت واهڻ ۽ سور جي نياپي پهچائڻ لاءِ تنتون رکيل آهن.
ڏندن کي مهارن ۽ وٿين وٽان خرابي رسندي آهي، جنهن ڪري چيني ۽ هڏي وارو ڀاڱو کاڄي ويندا آهن، جنهن ڪري ڳڀ وارو ڀاڱو وائکو ٿي پوسڙندو آهي.
ڏندن جي خرابيءَ جا سبب- (1) کاڌي جا ذرڙا وٿين ۾ اٽڪي، ڪنا ٿي، ڏندن کي خراب ڪن ٿا. (2) پيلو تهه جو ڄڀ ۽ ڏندن تي ٺهندو آهي، ليڪن اهي سنهڙا جيوڙا ٿين ٿا. (3) پان سوپاري کائڻ: انهن جا جزا وٿين ۾ رهي، ڏندن کي ساڙي ڇڏيندا آهن.
ڏندن جي صفائي- روز صبح ۽ شام تازي ڏندڻ سان ڏندن کي صاف ڪرڻ گهرجي ۽ هفتي ۾ هڪ دفعو ڪوڙو تيل هڻجي، ته جيوڙا اصل نه رهندا. چڱيءَ طرح کاڌو چٻاڙي کائڻ ڪري ڏندن کي ورزش به ملي ٿي، جنهن ڪري مضبوط رهندا.
(2) معدو- هي رڳن جو ٺهيل آهي، جي رٻڙ وانگر گهڻيون وڌي ۽ سسي سگهن ٿيون. منجهانئس اندر تمام گهڻيون نليون آهن، جن ۾ کاڌي هضم ڪرڻ لاءِ پچڻ رس ٺهي ٿي. معدي کي ٻه منهن آهن: هڪ مٿان کاڌي جي نليءَ سان، ٻيو ساڄي پاسي ننڍي آنڊي سان ڳنڍيل اٿس. معدي ۾ جڏهن کاڌو اچي ٿو، تڏهن معدو سسي ۽ ڦنڊي ٿو، جنهن ڪري کاڌو ڇلڪجي پائمال ٿو ٿئي ۽ ساڻس پچڻ رس گڏجي ٿي. هتي کاڌو ٽي چار ڪلاڪ رهي ٿو ۽ پچڻ رس جي گڏجي وڃڻ ڪري کاڌي جو ٻيو قسم ماس وڌائيندڙ به هضم ٿئي ٿو ۽ کاڌو پٽڙو ٿي ننڍي آنڊي ۾ لهي ٿو.
(3) ننڍو آنڊو- هي رڳن جو ٺهيل پيچدار وڪوڙيل نليءَ مثل آهي؛ منجهس کاڌو هضمي جي رسن سان ملي پچي ٿو. هن آنڊي واري نليءَ کي ڊگهو ڪجي ته ويهاريو فوٽ ٿئي. هن ۾ جڏهن پٽڙو کاڌو اچي پوي ٿو تڏهن ساڻس (1) جيري جي پت (2) لبلباب جي رس (3) آنڊي جي رس گڏجن ٿيون، جنهن ڪري کاڌي جو ٽيون قسم گرمي پيدا ڪندڙ (سڻڀ) به هضم ٿئي ٿو. وات ۾ جو پڪ گڏجڻ سبب کنڊ (مٺاڻ) ٺهي هئي، اها هتي هضم ٿئي ٿي، جنهن ڪري کاڌي مان ڪمائتي رس ٺهي جاذب نلين جي رستي وڃي رت سان ملي ٿي. پوءِ رت سان دوري ڪندي کاڌي جو چوٿون قسم هڏا ٺاهيندڙ مال (لوڻ) به هضم ٿئي ٿو.
(4) وڏو آنڊو- هي اٽڪل پنج فوٽ ڊگهو ۽ ننڍي آنڊي کان ويڪرو آهي، سندس ڪم آهي ڪارائتو پاڻي چهڻ. باقي خارج پاڻي گردا يعني بڪيون ڇڪين ٿيون ۽ خشڪ ڦوڳ ٽوري جي صورت ۾ نيڪال ٿئي ٿو.

هاضمي جون رسون ۽ انهن مان فائدا
پڪ- زبان جي هيٺيان ڳلن وٽ ٻه ڳوٿريون آهن، جن ۾ هڪ پاڻيٺ جهڙي شيءِ رهي ٿي، جنهن کي چئبو آهي پڪ.
جڏهن ڪنهن مٺي ۽ مزيدار شيءِ جو نالو کڻبو آهي، تڏهن انهن ڳوٿرين جا منهن گهڻو کلي پوندا آهن، جنهنڪري پڪ نڪري وات ۾ ايندي آهي ۽ وات پاڻي ٿيندو آهي.
اها پڪ ٿوري انداز ۾ هميشه نڙيءَ مان لهي معدي ۾ پيئي ويندي آهي ۽ هاضمي ۾ مدد ڪندي آهي، مگر جڏهن ڪليون يا ڪاڪڙو لهي پوندو آهي، تڏهن پڪ کي اندر وڃڻ جو رستو بند ٿي پوندو آهي، جنهنڪري گهڻي ٿڪ ٿڪ ٿي پوندي آهي ۽ پڪ جي اندر نه وڃڻ سبب هاضمو ۽ قبضي ٿي پوندي آهي. ٿڪ ٿڪ جي عادت چڱي نه آهي، ڇو ته ان ۾ پڪ جو نقصان ٿئي ٿي. ڏندڻ ڪرڻ مهل به گهڻو وقت نه وٺجي، ڇو ته غليظ ٿڪن نڪرڻ بعد وري پڪ اڇاڻي ٿي پوي ٿي، تنهنڪري گهڻو وقت ڏندڻ ڪرڻ آهي، هٿ سان پاڻ کي بدهاضمو ڏيڻ. مطلب ته پڪ عجيب نعمت آهي.
پڪ مان فائدا
(1) کاڌي کي ڄٻاڙڻ لاءِ نرم ڪندڙ آهي.
(2) زبان کي نرم رکي ٿي، جنهن ڪري ڳالهائڻ ۾ تڪليف نه ٿي ٿئي.
(3) کاڌي سان گڏجي، ان جي نشاستي جهڙي مال کي هضم ڪري کنڊ جي صورت ۾ آڻي ٿي.
(4) کاڌي کي وات ۾ ڳوهي، گولي بنائڻ ۾ مدد ڪري ٿي، جنهن ڪري ڳهڻ ۾ تڪليف نه ٿي ٿئي.
(5) پڪ ڪيترين بيمارين کي ڇٽائي ٿي مثلاً (الف) موهيڙا هلاک ڪن، ته ٻه چار ڀيرا پڪ لڳائڻ سان فائدو ٿيندو. (ب) خارش شروع ٿئي، ته ٻه چار ڀيرا پڪ لڳائڻ سان خارش هٽجي پوندي. (ث) ڏڍ جي جاءِ تي به وري وري پڪ لڳائڻ سان فائدو ٿيندو. (د) جي ڪا رهڙ اچي وڃي ته به ٻه چار گهمرا پڪ لڳائڻ سان تڪليف هٽي ويندي ۽ اهو هنڌ پچندو ڪين (ج) اکين جي ڪيترين بيمارين کي به پڪ لڳائڻ ڪري فائدو ٿيندو آهي، جيئن ته اکيون پچڻ ڪري ڳوريون لڳنديون هجن ۽ نه کلن ته پڪ لائڻ سان جهٽ کلي پونديون.

پچڻ رس
معدي جي اندر ڪيتريون ئي سنهيون تندون ۽ نليون آهن، جي هڪ قسم جي رس تيار ڪن ٿيون. جن کي چئبو آهي پچڻ رس. جڏهن کاڌو معدي ۾ اچي ٿو، تڏهن انهن تندن مان اها رس کاڌي سان گڏجي مرض وڌائيندڙ کاڌي کي ڳاري پٽڙو ڪري ٿو.

پت
هيءَ سائيرڙي ۽ تمام ڪوڙي پٽڙيءَ شيءِ آهي، جا جيرو جوڙي ٿو. جڏهن کاڌو ننڍي آنڊي ۾ اچي ٿو، تڏهن پت نليءَ جي رستي اچي ان ۾ پوندي آهي، جنهن ڪري سڻڀ هضم ٿي ويندو آهي.

لب لباب
هي هڪ پتري ڦلودي جي لڳ لڳ جهڙو ڳاڙهيرو رڳن جو ٺهيل آهي. ان ۾ هڪ رس جڙي ٿي جا هڪ نليءَ وسيلي پت واريءَ نليءَ سان گڏجي ٿي ۽ پت سان گڏجي کاڌي ۾ پوي ٿي ۽ کاڌي جي پهرين قسم مان پڪ وسيلي جا کنڊ جڙي ٿي، ان کي هيءَ رس هضم ڪري ٿي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو لب لباب بيڪار ٿيندو آهي، ته پوءِ اها کنڊ پيشاب جي رستي ٻاهر نڪرندي آهي، جنهن ڪري پيشاب ڪرڻ وقت ان جي مٺاڻ تي ڪِوليون ۽ ماڪوڙا اچي گڏ ٿيندا آهن، ان کي چئبو آهي ذيابيطس جو مرض، ان ڪري ماڻهو ضعيف ٿيندو ويندو آهي ۽ آخر مري ويندو آهي.

آنڊي جي رس
هيءَ رس ننڍي آنڊي جي ڀرسان شيردان ۾ تيار ٿيندي آهي، جا ننڍي آنڊي ۾ اچي، کاڌي سان گڏجي رهيل کهيل ڀاڱو هضم ڪندي آهي.

سوال
1 – هاضمي جا ڪهڙا عضوا آهن ۽ انهن مان جيڪو مکيه آهي تنهنجو بيان ڏيو؟
2 – ڏندڻ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي ۽ سٺو ڏندڻ ڪهڙو آهي؟
3 – کاڌي جون ڪهڙيون ضرورتون آهن؟
4 – کاڌي جا قسم ٻڌايو؟
5 – پڪ جا فائدا چٽائيءَ سان ٻڌايو؟
6 – هاضمي جي رسن جا نالا ٻڌايو؟

رت ۽ سندس دؤرو
رت هڪڙي ڳاڙهي ۽ کاريوڙي پٽڙي شيءِ آهي، اسان جي سڄي بدن جي طاقت جو مدار رت تي آهي. ڪو به عضوو رت کان سواءِ نڪي وڌي سگهندو، نڪي ان ۾ طاقت ئي ٿيندي.
رت پنهنجي دوري جي وسيلي سڀني عضون کي طاقت ڏئي ٿو ۽ ۽ غلاظتون ڇڪي کڻي وڃي ٿو.

رت جي بناوت
رت ٽن شين جي جڙيل آهي :– (1) پيلي رنگ جي پاڻيٺ شيءِ (2) ڳاڙها جزا (3) اڇا جزا.
ڳاڙها جزا – هنن جي ڪري رت جو رنگ ڳاڙهو ٿيو آهي، هي تمام سنها گول ۽ چپرا آهن، اهڙا سنها آهن جو هڪ ملي ميٽر ۾ 50 لک کن ٿيندا. اسان جي طاقت جو مدار انهن جزن تي آهي، اهي جزا ستن ورهين کان پوءِ بيڪار ٿيندا ويندا آهن، جن کي اسان جو جگر (جيرو) ڀڃي پت ٺاهيندو ويندو آهي. هي جيئن خارج ٿيندا ويندا آهن، تيئن وري اسان جي نرين جي گورن مان نوان ٺهندا ويندا آهن.
ڳاڙهن جزن جو ڪم آهي رت جا سڙيل جزا کڻي، ڦڦڙن کي پهچائڻ. جيئن جيئن هو سڙيل جزا کڻندا ويندا تيئن تيئن سندن رنگ ڪارو ٿيندو ويندو، جنهن ڪري ڳاڙهو رت مٽجي ڪارو ٿي موٽي ٿو.
اڇا جزا- هي ڳاڙهن جزن کان وڏيرڙا آهن، مگر تمام ٿورا آهن، 500 ڳاڙهن جزن ۾ فقط هڪڙو اڇو جزو ٿيندو آهي، هيءُ جزا اسان جا راکا آهن، جڏهن ڪنهن مرض جا جيوڙا بدن ۾ داخل ٿيندا آهن، تڏهن هي وڌي، تمام گهڻا ٿيندا آهن ۽ مرض جي جيوڙن سان ويڙه ڪندا آهن، ٽي ڏينهن سانده هي مرض جي جيوڙن سان وڙهندا آهن. جنهن کي بحران چوندا آهن، بحران جي وقت ۾ جيڪڏهن هي مرض جي جيوڙن تي فتح حاصل ڪندا آهن، ته پوءِ مرض ازخود دفع ٿيندو آهي، پر جيڪڏهن مرض جا جيوڙا غالب پوندا آهن، ته پوءِ مرض دفع ڪين ٿيندو آهي، جنهن ڪري مرض جي جيوڙن کي ناس ڪرڻ لاءِ دوا ڪرائبي آهي.
نوٽ- طب جو قاعدو آهي، ته بحران جي وقت ۾ يعني پهريان ٽي ڏينهن دوا ڪرڻ به گهرجي نه ته اڇا جزا ڪم طاقت ٿي ويندا، پر ڪي مرض اهڙا خوفناڪ آهن، جن ۾ يڪدم دوا ڪرڻ ضروري آهي.

دل
دل رڳن جي ٺهيل، انب جي شڪل جهڙي آهي ۽ ڦڦڙن جي وچ ۾ ڇاتيءَ جي کاٻي پاسي رکيل آهي. دل کي عام طرح هنيانءُ به چئبو آهي. دل جا چار ڀاڱا ٿيل آهن، جيئن شڪل ۾ ڏسو ٿا. ڇاتيءَ تي هٿ رکبو، ته ڌڪ ڌڪ پيئي معلوم ٿيندي، اها ڌڪ ڌڪ دل جي آهي. جنهن وقت ٻه مٿيان خانا گڏ سوس کائن ٿا، تنهن وقت ۾ هيٺيان خانا گڏ ڦنڊن ٿا ۽ جنهن وقت هيٺيان خانا سسن ٿا، تنهن وقت مٿيان خانا ڦنڊن ٿا.

دل جي بناوت
دل ڏانهن ايندڙ يا دل کان نڪرندڙ ناليون ۽ ان جي خانن جي تفصيل هن طرح آهي:
1 – بدن کان ايندڙ خراب رت جون ناليون.
2 – دل جي ساڄي پاسي وارو خراب رت وٺندڙ خانو.
3 – دل جي کاٻي پاسي وارو سٺو رت وٺندڙ خانو.
4 – دل جي ساڄي پاسي وارو خراب رت ڪڍندڙ خانو.
5 – دل جي کاٻي پاسي وارو سٺو رت ڪڍندڙ خانو.
6 – ڦڦڙن ڏانهن ويندڙ خراب رت جون نليون.
7 – ڦڦڙن کان ايندڙ سٺي رت جون ناليون.
8 – بدن ڏانهن ويندڙ شاهه شريان (سٺي رت جو نل)
مٿين خانن جي سسڻ ڪري ٻه تحرڪ ٿين ٿا: (1) مٿئين کاٻي خاني مان سٺو رت نڪري هيٺئين کاٻي خاني ۾ وڃي ٿو (2) مٿئين ساڄي خاني مان خراب رت نڪري هيٺئين ساڄي خاني ۾ وڃي ٿو، جنهن ڪري هيٺيان ٻه خانا ڦنڊن ٿا.
وري جنهن وقت مٿيان ٻه ڦنڊن ٿا، تڏهن به ٻه تحرڪ ٿين ٿا :–
(1) مٿئين خاني ۾ ڦڦڙن مان صاف ٿيل رت اچي پوي ٿو (2) مٿئين ساڄي خاني ۾ بدن مان موٽي آيل خراب رت پوي ٿو. ساڳئي وقت هيٺئين خانن جي سسڻ وقت کاٻي خاني مان سٺو رت نڪري بدن ۾ دوري لاءِ وڃي ٿو ۽ ساڄي خاني مان خراب رت نڪري ڦڦڙن ۾ صاف ٿيڻ وڃي ٿو.
نوٽ: مٿئين خواه هيٺئين ڀاڱن جي سوس کائڻ وقت رت پوئتي موٽ کائي نه ٿو سگهي، ڇو ته رت جي لنگهڻ وارن هنڌن وٽ دريون رکيل آهن، جهڙيءَ طرح پمپ جي هٿئي هيٺ مٿي ڪرڻ سبب پاڻي رڳو ٻاهر نڪري ٿو، مگر دريءَ بند ٿيڻ ڪري موٽ نه ٿو کائي، تيئن هتي به ٿئي ٿو.
رت واهڻ- رت واهڻ ٻن قسمن جا آهن: هڪڙا جي غليظ رت بدن مان کڻي وڃي دل جي ساڄي ڀاڱي ۾ پهچائن ٿا ۽ اتان وري رت ڪڍي ڦڦڙن ۾ صاف ٿيڻ لاءِ پهچائن ٿا، انهن کي نسون چئبو آهي. ٻيا رت واهڻ سٺو رت ڦڦڙن مان وٺي دل جي کاٻي ڀاڱي ۾ پهچائن ٿا ۽ اتان وري سٺو رت ڪڍي بدن جي سڀني ڀاڱن کي پهچائن ٿا، انهيءَ قسم جي رت واهڻن کي شريانيون چوندا آهن.

رت جو دؤرو
جنهن وقت دل جو هيٺيون کاٻو ڀاڱو سسي ٿو، تنهن وقت صاف رت شاهه شريانون مان لنگهي ٿو، ان مان وري ٻه ننڍيون شريانيون ڦٽن ٿيون، هڪڙي بدن جي مٿئين ڀاڱي ڏي ۽ ٻي هيٺئين ڀاڱي ڏي رت کڻي وڃي ٿو، تن مان وري ننڍيون شاخون ڦٽن ٿيون، تان جو وار جهڙيون سنهيون نليون ٿي سڄي بدن ۾ ڄاريءَ وانگر پکڙجي، سڄي بدن جي هر هڪ ڀاڱي کي پورو رت پهچائن ٿيون. اهو سٺو رت رڳن کي طاقت ڏيئي منجهائن کوٽ ٿيل سڙيل جزا کڻي ٿو، جنهنڪري ڪارو ٿيندو وڃي ٿو، جو پوءِ نسن جي ڄاريءَ ۾ اچي ٿو، جنهن مان وڏيون نليون ٺهنديون، آخر ٻه وڏيون نسون ٿيون ٺهن، جن جي رستي اهو خراب رت اچي دل جي ساڄي مٿئين خاني ۾ پوي ٿو. جڏهن اهو ڀاڱو ڀرجي ٿو وڃي ته پوءِ سسي ٿو، جتان رت لهي هيٺئين ساڄي خاني ۾ پوي ٿو. وري جڏهن اهو خانو ڀرجي سوس ٿو کائي ته رت نڪري اچي ڦڦڙن جي سنهين نلين ۾ وڃي ٿو، جتي صاف ٿيڻ بعد موٽي شريانين جي وسيلي دل جي کاٻي مٿئين خاني ۾ اچي ٿو. اهڙيءَ طرح وري مٿيون کاٻو ڀاڱو ڀرجڻ بعد سسي ٿو ۽ پوءِ هيٺئين کاٻي ڀاڱي ۾ وڃي ٿو. جڏهن اهو ڀرجي ٿو، ته هڪدم سسي مٿئين وانگر بت ۾ دوري ڪرڻ لاءِ وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح رت جو دؤرو پيو ٿئي.
نوٽ: دل جي مٿين ۽ هيٺين خانن جي سسڻ ۽ ڦنڊڻ جلد جلد ٿئي ٿو، اهڙيءَ طرح جو دل ڌوڻي وانگر منٽ ۾ 70 کان 80 دفعا سسي ۽ ڦنڊي ٿي.

رت جو دؤري جي نلن سان ڀيٽ
(1) جيئن پاڻيءَ وارو تلاءُ يا ٽانڪي ڪنهن مٿانهين هنڌ رکبي آهي، تيئن دل يعني رت جو تلاءُ به مٿانهين هنڌ يعني ڇاتيءَ ۾ رکيل آهي، ته رت سولائي سان سڄي بدن ۾ دوري لاءِ لهي وڃي، (2) جيئن ٽانڪيءَ مان مٿانهين جاين تي پاڻي پهچائڻ لاءِ ڪنهن پمپ جي ضرورت ٿيندي آهي، تيئن هتي به مغز، منهن ۽ ٻين مٿانهين پاسن ڏي رت موڪلڻ لاءِ دل پمپ وانگر ڪم ڪري ٿي، يعني هوءَ سوس کائي رت کي پاڻ مان ڪڍي ٿي (3) جيئن ٽانڪيءَ ۾ پاڻي پهريائين وڏن نلن ۾ پوءِ ننڍين نلين ۾ ويندو آهي، تيئن دل مان به پهريائين وڏي شريان ٿي نڪري، جنهن مان ننڍيون شريانيون ٿيون ڦٽن (4) مگر جيئن شهر جو گندو پاڻي اجايو ويندو آهي، تيئن بدن ۾ نه آهي، گندو رت بدن ۾ وري ڦڦڙن ۾ صاف ٿي ڪم ايندو آهي.

آواز
ڄڀ جي پٺئي پاسي هڪ سوارخ آهي، جنهن کي گلو چئجي ٿو. ان ڀاڱي جي اندر پاسن کان ٻه لچڪدار بند ٿين ٿا، جنهن جي وچ ۾ توتاري جهڙو هڪ چير رکيل آهي. انهن بندن کي آواز جون تارون ڪري چئبو آهي. جڏهين ڳالهائبو آهي، تڏهن اهي تارون ڇڪجي هڪ ٻئي جي ويجهو اينديون آهن. پوءِ جيئن ڦڦڙن مان هوا نڪرندي آهي، تيئن اهي تارون لرزش ۾ اينديون آهن، جنهنڪري آواز پيدا ٿيندو آهي. جيئن تنبوري ۾ تار جي آواز کي بلند ڪرڻ لاءِ هڪ تنبو (سڪل ڪدو) رکيل هوندو آهي، تيئن وات ۽ نڪ جا پور تارن جي آواز کي بلند ڪن ٿا. هينئر ڏٺو سين ته ڦڦڙ نه فقط هوا صاف ڪن ٿا. مگر آواز به پيدا ڪن ٿا ۽ کيس آواز پيدا ڪرڻ ۾ وات ۽ نڪ مددگار آهن، جيڪڏهن وات ۾ ڦوڦينڊا ٿي پوندا آهن يا نڪ ۾ ريزش ٿي پوندي آهي ته آواز برابر نه نڪرندو آهي.

سوال
1 – رت ڇا آهي ۽ سندس جزا ڪهڙا آهن؟
2 – دل ڇا جي ٺهيل آهي ۽ سندس ڀاڱا ڪهڙا آهن؟
3 – صاف رت ڪٿي ٿو رهي ۽ اهو ڪهڙي ڪم اچي ٿو؟
4 – رت جو دورو شڪل ڪڍي چٽائي سان سمجهايو؟

اخراجي عضوا
اخراج جي معنيٰ آهي غلاظتن کي ڪڍڻ.
اسان جي بدن ۾ ڪم ڪرڻ ۽ رت جي دوري سبب جي سڙيل ڀاڱا ۽ ٻيون خرابيون پيدا ٿين ٿيون، سي پاڻمرادو ڪي عضوا ٻاهر ڪڍن ٿا، جن کي اخراجي (خرابيون ڪڍندڙ) عضوا چون ٿا، جيئن ته:
(1) آنڊو – هي هاضمي کان پوءِ کاڌي جو رهيل ڦوڳ ٽوري جي صورت ۾ نيڪال ڪري ٿو، جيئن مٿي ڏيکاريل آهي.
(2) ڦڦڙ – هي ساهه کڻڻ جي رستي رت مان ڪاربانڪ ائسڊ گئس (گندي هوا) ڪڍن ٿا.
(3) چمڙي – هيءُ پگهر جي رستي رت مان زهري خرابيون ڪڍي ٿو.
(4) بڪيون ۽ مثانه – هي پيشاب جي رستي رت مان زهري پاڻيٺ ڪڍن ٿا.
انهن مان آنڊي جو بيان مٿي ڏنل آهي باقي ٻين جو بيان هيٺ اچي ٿو.

ساهھ کڻڻ جا عضوا
دم جي رستي هوا جو اندر وڃڻ ۽ وري ٻاهر نڪرڻ، تنهن کي چئجي ساهه کڻڻ.
1 – نڪ 2 – هوا جي نالي يا نڙگهٽ 3 – ڦڦڙ، اهي ٽئي ساهه کڻڻ جا عضوا آهن.
1- نڪ: هي پڙدي جي ڪري ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، جن کي ناسون چئبو آهي. ناسن ۾ ڪيترائي پيچدار خانا ۽ وار آهن، جن مان هوا گرم ۽ صاف ٿي ڦڦڙن ۾ ويندي آهي. ڪي ڪي ماڻهو وات مان ساهه کڻندا آهن، يا رات جو ننڊ ۾ وات ڦاٽي ويندو اٿن، انهن ماڻهن کي بعضي ڪليون پونديون آهن، بعضي ڪاڪڙو لهي پوندو اٿن ۽ ريزش ٿيندي اٿن يا بعضي دم ٿيندو اٿن وغيره. سرشتي جي بناوت موجب ساهه کڻڻ واسطي نڪ آهي ۽ کاڄ کائڻ واسطي وات آهي. نڪ مان ساهه کڻڻ مان هيٺيان فائدا آهن: (1) نڪ ۾ وار آهن، جن مان هوا ڇڻي صاف ٿي اندر ڦڦڙن ڏانهن وڃي ٿي، تنهنڪري نڪ جا وار وٺائڻ غلط آهي. (2) نڪ ۾ اندر ڪيترا وار آهن، اتان هوا لنگهيندي گرم ٿئي ٿي، جنهن ڪري ڦڦڙ سرديءَ کان بچيل رهن ٿا. (3) نڪ جون ناسون سوڙهيون آهن، مگر ڦڦڙن ڏانهن هوا وڃڻ جو رستو سڌو آهي، تنهنڪري انهن مان هوا اندر ڇڪي نيڻ سان ڦڦڙ هوا سان پوريءَ طرح ڀرجن ٿا. (4) نڪ ۾ سنگهڻ جي طاقت رکيل آهي، جنهنڪري اها خبر يڪدم پوندي، ته هتي هوا سٺي آهي يا خراب، جنهن ڪري ڪوشش وٺي خراب هوا کان پاڻ بچائي سگهبو. وات مان ساهه کڻڻ سبب ڪيترائي نقصان ٿين ٿا ۽ رت به پوريءَ طرح صاف نٿو ٿئي، جنهن ڪري ماڻهو 1 ۽ 2 – ڳوٿريون (3) نسن جي ڄاري روڳي گذاري ٿو.
2- هوا جي نلي يا نڙگهٽ: هيءَ نلي ڪچڙي هڏي جي ڇلن جي ٺهيل آهي، جنهنڪري بند ٿي نٿي سگهي ۽ سهنجائيءَ سان ساهه کڻجي ٿو. هن مان ڇاتيءَ وٽان ٻه شاخون ڦٽن ٿيون، هڪ ساڄي ڦڦڙ ۽ ٻي کاٻي ڦڦڙ ڏانهن وڃي ٿي. جيئن وڻ مان ڏار ۽ انهن مان ٽاريون ۽ ٽارين مان وري ننڍڙيون شاخون ڦٽن ٿيون، تيئن هي به سنهيون سنهيون شاخون ٿي آخر هوا جي ڳوٿرين ۾ وڃن ٿيون.
3- ڦڦڙ : هن جا ٻه ڀاڱا آهن: (1) ساڄو (2) کاٻو، هي سنهين نلين ۽ هوا جي ڳوٿرين جا ٺهيل آهن ۽ ڊاک جي ڇڳي وانگر آهن، سنهين ڏانڊين جي عيوض اٿس هوا جون نليون ۽ ڊاک جي بجاءِ اٿس هوان جون ڳوٿريون، هوا
1 – نڙگهٽ يا هوا جي نلي.
2 ۽ 3 ڦڦڙ.
4 ۽ 5 دل جي کاٻي پاسي وارا ٻه خانا.
6 ۽ 7 دل جي ساڄي پاسي وارا خانا.
8 – دل جي ساڄي پاسي ڏانهن ويندڙ خراب رت.
9 – بدن ڏانهن ويندڙ سٺو رت.
جي ڳوٿرين جي ڀرسان نسن ۽ شريانين جي وار نلين جي ڄاري آهي. هوا جي ڳوٿرين جي کل اهڙي سنهي آهي، جو منجهانس گئسون چڱيءَ طرح اچي وڃي سگهن ٿيون.

رت جو صاف ٿيڻ
ساهه کڻڻ وقت هوا جي ڳوٿرين مان آڪسيجن گئس نڪري وڃي رت سان ملي، ان کي صاف ڪري ٿي ۽ وري رت مان ڪاربانڪ ائسڊ گئس ۽ ٻيون غلاظتون نڪري ڳوٿرين ۾ اچن ٿيون، جي پوءِ دم ٻاهر ڪڍڻ وقت ٻاهر نڪرن ٿيون، اهڙيءَ طرح رت صاف ٿئي ٿو. جو پوءِ شريانين جي رستي دل جي کاٻي ڀاڱي جي مٿئين خاني ۾ وڃي ٿو ۽ جوان ماڻهو منٽ ۾ 15 کان 18 دفعن تائين ۽ ٻار 30 دفعن تائين ساهه کڻن ٿا.
نوٽ: ساهه کڻڻ وقت جڏهين ڦڦڙ وڌن ٿا، تڏهن پيٽ ڇهه هيٺ ٿئي ٿو ۽ سينو ٻاهر نڪري ٿو ۽ رڳون پاسيرين کي ٻاهر ڇڪين ٿيون، جنهنڪري ڦڦڙن وارو پور ويڪرو ٿئي ٿو ۽ ڦڦڙ آسانيءَ سان وڌن ٿا. پيٽ ڇهه جي هيٺ ٿيڻ سبب پيٽ به ٻاهر نڪري ٿو، پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ ڏنگ پوندو وڃي ٿو، تان جو پٺيءَ ۾ ڪٻ ٿيو پوي. لکڻ سان اکيون به ويجهي ڏسڻ تي هرنديون وڃن ٿيون، تان جو پري ڏسڻ لاءِ منجهن پوري طاقت نه ٿي رهي.
4- پٺيءَ کان سواءِ بينچن تي لکڻ- هنن بينچن تي گهڻو وهڻ وقت ڪري ٿڪجي ٿو پئجي، تنهنڪري ڪٻو ويهڻو ٿو پوي ۽ لکڻ وقت خاص ڪري گوڏي تي رکي لکڻو ٿو پوي، جنهن ڪري نمڻ جي ضرورت ٿئي ٿي، انهيءَ ڪري ساهه کڻڻ ۾ رنڊڪ ۽ نظر خراب ٿيڻ جو امڪان آهي. جيڪڏهن ٽيڪ سان ڊيسڪ هوندي، ته لکڻ مهل نمڻ جو ضرور نه ٿيندو، جو کڙو ويهي ڊيسڪ تي رکي لکبو ۽ پڙهڻ مهل به ٽيڪ ڏيئي سولائي سان پڙهي سگهبو. ڪتاب اکين کان هڪ فوٽ کن پري ڪري پڙهجي.

سوال
1 – اسان جي بدن جون خرابيون ڪهڙن عضون جي وسيلي نڪرن ٿيون؟
2 – وات مان ساهه کڻڻ ڪري ڪهڙو نقصان ٿئي ٿو؟
3 – نڪ جو سلسي وار بيان ٻڌايو؟
4 – رت صاف ڪئين ٿو ٿئي شڪل سان کولي سمجهايو؟
5 – ڪهڙيون خبرداريون ڪجن، جيئن ساهه کڄڻ ۾ اٽڪاءُ نه پوي؟

رت صاف رکڻ لاءِ خبرداريون
جنهن صورت ۾ اسان جي رت صاف ٿيڻ جو مدار ڦڦڙن تي آهي، تنهن صورت ۾ هيٺين ڳالهين تي هر وقت ڌيان ڏيڻ گهرجي، جيئن ڦڦڙن کي ڪم ڪرڻ ۾ رنڊڪ نه ٿئي :–
1- سوڙها ڪپڙا پائڻ- سوڙها ڪپڙا بدن جي چرپر جي آزادگيءَ کي روڪين ٿا. ڳچيءَ ڇاتيءَ ۽ ٻانهن جي چوڌاري سوڙها ڪپڙا پائڻ ڪري، ڦڦڙ ۽ دل پوريءَ طرح ڪم ڪري نه ٿا سگهن. جيڪڏهين ڳچيءَ ۾ ڪپڙو سوڙهو هوندو، ته ساهه پوريءَ طرح کڻي نه سگهبو، جنهن ڪري رت پوريءَ طرح صاف ٿيندو ئي ڪين. قميص جي ڳچي خاص ڪري اهڙي هئڻ گهرجي، جيئن چار آڱريون اندر خلاصيون وجهي سگهجن.
2- ڪٻو وهڻ- ڪٻي وهڻ ڪري ڦڦڙن تي داٻ پوي ٿي، جنهنڪري هاضمي جو ڪم پوريءَ طرح ٿي نه ٿو سگهي، انهيءَ ڪري ڪٻو اصل ويهڻ نه گهرجي.
3- نمي لکڻ- نمڻ جي ڪري ڦڦڙن دٻجن ٿا ۽ صاف هوا کڻي نه ٿا سگهن، تنهنڪري رت برابر صاف نه ٿو ٿئي.

چمڙي
چمڙيءَ جا ٻه تهه آهن: (1) ٻاهريون تهه يا ڪوڙي کل (2) اندريون تهه يا سچي کل:–
(1) ٻاهرين کل: هيءَکل اسين به نانگ وانگر لاهيندا آهيون. پر اها هڪ ئي وقت نه لهندي آهي، مگر سنان (وهنجڻ) وقت مهٽڻ ۾ ذرا ذرا ٿي لهندي آهي، يا اونهاري جو جڏهن آرايون نڪرنديون آهن، تڏهن ذرا ذرا ٿي ڇڻندي آهي، انهن جي جاءِ تي ٻيا نوان ذرا ڄمندا آهن. هي کل تمام سنهي آهي منجهس رت واهڻ ۽ تنتون ڪين آهن، جنهنڪري هن کل ۾ سئي لنگهائبي، ته ايذاءُ بلڪل ڪين ٿيندو. هيءَ کل اندرينءَ کل جو بچاءُ آهي، وار ۽ ننهن هن کل جي واڌ جو نتيجو آهن.
(2) سچي کل: هيءَ هيٺيان هوندي آهي جا ٿلهي، لچڪدار ۽ نازڪ هوندي آهي هن ۾ رت واهڻ ۽ تنتون هونديون آهن. جڏهن اتفاق سان ٻاهرين کل لهي پوندي آهي، ته هيءَ پيئي پوسڙندي آهي. ٻئي تهه پاڻ ۾ اهڙيءَ طرح چهٽيا پيا آهن، جو هڪ تهه ڏسڻ ۾ ايندو آهي. چمڙيءَ ۾ ڪيئي سنها ٽُنگ آهن، جي هڪ چورس انچ ۾ اٽڪل ٻه هزار کن ٿيندا. اهي ٽنگ تمام سنهين نلين جا منهن آهن، جن کي مسام چئبو آهي. انهن جون ٻيون پڇاڙيون رت واهڻن سان گڏيل آهن ۽ رت ۾ جيڪو نقصان ڪار پاڻي آهي سو ڪڍيو وٺن، جنهن کي پگهر چئجي ٿو، تنهنڪري مسامن کي هميشه صاف رکڻ گهرجي.
چمڙيءَ جا ڪم: (1) بدن کي بيهڪ ۽ سونهن ڏئي ٿي. (2) چمڙي جي ڪري ڪيترا نازڪ عضوا سلامت رکيل آهن. (3) چمڙي گرم، سرد ۽ ايذاءُ رسائيندڙ شين جي خبر ڏئي ٿي. (4) چمڙي پگهر ٺاهي بدن مان زهري غلاظتون ٻاهر ڪڍي ٿي. (5) چمڙي جي دوري کي تڪڙو ۽ ڍلو ڪري سگهي ٿي، جنهنڪري اونهاري توڙي سياري ۾ بدن جي گرمي پوري 98.4 درجا فارهائيٽ مقرر رکي ٿي.
اونهاري ۾ اندر بدن ۾ گرمي زياده ٿئي ٿي، جنهن ڪري چمڙي رت جي دوري کي تکو ڪري بدن مان پگهر گهڻو ڪڍي ٿي، جو بخار ٿيڻ لاءِ بدن مان گرمي ڇڪي ٿو، جنهن ڪري بدن ٿڌو رهي ٿو.
سياري ۾ رت جي دوري کي ڍرو ڪري ٿي، جنهن ڪري گرميءَ کي ٻاهر نڪرڻ نه ٿي ڏئي، اهڙيءَ طرح اندر گرمي پوري رهي ٿي.
تجربو- تندرست ماڻهوءَ جي گرمي جو درجو اونهاري خواه سياري ۾ 98.4 رهي ٿو. اهو هن ڪري ٿو ٿئي، جو چمڙيءَ ۾ ٽنگ آهن. اونهاري ۾ دلي جو پاڻي گهاگهر جي پاڻيءَ کان وڌيڪ ٺرندو آهي، ڇاڪاڻ ته دلي کي تمام سنها ٽنگ ٿا ٿين، جن مان پاڻي ٻاهر سمي بخار ٿي ٿو وڃي، بخار ٿيڻ لاءِ پاڻي پنهنجي گرمي کپائي ٿو، جنهن ڪري ٿڌو ٿي ٿو پوي، مگر گهاگهر ۾ ٽنگ ڪو نه ٿين، تنهنڪري ائين دلي وانگر نه ٿو ٿئي. ساڳيءَ طرح چمريءَ جي ٽنگن مان پگهر ٻاهر نڪري سڪي ٿو ۽ بدن جي گرمي نيڪال ڪري ٿو، جنهن ڪري بدن ٺري پوي ٿو. وري اونهاري ۾ گرميءَ جي ڪري رت جو دؤرو تکو ٿو ٿئي ۽ رت واهڻ ۽ گلقرا به وڌي ٿا پون، جنهن ڪري منجهائن پگهر به گهڻو ٿو نڪري ۽ بدن ٺري ٿو پوي. سياري ۾ رت ۽ گلقرا ايترو وڌن ٿا، تنهن ڪري پگهر تمام ٿورو ٿو نڪري، اهو سبب آهي، جو چمڙي سياري ۾ ٺرڻ جي بدران گرم ٿي رهي. سياري ۾ پگهر جي بجاءِ وري پيشاب گهڻا ايندا آهن، جن جي وسيلي بدن جي غلاظت نڪريو وڃي ٿي.
(6) چمڙي ڦڦڙن وانگر ڪجهه قدر مسامن جي رستي ڪاربانڪ ائسڊ گئس ٻاهر ڪڍي ٿي ۽ آڪسيجن اندر داخل ڪري ٿي. (7) چمڙيءَ کي جذب ڪرڻ (ڇڪڻ) جي طاقت آهي، جنهنڪري تيل ۽ ٻيون دوائون مالش ڪرڻ سان اندر نيئي سگهجن ٿيون. (8) چمڙي وارن جي اندر سڻڀ ٺاهي رکي ٿي، جنهن سان هر وقت پاڻ کي نرم رکي ٿي.

بڪيون مثانھ ۽ پيشاب جو نيڪال
بڪيون ٻه آهن، هي پٺيءَ هيٺان جي ڪنڊي جي ٻنهي پاسي ڪمر ۾ جڪڙيل آهن. سڄي بڪي جيري جي هيٺان ۽ کٻي بڪي تريءَ جي هيٺان آهي. شڪل ۾ چونري (رانهين) جهڙيون آهن، سندس ڊيگهه 3 – 4 انچ ۽ ويڪر اڍائي انچ کن آهي. جن ۾ سڄي بدن جو رت هر وقت پيو ڇڻي صاف ٿئي ۽ رت مان نڪتل غلاظتون ڦڙو ڦڙو ٿي پيشاب وارين نلين جي وسيلي مثاني ۾ وڃن ٿيون، جنهن حالت ۾ ان کي پيشاب چئجي ٿو.
مثانه – هيءُ هڪڙي خاص قسم جي رڳن جو آهي. منجهس پيشاب گڏ ٿي، جڏهن گهڻو ٿيندو آهي، تڏهن پيشاب جو خيال ٿيندو آهي ۽ پيشاب تي وهڻ سان مثانه پاڻمرادو سسندو آهي، جنهن ڪري پيشاب ٻاهر نڪرندو آهي ۽ مثانه خالي ٿي پوندو آهي. پيشاب روزانو ڏيڍ سير کن ٿيندو آهي، جي پاڻي گهڻو پيئبو آهي، ته پيشاب به گهڻو ٿيندو آهي ۽ سياري جو پگهر نه نڪرڻ سبب پيشاب زياده ٿيندو آهي.

گڙدي جو سور
بڪيون رت مان غلاظت ڇڪجي، نلين جي رستي مثاني ڏانهن روانو ڪن ٿيون، اها غلاظت وقتي گهاٽي ٿئي ٿي، جا نلين رستي مثانه ۾ وڃي نٿي سگهي، جنهنڪري بڪين ۾ سور پيدا ٿيندو آهي. يا وقتي پاڻي صاف نه پيئبو آهي، ته ان پاڻيءَ جي غلاظت به بڪين ۾ ڪٺي ٿي بڪين ۾ ويندي آهي، جا پيشاب جي نلين جي رستي وڃي مثاني ۾ ڪٺي ٿئي ٿي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڄمي پٿريءَ جي مثل ٿئي ٿي ۽ نڪري نه ٿي سگهي، جنهنڪري به گڙدا (بڪيون) هوا سان ڀرجي وڃن ٿا ۽ منجهن سور پيدا ٿئي ٿو.
گڙدي جي سور جا علاج- (1) جنهن گڙدي (بڪي) ۾ سور هجي، ان کي هٿ جي، چنبي سان دٻائجي ته فرحت معلوم ٿيندي. (2) سور واري هنڌ تي ڪوسيءَ شيءِ جي ٽاڪور ڪجي ته پيشاب جون نليون ويڪريون ٿي وينديون ۽ غلاظت سولائي سان نڪري ويندي ۽ سور لهي ويندو. (3) سنئون ئي سنئون سمهي، ٽنگن ٻانهن کي ڪڇ قدر ڦاڙي ويڪرو ڪري سڀني عضون کي ڇوٽ ڍرو ڪري ڇڏجي، ته آرام ايندو. (4) هٿ جي زور جو داٻ ڏيو ۽ مالش ڪبي، ته به فائدو ٿيندو. (5) پٿريءَ جي حالت ۾ هڪدم هوشيار ڊاڪٽر کان علاج ڪرائڻ گهرجي.

پيشاب مان فائدا
پيشاب عام طرح اندر رهڻ ۾ نقصان رسائيندڙ آهي، مگر ڪيترين بيمارين ۾ بلڪل ڪمائتو علاج آهي جيئن ته:– (1) بواسير جي ڪا تڪيلف ٿئي، ته پيشاب سان موڪن کي به چار دفع ڌوئڻ سان آرام ايندو. (2) پير ۾ لف ٿئي ته هڪ ٻه دفعا مٿس پيشاب ڪرڻ سان آرام ايندو. (3) هٿ پير وڍجي پوي ته مٿس پيشاب ڪرڻ سان گهڻو فائدو ٿيندو.

سوال
1 – چمڙي ڇا آهي ۽ سندس ڪل ڪهڙا ڀاڱا آهن؟
2 – تنتن جو چمڙيءَ سان ڪهڙو لاڳاپو آهي، سو کولي ٻڌايو؟
3 – گڙدا ڇا آهن ۽ انهن جا ڪم ٻڌايو؟

حواس
حواس انهن عضون کي چئجي ٿو، جن جي وسيلي اسان کي پنهنجي آسپاس حالتن جون حقيقتون معلوم ٿي سگهن. عام حواس گهڻي ئي آهن، جيئن ته ننڊ جو، بک جو وغيره، مگر مکيه پنج حواس آهن: (1) اکيون ڏسڻ لاءِ (2) ڪن ٻڌڻ لاءِ (3) نڪ سنگهڻ لاءِ (4) ڄڀ چکڻ لاءِ (5) چمڙي ڇهڻ لاءِ. هر هڪ حواس تنتي سرشتي جي مدد سان پنهنجو پنهنجو ڪم پورو ڪري ٿو.

اک ۽ ان جو ڏسڻ
اک پورو گولو آهي، جنهن جو قطر انچ کن ٿيندو، هيءُ هڪ هيڏائينءَ کوپريءَ ۾ محفوظ ٿيل آهي. نرڙ جي پگهر کان اک کي بچائڻ لاءِ قدرت کيس ڀرون ڏنيون آهن. اس ۽ مٽيءَ جي بچاءَ لاءِ ڇپر اٿس، جيڪڏهن ڪو جيت اک پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي ته ڇپرا امالڪ بند ٿيو وڃن ٿا. اک جي ٻاهرين ڪنڊن وٽ پاڻيءَ جون ڳوٿريون رکيل آهن، جن مان ڳوڙها نڪري اک هميشه ڌوئي صاف پيا ڪن ۽ اک کي آلو پيا رکن. اک کي ڦيرائڻ لاءِ مشڪون آهن.
(1) اک جي بناوت- هيءُ عضوو فوٽو گرافي ڪئميرا جي اصول تي ٺهيل آهي. ٻنهي جا متحرڪ ڀاڱا به ساڳيا آهن:
(2) تارو يا پتلي- اک ۾ ڏسبو ته هڪ سهڻو گول نظر ايندو جو ڪن ۾ ڪارو، ڪن ۾ شيرو ۽ ڪن ۾ نيرو ڏسبو آهي، گرم ملڪن جي ماڻهن جو تارو ڪارو ٿئي ٿو، جنهن ڪري گهڻي روشنائي کڻي سگهي ٿو ۽ سرد ملڪن جي ماڻهن جو تارو شيرو ٿئي ٿو.
(3) ماڻڪي- تاري جي وچ ۾ هڪ ڪارو داغ ڏسبو آهي، جو سچ پچ هڪ سوراخ آهي، ان کي اک جي ماڻڪي يا دري چئبو آهي. اها اونده ۾ وڌيڪ کلي ٿي ۽ ڏينهن جو روشنيءَ ۾ سسي ٿي، جيئن ڏينهن جو گهڻي روشنائي نفيس تنتي پردي تي پئي کيس نقصان نه رسائي، تنهن ڪري اونهاري ۾ ڏينهن تتي جو ٻاهر گهمڻ نه گهرجي. ٻليءَ جي تاري جي ماڻڪي اونده ۾ ايترو کلندي آهي، جو اونده چٽو ڏسي سگهندي آهي، جنهن ڪري ڪوئن کي سهنجائي سان شڪار ڪري سگهندي آهي.
سويت منڊل يا قرني پردو- ٻاهرين هوا يا مٽي تاري يا ماڻڪي کي نقصان نه پهچائي، تنهن لاءِ مٿان سخت ۽ شفاف پردو ڏٺل آهي جو ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي. ان کي چئبو آهي سويت منڊل يا قرني پردو.
(4) اک جي اڇاڻ- اک ڏي نهارڻ سان تاري جي چوڌاري اک جي اڇاڻ نظر ايندي اهو به هڪ پردو آهي، جو سويت منڊل سان اهڙيءَ طرح جڙيل آهي، جيئن واچ جي شيشي جو پڙ ان جي روپي يا سوني خاني ۾ جڙيل ٿئي ٿو.
(5) لينس- ماڻڪيءَ جي پٺيان بلوري ڪاچ يا لينس رکيل آهي، جو شفاف ۽ رٻڙ وانگر لچڪدار آهي، ان جي شڪل کٽمٺڙي يا ليمي جي ٽڪيءَ وانگر آهي، يعني پيٽ ۽ پٺيءَ ٻئي نڪتل ۽ پاسن کان سلامي اٿس. هيءُ نظر کي چٽائي بخشي ٿو. پيريءَ ۾، اک يا مغز کي سخت چوٽ لڳڻ سبب يا ڪم طاقتيءَ سبب لينس (بلوري ڪاچ) غير شفاف ٿي پوندو آهي، جنهنڪري نظر گهڻو گهٽجي ويندي آهي، جنهن کي موتيو پاڻي چئجي ٿو، کيس آپريشن ڪرائي ڪڍائي ڇڏڻ سان نظر وري چٽي ٿيندي آهي.
(6) لڳ لڳ واري مال جي ڳوٿري- لينس جي پٺيان جو پور آهي، سو سڄو لڳ لڳ واري مال سان ڀريل آهي: اهو لڳ لڳ وارو مال به شفاف آهي، جو اک کي ڦسڻ کان بچائي ٿو ۽ لينس کي مقرر جاءِ تي بيهارڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
(7) اک جي آرسي- لڳ لڳ واري مال جي پٺيان آهي اک جي آرسي، جا پيالي مثل آهي، جنهن تي شيءِ جو عڪس ٺهي بيهي ٿو.
(8) ڪارو پردو- جيئن آرسيءَ جي پٺيان جا وار لڳل ٿيندو آهي، تيئن اک جي آرسيءَ پٺيان هي ڪارو پردو آهي.
(9) نظر جي نس- مغز ۽ اک جي آرسيءَ جي وچ ۾ هڪ تار پهچائيندڙ نس آهي، جا عڪس جي سڌ مغز کي ڏئي ٿي، جنهن کي نظر جي نس چئبو آهي.

ڏسجي ڪئين ٿو
روشنيءَ جا ڪرڻا سويت منڊل (قرني پردي) مان لنگهي پتليءَ (تاري) جي ماڻڪيءَ جي سوراخ مان گهري وڃي، لينس (بلوري ڪاچ) تي پون ٿا، اتي سنها سوڙها ۽ چٽا ٿي، ان مان لنگهي لڳ لڳ واريءَ ڳوٿريءَ مان رستو ڪري وڃي اک جي آرسيءَ تي عڪس ٺاهي بيهارن ٿا، پوءِ نظر جي نس مغز کي خبر ڏيندي آهي، تڏهن ڏسي سگهبو آهي. جيڪڏهن اهو مغز جو ٽڪر ڪڍي ڇڏجي ته جيڪر اصل ڏسي نه سگهجي.
ٻن اکين جي ضرورت- (1) اتفاق سان جيڪڏهن هڪ اک خراب ٿي پوي، ته ٻي اک سان هلي چلي سگهبو. (2) مفاصلي جي ڪٿ ڪرڻ لاءِ به اکيون ضروري آهن، جو هڪ اک سان پوري خبر ڪا نه پوندي. جيئن هيٺئين تجربي مان معلوم ٿيندو:–
تجربو- هڪ اک پوري، کٻي هٿ جي ڏسڻي اڱر پريان جهلي، ان جي چوٽيءَ سان سڄي هٿ جي ڏسڻيءَ جي چوٽي پري کان آڻي ملائڻ جي ڪوشش ڪريو، مگر هڪ اک هن آڱر جي مفاصلي جي ڪٿ ڪري نه سگهندي، انهيءَ ڪري سڄي آڱر ان جي اڳيان يا پوئتان اچي ويندي.

اک جا عيب
(1) نظر ٻن قسمن جي گهٽ ٿيندي آهي: هڪ ويجهي نظر گهٽ ۽ ٻيو دور نظر گهٽ. پهرين قسن جو عيب تڏهن ٿو ٿئي، جڏهين اک جو گولو گولائي ۾ ننڍو ٿي ٿو وڃي جنهن ڪري شيءِ جو عڪس پڙدي تي نه ٿو پوي، پر ان جي پٺيان ٿو پوي. انهيءَ حالت کي درست ڪرڻ لاءِ ماڻهوءَ کي اهڙو عينڪ جو لينس يعني شيشو ڪم آڻڻ گهرجي، جنهن جو وچ ٿلهو ۽ پاسا سنها هجن، جيئن روشنائيءَ جا ڪرڻا ٻٽي موڙ کائي تنتي پڙدي تي اچي پون. ٻئي قسم جو عيب تڏهن ٿو ٿئي، جڏهن اک جو گولو بيضي وانگر ڊگهو ٿي ٿو پوي، جنهنڪري شيءِ جو عڪس پڙدي تي پوڻ بدران ان جي اندرين پاسي تي ٿو پوي. انهيءَ حالت کي سڌارڻ لاءِ ماڻهوءَ کي لينس يعني شيشو اهو ڪم آڻڻ گهرجي، جنهنجو وچ سنهو ۽ پاسا ٿلها هجن، جيئن ان جي مدد سان روشنائيءَ جا ڪرڻا پهريائين پکڙجي پوءِ اک واري لينس يعني بلوري ڪاچ منجهان ڦري، وڃي برابر تنتي پڙدي تي پون ٿا.

اک جون بيماريون
نظر گهٽ ٿيڻ جا سبب
1 – نظر جو سڄو مدار لينس تي آهي، ڪي ماڻهو گهڻو وقت ويجهو نهارڻ جو ڪم ڪندا آهن، ته انهن جو لينس ويجهو نهارڻ تي هري ويندو آهي ۽ اها مقرر جاءِ وٺي بيهندو آهي، جنهنڪري انهن جي پري نظر گهٽ پوندي اٿن. ساڳيءَ طرح ڪن ماڻهن جي وري ويجهي نظر گهٽ پوندي آهي. (2) خراب ٽمڪندڙ (ٿوريءَ) روشنائيءَ ۾ پڙهڻ سان اکين کي ڏاڍو تاٻٻو پوي ٿو، جنهنڪري نظر گهٽ ٿئي ٿي. (3) گهڻي پڙهڻ ۽ ويجهو ڪم ڪرڻ سان به نظر جهڪي ٿئي ٿي. (4) تمام سنها اکر پڙهڻ يا لکڻ سان (5) ٽيڪ ڏيڻ ۽ سمهي پڙهڻ سان به اکين تي گهڻو زور لڳائڻو پوي ٿو، ڇو ته اسان جو لينس ويهي پڙهڻ سان ڪتاب يا ڪاغذ ضرور پيو لڏندو ۽ ساڳئي وقت بدن ۽ مٿو به پيو لڏندو، تنهنڪري اکين جي لينس تي اکرن کي چٽيءَ طرح ڏسڻ لاءِ وڌيڪ زور لڳائڻو پوندو، جنهن ڪري ان کي نقصان رسڻ جو امڪان آهي (7) بدن کي بک جي ڪري ضعيف ڪرڻ سان به نظر گهٽ ٿئي ٿي. (8) تکي روشنائيءَ يا اس ۾ گهڻو وقت رهڻ سان به گهٽ ٿئي ٿي. (9) اونهاري ۾ پيرين اگهاڙو گهمڻ سان به نظر خراب ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته پيرن جي ترين جو تنتون سڌو مغز سان ڳنڍيل آهن، جنهنڪري مغز کي گرميءَ رسڻ سبب نظر گهٽ ٿئي ٿي. (10) جتين ۽ بوٽن کي نال ۽ ڪوڪا هڻائڻ مان به ساڳي طرح نقصان آهي، جو لوهه جي گرمي پيرن جي ترين کي رسي ٿي ۽ اها گرمي وري مغز کي رسي ٿي. (11) پڙهڻ وقت بتي اکين اڳيان رکڻ به نظر کي گهٽائي ٿو. (12) سج ڏانهن يا تيز بجليءَ ڏانهن ديک ڏيئي نهارڻ سان تنتون ناس ٿي وينديون ۽ انڌو ٿي پئبو. (13) دونهين ۾ گهڻو وقت وهڻ سان به نظر گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي. (14) مغز کي چوٽ لڳڻ سان به نظر گهٽ ٿيڻ جو امڪان يا خطرو آهي.
ڪم نظريءَ کي ٽارڻ جا اپاءُ
(1) مٿي ڏيکاريل ڪم نظريءَ جا جيڪي سبب آهن تن کان پاڻ بچائڻ گهرجي. (2) جڏهن سنهون ڪم ڪرڻو پوي، تڏهن وقت به وقت نظر ڦيرائي دور مفاصلي ڏانهن چتائي نهارجي، ائين ڪرڻ سان اک جو لينس پري شين ڏانهن به ڏسڻ تي هوندو ان لاءِ لغڙ اڏائڻ ۽ ڪرڪيٽ ۽ فوٽ بال ڪرڻ چڱي آهي. (3) سج جي تکيءَ روشنائي ۾ يا وارياسي ميدان لتاڙڻ وقت ڪاري يا سائي ٿڌي عينڪ پائڻ گهرجي. (4) جيترو ٿي سگهي اوترو سٺي هوا، سٺو کاڌو ۽ ڪسرت وٺجي ۽ پوريءَ روشنائيءَ ۾ رهجي ۽ پاڻ کي تندرست رکجي. (5) اکين کي هميشه صبح جو ٿڌي پاڻيءَ سان ڌوئجي. (6) اک ۾ بيماري ٿئي ته ڪنهن نيم طبيب جي دوا اک ۾ نه وجهجي. (7) پڙهڻ مهل ڪتاب تي کٻي پاسي کان روشنائي پوڻ گهرجي. (8) سائي رنگ جون ڇمنيون، رومال ۽ جاءِ جون ڀتيون هئڻ گهرجي. (9) رات جو ماني کائڻ بعد کليل هوا ۾ دور نهاري وڏا ساهه کڻڻ به نظر وڌائڻ ۽ ڪم نظري ٽارڻ جو عمدو علاج آهي. (10) رات جو ماني کائڻ بعد آلن سڻڀن هٿن سان اکين جي ڇپرن کي ٻه ٽي دفعا مهٽڻ به چڱو آهي. (11) چانڊوڪيءَ رات جو چنڊ ڏانهن ڪجهه وقت نهارڻ سان اکين جي روشنائي وڌي ٿي.

ڪن ۽ ٻڌڻ
ڪن جي بناوت سڌ پڌ فوني وانگر آهي، جيئن ته:–
(1) ٻاهريون ڪن يا بونب- هيءُ فوني جي بونب جي شڪل جهڙو ڪچڙي ڪنڊي ۽ چمڙيءَ جو ٺهيل آهي. هن وٽان هڪ انچ ڊگهي نلي شروع ٿئي ٿي، جا کيس وچين ڪن سان ڳنڍي ٿي. بونب آواز جون لهريون گڏ ڪري سوراخ ۾ موڪلي ٿو.
ڪن جو سوارخ- هن ۾ سنهڙا وار ۽ نلي آهي، جي وقت بوقت ڪن جي صفائي ڪري هڪ ميڻ جهڙي ڪوري شيءِ (جنهن کي ڪن جي مر چئبو آهي) ٺاهين ٿا. جنهن جي ڪري ٻاهريان جيت اندر نه ٿا گهري سگهن ۽ ميڻ سبب نلي خود نرم رهي ٿي. انهيءَ ڪري ڪن جي مر (ڪوڙي ميڻ) ڪڍائڻ نه گهرجي. بيڪار مر ازخود ڳوڙهي ٿي ڪن مان ٻاهر نڪري ويندي آهي.
(2) وچون ڪن- هن ۾ هڪ پڙدو (دهلڙي) آهي، جنهن سان هڪ ٻئي پٺيان ٽي هڏا آهن: (1) مترڪي جي شڪل جهڙو (2) سنداڻ جهڙو ۽ (3) رڪيب جهڙو. رڪيب جهڙو هڏو اندرين ڪن سان لڳل آهي. وچين ڪن جي تري ۾ هڪ نلي آهي، جنهن جي وسيلي اهو ڀاڱو وات سان به ڳنڍيل آهي، انهيءَ لاءِ ته دهلڙيءَ جي ٻنهي پاسي هوا جو داٻ هڪ جيترو ٿئي. جيئن اها دهلڙي ڦاٽي نه پوي.
(3) اندريون ڪن- هيءُ هڪڙو سنک (ڪوڏ) وانگر هڏائون ٿانءُ آهي، جنهن کي پيچدار گهٽي چون ٿا، جنهن ۾ هڪ قسم جي پاڻيٺ شيءِ پيل آهي، ان پاڻيٺ ۾ ٻڌڻ جي حواس جي تنتن جون پڇڙيون بيٺل آهن.
ٻڌجي ڪيئن ٿو- پهريائين آواز جون لهرون بونب تائين وڃن ٿيون، جتان سوڙهيون ٿي ڪن جي سوراخ مان لنگهي وڃي پردي يا دهل کي لڳن ٿيون، جو تحرڪ ۾ اچي مترڪي کي تحرڪ ڏئي ٿو، اهو مترڪو وري پيچدار گهٽيءَ واريءَ پاڻيٺ شيءِ کي پهچائي ٿو، جتان اهو آواز ٻڌڻ جون تنتون مغز کي پهچائين ٿيون، تڏهن، ٻڌجي ٿو.
وچين ڪن واريءَ دهلڙيءَ جي سنڀال- هي دهلڙي اهڙي ته نازڪ آهي، جو ڪڏهين ڪڏهين ٻار جي ڪن ۾ زور سان ڦوڪ ڏيڻ سان يا تمام وڏي آواز ٿيڻ سان ڦاٽي به پوندي آهي ۽ ٻار ٻوڙو ٿي پوندو آهي. ٺاٺارڪو ڌنڌو ڪندڙ ماڻهو به انهيءَ ڪري ٻوڙا ٿي پوندا آهن، جو سخت ٺاٺا جي آوازن ٻڌڻ ڪري دهلڙي خراب ٿي پوندي اٿن. ڪن ڪڏهين کوٽڻ نه گهرجي، جيتوڻيڪ ميڻ دهلڙيءَ جو گهڻ بچاءُ ڪري ٿي، تڏهين به جيڪڏهين ڪن ۾ تمام گهڻي ميڻ چڙهي وڃڻ ڪري ڪن خراب ٿئي، ته ان کي کار جي پاڻيءَ سان يا هئڊروجن پر آڪسائيڊ سان ڌوئي ڇڏجي.
ڪن جو سور- ڪن جو سور ٻن سبب ڪري ٿئي ٿو، هن طرح :–
1 – پردي ۽ پيچدار گهٽيءَ جي وچ ۾ جنهن هنڌ مترڪو رکيل آهي، اتي خال آهي، جو هوا سان ڀريل آهي، اها هوا نڙيءَ مان هڪ نليءَ جي وسيلي اچي ٿي ۽ وقت به وقت ڦري گهري پردي جي اندرئين پاسي صفائي ڪندي رهي ٿي، مگر جڏهن ڪليون يا ڪاڪڙو لهي پوندا آهن، تڏهين ان نليءَ جي وسيلي هوا جي مٽ سٽ پوريءَ طرح نه ٿي سگهي، جنهنڪري اندر خارش ۽ سور پيدا ٿئي ٿو.
2 – بونب جي لڳو لڳ جيڪو ڪن جو سوراخ آهي، ان ۾ وار ۽ نليون وقت به وقت سوارخ ۽ پڙدي جي صفائي ڪري ميل ٻاهر ڪڍن ٿا، جيڪڏهن وقتي اها ميل ٻاهر نڪري نه ٿي سگهي، ته صفائيءَ ۾ رنڊڪ پوي ٿي، جنهنڪري خارش ۽ سور پيدا ٿئي ٿو.
ڪن جي ٻوڙاڻ- (1) ڪن جي سور ۾ ڪن کوٽڻ سبب وقتي ميل اندر ڄمي پوي ٿي ۽ گهڻي کوٽڻ سبب وقتي ڦٽ ٿي پون ٿا، جنهن ڪري ٻڌي نٿو سگهجي. (2) ڪن جي سور سبب وقت به وقت نيم حڪيمن جي گهڻين دوائن وجهڻ ڪري اهي دوائون اندر ڄمي ڌپ ڪيو ڇڏين. (3) ڪن ۾ پانيءَ پوڻ سبب اهو ٻاهر نه ٿو نڪري سگهي، جنهن ڪري ڌپ ٿئي ٿو ۽ گهڻي وقت گذرڻ کان پوءِ ڪن ۾ سخت سور ٿئي ٿو. (4) ڪڏهن ڪڏهن اچانڪ تمام وڏو توب جهڙو آواز ٻڌبو آهي، ته ان ڪري ڪن جو پردو زخمجي پوندو آهي ۽ ٻوڙو ٿي پئبو آهي. (5) نيم حڪيمن کان گهڻيون ۽ زور سان پچڪاريون هڻائڻ ڪري به وقتي پردو زخمجي پوندو آهي ۽ وقتي ته پردو ڦاٽي پوندو آهي، جنهن ڪري اهو ماڻهو صاف ٻوڙو ٿي پوندو آهي ۽ ڪيترو به ڏاڍيان ڳالهائبو آهي، ته نه ٻڌي سگهندو آهي. (6) ڪن ماڻهن کي ڄمندي کان ٻوڙاڻ ٿيندي آهي، ۽ اهي آواز ٻڌي نه سگهندا آهن، جنهنڪري ڳالهائڻ به نه سکندا آهن ۽ گنگا ٿي پوندا آهن.
علاج- (1) جيڪڏهن ڪن ۾ گند رهيل هجي ته پهريائين هئڊروجن پر آڪسائيڊ سان صاف ڪجي (2) جي ان سان صفا نه ٿئي ته پوءِ ڪن ۾ گلسرين وجهڻ گهرجي جا سور لاءِ به سٺو علاج آهي (3) ان کان پوءِ ٽنچر آيوڊين (ڳاڙهي دوا) تمام ٿوري انداز ۾ ترن جي تيل سان گڏي ان جا ڦڙا ڪن ۾ وجهجن، ته ڪن صفا به ٿيندو ۽ ڦٽ به ڇٽي ويندا (4) جي انهن علاجن مان به فائدو نه ٿئي، ته گرم پاڻي لاٽ ڪري وجهجي ۽ ٻه ٽي منٽ جهلي ڇا ڇولي ڪڍي ڇڏجي، هن سان جي اندر پاڻي پيو هوندو ته اهو به نڪري ايندو (5) جي ان سان به پوريءَ طرح فائدو نه ٿئي ته پوءِ پاڻي گرم ڪري ان ۾ پوئٽشم پر ميگنيٽ گڏائي، ڪنهن قابل ڊاڪٽر کان پچڪاريءَ سان ڪن صفا ڪرائجي جيئن پردي کي نقصان نه پهچي (6) جيڪڏهن ڪلين ۽ ڪاڪڙي جو سبب هجي، ته پهريائين انهن جو علاج ڪرائجي پوءِ ڪن پاڻهي صفا ٿي ويندو (7) جي ڪن ۾ ڏاڍو سور هجي، ته ڪن جي ٻاهران رڳن کي گرم تيل جي مالش ڪجي يا اٽي جو چاڻ ۽ لوڻ گرم ڪري ان جي ٽاڪور ڪجي، ته سور لهي ويندو (8) ڪن کي کوٽائڻ اصل نه گهرجي (9) وقتي ڪچي کير جا ڦڙا ڪن ۾ وجهڻ به فائديمند آهن.
ڪن جي مر- هيءُ ميڻ جهڙي ڪڙي رطوبت ڪن جي غلاظت آهي، هيءُ ڪيترين بيمارين ۾ اڻ گس علاج آهي، جيئن ته :–
(1) جيڪڏهين سياري ۾ ٿڌ ڪري هٿ پير ڦٽي پون ته ڪن جي مر لڳائڻ سان فائدو ٿيندو. (2) نانگ ڏنگيل ماڻهوءَ کي چڻي جيتري ڪن جي مر کارائڻ سان فائدو ٿيندو. (3) ڇيت يا ڪنڊو لڳي ته اهو ڪڍي، ڪن جي مرلائبي ته پاڻي نه چورائيندو. (4) جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ زهر کاڌو هجي، ته ڪن جي مر دن تي مهٽڻ سان ٽورو ۽ پيشاب خلاصو ايندو ۽ زهر جو تاثير گهٽجي ويندو.

نڪ ۽ سنگهڻ
نڪ جي ڇت هڏائينءَ تاڪيءَ جي ٺهيل آهي، هيءُ هڪ پڙدي جي وسيلي ٻن ناسن ۾ ورهايل آهي. جن ۾ سوارخ آهن، جن جي مٿئين ڀاڱي ۾ سنگهڻ جي تنتن جون پڇڙيون آهن، جي هر قسم جي بوءِ کڻي مغز ڏانهن پهچائن ٿيو، جنهنڪري بانس جي سڀ خبر پوي ٿي. نڪ جو هيٺيون ڀاو هوا کي گرم ڪري ٿو. نڪ جي اندر هڪري پاڻيٺ پيئي ٺهي، جا ان کي گهميل رکي ٿي. جيڪڏهين نڪ خشڪ هوندو، يا ليس يا ڪنهن ٻيءَ بيماريءَ جي ڪري اندران سڄي پوندو، ته سنگهڻ جو حواس ڪم طاقت ٿي ويندو آهي. ڪن جانورن جو سنگهڻ جو حواس اهڙو تيز ٿئي ٿو، جو اکين سان ڏسڻ کان سواءِ ئي پنهنجي شڪار جي سڌ پئجي وڃين ٿي.
زڪام يا ليس- وقتي گرميءَ يا گهڻيءَ ٿڌ سبب نڪ جا پاسا سڄي پوندا آهن، ان ڪري نڪ ڦٽجي پوندو آهي، جنهن ڪري نڪي چڱو ساهه کڻي سگهبو آهي، نڪي شيءِ جي بانس ئي معلوم معلوم ٿي سگهندي آهي ۽ نڪ مان پاڻي پيو وهندو آهي، يا نڪ بند ٿي ويندو آهي، تنهن کي چئبو آهي، ته ليس ٿيو آهي. ليس جي وقت ۾ ساهه گهڻو ڪري وات سان کڻبو آهي.
علاج- نڪ سڻڪي صفا ڪري ڪوشش ڪري نڪ مان اونهو ساهه کڻجي ۽ گهڻو ڪري کٻي پاسي واريءَ ناس ۾ ڪپه يا اڳڙي وجهجي، سڄي پاسي واريءَ ناس مان ساهه کڻجي. (2) جيڪڏهن ڇڪون گهڻيون اچن ۽ هلاک ڪن ته مٿئين چپ کي مٿين ڏندن تي هٿ جي مدد کان سواءِ دٻائجي. (3) نڪ کي آڱوٺي ۽ آڱر جي وچ ۾ جهلي ٻه چار دفعا زور سان مهٽجي جيئن نڪ گرم ٿئي. (4) جي ٿڌ ڪري نڪ پٽجي پوي ۽ مغز ڳورو ٿئي ۽ ڇڪ اچڻ جي ضرورت سمجهجي ته ڪپڙي جي وٽ ٺاهي ناس ۾ لنگهائجي، ته ڇڪ ايندي ۽ مغز کلي پوندو. (5) جي نڪ وهندو هجي ۽ پيٽ ۾ ڪا تڪليف هجي ته هڪ ويلو نه کائجي. (6) جي مغز ڪمزور هجي ته طاقت واري شيءِ کائجي جيئن مغز کي طاقت اچي. (7) ٿڌ ڪري مٿي ۾ سور ٿئي ۽ نڪ وهي ته لوڻ ۽ واري ڪوسي ڪري ٽاڪور ڪجي يا رات جو سمهڻ مهل ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي ٻاڦ نڪ کي ڪجهه وقت ڏجي ۽ مٿي کي ڪپڙو ٻڌي سمهي پئجي، يا سهندڙ گرم پاڻيءَ ۾ ڪجهه وقت پير رکڻ گهرجن.

ڄڀ ۽ چکڻ
وات جي اندر ڄڀ آهي، جنهن جي مٿان ڪاڪڙو ۽ پاسن کان ٻه ڪليون اٿس ڄڀ رڳن جي ٺهيل آهي، مٿان هڪ ٿلهو پوش چڙهيل اٿس. ڄڀ جي مٿان آڱر ڦيرائڻ سان معلوم ٿيندو، ته لسي نه آهي، مگر مٿان داڻ داڻ وانگر ڳوڙهيون نظر اينديون، جن ۾ تنتن جا مچا لڳل آهن، اهي تنتون شين جو سواد سهي ڪري مغز کي پهچائن ٿيون. ڄڀ جي چهنب سان مٺاڻ، ۽ سندس پاسن سان کٽاڻ ۽ پڇاڙي (ڪاڪڙي واري ڀاڱي) سان ڪوڙائڻ جي سڌ پوي ٿي.
فائدا- (1) ڄڀ چکڻ جو حواس آهي، جنهن مان شين جي سواد جي خبر پوي ٿي. (2) ڄڀ هيڏانهن هوڏانهن ورائڻ ڦيرائڻ سان کاڌي چٻاڙڻ ۾ مدد ڪري ٿي. (3) ڄڀ جي وسيلي ئي ماڻهو ڳالهائي سگهي ٿو.

چمڙي ۽ ڇهڻ
سڄي بدن ۾ تنتن جون پڇڙيون چمريءَ سان لڳل آهن، جنهنڪري ڪنهن شيءِ جي بدن سان لڳڻ جي خبر يڪدم مغز کي پهچي ٿي، انهيءَ ڪري اسين گرم، سرد ۽ ايذاءُ رسائيندڙ شين جي اثر کان پاڻ کي بچائي سگهون ٿا، انهيءَ ڪري چمڙي سڄي بدن لاءِ ڄڻڪ هوشيار پهريدار آهي.
چمڙيءَ جي ڇهڻ جي خاصيت ساري بدن ۾ هڪ جيتري نه آهي، پر ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌ. جيئن ته آڱرين جي چوٽين، ڄڀ جي منهن ۽ چپن جي ڪنارن وٽ خاص گهڻي آهي ۽ ڳچيءَ جي پٺيان گهٽ آهي.
چمڙي ڇهڻ جي وسيلي هيٺين حقيقتن جي خبر ڏئي ٿي:–
(1) شڪل، نمونو، سختي، نرمي، کهراڻ، لساڻ ۽ تکاڻ وغيره. جي، هن طاقت جي وسيلي انڌا به آڱر ڦيرائڻ جي وسيلي پڙهي سگهن ٿا. (2) شيءِ جو وزن معلوم ڪجي ٿو. (3) گرميءَ ۽ سرديءَ جي خبر ڏي ٿي.
وار- هيءُ نهن وانگر رڳو کل جي مٿئين تهه جي واڌ جو نتيجو آهن. وارن ۾ تنتون وغيره ڪو نه آهن، جنهن ڪري وار ڪترائڻ ۾ سور اصل ڪين ٿئي ٿو. کل جي اندر وارن جي پاڙن وٽ ٿيلهيون آهن، انهن کان مٿڀرو تيل جون ڳوٿريون آهن، جن مان تيل نڪري کل کي نرم ۽ سڻڀو رکي ٿو. وارن کي مشڪون به آهن، جن جي سسڻ سان وار کڙا ٿي سگهن ٿا، جيئن ته خوشيءَ يا جوش جي وقت وار کڙا ٿيندا آهن.

سوال
1 – ڪل حواس ڪهڙا آهن ۽ سندن مختصر ڪم ٻڌايو؟
2 – اک جا ڪهڙا ڀاڱا آهن ۽ اک سان ڏسجي ڪئين ٿو؟
3 – نظر گهٽ ٿيڻ جا سبب ۽ ان جا علاج ٻڌايو؟
4 – ڪن جي بناوت کولي سمجهايو ۽ ٻڌجي ڪئين ٿو؟
5 – ڪن جي سور لاءِ ڇا ڪجي؟
6 – ڪن جي مر ڪهڙين حالتن ۾ مفيد آهي؟
7 – ريزش ٿيڻ جا سبب ۽ ان جا علاج کولي ٻڌايو؟

ڀاڱو ٻيو

تندرستيءَ جي سنڀال
بدن جي بناوت ۽ هر هڪ عضوي جي جوڙ جڪ مان معلو ٿو ٿئي، ته ڌڻي تعاليٰ اسان جي بدن جي ڪل اهڙيءَ ڪاريگريءَ سان جوڙي آهي، جو هوءَ پاڻ کي هر وقت هر حالت ۾ پورو رکندي ٿي اچي، جيئن ته :– (1) پنهنجي ڪم لاءِ گهربل رت پاڻ ئي تيار ڪري (2) پنهنجي کوٽ به پاڻ ٿي ڀري (3) پگهر، ڪرپٽيءَ ۽ پيشاب جي صورت ۾ پنهنجون غلاظتون به پاڻ ٿي ڪڍي (4) انهيءَ طرح ڪم پوري ڪرڻ ۽ جياپي وڌائڻ لاءِ سڀ تڪليفون به پاڻ ٿي سهي. تنهنڪري اسان تي به فرض آهي، ته کيس ڪاروبار پوريءَ هلائڻ لاءِ مدد ڏيندا رهون، جيئن ته اسان جي جياپي جو مدار انهيءَ تي ئي آهي: صاف هوا، صاف پاڻيءَ ۽ سٺي کاڌي تي تندرستيءَ جو مدار آهي، بدن، پوشاڪ ۽ گهرن جي صفائي ۽ نيڪ عادتن تي به تندرستيءَ جو مدار آهي تنهنڪري انهن تي هر وقت خيال رکڻ گهرجي.

هوا
ڌرتي هوا سان چوگرد وڪوڙيل آهي، سندس اوچائي ڪيترائي ميل ٿيندي. اسان جي مٿان سوين مڻ هوا جا آهن، ته به بار معلوم نه ٿو ٿئي، ان جو سبب اهو آهي، جو هوا اسان جي چوگرد اندران خواهه ٻاهران پوريءَ طرح ورڇيل آهي، تنهنڪري لکائي نه ٿي. هوا بلڪل شفاف آهي، جنهن ڪري اسان کي ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي، مگر جڏهن چرندي يا لڳندي آهي، ته تڏهن معلوم ڪندا آهيون. اسان جي جيئاپي جو مدار سڄو ئي صاف هوا تي آهي. کاڌي کانسواءِ ڪجهه ڏينهن تائين جيئرو رهي سگهبو، مگر هوا کان سواءِ 5 منٽ به جيئرو گذاري نه ٿو سگهجي. هوا نه فقط ساهه وارن لاءِ ضروري آهي، مگر وڻ ٻوٽا ۽ باهه پڻ هوا جي آڌار تي جيئن ٿا.
هوا مفرد (اڪيلي) نه آهي، مگر منجهس ڪيتريون گئسون گڏيل آهن، جي سڀئي ڪمائتيون آهن، منجهس هيٺيون گئسون آهن:–
(1) آڪسيجن (2) نائٽروجن (3) ڪاربانڪ ائسڊ گئس (4) پاڻيءَ جي ٻاڦ (5) ائمونيا ۽ ٻيون به ڪي گئسون.
مکيه هيٺيون گئسون هيٺين ڀاڱن ۾ ورهايل آهن:–
آڪسيجن گئس 100 حصن مان 94 . 20 حصا
نائٽروجن گئس = = = 00 . 79 حصا
ڪاربانڪ ائسڊ گئس = = 04 . حصا
(1) آڪسيجن- هي بي رنگ، بي بوءِ، تيز ۽ منجهس سواد ڪو نه آهي، ساهه وارين جي جياپي جو مدار هن گئس تي آهي، هن جي ڪري ڦڦڙن ۾ رت جا غليظ جزا سڙي ٻاهر نڪرن ٿا، جنهن ڪري رت صاف ٿئي ٿو. تنهن کان سواءِ باهه ۽ بتيون به هن گئس جي وسيلي ٻرن ٿيون.
(2) نائٽروجن- هيءَ گئس به بي رنگ بي بونءِ ۽ بي سواد آهي. هيءَ آڪسيجن سان ملي، ان جي تيزي گهٽائي ٿي. جي هيءَ گئس نه هجي ها، ته جيڪر سڄي دنيا سڙي ڀسم ٿي وڃي ها، ڇو ته آڪسيجن شين کي تڪڙو جلائي ٿي، مگر هيءُ شين کي تڪڙو ٻرڻ نه ٿي ڏئي.
(3) ڪاربانڪ ائسڊ گئس- هيءُ بي رنگ آهي، مگر منجهس بوءِ ۽ سواد ٻئي آهن. هيءُ ساهه کڻڻ، باهه ۽ بتين جي ٻرڻ مان پيدا ٿئي ٿي. هيءَ گئس زهري آهي جا هوا سان ملي ان کي خراب ڪري ٿي، مگر هيءُ وڻن ٻوٽن جو آڌار آهي. هيءُ هوا جي 100 ڀاڱن ۾ فقط 04 . تائين وڃي ٿئي ته صحت لاءِ نقصان ڪار آهي.
پاڻيءَ جي ٻاڦ- هن جي ڪري سڀني ساهه وارن جو بت نرم رهي ٿو ۽ وڻ ٻوٽا تازا رهن ٿا، جي ٻاڦ نه هجي ته جيڪر سڀ سڪي ٺوٺ ٿي وڃن.

هوا خراب ٿيڻ جا سبب
(1) ساهه کڻڻ ڪري هوا خراب ٿئي ٿي. هن ريت :–
قسم هوا جو ساهه کڻڻ سان جا اندر نيون ٿا ڦڦڙن مان ٻاهر ڪڍون ٿا
(1) آڪسيجن
(2) نائٽروجن
(3)ڪاربانڪ ائسڊ گئس 96 . 20 حصا
. 79 حصا
04. حصا 4 . 16 حصا
19 . 79 حصا
41 . 4 حصا
جوڙ 100 حصا 100 حصا
هن مان ڏسبو ته اندر ڦڦڙن ۾ آڪسيجن ڪيتري انداز ۾ گهٽجي ٿي ۽ ڪاربانڪ ائسڊ گئس وڌي ٿي، جا ٻاهر هوا سان ملي ان کي خراب ڪري ٿي. منهن ڍڪي نه سمهجي جيئن دم سان ٻاهر نڪتل هوا وري اندر ڦڦڙن ۾ نه وڃي.
(2) ٻرڻ- باهين ۽ بتين ٻرڻ، انجڻين هلڻ ۽ گند ساڙڻ ڪري به ڪاربانڪ ائسڊ گئس ۽ ٻين ڪيترن نمونن جون زهري گئسون پيدا ٿين ٿيون، جي هوا کي خراب ڪن ٿيون. انهيءَ ڪري بجلي بتيءَ ۾ اها خوبي آهي جو هوءَ نه آڪسيجن کپائي ۽ نه ڪاربانڪ ائسڊ گئس پيدا ڪري.
(3) شين جو ڪنو ٿيڻ- ڀاڄيون، ميوا ۽ مئل جانورن جي ڪني ٿيڻ ڪري خراب گئسون ۽ بيماريءَ جا جيوڙا پيدا ٿي، هوا ۾ گڏجي ان کي خراب ڪن ٿا.
(4) مقام ۽ مساڻ- هنن جي ڪري بدبوءِ پيدا ٿئي ٿي ، جا هوا سان ملي ان کي خراب ڪري ٿي.
(5) مٽي، ڪک، ڪاغذ، ڪوئلن جا ذرو غيره- به هوا ۾ پيا ڦرن گهرن، (جي دريءَ مان اس جا ڪرڻا ايندا ڏسبا ته اهي غلاظتون ڏسڻ ۾ اينديون) انهيءَ ڪري به هوا خراب ٿئي ٿي.
(6) ڪسيون، حوضيون، ڪاڪوس، گند جي ڍڳن- مان به بدبوءِ نڪري ٿي، جا هوا کي خراب ڪري ٿي.
(7) مرضن جا جيوڙا- واچ لڳندي ڪيترن مرضن جا جيوڙا هوا ۾ اڏامندا وتن ٿا، جي هوا کي خراب ڪن ٿا.
(8) ڪن ڌنڌن مان خرابيون- (1) موچڪي ڪم مان بدبوءِ اٿي ٿي (2) حجامڪي ڪم مان وار ۽ ٻيون غلاظتون اڏامن ٿيون (3) ڪنڀارڪي ڪم ۾ آوين ٻرڻ سبب ڪاربانڪ ائسڊگئس پيدا ٿئي ٿي، انهن سڀني سبب ڪري هوا خراب ٿئي ٿي.
(9) ڪوس جون جايون- رت ۽ اوجهرين مان نڪتل گند مان بدبونءِ نڪري ٿي جا هوا کي خراب ڪري ٿي.

هوا صاف ٿيڻ جا رستا
جيڪڏهن هوا صاف نه ٿئي، ته جيڪر صفا هوا ملڻ مشڪل ٿي پوي، مگر قدرت هوا کي هر وقت صاف ڪندي رهي ٿي:
(1) وڻ ٻوٽا- ڪاربانڪ ائسڊ گئس جا ساهه کڻڻ ۽ ٻرڻ ڪري پيدا ٿئي ٿي، سا ٻن گئسن جي مرڪب آهي:
(1) آڪسيجن (2) ڪاربان – اس جي اثر ۾ وڻن جا پن ڪاربانڪ ائسڊ گئس پاڻ ڏانهن ڇڪي ان کي ٽوڙن ٿا، جيڪو ڪاربان جزو آهي سو جذب ڪن (کائن ٿا) ۽ آڪسيجن موٽائي هوا ۾ ٿا ڇڏين، جنهنڪري هوا صاف ٿيو پوي. رات جو وڻ ٻوٽا آڪسيجن ڪا نه ڪڍندا آهن پر ڪاربان ائسڊ گئس ڪڍندا آهن مگر ڏينهن جو وڻ ٻوٽا جيترو آڪسيجن ڪڍن ٿا، تنهن کان بلڪل ٿورو حصو رات جو کائن ٿا.
(2) مينهن- هي هوا کي ڌوئي، سندس غلاظتون پاڻ سان کڻي وڃي ٿو.
(3) واءُ- واءُ جي لڳڻ ڪري بيٺل هوا ۾ يڪدم ڦير گهير ٿئي ٿي، جنهن ڪري غليظ هوا ڪنهن به هنڌ گهڻو وقت نه ٿي رهي، مگر ٽڙي پکڙي وڃي ٿي.
(4) اس- چوڻي آهي ته ”جتي روشني ۽ هوا تتي ڪانهي تانگهه طبيب جي“، اس جي ڪري ڪيترن مرضن جا جيوڙا مري وڃن ٿا، جنهن ڪري هوا صاف ٿيو پوي.
(5) کنوڻ- هيءُ به ڪيتريون غلاظتون هوا جون ساڙي ڇڏي ٿي.
(6) سمنڊ- جڏهن هوا سمنڊ وٽان لنگهي ٿي، تڏهن ڌوپي صاف ٿئي ٿي.

هوا جي غلاظتن ۾ بيماريون
هوا جي غلاظتن مان ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿين ٿيون، جن مان مکيه هي آهن: (1) کنگهه (2) زڪام (3) مٿي جو سور (4) دم ڪشي (5) نمونيا (6) ڪليون ۽ ڪاڪڙو وڌي پوڻ. ان لاءِ گهر ۽ ان جي آسپاس صاف هوا جوهئڻ بلڪل ضروري آهي.
شهرن ۾ هوا صاف رهي ۽ خراب نه ٿئي تنهن لاءِ ميونسپالٽيون ۽ سئنيٽري بورڊن کي هيٺيان بندوبست ڪرڻ گهرجن:
(1) رستن ۽ گهٽين ۾ روز ٻه دفعا صفائي ٿيڻ گهرجي ۽ يڪدم گند کڄڻ گهرجي، جيستائين گند کڄي تيستائين ڍِڳيون ٿيڻ نه گهرجن، مگر هنڌ هنڌ پيپ رکيل هئڻ گهرجن، جن ۾ اهو گند خواه گهرن جو گند پوڻ گهرجي. (2) گهٽين ۽ رستن ۾ مٽي نه اڏامي تنهن لاءِ روز ڇڻڪار ٿيڻ گهرجي. (3) گهٽين ۾ فرش هڻائڻ گهرجي، جيئن مينهن جي وقت ۾ پوسل ۽ گندگي نه ٿئي. (4) ڪني پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڪسيون هئڻ گهرجن، جي سيمنٽ ٿيل هجن، جيئن گندو پاڻي سمي زمين ۾ اندر نه وڃي پر ان جو نيڪال ڪنهن ڏورانهين زمين ۾ هئڻ گهرجي. (5) جنهن شهر ۾ ڪسيون نه هجن، اتي حوضين جو بندوبست هجي، اهي حوضيون وقت به وقت صفا ٿيڻ ۽ ڌوپڻ گهرجن. جيڪڏهن گندو پاڻي گهر يا گهٽيءَ ۾ هاربو ته سج جي تپت ڪري ان مان زهردار گئسون نڪري، هوا کي خراب ڪنديون، جي اهڙو پاڻي سيمون ڪري زمين ۾ ويندو، ته کوهن جي پاڻيءَ کي خراب ڪندو. جي دُٻو ڪري بيهندو، ته ان مان مڇر پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي. (6) شهرن جي گند ڪچري جو نيڪال به پري ڪنهن زمين ۾ ڪرائجي، جتي ڀاڻ وانگر ڪم اچي وڃي. جي ڪڏهن شهر جي ويجهو ڍير ڪرائبا ته ان مان بدبوءِ اٿي هوا کي خراب ڪندي. (7) ڪنا ميوا ۽ پاروٿيون ڀاڄيون به هوا کي خراب ڪندڙ آهن، تنهن ڪري اهڙيون شيون شهر ۾ اچڻ نه ڏجن. (8) جي بزاريون ڍڪ سان هجن ته انهن ۾ هوا جو گذر ۽ روشنائيءَ جو بندوبست ضرور هئڻ گهرجي. (9) ڪوس جون جايون شهر کان بلڪل پري هئڻ گهرجن. (10) چم رڱڻ جون جايون ۽ ڪنڀرن جون آويون شهر کان ٻاهر اهڙي طرف هئڻ گهرجن، جنهن طرف کان هوا ايندڙ نه هجي. (11) گوشت ۽ مڇيءَ جا مرڪيٽ شهر کان ٻاهر هئڻ گهرجن، گوشت خواه مڇي ڊاڪٽر يا سئنيٽري انسپيڪٽر کان پاس ڪرائي پوءِ وڪرو ٿيڻ گهرجي. (12) مقام ۽ مساڻ شهر کان پري اٽڪل ميل کن مفاصلي تي هئڻ گهرجن.

رهڻ جي جاءِ ۾ صاف هوا جو بندوبست هن ريت ڪرڻ گهرجي
جيڪڏهن نئين جاءِ خريد ڪري ٺهرائڻي هجي ته هيٺين ڳالهين جو خيال شروعات ۾ ضرورت رکڻ گهرجي:
پَٽُ يا پلاٽ جي چونڊ: (1) گهم واري جاءِ نه هجي، نڪي ڀرسان سم يا بيٺل پاڻيءَ جا دٻا هجن، ڇو ته اهي هوا کي خراب ڪندڙ آهن. (2) جيڪڏهن ڪو وهندڙ پاڻي ڀرسان هجي ته جاءِ ۾ سٺيءَ چيڪيءَ مٽي يا ڪنڪريٽ جو ڀراءُ وجهائجي، جاءِ جو پٽ ڏهاڪو فوٽ مٿي ڪرائجي. (3) ڀراءَ ۾ گند يا ڪلراٺي مٽي وجهائڻ نه گهرجي، جيڪڏهن اهي اڳ ئي پيل هجن ته به ڪڍائڻ گهرجن ۽ وري سٺي مٽي وجهائڻ گهرجي. (4) ڀرسان موچين ۽ ڌوٻين جا گهر، ڪنڀرن جون آويون ۽ سرن پچائڻ جون کوريون نه هئڻ گهرجن. (5) چوڌاري وڏيون جايون يا وڏا وڻ نه هجن، جيئن هوا کي رنڊڪ اصل نه ٿئي. (6) پٽ ايترو وٺڻ گهرجي، جيئن هر هڪ ماڻهوءَ لاءِ هزار ڪعب فوٽ هوا موجود ٿئي.
جاءِ ٺهرائڻ : (1) جاءِ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 فوٽ ڪنڪريٽ يا چيڪيءَ مٽيءَ جو ڀراءُ وجهائي، زمين کان مٿي ڪرائجي، جيئن مينهن جو نيڪال ۽ هوا جو گذر چڱا ٿين. (2) جاءِ جو منهن اتر سنڌ ۾ ڏکڻ اوڀر ڪجي ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ ڏکڻ اولهه ڪجي، جيئن هوا سڌي اندر اچي. (3) ڀتين جو بنياد زمين ۽ ڀراءُ کان 2 – 3 فوٽ مٿي پڪين سرن جا هئڻ گهرجن ۽ ان تي سيمينٽ هڻائڻ گهرجي، جيئن سيڪ مٿي نه چڙهي. (4) هوا جي گذر لاءِ هر هڪ ڪمري کي دريون ۽ دروازا آمهون سامهون هئڻ گهرجن. (5) ڇت جي ويجهو ڀتين ۾ بادوان ۽ دروازن ۽ درين جي مٿان پڃرا ضرور هئڻ گهرجن، ڇو ته ڦڦڙن مان نڪتل هوا ڪاربانڪ ائسڊ گئس گرم آهي، جا مٿي وڃي ٿي، ان جي نيڪال لاءِ بادوان ئي ڪارائتا آهن. (6) جاءِ ۾ ڪوٺين جو ترو صفحي کان اڌ فوٽ مٿي ۽ ورانڊي جو اڌ فوٽ هيٺ هجي، پڌر وري ورانڊي کان به اڌ فوٽ هيٺ ڪرائجي، جيئن هوا ۽ روشنائيءَ کي رنڊڪ بلڪل نه ٿئي. (7) ڀتين کي ٿي سگهي ته سائو يا هلڪو نيرو رنگ ڏيارجي. (8) تري کي فرش هڻائجي، جيئن صفا تري سولائي سان ٿي سگهي. (9) ڀتين ۾ گهڻا جارا يا چسٽالي هئڻ گهرجن، ڇو ته انهن تي ڄارو ۽ مٽي ڪٺي ٿئي ٿي، سامان لاءِ ٿوريون الماڙيون هئڻ گهرجن. (10) رڌڻو، سنان جي ڪوٺي ۽ پائخانو سمهڻ جي جاءِ کان پري هئڻ گهرجن ۽ پائخانو اهڙي طرح ٺهرائجي، جيئن ان جي بدبوءِ سيلاب، سنان يا رڌڻي جي ڪوٺيءَ ڏانهن نه وڃي سگهي. پائخاني کي رستو پٺيان يا پاسيرو ڪرائجي، جيئن ڀنگي گند جو نيڪال ڪري وڃي ته بونءِ نه اچي. پائخاني ۽ سنان جون جايون سيمنٽ ڪرائڻ گهرجن، جيئن پاڻي هيٺ سيمو ڪري نه وڃي.

صاف هوا لاءِ ٻيون خبرداريون
هوا تي اسان جي جيئاپي جو مدار آهي، تنهن ڪري هيٺين ڳالهين جو خيال رکڻ بلڪل ضروري آهي، جيئن اسان کي هوا صاف ۽ جهجهي ملي:
(1) سمهڻ وقت خبرداري- ڏسڻ گهرجي ته ڪوٺيءَ ۾ هوا جي گذر کي اٽڪ ته ڪانه آهي، هوا جي لهر ڪوٺيءَ ۾ اچي، سڌي بدن کي لڳڻ نه گهرجي، مگر جهجهي هوا ضرور اچڻ گهرجي.
(2) رات جو وات ۽ منهن ڍڪي سمهڻ- وات ۽ منهن ڍڪي سمهڻ بلڪل غلط آهي، ڇو ته تازيءَ هوا جي بدران اها ئي هوا کائڻي پوندي، جا دم سان ٻاهر ڪڍبي، (جيڪا زهريلي آهي) تنهنڪري گُهٽي ڇڏيندي ۽ رت صفا نه ٿيندو، جنهنڪري ننڊ ۾ فرحت ته ڪا نه ٿيندي، اٽلندو موڳائپ ٿيندي، ڪي مائرون ننڍن ٻارن کي لٽي ۾ ويڙهي سيڙهي سمهارينديون آهن، ڏسبو ته انهن جو منهن موڳو ۽ پيلو هوندو آهي، تنهنڪري مائن کي ائين ڪرڻ نه گهرجي.
(3) بيمار ماڻهوءَ لاءِ هوا جو بندوبست- بيمار ماڻهوءَ کي تازي هوا جي ضرورت بلڪل گهڻي آهي، تنهن ڪري ان جي ڪوٺيءَ ۾ تازي هوا ۽ روشنائيءَ جو بندوبست بلڪل گهڻو ڪرڻ گهرجي، دريون دروازا اصل بند ڪرڻ نه گهرجن، نڪي ماڻهن جو ڳاهٽ هئڻ گهرجي.
(4) رات جو دريون دروازا بند ڪري سمهڻ- دريون دروازا صفا بند ڪرڻ نه گهرجن، مگر ڪجهه هوا جي گذر لاءِ ڇڏڻ ضروري آهن. ڪي ڪي ماڻهو تهه سياري ۾ درن جا پڃرا ۽ بادوان به ڪاغذ سان بند ڪندا آهن، ائين ڪرڻ بلڪل چوڪ آهي، ڇو ته رات جو بتين ۽ باهه ٻرڻ ڪري هوا وڌيڪ خراب ٿي ٿئي ۽ وڻ ٻوٽا به رات جو هوا کي خراب ٿا ڪن انهيءَ ڪري ڪمرا صفا بلڪل کليل رکجن، جيئن خراب هوا جو نيڪال پوريءَ طرح ٿيندو رهي. آزمائش ڪري ڏٺي اٿن ته جي ڪاربانڪ ائسڊ گئس هوا ۾ 6 تائين رسي ٿي ته به صحت لاءِ خراب آهي.
(5) شام جو واس ڌوپ ڪرڻ- لوبان ساڙڻ ۽ چندن چوري ٻارڻ سان هوا صاف ٿئي ٿي، ان ۾ مرض جا جيوڙا جيڪي آهن، سي مري وڃن ٿا، جنهن ڪري تندرستي سٺي رهي ٿي ۽ بانس سٺي ٿئي ٿي.

سوال
1 – ثابت ڪريو، ته ڌرتي هوا سان وڪوڙيل آهي؟
2 – هوا جا جزا ۽ هر هڪ جو انداز ٻڌايو؟
3 – ساهه کڻڻ جي رستي هوا جو هر هڪ جزو ڪيتري انداز ۾ اندر وڃي ٿو ۽ ڪيتري انداز ۾ موٽي ٻاهر نڪري ٿو؟
4 – ڪاربانڪ هوا ڪنهن جي لاءِ ڪارائتي آهي؟
5 – ساهه وارن جي جياپي جو مدار ڇا تي آهي؟
6 – هوا خراب ٿيڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟
7 – هوا صاف ٿيڻ جا رستا ٻڌايو؟
8 – گهر ڪهڙي هنڌ ۽ ڪيئن جوڙائجي؟
9 – ڪهڙيون خبرداريون رکجن جيئن گندي هوا کائڻي نه پوي؟
10 – سئنيٽري بورڊ جا ڪهڙا فرض آهن، سي کولي لکو؟

پاڻي
اسان جي جيئاپي جو مدار ٻيو نمبر پاڻيءَ تي آهي، ان کان سواءِ جيڪر ڪي ٿورا ڏينهن مس جيئرو رهي سگهجي، ان لاءِ ڌڻي تعاليٰ ٽي حصا پاڻي ۽ هڪ حصو ڌرتي پيدا ڪئي آهي.
بناوت- پاڻي ٻن گئسن آڪسيجن ۽ هئڊروجن جو مرڪب آهي، پاڻي بي رنگ، بي سواد ۽ شفاف آهي.
فائدا- پاڻيءَ مان هيٺيان ڪارج سرن ٿا.
(1) پيئڻ لاءِ : پاڻي کان سواءِ نڪي کاڌو هضم ٿي سگهندو، نڪي بدن مان غلاظتون نڪري سگهنديون. اسان جي بدن ۾ 90 سيڪڙو پاڻي موجود آهي.
(2) رڌڻ پچائڻ لاءِ : پاڻي کان سواءِ ڪو به کاڌو تيار ٿي نه سگهندو.
(3) ڪپڙن ڌوئڻ ۽ بت کي صاف ڪرڻ لاءِ به پاڻي ڪارائتو آهي.
(4) گهرن ٺاهڻ ۽ انهن کي صاف ڪرڻ لاءِ.
(5) ڇڻڪار ۽ شهر جي صفائي لاءِ.
(6) ڪلن هلڻ: لاءِ به پاڻي جي ضرورت آهي.
(7) کيتي ڪرڻ ۽ ٻين ڪيترن ڪمن لاءِ پاڻي ڪمائتو آهي.

پاڻي ملڻ جا رستا
پاڻيءَ جو بنياد سمنڊ آهي، جنهن مان سج جي گرمي سبب پاڻي ٻاڦ ٿي، وري مينهن جي صورت ۾ زمين تي اچي ٿو، جنهن مان ڪجهه حصو زمين مان سمي، کوهن ۽ چشمن ۾ وڃي ٿو، ٻيو موٽي سمنڊ ۾ وڃي ٿو، اهڙيءَ طرح نار وانگر چرخو پيو هلي.
پاڻي ملڻ جا مکيه هيٺيان رستا آهن:
(1) سمنڊ جو پاڻي- هي کارو آهي، تنهن ڪري پيئڻ لائق نه آهي، جيڪڏهن لاچار ڪم آڻڻ جي ضرورت ٿئي ته چڪائي پيئڻ گهرجي، جيئن دوائن مان ڪرنفل جي رستي عرق ڪڍبو آهي.
(2) ٻيلن ۽ دٻن جو پاڻي- هن ۾ زمين جي مٽي وڻن جا پن ۽ ٻيون غلاظتون ٿين ٿيون، آٺرڻ کان پوءِ صاف ڏسبو آهي، مگر ان ۾ ڪيترا جيوڙا ۽ دير هضم شيون ملاوٽ ٿيل آهن، تنهنڪري ٿي سگهي ته هي پاڻي به چڪائي ڪم آڻجي، ٻيءَ صورت ۾ ڪاڙهي، ٺاري ۽ ڇاڻي ڪم آڻجي.
(3) مينهن جو پاڻي- هي ڪڪرن مان نڪرڻ وقت صاف ٿئي ٿو، مگر هوا ۽ زمين مان هلندي، انهن جون غلاظتون گهلي وڃي ٿو، مثلا مٽي، جيت، وٺيون وغيره. جي اهو پاڻي ڪم آڻڻو هجي ته خاص پڪن حوضن ۾ ڪٺو ڪري صفائيءَ سان ڪم آڻڻ گهرجي.
(4) ندين ۽ واهن جو پاڻي- هيءُ به پاڻ سان ڪيتريون غلاظتون کڻي هلي ٿو، مثلا مٽي، ڪپڙن ڌوئڻ، سنان ۽ چوپائي مال وهنجارڻ جون غلاظتون ۽ وقتي ماڻهو ڍونڍ به منجهس اڇليندا آهي، جيڪڏهن مينهن پوندو آهي ته شهر جي ڪسين ۽ ڪاڪوسن جو گند به لڙهي اچي منجهس گڏبو آهي، تنهنڪري اهڙو پاڻي پيئڻ چڱو نه آهي، مگر جي لاچار ٿئي ته آٺرائي، ڪاڙهي، ٺاري ۽ ڇاڻي پوءِ ڪم آڻجي. جيڪڏهن وڏو درياهه هجي ۽ سندس وهڪرو تکو هجي، ته پهريائين ان جو پاڻي ڪنهن تلاءُ ۾ ڪنو ڪري ٻه ٽي ڏينهن آٺرائي منجهس جيوڙن مارڻ جون دائون وجهي، پيئجي. درياهه جو پاڻي انهيءَ تلاءُ ۾ آڻجي، جنهن ۾ ڪڪري يا صاف واري پيل هجي، پوءِ اتان سيمنٽ لڳل بند ٿيل تلاءُ ۾ آڻجي، پوءِ پيئڻ جي ڪم آڻجي، جيئن حيدرآباد، سکر ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ درياهه جو پاڻي نالن جي رستي ڪم آڻيندا آهن.
(ب) ننڍن ڳوٺن ۾ ڪن هنڌن تي ننڍن واهن جو پاڻي ڪم آڻڻو پوندو آهي، اتي پاڻي ڪاڙهڻ بهتر آهي، مگر جي ايتري تڪليف ٿي نه سگهي، ته پاڻي کي ڦٽڪيءَ جو گهڪو ڏيئي صفا ڪري ان ۾ ٿوري پوٽيشم پرمينگنيٽ وجهڻ گهرجي، 3 – 4 ڪلاڪ رکڻ بعد اهو پاڻي واريءَ ۽ ڪوئلن جي تهن ۾ ڇاڻي، پوءِ ڪم آڻڻ گهرجي. (پاڻي ڇاڻڻ جو رستو پوءِ ڄاڻايل آهي).
(5) چشمن جو پاڻي- هي پاڻي اهو آهي جو زمين چهي ٿي وڃي، هيءُ پاڻي بلڪل سٺو آهي، ڇاڪاڻ ته زمين جي جن تهن مان ڇڻندو، صاف ٿيندو ٿو اچي، هي پاڻي ٽن قسمن جو ٿئي ٿو ۽ جهڙي تهه مان لنگهي ٿو تهڙو منجهس سواد ٿئي ٿو:
(1) جيڪڏهن منجهس چاڪ ۽ چيرولي ملن ٿا، ته پاڻي دير هضم ۽ کارو ٿئي ٿو، ان جو آزمودو هن ريت وٺي سگهجي ٿو: جو هٿ آلو ڪري صابڻ هڻبو ته گج نه ٿيندي، تنهنڪري اهڙو پاڻي چڪائڻ کان سواءِ نه پيئجي.
(2) جي پاڻي سائڙو کٽو ۽ گرم هوندو ته منجهس گندرف جي ملاوٽ هوندي، اهو پاڻي ڦٽن ڦرڙين لاءِ فائدي وارو آهي، هي پاڻي دوا طور پيئبو ته هاضمي ۾ مدد ڪندو ۽ اندر جون غلاظتون صفا ڪري ڪڍندو، مگر جي گهڻو پئبو ته دست ڪري وجهندو ۽ بيمار ٿي پئبو.
(3) جي پاڻي، واريءَ ۽ ڪوئڪن جي تهن مان آيل هوندو، ته ٿڌو ۽ مٺو هوندو، هي پاڻي بلڪل صفا پيئڻ ۾ فائدي وارو آهي، مگر جي گهڻو پنڌ وهي هلندو، ته منجهس زمين جون غلاظتون گڏجي وينديون ۽ خراب ٿيندو ويندو.
(6) تلاون ۽ ڍنڍن جو پاڻي- هي پاڻي گهڻو ڪري ماڻهو وهنجڻ، چوپائي مال کي پيارڻ، ڪپڙن ڌوئڻ ۽ ٽوري پيشاب سان خراب ڪري ڇڏيندا آهن، تنهن ڪري جي هي پاڻي ڪم آڻڻو هجي، ته مٿس حفاظت ٿيڻ گهرجي.
(7) کوهن جو پاڻي- هي پاڻي بلڪل سٺو آهي، مگر کوهه پورن قاعدن موجب ٺهرايل هجي. کوهه گهڻن قسمن جا آهن:
(1) تانگها کوهه- جي ٿوري تي ئي پاڻي ڏيندا آهن. سندن اونهائي 20 – 25 فوٽ مس ٿيندي، انهن کوهن جو پاڻي جلد خراب ٿئي ٿو، ڇو ته زمين جي مٿاڇري وارين حوضين، ڪسين، ڪاڪوسن ۽ خراب تلاون وارو پاڻي سمي اچي منجهس پوندو آهي.
(2) اونها کوهه- هنن جي اونهائي 50 فوٽن کان 250 کن فوٽن تائين ٿيندي آهي، هنن جو پاڻي صفا ۽ سٺو آهي.
(3) نلن وارو کوهه- ٽانگهن کوهن ۾ وڏا نل هڻائي گهڻيءَ اونهائي تائين پاڻي آڻبو آهي، هي پاڻي به صاف آهي مگر ڳچ وقت کان پوءِ نل بيڪار ٿي پوندا آهن ۽ مٿيون زمين واريون غلاظتون به منجهس گڏبيون آهن، جنهنڪري پاڻي خراب ٿي ويندو آهي، جي کوهه ۾ نل هڻائجن ته ان جي پاسن کي سيمنٽ هڻائڻ ضروري آهي، جيئن زمين واريون غلاظتون اندر نه اچن.
(4) ڏاڪن وارا کوهه- هي پاڻي هٿن، پيرن ۽ برتڻن پوڻ ڪري خراب ٿئي ٿو، منجهانئس وار، ڪيئون ۽ ٻيا مرض پيدا ٿين ٿا. اهڙا کوهه سنڌ ۾ اڪثر ڪو نه آهن، مگر ڪڇ ۽ گجرات ۾ جام آهن.
(8) پمپ جو پاڻي- هي پاڻي بلڪل صاف آهي، سندس خراب ٿيڻ جو امڪان ڪونه آهي، تنهنڪري هي پاڻي ڪم آڻڻ چڱو آهي. هينئر سنڌ ۾ پمپن جو رواج وڌندو وڃي ٿو، خاص ڪري جتي زمين نرم آهي، اتي پمپ بلڪل سولائي سان لڳن ٿا.

سٺي کوهھ جون وصفون
(1) کوهه سٺي پڪي ۽ مٺي زمين ۾ کوٽيل هجي ۽ اونهو هجي. (2) سندس ديوار پڪين سرن جي سيمنٽ ٿيل هجي، جيئن مٿيون زمين جون غلاظتون سمي منجهس نه اچن. (3) سندس پڳ زمين کان 4 – 5 فوٽ مٿي هجي، جيئن مينهن جو گندو پاڻي وري منجهس نه اچي، مٿانئس گولائي ٿيل هجي، جيئن ڪو ٿانءُ رکي نه سگهجي. (4) سندس چوڌاري لاهه وارو فرش ٻڌل ٿلهو هجي، اهو به سيمنٽ ٿيل هجي ۽ سندس چوڌاري پاڻيءَ جو نيڪال لاءِ ڪسي هئڻ گهرجي. (5) پاڻي ڪڍڻ لاءِ پمپ هڻائڻ بهتر آهي، نه ته هڪ ٻه خاص ڏول هجن، جيئن ميرا ۽ غليظ دلا منجهس نه پون. (6) کوهه تي وهنجڻ ۽ ڪپڙن ڌوئڻ جو ڪم نه هئڻ گهرجي. (7) کوهه کي مٿان ڍڪ ۽ پاسن کان هوا ۽ روشنائيءَ لاءِ ڳڙکيون هجن. (8) کوهه جي مٿان وڻ نه هئڻ گهرجن، جيئن پن اندر وڃي پاڻيءَ کي خراب نه ڪن. (9) کوهه جي چوڌاري کڏون کوٻا ۽ ڏرڙ هجن ته بند ڪرائجن. (10) مقام، مساڻ ۽ جانورن ٻڌڻ جون جايون ۽ پاڻيءَ جون کڏون ڀرسان هئڻ نه گهرجن. (11) رهڻ جي جاين کان کوهه پرڀرو هئڻ گهرجي. (12) کوهه جي پاڻيءَ ۾ پونئرا يا جيت نه پون، تنهن لاءِ منجس هڪ مڇي يا ڪمي وجهرائڻ گهرجي، جيئن انهن کي ناس ڪندي رهي، يا وقت به وقت پوٽئشم پر مينگنيٽ وجهڻ گهرجي.

پاڻيءَ جون غلاظتون
پاڻيءَ ۾ اڪثر ڪري ٽن قسمن جون غلاظتون ٿينديون آهن :
(1) اهي جي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جيئن ته مٽي وغيره.
(2) اهي جي ڏسڻ ۾ نه اچن، جيئن ته چاڪ چيرولي ۽ ٻيو نقصان رسائيندڙ شيون.
(3) ڪيترن مرضن جا جيوڙا ۽ زهري گئسون.

گندي پاڻيءَ جون خرابيون
خراب پاڻي پيئڻ ڪري هيٺيون خرابيون پيدا ٿين ٿيون:
(1) وار ڪيئون، آنڊن جا ڪيئان، بدهضموي، دست، سوري، وبا، آنڊي جو نپ، پٿري ۽ ٻيا مرض پيدا ٿين ٿا. (2) خراب پاڻيءَ ۾ سنان ڪرڻ سان ڦٽ ڦرڙيون، خارش، مَلو، ڏَڍُ ۽ ٻيون بيماريون ٿينديون آهن، تنهن ڪري پاڻيءَ جي صفائي تي هميشه ڌيان ڏيڻ گهرجي. (3) دلا ۽ مٽ جن ۾ پاڻي ڀرجي، سي بلڪل صفا هئڻ گهرجن ۽ اهي گهڙا مجن تي رکائڻ گهرجن ۽ هميشه ڍڪيل هجن. (4) گهگهين ۾ پاڻي ڀرائڻ چڱو نه آهي، ڇو ته اهي پوريءَ طرح صفا نه ٿينديون آهن، جو سندن ٻوٿ سوڙها آهن، جي انهن ۾ جيوڙا پئجي ويندا ته نڪرڻ مشڪل ٿيندا، جنهنڪري نقصان پيدا ڪندا. (5) پخالن ۾ پاڻي ڀرائڻ نقصان ڪار آهي، ڇو ته هڪ دفعو ان ۾ بيماريءَ جا جيوڙا پيدا ٿيا ته پوءِ بيماري پکڙڻ ۾ دير ئي ڪانه ٿيندي. (6) ڏاڪڻين جي هيٺان به پاڻي رکائڻ نه گهرجي، ڇو ته جيت ۽ ڄارو پيو منجهس پوندو. (7) وڻن هيٺ پونديون ۽ وقتي نوريئڙا ۽ پکي به پيا پيئندا. (8) ٻن ٽن ڏينهن جو رکيل پڻي به خراب ٿي ويندو آهي، تنهنڪري روز به روز ڀرائڻ گهرجي.

پاڻي صاف ٿيڻ جا قدرتي نمونا
(1) ندين ۾ هڪ ٻئي پٺيان پاڻي اچڻ سبب ۽ وهڪري سبب پاڻيءَ جي صفائي ٿيندي رهي ٿي. (2) چرندڙ هوا پاڻيءَ جي غلاظتن کي ناس ڪري ٿي. (3) پاڻيءَ ۾ ڪي ٻوٽا ٿين ٿا، جي آڪسيجن ٺاهيندا رهن ٿا، جا آڪسيجن پاڻيءَ کي صاف ڪري ٿي. (4) مڇيون ۽ ٻيا پاڻيءَ جا جانور پڻ پاڻيءَ جون غلاظتون کائي ڇڏين ٿا. (5) اس ۾ سج جا ڪرڻا پڻ پاڻيءَ جون غلاظتون ناس ڪن ٿا.

پاڻيءَ صفا ڪرڻ جا هٿرادو نمونا
(1) ميرو پاڻي هن ريت صفا ڪجي: (الف) ڦٽڪي يا باداميءَ جي گوري جو گهڪو ڏبو، ته پاڻي آٺرجي صفا ٿيندو (ب) گهگهيون ۽ مٽ جن ۾ پور هجن، تن ۾ ڪوئلن ۽ واريءَ جا تهه ڏيئي انهن ۾ پاڻي وجهجي، پوءِ هيٺان ٻيو ٿانءُ رکجي ته پاڻي صفا ٿي ڇڻجي اچي هيٺئين ٿانو ۾ پوندو (ث) هڪ قسم جي فلٽر (ڇاڻي) سان به پاڻي ڇاڻبو آهي. (2) جي پاڻي ۾ چاڪ چيرولي وغيره هجن، ته اهو پاڻي سمنڊ جي پاڻيءَ وانگر چڪائي ڪم آڻڻ گهرجي. (3) پاڻيءَ ۾ جيوڙا يا گئسون هجن ته ٽهڪائي، ٺاري ۽ ڇاڻي پيئڻ ڪافي آهي، ٽهڪائڻ ڪري گئسون نڪري وينديون ۽ جيوڙا مري ويندا ۽ ٺارڻ ڪري منجهس آڪسيجن گئس ملي، پاڻيءَ کي صفا ڪندي.

پاڻي پيئڻ لاءِ هدايتون
(1) اڃ مارڻ- رت، وار نلين جي رستي بدن جي جدا جدا ڀاڱن ۾ دورو ڪري ٿو، دورو ڪندي جڏهن گهاٽو ٿئي ٿو ۽ وار نلين مان لنگهي نه ٿو سگهي، تڏهن اڃ لڳي ٿي. جيڪڏهن اڃ ماربي ته رت پوريءَ طرح دورو ڪري نه سگهندو، جنهن ڪري بدن سست ۽ ڪم طاقت ۽ سائو ٿيندو ويندو، تنهن ڪري اڃ مارڻ چڱي نه آهي، اڃ مارڻ مان قبضي به ٿي پوندي آهي، جيڪڏهن قبضي ٿئي ته پاڻي ٻٽي ٻٽي ڍڪ ڪري هميشه کان گهڻو پئجي.
(2) کاڌي جي وچ ۾ پاڻي پيئڻ- کاڌي جي وچ ۾ پاڻي پيئڻ چڱو نه آهي، ڇو ته هاضمي جي عضون کي پاڻي ضعيف ۽ ماٺو ڪندو آهي، مگر ته به جيڪڏهن اڃ لڳي ته پاڻي ضرور پيئڻ گهرجي، ڇو ته اهو پاڻي کاڌي کي حل ڪري هاضمي ۾ مدد ڪندو آهي، مگر گهڻو پاڻي پيئڻ نه گهرجي.
(3) نيراني پاڻي پيئڻ- نيراني معدو خالي هوندو آهي، تنهنڪري اهڙي وقت ۾ پاڻي پيئڻ ڪري آنڊا ڦوڪجي پوندا، جنهن ڪري پيٽ ۾ سور ۽ بدهاضمون ٿيندو، مگر قبضيءَ جي بيماريءَ لاءِ نيراني پاڻي پيئڻ مفيد آهي.
(4) ڪسرت کان پوءِ پاڻي پيئڻ- ڪسرت کان پوءِ بدن گرم رهندو آهي، جيئن گرم چمنيءَ تي پاڻي وجهبو آهي، ته ڀڄي پوندي آهي، تيئن هن حالت ۾ پاڻي پيئڻ ڪري ذاتي گرمي ناس ٿيندي آهي ۽ بدهاضمون ٿيندو آهي.

پيئڻ جون ٻيون شيون
(1) ٿاڌليون- قدرت اسان جي پيئڻ لاءِ رڳو پاڻي پيدا ڪيو آهي، ٻين شين جي پيئڻ مان ڪو به فائدو ڪو نه آهي. هي جو ماڻهو اونهاري ۾ ٿاڌليون ۽ شربت پيئندا آهن، ته گرمي گهٽ ٿئي سو اجايو آهي، ڇو ته رڳو پاڻي ئي آهي جو اسان جي ذاتي گرمي ٻجهائي (ناس ڪري) ٿو.
مثلاً الف – ڏڌ جي لسي: گهاٽو ڏڌ گرم آهي، ان ۾ پاڻي وجهي پيئبو آهي، ته ٿاڌل معلوم ٿيندي آهي، انهيءَ ڪري سياري ۾ پٽڙو ڏڌ نه پيئندا آهن، ته متان سردي ڪري وجهي.
(ب) کير جي لسي- کير معتدل يعني نه گرمي لائيندو ۽ نه سردي ڪندڙ آهي، مگر جي ان ۾ لوڻ ۽ پاڻي گڏي لسي ڪري پئبو آهي، ته سردي معلوم ٿيندي آهي.
(ث) شربت- مستي، ڳڙ ۽ کنڊ سڀ گرم آهن، جيڪڏهن ڪچا کائبا، ته گرمي پيدا ڪندا ۽ سخت اڃ پيدا ڪندا، مگر جي انهن ۾ پاڻي وجهي، شربت يا ٿاڌل ڪري پيئبا، تڏهن ئي ٿاڌل معلوم ٿيندي. هاڻي ڏسبو ته پاڻي ئي آهي، جو ٿاڌل ڪندڙ آهي ۽ طبيعت جي موافق آهي. ائين سمجهڻ ته لسي، شربت ۽ ٻيون ٿاڌليون گرمي گهٽ ڪندڙ آهن، سو اجايو آهي. شربت وغيره جڏهن پيئجن ٿا، ته ڪجهه وقت کان پوءِ اڃ پاڻ وڌيڪ ٿئي ٿي، ڇا ڪاڻ ته اندر بدن ۾ جڏهن رڳون پاڻي چهي ٿيون وڃن، تڏهن اهي مٺاڻ وغيره پنهنجي ذاتي گرمي ڏيکارين ٿا، جنهن ڪري اڃ وڌيڪ لڳي ٿي، تنهنڪري انهن ٿاڌلين ۽ شربتن پيئڻ مان فائدو ڪو نه آهي، الٽو نقصان آهي، ڇو ته اهي شيون ٿوري انداز ۾ گهرج کان وڌيڪ ڪم آڻڻ طبيعت جي موافق نه آهن.
(2) برف پيئڻ- برف اونهاري ۾ گرميءَ ۾ ڪجهه ٿاڌل برابر ڪري ٿي، پر جي گهڻي ڪتب آڻبي ته جيڪا ذاتي گرمي هوندي سا ناس ٿي ويندي. جنهن ڪري کاڌو پوريءَ طرح هضم نه ٿيندو، نڪي بک چڱي لڳندي ۽ ڏندن واسطي به نقصانڪار آهي، تنهن ڪري برف پيئڻ نه گهرجي.
(3) سوڍا پيئڻ- سوڍا ۾ ڪاربانڪ ائسڊ گئس هٿرادو مليل ٿئي ٿي، تنهن ڪري هاضمي ۾ مدد ڪندڙ آهي، تنهن لاءِ وقتي دوا طور پيئڻ چڱي آهي. مگر ڪي ڪي ماڻهو صفا پاڻيءَ بدران به سوڍا پيئندا آهن، ائين پيئڻ مان بلڪل گهڻو نقصان آهي، ڇو ته پوءِ سوڍا ئي کاڌو هضم ڪندي رهندي آهي، جنهن ڪري هاضمي وارا عضوا ضعيف ٿيندي ويندا آهن، تانجو اهي بلڪل بيمار ٿي پوندا آهن ۽ سوڍا نه ملڻ ڪري کاڌو هضم ئي نه ٿيندو اٿن، جنهن ڪري ماڻهو ضعيف ۽ بيمار گذاريندا آهن، تنهن لاءِ گهڻي سوڍا پيئڻ آهي هٿ سان پنهنجي حياتي وڃائڻ.
(4) چانهه پيئڻ: فائدا : (1) چانهه بدن کي ڪجهه جوش وارو ۽ تازو ڪري ٿي، جيڪڏهن ٿڪل ماڻهو پيئندو ته ڪجهه فرحت ٿيندس. (2) رات جو گهڻي تائين ڪم ڪرڻو ۽ ننڊ کي ٽارڻو هجي، ته لاچار چانهه پيئجي. (3) سياري ۾ چانهه بدن کي گرم ڪري ٿي.
نقصان- (1) چانهه قابض آهي، جي گهڻي پيئبي ته بدهاضمون پيدا ڪندي ۽ بک پوريءَ طرح نه لڳندي. (2) چانهه پيئڻ ڪري چمڙيءَ جا مسام هميشه کليل رهن ٿا، جنهن ڪري گرمي خواه سردي جهٽ اثر ڪندي، جنهن مان ڦڦڙن وٺجڻ جو امڪان آهي، انهيءَ ڪري چانهه مان سراسر نقصان آهي، جيڪڏهن لاچار ٿئي ته دوا طور ڪم آڻڻ گهرجي.
ڪافي- هيءَ ٿوري ٽهڪيل پاڻيءَ ۾ وجهي، ڇاڻي پيئڻ گهرجي، جيڪڏهن گهڻي ٽهڪيل پاڻيءَ ۾ وجهبي ته سرهاڻ نڪري ويندي. ڪافيءَ ۾ مکيه جزو ڪئفن جو آهي، جو دل ۽ دماغ کي قوت ڏئي ٿو. منجهس ڪجهه سڻڀ به موجود آهي، تنهن ڪري چانهه کان وڌيڪ بهتر آهي، خاص ڪري پورهت ماڻهوءَ جي ٿڪاوٽ گهٽائي ٿي. هميشه لاءِ هن جو استعمال ڪرڻ چڱو نه آهي، پر دوا طور ڪم آڻڻ گهرجي.
ڪوڪو- هيءُ به ڪافيءَ وانگر هڪ وڻ جو ٻج آهي. هن ۾ نائٽروجن ۽ نشاستي ۽ سڻڀ جا حصا موجود آهن، تنهن ڪري چانهه ۽ ڪافيءَ کان وڌيڪ سٺو آهي.
(5) شراب ڀنگ وغيره: فائدا- شراب مان فائدا تمام ٿورا آهن، سو به تڏهن جڏهن ورلي دوا طور ڪم آڻجي (1) ڪجهه مرضن جي علاج ۾ آڻبو آهي (2) بيماري جي وقت ۾ دل کي قوت ڏيڻ لاءِ ڪم ۾ آڻبو آهي (3) بک پيدا ڪندو آهي.
نقصان- شراب پيئڻ مان هيٺيان نقصان آهن: (1) معدي تي خراب اثر ٿئي ٿو، جنهن ڪري وقتي الٽيون ٿينديون آهن. (2) سمجهه گهٽ ۽ ڪاوڙ ٿئي ٿي. (3) ڪم ڪرڻ تي دل ڪا نه ٿيندي آهي. (4) حافظو گهٽجي ويندو آهي. (5) نشي ٽٽڻ کان پوءِ ماڻهو اداس ڏسڻ ۾ ايندو آهي. (6) بعضي ته چريائي به اچي وٺندي آهي. (7) شراب پيئڻ جي ڪري معدو، جگر، بڪيون ۽ دل زخمي ٿي پون ٿا. (8) مرضن کي پري رکڻ جي طاقت رت مان گهٽجي وڃي ٿي. (9) شراب حياتي گهٽائي ٿو. (10) نه رڳو ايترو پر شراب سڄي گهر جو ناموس وڃائي ٿو، مطلب شراب آهستي ڪم ڪندڙ زهر آهي.
ڀنگ- هن جي پيئڻ مان شراب وانگر گهڻا نقصان آهن. ٿورو سو جوش ڏياري چست ڪري ٿي، مگر آخر دل ٿڪجي نٻل ٿيو پوي ٿي.

سوال
1 – پاڻيءَ جا مکيه جزا ٻڌايو؟
2 – پاڻي ڪهڙن ڪمن ۾ اچي ٿو ۽ اهو نه هجي، ته هوند ڇا ٿئي؟
3 – سرشتي ۾ اسان جي بدن ۾ ڪيترا ڪيترا حصا پاڻي جا آهن؟
4 – پاڻيءَ ملڻ جا مکيه هنڌ ٻڌايو ۽ سڀ کان سٺو پاڻي ڪهڙو آهي؟
5 – دٻن جو پاڻي پيئڻ جي ڪم آڻڻو هجي، ته ڪهڙيءَ ريت ڪم آڻجي؟
6 – ڪوئلن ۽ واريءَ سان پاڻي صاف ڪرڻ جو طريقو شڪل ڪڍي کولي سمجهايو؟
7 – کوهه ٺهرائڻ وقت ڪهڙيون خبرداريون ڪجن ۽ کوهن جا قسم ٻڌايو؟
8 – اڃ مارڻ مان فائدا ۽ نقصان ٻڌايو؟
9 – گرميءَ جي وقت سٺي ۾ سٺي ڪهڙي ٿاڌل ڪم آڻجي؟
10 – ڳڙ، مستي، مصري ۽ ڏهي انهن جو اثر اگرچ گرم آهي، ته به اونهاري جو گهڻا ماڻهو ٿاڌل طور استعمال ڪندا آهن، تنهن جو سبب کولي ٻڌايو؟
11 – چانهه مان فائدا ۽ نقصان لکو؟
12 – ڀنگ ۽ شراب جا عيب ثواب لکو؟

کاڌو
بدن جي ڪل ۽ ٻاڦ سان ڀيٽ
(1) انجڻ ڪوئلن ۽ پاڻيءَ کان سواءِ هلي ڪين سگهندي، تيئن اسين به کاڌي ۽ پاڻيءَ کانسواءِ هلي ڪين سگهنداسون.
(2) جيئن ڪل کي ڪوئلن ۽ پاڻيءَ جي وسيلي گرم رهي ٿو تيئن انساني جسم به قدرت جي نظام هيٺ گرم رهي ٿو ۽ اها گرمي 4 . 98 درجا رهي ٿي.
(3) جيئن انجڻ ۾ گرمي وڌي ويندي آهي، ته اها ٿرما ميٽر جي وسيلي معلوم ٿيندي آهي، تمام گهڻيءَ گرميءَ ۾ ان جي سڙي وڃڻ يا بيڪار ٿيڻ جو امڪان آهي، تيئن ماڻهوءَ جي بدن ۾ به گرمي گهڻي ٿي ٿئي، ته تپ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي، پوءِ جي اها گرمي وڌي 102 يا 103 درجن کي رسي ٿي، ته ماڻهوءَ جي به بيڪار ٿيڻ يعني مري وڃڻ جو امڪان آهي.
(4) جيئن ڪل مان خراب پاڻي نيڪال ٿيندو وڃي ٿو، تيئن اسان جي بدن مان خراب پاڻي پگهر جي ۽ پيشاب جي صورت ۾ نڪري ٿو.
(5) جيئن ڪل مان ڪوئلن جو دونهون مٿان چمنيءَ مان نڪري ٿو، تيئن اسان جي کاڌي مان ٺهيل رت جي غلاظت (ڪاربانڪ ائسڊ گئس) جي صورت ۾ نڪ يا وات مان نڪري ٿي.
(6) جيئن ڪل ۾ ڪم ڪرڻ ڪري کوٽ پيدا ٿئي ٿي، تيئن اسان جي بدن ۾ به ڪم ڪرڻ ڪري کوٽ ٿئي ٿي، جنهن کي کاڌو ڀري ٿي.
کاڌي جو وڌيڪ ڪم- انجڻ ۾ اڱر ۽ پاڻي رڳو ڪم جي طاقت پيدا ڪن ٿا، مگر اسان جي بدن ۾ کاڌو ان کان وڌيڪ کوٽ ڀرڻ، مرمت ڪرڻ ۽ واڌ ڪرڻ جو ڪم به ڪري ٿو.

کاڌي جا نمونا
کاڌي جا مکيه ٻه نمونا آهن: (1) حيواني (2) نباتاتي سڀني ۾ سٺو کاڌو اهو آهي، جنهن ۾ مٿي بيان ڪيل چارئي قسم کاڌي جا موجود هجن.
(1) کير- هي سڀني ۾ سٺو کاڌو آهي، منجهس چارئي قسم موجود آهن، انهيءَ ڪري ئي ننڍا ٻار کير تي پلجي وڏا ٿين ٿا. کير جلد هضم ٿيندڙ ۽ هلڪو کاڌو آهي، مگر چوڻي آهي ته ”کير ڌائڻ گهرجي نه پيئڻ گهرجي“ تنهن جي معنيٰ اها آهي، ته کير ڍڪ ڍڪ ڪري پيئڻ گهرجي، جيئن سولائي سان هضم ٿئي، جي گهڻو ۽ تڪڙو پي وڃبو، ته قبضي يا دست ڪري وجهندو، کير تازو ڪم آڻڻ گهرجي، رکيل کير ڪم آڻڻ چڱو نه آهي، ڇو ته کير ۾ ٿورئي وقت ۾ جيوڙا پئجي ويندا آهن، تنهن ڪري جي ڏڌل کير ٻه ٽن ڪلاڪن کان پوءِ کائڻو پوي، ته کير کي ٿورو جوش ڏياري کائجي.
نوٽ- ٻيا کاڌي جا جيڪي نمونا آهن، تن مان ڪنهن ۾ ڪهڙو جزو گهڻو آهي، ڪنهن ۾ ڪهڙو، انهيءَ ڪري گهڻن قسمن جا کاڌا گڏي کائبا آهن، ته جيئن چئني قسمن جا کاڌا ان ۾ موجود ٿين.
(2) بيضا، گوشت ۽ مڇي- هنن ۾ نشاستي (مٺاڻ) واري مال کان سواءِ ٻيا سڀ قسم موجود آهن، مگر گرمي پيدا ڪندڙ ڀاڱو منجهن تمام گهڻو آهي، تنهنڪري گرمي اڳيئي گهڻي آهي، تنهنڪري اهڙو کاڌو هتي نقصان رسائي ٿو، خاص ڪري اونهاري ۾ ته گهڻو کائڻ نه گهرجن جيڪڏهن کائجن، ته انهن سان ليمون ۽ کٽاڻ جهڙيون گرمي هٽائيندڙ شيون گڏي کائجن، يا سائن ڀاڄين سان سان گڏي کائڻ گهرجن.
(3) سنگن وارا اَنَ- ڪڻڪ، چانور، جوئر، ٻاجهري، مڪائي وغيره هنن ۾ اٽو يا نشاستي وارو مال موجود آهي، تنهن ڪري ساڻس ٻيا اهڙا کاڌا گڏي کائجن، جن ۾ ماس وڌائيندڙ، گرمي پيدا ڪندڙ ۽ هڏا ٺاهيندڙ مال موجود هجي.
ڪڻڪ ۾ سڻڀ گهٽ آهي، تنهنڪري ان ۾ گهه جو استعمال وڌيڪ ڪجي. چانورن ۾ نشاستو گهڻو آهي. تنهن ڪري چانورن ۾ دال ملائڻ گهرجي.
(4) ڦرين واريون داليون- چڻا، مٽر، مڱ، مانهن، موٺ ۽ مهري وغيره هنن ۾ نشاستي وارو مال ۽ ماس وڌائيندڙ ٻئي موجود آهن، تنهن ڪري جيڪڏهن چانورن يا ڪڻڪ سان گڏ کائجن، ته انهن سان هڏا ٺاهيندڙ کاڌو يعني سبزي واريون ڀاڄيون کائجن.
هنن ۾ گوشت وانگر نائٽروجن ڀاڱو گهڻو آهي.
(5) ڀاڄيون (الف) پاڙ واريون – مثلا پٽاٽا، گجرون، گوگڙون، موريون، بصر وغيره هنن ۾ نشاستو ۽ ماس وڌائيندڙ مال موجود آهن، تنهنڪري طاقت واريون آهن.
(ب) سايون ڀاڄيون- انهن ۾ ماس وڌائيندڙ جزو ٿورو آهي، مگر انهن ۾ هڏا ٺاهيندڙ مال يعني لوڻ جا ڪيترا قسم موجود آهن، جي بدن جي ضروري جزن هلائڻ جو ڪم ڪن ٿا
(ث) مصالح واريون ڀاڄيون- مثلا مرچ، ادرڪ ۽ ڦودنو، هي مصالح طور ڪتب آڻبيون آهن، سي هاضمي ۾ مدد ڪنديون آهن.
نوٽ- جيڪڏهن ڀاڄين جا سڀ قسم گڏبا، ته منجهن سڀ قسم جو کاڌو اچي ويندو، تنهن ڪري سڀ ڀاڄيون گڏي کائڻ گهرجن.
(6) ميوا- هنن ۾ ڪيترن قسمن جون قوت واريون ۽ هاضمي واريون شيون آهن، تنهن ڪري کاڌي سان گڏ يا کاڌي کان ٻٽي ڪلاڪ پوءِ کائڻ بلڪل چڱا آهن.

ميون جي رس ڪيترين بيمارين ۾ به فائدي واري آهي
ڪي ميوا تازا کائبا آهن ۽ ڪي سڪل کائبا آهن.
(1) جيڪي سڪل ميوا آهن تن مان باداميون ۽ پستا وڌيڪ سڻڀا آهن، تنهن ڪري مناسب انداز کان وڌيڪ کائڻ ۾ دير هضم آهن ۽ اکروٽ، کاڄا ۽ نيزا سڀ سٺا آهن، ته به گهڻي انداز ۾ کائڻ چڱا نه آهن.
(2) جيڪي ميوا تازا کائبا آهن، تن مان انب ۽ ليمون کاڌي سان گڏ کائجن، ته هاضمون سٺو ڪندا باقي نارنگيون، انگور، صوف، ڪيلو، زردالو وغيره کاڌي کان پوءِ 2 – 3 ڪلاڪ رکي کائجن.
(7) تمام پڪل يا ڪچو ميوو کائڻ – تمام پڪل ميوي مان اندران خراب گئسون پيدا ٿين ٿيون، جنهن ڪري دستن جي بيماريءَ جو انديشو آهي. ڪچو ميوو وري هضم نه ٿو ٿي سگهي، تنهن ڪري ڪالرا جي بيماريءَ ۾ انهن ٻنهي کان پرهيز ڪرڻ گهرجي.

هيٺين کاڌي جي شين ۾ مٺاڻ جو انداز
(1) کنڊ 100 سيڪڙو (2) ڪمند 96 سيڪڙو (3) ماکي 31 سيڪڙو (4) سڪل انجير 74 سيڪڙو (5) ڳڙ 69 سيڪڙو (6) مٽر 59 سيڪڙو (7) ڪڻڪ جي ماني 50 سيڪڙو (8) ڪيلي جون ڦريون 22 سيڪڙو.

هيٺين کاڌي جي شين ۾ سڻڀ (چرٻيءَ) جو انداز
(1) گهه 95 سيڪڙو (2) مکڻ 75 سيڪڙو (3) گوشت 25 سيڪڙو (4) ملائي 19 سيڪڙو (5) بيضا 11 سيڪڙو.

هيٺين کاڌي جي شين ۾ نائٽروجني جزن جو انداز
(1) سنهي مڇي 36 سيڪڙو (2) مٽر 23 سيڪڙو (3) گوشت 18 سيڪڙو (4) ڪاڊ سنهي مڇي 16 سيڪڙو (5) بيضا 15 سيڪڙو
مٿئين اندازن مان معلوم ٿيندو ته مٺاڻ، سڻڀ ۽ نائٽروجني جزو ڪهڙين شين ۾ سڀ کان گهڻو آهي ۽ ڪهڙين ۾ گهٽ آهي.
کاڌي جو انداز- عام طرح سان هر هڪ ماڻهوءَ لاءِ روزانو اٽڪل وزن اڍائي آنه نائٽروجني، ساڍا ست آنه نشاستي جي شين جا، ڏيڍ آنه سڻڀ ۽ هڪ آنه لوڻ هئڻ گهرجي. اهو قاعدو ڪو هر هڪ انسان لاءِ ٻڌل نه آهي، مگر هيٺيون ٽي ڳالهيون به خيال ۾ رکجن :–
(1) عمر – جيئن عمر ننڍي تيئن کاڌو گهٽ هئڻ گهرجي.
(2) ڪم – بازن جي پورهئي ڪندڙ ماڻهوءَ جا عضوا جلد گسندا آهن، جنهن ڪري انهيءَ کي ٻين کان سرس کائڻ گهرجي.
(3) آب هوا – ٿڌي ملڪ جي رهندڙ ماڻهوءَ کي وڌيڪ کاڌو گهرجي، ڇاڪاڻ ته هو گرم ملڪن جي ماڻهوءَ کان وڌيڪ ڪم ڪري ٿو ۽ سرد آب هوا ۾ گرم ۽ سڻڀين شين جي وڌيڪ ضرورت آهي. سڀ کان سٺو قاعدو آهي ته جيتري بک هجي اوتر کائجي، پاڻ بک کان گرهه ٻه گهٽ کائجن ته بهتر آهي.

چڱي هاضمي جون نشانيون
کاڌو بدن جي واڌ جو ڪم پوريءَ طرح تڏهن ڪري سگهندو، جڏهن پوريءَ طرح هضم ٿيندو، جنهن جون هيٺيون نشانيون آهن:
(1) بدن مان جيڪو ميلو نڪرندو آهي، سو رنگ جو ڪي ڪجهه هيڊائون ڏاڍو سرو، ڪئنرو ۽ ڳنڍي جو ڳنڍو وڃي هيٺ پوندو آهي ۽ چوڌاري سڻڀيرو هوندو آهي. (2) ميلي جي نڪرڻ ڪري گديا جا چپ گندا ڪين ٿيندا آهن. (3) ميلي ۾ بدبو ڪين ٿيندي آهي. (4) نڪي واءُ ڪٺو ٿيندو آهي. کاڌو هضم نه ٿيندو آهي ته نڪي طاقت ٿيندي آهي، نڪي بدن جي کوٽ ڀربي آهي ۽ نڪا واڌ ٿيندي آهي، جنهن ڪري بدن ضعيف ٿيندو ويندو آهي.

بدهاضمي جون نشانيون
(1) کاڌي کان پوءِ کٽي اوڳرائي ٿيندي آهي (2) دل ڪچي ٿيندي آهي (3) نڙي ۾ سر سر ٿيندي آهي (4) بعضي قبضي ٿيندي آهي (5) پائخاني جو رنگ هئڊائون ڪين ٿيندو آهي، ڪڏهن تمام سخت ڪڏهن تمام پترو، منجهس وقتي ڪچو کاڌو ڏسبو آهي (6) ميلي نڪرڻ وقت گديا جا چپ خراب ٿيندا آهن (7) اندر واءُ ڪٺو ٿيندو آهي (8) وقتي ميلي ۾ بدبو ٿيندي آهي.
کاڌو چڱي طرح هضم ٿئي تنهن لاءِ هيٺين ڳاليهن تي ڌيان ڏجي:
(الف) کاڌي جي چونڊ- کاڌو اهڙو هئڻ گهرجي جنهن ۾ کاڌي جا سڀ جزا موجود هئڻ گهرجن ۽ طبيعت جي موافق هجي. سياري ۾ گرمي پيدا ڪرڻ لاءِ مٺاڻ ۽ سڻڀ وڌيڪ ڪم آڻجي، اونهاري ۾ وري کٽاڻ جهڙيون شيون ۽ ميوا وڌيڪ ڪم آڻجن.
(1) کاڌو وقت به وقت مٽائي سٽائي کائجي، جنهن ڪري هڪڙو ته انهن مان ڪڪ نه ٿبو، ٻيو ته ان ۾ سڀ جزا موجود ٿي سگهندا.
(2) کاڌي ۾ مرچ مصالحا گهڻا نه هجن، نڪي مٺاڻ گهڻو هجي، ڇو ته اهو کاڌو اڳي ئي دير هضم آهي، ويتر چهر ۽ سواد سبب جيڪڏهن گهڻو کائي وڃبو، ته هاضمي جي عضون تي بوجو ٿي پوندو، جنهن ڪري فائدي جي بجاءِ الٽو نقصان ٿي پوندو. تنهن ڪري کاڌي ۾ اهڙيون شيون هجن ۽ اهڙو هلڪو هجي جو جلد هضم ٿئي. مزدور ۽ غريب جي سادو کاڌو کائن ٿا سي شاهوڪارن کان وڌيڪ تندرست گذارن ٿا، ڇو ته شاهوڪار سوادي ۽ سٺا طعام کائن ٿا، جي دير هضم آهن. (3) رات جي وقت دير هضم کاڌو بلڪل کائڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته رات جو مغز آرام ۾ رهي ٿو ۽ هاضمي جو ڪم پوريءَ طرح نه ٿو ٿئي، جي دير هضم کاڌو کائبو ته برٿي ۽ بدهاضمو ٿي پوندو ۽ گهڻا خواب لهبا.
(ب) کاڌو تيار ڪرڻ- (1) رنڌڻ جا باسڻ بلڪل صاف هئڻ گهرجن، جيڪڏهن ٽامي يا پتل جا هجن، ته انهن کي قلعي ضرور ڪرائڻ گهرجي، ڇو ته ٽامي جي ڪٽ زهريلي آهي (2) کاڌو جڏهن رڌجي تڏهن منجهس ايترو پاڻي نه وجهجي جو رجهڻ ۾ پاڻيءَ سان گڏ ان جو قوت وارو ڀاڱو به اڀامي هارجي وڃي (3) عام ماڻهو چانور رڌي انهن جو پاڻي اونڌي (ڪڍي) ڇڏيندا آهن، ائين ڪرڻ سان چانور جو طاقت وارو ڀاڱو پاڻيءَ سان گڏ ٻاهر هليو ويندو آهي، ساڳيءَ طرح چڻا، مٽر ۽ ٻيون داليون به پاڻيءَ نڪتل کائڻ نه گهرجن (4) کاڌو بلڪل چڱيءَ طرح رڌل هئڻ گهرجي، جيڪڏهن کاڌو پوريءَ طرح رڌل نه هوندو، ته هاضمي وارن عضون کي هاضمي کان سواءِ رڌڻ جو ڪم به ڪرڻو پوندو، جنهن ڪري اهي ٿڪجي پوندا ۽ ڪم پوريءَ طرح ڪري نه سگهندا. تنهن کان سواءِ جيڪڏهن کاڌو پوريءَ طرح رڌل هوندو ته نرم، سوادي ۽ هاضمي لاءِ هلڪوٿيندو.
(ث) کاڌو کائڻ (1) کاڌو تڏهن کائجي، جڏهن چڱي بک لڳي. جيڪڏهن بک هوندي ئي ڪا نه ۽ کائبو ته کاڌو هضم ئي نه ٿيندو. ڇو ته جهڙيءَ طرح اڃ تڏهن لڳندي آهي، جڏهن پاڻيءَ جي گهرج هوندي آهي، ساڳيءَ طرح بک به تڏهن لڳندي آهي، جڏهن کاڌي جي گهرج هوندي آهي، چوڻي آهي ته ”گهرج ڌاران کائڻ آهي تندرستيءَ جو زيان.“ (2) ترش روئي سان يعني ڪاوڙ مهل ۽ خيالن ۾ غرق ٿيڻ وقت کاڌو نه کائجي، نڪي کائڻ مهل ڏاڍيان کلڻ ۽ واڪو ڪري ڳالهائڻ گهرجي، ائين ڪرڻ ڪري کاڌي کائڻ جي قاعدن ڏانهن خيال نه ٿو ٿئي، جنهن ڪري کاڌو پوريءَ طرح هضم نه ٿو ٿئي. (3) کائڻ وقت دل هميشه خوش رکڻ گهرجي. (4) کاڌو تمام ٺريل يا تمام ڪوسو ۽ پاروٿو نه کائجي (5) کاڌو خوب ڄٻاڙي ۽ آهستي کائجي، جيئن کاڌي سان پڪ گهڻي گڏجي، ڇو ته هاضمي جو ڪم ان وقت کان ئي شروع ٿئي ٿو، تنهن ڪري کاڌي کائڻ تي شرط نه پڄائجي، ته ”ڪير ٿو اڳ ۾ کائي“ (6) کائڻ کان پوءِ اڌ ڪلاڪ کن بدني خواه خيالي ڪم ڪرڻ نه گهرجي (7) جڏهن ڪو کاڌو کائجي ٿو ته اهو هضم ٿيڻ ۾ 5 يا 6 ڪلاڪ کن وٺي ٿو، ان کان پوءِ به ڪلاڪ يا ٻه هاضمي وارن عضون کي آرام ملڻ گهرجي. هر هر کائڻ ڪري بدهاضمو ۽ ٻيون بيماريون پرائجن ٿيون (8) رات جو سمهڻ کان گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪلاڪ اڳ ۾ ماني کائڻ گهرجي، نه ته ننڊ فرحت واري نه ايندي ۽ هاضمون به سٺو نه ٿيندو (9) روزانو پيٽ اچڻ – پائخاني جي خيال کي گسائي ڇڏڻ سان قبضي ٿئي ٿي، جا ڪيترن مرضن ۽ بدهاضمي جو مول آهي، تنهن ڪري روز صبوح جو اٿڻ سان پائخاني جو نيم ڪرڻ بلڪل ضروري آهي (10) هاضمي کي مدد ڪرڻ لاءِ روز ڪسرت ڪرڻ گهرجي (11) هاضمي وارن عضون کي آرام ڏيڻ لاءِ 15 يا 20 ڏينهن کان پوءِ ورت يا روزو رکڻ گهرجي.

واءِ ٽمنس (جياپي جا جزا)
مٿي پڙهي آيا آهيون، ته اسان جي کاڌي جا مکيه چار جزا (معدني، نائٽروجني، نشاستو مٺاڻ ۽ سڻڀ) آهن. پر هينئر تجربي مان ثابت ٿيو آهي، ته کاڌي ۾ اڃا ڪي ٻيا به جزا موجود آهن. جن تي اسان جي جياپي جو مدار آهي، جيڪڏهن اهي جزا کاڌي ۾ موجود نه هجن ها، ته هوند، اسان مشڪل سان رندهه رهي سگهون ها. هن کان ويهه ورهيه اڳ انهن جزن جي اصل خبر ڪا نه هئي ۽ هن وقت تائين اها خبر به ڪا نه پيئي آهي، ته انهن جزن جي ڪيمياوي بناوت ڇا آهي، مگر ايترو معلوم ٿيو آهي، ته اهي جزا قدرت ڪهڙين شين ۾ ڪيتري قدر موجود رکيا آهن ۽ سندن نه ملڻ ڪري ڪهڙيون بيماريون پيدا ٿين ٿيون. اهي جزا تازين ڪچين کاڌي جي شين جهڙوڪ کير، ڀاڄين، ميون وغيره ۾ ٿوري انداز ۾ موجود آهن. شين کي گهڻو وقت ڪاڙهڻ تي، رڌڻ ڪري يا گهه ۾ تمام گهڻو ترڻ ڪري شين مان واءِ ٽمنس ناس ٿيو وڃن ٿا. تجربو ڪري ڏٺو اٿن ته پاليلن ڪوئن کي نائٽروجني، معدني، مٺاڻ، ۽ سڻڀ وارا جزا پوري وزن ۾ ملائي ڏنا ويا آهن، ته انهن ڪوئن جو اسرڻ بند ٿي ويو آهي ۽ ٿورن ڏينهن ۾ اهي ڪوئا مري ويا آهن، مگر جيڪڏهن کين انهن جزن سان گڏ کير به ڏنو وڃي ٿو، ته ڪوئا وڌن ٿا ۽ جيئرا رهن ٿا. هيل تائين پنجن قسم جا واءِ ٽمن معلوم ڪيا ويا آهن، جن جا نالا پڻ مقرر نه ٿيا آهن، مگر الف، ب، ث، د، ع نالن سان سڏيا وڃن ٿا، جن جو بيان هيٺ ڏجي ٿو :–
واءِ ٽمن الف- هيءُ ساين ڀاڄين، کير، ملائي، مکڻ، بوهي مڱن ۽ چرٻي ۾ ٿئي ٿو. هن جي نه ملڻ ڪري اکين جي نظر جهڪي ٿيو پوي ۽ ڦڦڙن ۽ چمڙيءَ جي بيمارين ٿيڻ جو امڪان ٿئي ٿو.
واءِ ٽمن ب- هيءَ چانور جي مٿئين تهه ۾ ٿئي ٿو، تنهن ڪري، ڪورا چانور (جن جي ڪٽي واجبي لٿل هجي) کائڻ گهرجن ۽ رڌڻ وقت پڇي به نه لاهڻ گهرجي ۽ تمام گهڻي وقت جا رکيل چانور به ڪم آڻڻ نه گهرجن، جو سندن واءِ ٽمن سڙيو وڃي ٿو. ڪن تازين ڀاڄين ۽ سنگن وارن انن ۾ پڻ ٿئي ٿو. هن جي گهٽتائي ڪري قبضيت، بادي، بدهضمو ٿئي ٿو، جنهن ڪري آنڊن ۾ زهري جزا پيدا ٿين ٿا جي عضوا سڪائي ڇڏين ٿا، جنهن کي بيري بيري جي بيماري چئبو آهي.
واءِ ٽمن ث- هيءُ ٻن گوبين، گوگڙن، ليمن، نارنگين، ٽماٽن ۽ ٻين ڪن تازن ميون ۾ ٿئي ٿو ۽ کير، گوشت ۾ پڻ ٿوري انداز ۾ ٿئي ٿو، تنهن ڪري سڪايلن ۽ رکيلن ڀاڄين، ميون کان تازا ڪم آڻڻ بهتر آهن. هن جي نه ملڻ ڪري هڏا ڪمزور ٿي پوندا آهن، جنهن کي سڪروي (سقربوط) جي بيماري ڪري چون ٿا. اها بيماري گهڻو ڪري خلاصين کي ٿيندي آهي، جو جهاز ۾ وڏين مسافرين ۾ کين تازيون ڀاڄيون ۽ تازا ميوا ملڻ مشڪل ٿيندا آهن، تنهن ڪري اهڙن وقتن تي ليمي جي رس استعمال ڪرڻ گهرجي.
واءِ ٽمن د- هيءُ کير ۽ مڇيءَ جي تيل ۾ گهڻي ٿئي ٿي. هنن جي نه ملڻ سبب هڏا ڏنگا ڦڏا ٿي پوندا آهن، جيئن ته ننڍن ٻارن جا پير ڦڏا ٿي پوندا آهن، جنهن کي رڪيٽس (هڏڙيءَ) جي بيماري ڪري چون ٿا.
واءِ ٽمن ع- هيءُ ڪڻڪ جي ڳڀ ۾ ٿئي ٿي. هن جي نه ملڻ سبب زالن کي ٻار نه ٿيندو آهي يا ٿوري وقت سڪي ويندو آهي.
مطلب ته سمورا واءِ ٽمن کير، تازين ڀاڄين، ميون، اناج، گيهه وغيره کاڌي جي شين ۾ ٿين ٿا، تنهن ڪري وقت به وقت هر قسم جو کاڌو کائڻ گهرجي.
سامهين نقشي مان خبر پوندي ته هر هڪ جنس ۾ ڪيتري قدر وائٽمن آهي، 3 جو انگ واءِ ٽمن جو گهڻو انداز ڏيکاري ٿو، 2 جو انگ پورو پنو ۽ 1 جو انگ تمام ٿورو انداز ڏيکاري ٿو:
نالو کاڌي جو الف ب ث د ع
اناج
آني جي زردي
بوهي مگ
بصر
باداميون
بڪيون
ٽماٽا
پٽاٽا
پالڪ
جيرو
چرٻي
ڊاک
صوف
ساون پنن واريون ڀاڄيون
گوگڙون موريون وغيره
ڪيوڙي جون ڦريون
کير
گجر سنڌي
گوبي
گجر لاهوري
ليمون
مٽر
مڇيءَ جو تيل
مکڻ
ملائي کير جي
نارنگيون
ناريل
3
3
1
1
2
2
1
3
3
3

1

2
1
3
3
1
1
1
2
3
3
3
1
1 3
2

1
1
2
3
2
3
2

2
1


1

2
2
2
2



2
2
2


2


3
2
3


2
2

1
2

1
3
2
3



1
3 1
1








1



1

2





3
1


1 1
1

سوال
1 – هاضمي جي مشين سان ريل جي مشين جي ڀيٽ ڪريو؟
2 – کاڌي جا مکيه نمونا ڪهڙا آهن ۽ انهن ۾ تمام سٺو ڪهڙو کاڌو آهي؟
3 – ثابت ڪريو ته هندستان ملڪ لاءِ گوشت مڇيءَ کان سايون ڀاڄيون وڌيڪ چڱيون آهن؟
4 – ڪيئن سهي ڪندا ته، اوهان جو کاڌو چڱيءَ ريت هضم ٿيو آهي؟
5 – کاڌي کائڻ جا متا ثابتن سان لکو؟
6 – ميوي کائڻ مان فائدا لکو ۽ ڪهڙو ميوو نه کائڻ گهرجي؟
7 – وائٽمن گهڻو قسمن جا آهن ۽ سندن اثر لکو؟

تندرستيءَ جا قاعدا
(1) ورت رکڻ – ورت ٻن قسمن جو ٿيندو آهي :–
(1) ڪي ماڻهو رڳو کاڌو مٽائي کائيندا آهن، جو ڦل ڦول تي گذاريندا آهن. ائين ڪرڻ به چڱو آهي، ڇو ته ڦل ڦول هلڪو کاڌو آهي مٽائڻ ڪري کائڻ تي به چاهه ٿئي ٿو.
(2) ڪي ماڻهو وري روزو رکندا آهن، يعني اصل نه کائيندا آهن. ان مان هي فائدا آهن (1) پيٽ، آنڊي ۽ ٻين هاضمي وارن عضون کي آرام ملي ٿو (2) رت کي مرض جي جيوڙن ناس ڪرڻ جو وجهه ملي ٿو (3) بدهاضمي کي ٽارڻ لاءِ ورت رکڻ سستو علاج آهي، مگر ساندهه گهڻا روزا نه رکجن، نه ته رت ٺهڻ ۾ رنڊڪ پوندي ۽ بدن جا جدا جدا ڀاڱا پوريءَ طرح ڪم ڪري نه سگهندا.
هدايتون- (1) بدن جو من سان گهڻ لاڳاپو آهي، تنهن ڪري جو ورت رکڻ مهل من صاف هوندو ته فائدو به ٿيندو، مگر جي من چنچل هوندو ته پاڻ بدن کي نقصان رسندو (2) روزي رکڻ کان پوءِ کاڌو هلڪو ۽ طيبعت موافق هجي، جي دير هضم کاڌو کائبو ته هاضمي جي عضون تي هڪدم ٻوجهه پوڻ سبب ڪم پورو نه ڪري سگهندا، مگر جي هلڪي کاڌي کائڻ ڪري آهستي آهستي ڪم شروع ڪندا ته طاقت وٺندا ويندا.

(2) سنان ڪرڻ
ضرورت- چمڙيءَ مان پگهر جي رستي غلاظتون هميشه پيون نڪرن جيڪڏهن سنان نه ڪبو، ته اهي غلاظتون چمڙيءَ کي لڳي ان جا پور بند ڪري ڇڏينديون، جنهن ڪري پگهر پوريءَ طرح نه نڪرندو. جيڪي ماڻهو سنان نه ڪندا آهن، تن جي ڪڇن مان بدبونءِ پيئي ايندي آهي. (2) سنان نه ڪرڻ ڪري خارش، ملو، ڦٽ ڦرڙيون ۽ ٻيون چمڙيءَ جون بيماريون ٿينديون آهن، تنهن ڪري بدن جي صفائي لاءِ سنان ڪرڻ نهايت ضروري آهي. (3) سنان نه ڪرڻ سبب پگهر ۽ غلاظت جي بانس تي بت تي مکيون، مڇر ۽ ٻيا جيوڙا ڇڪجي اچن ٿا، جنهن ڪري وچڙندڙ مرض ٿيڻ جو امڪان به گهڻو ٿيندو. (4) سنان ڪرڻ ڪري چمڙي طاقت واري ٿئي ٿي ۽ تنتن کي به آرام ملي ٿو ۽ بدن کي فرحت اچي ٿي.
سنان جو وقت- (1) اونهاري ۾ صبح خواه شام جو ٻئي وقت سنان ڪرڻ گهرجي يعني رات جو بدن مان نڪتل پگهر ۽ غلاظتون شام جو صفا ڪرڻ ضروري آهن، ائين ڪرڻ سان رات جو ننڊ به فرحت واري ايندي. (2) سياري جو رڳو هڪ وقت صبح جو سنان ڪرڻ گهرجي، ڇو ته سياري ۾ بدن مان پگهر ۽ غلاظتون گهٽ نڪرن ٿيون، تنهن کان سواءِ جي هن مند ٻئي وقت سنان ڪبو ته ٿڌ ٿيڻ جو امڪان آهي. جيڪي مزدور ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ آهن، تن کي شام جو به سنان ڪرڻ گهرجي، ته ڀل سڄي ڏينهن ۾ بدن تي پيل مٽي ۽ غلاظتون صفا ٿين ۽ ٿڪ لهي.
سنان لاءِ پاڻي- سنان هميشه تازي ٿڌي پاڻيءَ سان ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ان ڪري رڳون ۽ چمڙي طاقت وار ٿين ٿا، گرم پاڻي ڪمزور ۽ سست ڪندڙ آهي. مگر جيڪڏهن سياري جو ٿڌو پاڻي بدن کي ڀانءِ نه پوي ته پوءِ نهن سوسڙو ڪري ڪم آڻجي. (2) سمنڊ جي پاڻيءَ سان سنان ڪرڻ به فائدي وارو آهي، تنهن ڪري وقت سر ان پاڻيءَ سان به سنان ڪجي.
ميٽ پائڻ- خالي پاڻيءَ سان سنان ڪرڻ سان چمڙيءَ جون غلاظتون گهٽ صاف ٿين ٿيون، تنهن ڪري ميٽ پائي چمڙيءَ کي خوب مهٽجي، جيئن پوريءَ طرح صفا ٿئي.
صابڻ هڻڻ- بدن تي تيل جهڙي شيءِ جو هڪڙو پٽرو تهه آهي، جو چمڙيءَ کي نرم رکي بيٺو آهي، پگهر جون غلاظتون انهيءَ سڻڀي تهه سان وقتي اهڙو چنبڙي پونديون آهن، جو ميٽ سان به پوري صفائي ٿي نه سگهندي آهي، تنهن ڪري صابڻ انهن غلاظتن کي پوريءَ طرح صفا ڪري ٿو، مگر جيڪڏهن گهڻو ۽ زور بروز صابڻ هڻبو، ته اهو سڻڀو تهه لهي ويندو ۽ چمڙي اڻڀي ۽ کهري ٿي پوندي، تنهن ڪري هفتي کن کان پوءِ سٺو صابڻ ڪم آڻجي ۽ صابڻ هڻڻ بعد تيل مکي چمڙيءَ کي سڻڀو ڪجي.
سنان لاءِ هدايتون- (1) ڪثرت ڪرڻ کان پوءِ جڏهن پگهر سڪي وڃي، تڏهن سنان ڪرڻ گهرجي. (2) کاڌي کائڻ کان پوءِ ٻه ڪلاڪ کن سنان ڪرڻ نه گهرجي. (3) سنان اهڙي هنڌ ڪرڻ گهرجي، جيئن بدن تي هوا جي لهر سڌي نه اچي. (4) مٿي تي رڳو پاڻيءَ جا لوٽا ڀري وجهڻ مان فائدو ڪو نه آهي، پر سڄي بدن کي چڱيءَ طرح مهٽڻ گهرجي، جيئن چمڙي صاف ٿئي. (5) سنان ڪرڻ کان پوءِ سڪي ڪپڙي سان بدن کي مهٽي سڪائجي آلي انگوشي يا ٽوال سان مهٽڻ نه گهرجي، ڇو ته ان سان غلاظتون صاف نه ٿينديون. (6) سنان کان پوءِ جيستائين بدن وري اڳئين وانگر گرم ٿئي، تيستائين کائڻ نه گهرجي، نه ته بدهاضمو ٿيندو. (7) جيڪڏهن بيمار هئڻ سبب وهنجي نه سگهجي، ته آلي ڪپڙي يا سپنج سان بدن کي مهٽي هڪدم گرم ڪپڙا ڍڪجن.

(3) ننڊ يا آرام
ننڊ ڪرڻ تندرستيءَ لاءِ بلڪل ضروري آهي. ننڊ نه ڪبي ته مغز ۽ رڳون هميشه ڪم ڪرڻ ڪري ضعيف ٿي پوندا، جنهن ڪري ڪم پوريءَ طرح ڪري نه سگهندا، ننڊ ڪرڻ ڪري مغز ۽ بدن جي ٿڪاوٽ دور ٿئي ٿي ۽ بدن ۾ تازگي ۽ فرحت ٿئي ٿي. ننڍن ٻارن ۽ بيمارين کي 9 يا 10 ڪلاڪ ۽ جوانن کي 6 کان 8 ڪلاڪن تائين ننڊ ڪرڻ گهرجي، ننڊ مان فائدو تڏهن ٿيندو، جڏهن سٺي ۽ فرحت واري ننڊ ايندي.
سٺيءَ ننڊ جون نشانيون- سٺي ننڊ اها آهي جو گهريءَ ننڊ کان پوءِ پاڻمرادو سجاڳي ٿئي. مگر جي خواب لهبا يا منگهڻ ۽ مڇرن ڪري هر هر سجاڳي ٿيندي ۽ پيا پاسا اٿلائبا، ته ان ننڊ ڪرڻ مان فائدو ڪو به ڪو نه آهي، الٽو سستي ٿي پوندي. سٺيءَ ننڊ ڪرڻ لاءِ هيٺين ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ گهرجي :– (1) کٽ ڇڪيل ۽ سڌي هجي. (2) هنڌ صاف هئڻ گهرجي، اونهاري جو هلڪو هجي ۽ سياري جو نرم ۽ گرم هجي. (3) مٿي هيٺان وهاڻو پٽڙو هئڻ گهرجي، وهاڻو وڏو سخت هوندو ته ڳچيءَ کي زور ايندو ۽ رت جي دوري کي رنڊڪ ٿيندي، جنهن ڪري مغز کي فرحت ۽ تازگي نه ٿيندي. (4) سمهڻ جو ٽائيم مقرر ڪرڻ گهرجي، چوندا آهن ته ”سويل سمجهي سويل اٿجي“ آڌي رات کان اڳ ننڊ جو هڪڙو ڪلاڪ پوءِ جي ٻن ڪلاڪن ننڊ جي برابر آهي. (5) سمهڻ مهل هميشه هڪ نه ٻئي پاسي ڀرٿي سمهڻ گهرجي، ڇو ته پٺيءَ ڀر سمهڻ ڪري پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ جيڪا نس آهي، ان تي زور اچي ٿو، جنهن ڪري ننڊ فرحتي نه ٿي اچي ۽ هميشه خواب لهبا آهن ۽ وري منهن ڀر سمهڻ ڪري اکيون خراب ٿين ٿيون. (6) رات جو سمهڻ مهل اکيون ڌوئڻ گهرجن. (7) صبوح جو اٿڻ وقت به اکيون ڌوئڻ گهرجن ۽ ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا اکين کي هڻڻ گهرجن.

(4) ڪپڙا ۽ انهن جي صفائي
بدن کي گرمي سردي خواه ٻين خارجي نقصان ڪار شين جي اثر کان بچائڻ لاءِ اسان کي ڪپڙن پهرڻ جي ضرورت آهي. پر ڪپڙا هميشه صاف هئڻ گهرجن، اونهاري جو پگهر ڪپڙن کي خراب ڪري ٿو، تنهن ڪري روز بروز صابڻ سان ڌوئي پوءِ پهرڻ گهرجن. ڪپڙن جي صفائي ٻين کي ڏيکارڻ لاءِ نه آهي مگر بدن کي تندرست رکڻ لاءِ آهي. تنهن ڪري ڪپڙا سادا ئي هجن، مگر صفا هئڻ گهرجن، اونهاري ۾ ڪپڙا اهڙا هئڻ گهرجن، جي بدن جي گرميءَ کي ٻاهر نڪرڻ کان نه روڪين ۽ سياري ۾ اهڙا هئڻ گهرجن، جي گرميءَ کي ٻاهر نڪرڻ نه ڏين، تنهن ڪري سياري جو اوني ۽ اونهاري جو سوٽي ڪپڙا پائڻ گهرجن. اونهاري جو رنگين ڪپڙا اصل پائڻ نه گهرجن، ڇاڪاڻ ته رنگين ڪپڙا سج جي گرمي پاڻ ڏانهن ڇڪيندا آهن، سياري جو به رنگين ڪپڙا پائڻ چڱا نه آهن، ڇو ته انهن جي ميرائيءَ جي خبر نه ٿي پوي، جنهن ڪري غليظ ٿيو پون، غليظ ڪپڙن مان هيٺيان نقصان پرائجن ٿا:
(1) پگهر جا غليظ جزا چمڙيءَ کي لڳي پگهر کي ٻاهر نڪرڻ کان روڪن ٿا، جنهن ڪري خارش ۽ ٻيون چمڙيءَ جون بيماريون پيدا ٿين ٿيون (2) وري جيڪو ڀرسان وهندو آهي، تنهن کي به ساڳي بيماري ٿيندي آهي. (3) غليظ ڪپڙن ۾ گند جي ڪري ڪيترن مرضن جا جيوڙا پيدا ٿين ٿا، جي بدن اندر وڃي مرض پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجن ٿا. (4) غليظ ڪپڙن تي مکيون ۽ مڇر اچي وهن ٿا جي به ڪيترن مرضن جا جيوڙا پاڻ سان کڻي اچن ٿا.
نوٽ- ٻڍن ۽ ٻارن جي ڪپڙن جي سنڀال وڌيڪ رکڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهي ڪمزور ٿين ٿا، تنهن ڪري کين گرميءَ يا سرديءَ جو اثر جلد ٿئي ٿو، تنهن ڪري موسم موافق کين ڪپڙا پارائڻ گهرجن.
جوراب پائڻ- پيرن جي مٽيءَ ۽ پگهر جي غلاظت سان جوراب يڪدم ميرا ۽ خراب ٿين ٿا. پيرن جي، ترين ۾ تنتن جا مچا آهن، تن جو سڌو لاڳاپو مغز سان آهي جيڪڏهن اهڙا ميرا ۽ غليظ جوراب پائبا ته مغز ۾ موڳاٽي ۽ ٿڪاوٽ معلوم ٿيندي ۽ پڻ اکين خراب ٿيڻ جو امڪان آهي. تنهن کان سواءِ جورابن پائڻ ڪري پير گرم ٿين ٿا، جنهنڪري اها گرمي مغز ۽ اکين ۾ خرابي پيدا ڪري ٿي، تنهن ڪري اونهاري ۾ جوراب بلڪل پائڻ نه گهرجن، سياري ۾ پائجن ته روز بروز ڌوئڻ گهرجن ۽ سمهڻ وقت لاهي رکجن.
بوٽ- زمين جي گرميءَ سرديءَ کان مغز کي بچائڻ لاءِ بوٽ پائڻ ضروري آهي. مگر بوٽ هلڪا، نرم ۽ پير جي شڪل جهڙا هجن، سخت يا سوڙها هئڻ نه گهرجن، جنهن ڪري پير چٻا نه ٿين ۽ نه لڦون ٿين. اونهاري ۾ ڪجهه وقت چپل پائڻ نهايت ضروري آهي، جيئن پيرن کي وقت بوقت هوا ملي، انهيءَ ڪري مغز کي فرحت ايندي. وڏين کڙين وارا بوٽ پائڻ نه گهرجن، ڇاڪاڻ ته بدن اڳتي اڇل کائيندو آهي.
ٽوپيون- مغز کي اس جي اثر کان بچائڻ لاءِ ٽوپي ضروري آهي. مگر ٽوپي مٿي ۾ هلڪي ۽ صاف هئڻ گهرجي، جيئن وارن کي تازي هوا به ملندي رهي، ڳوريون ٽوپيون پائڻ نه گهرجن.
نَهن- بدن جي صفائيءَ سان گڏ نهن جي صفائي به بلڪل ضروري آهي. نهن وقت بوقت لهرائڻ گهرجن، جيئن انهن ۾ غليظ مٽي پئجي نه وڃي. نهن ڏندن سان لاهڻ نه گهرجن، ڇو ته انهن جي غليظ مٽي ڏندن کي لڳي کين خراب ڪري ڇڏيندي آهي.
وار- وارن جي صفائي به بلڪل ضروري آهي، ڪيترا ماڻهو ننڍن ٻارن جي وارن جي صفائي تي ڌيان ڪونه ڏيندا آهن، جنهن ڪري انهن جي وارن ۾ جڙيون ٻجهجي وينديون آهن ۽ بلڪل غليظ ڏسڻ ۾ ايندا آهن، وارن جي صفائيءَ نه ڪرڻ ڪري جون پئجي وينديون آهن، جي مٿي ۽ بدن ۾ خارش پيدا ڪن ٿيون، ان کان سواءِ ٻڦو، ڦٽ ۽ ڦرڙيون پيدا ٿين ٿيون، تنهن ڪري وار روز بروز ڦڻيءَ سان صفا ڪرڻ گهرجن ۽ هفتي ۾ هڪ دفعو صابڻ هڻڻ گهرجي.
ڪسرت ڪرڻ- ضرورت- توهان ڏٺو هوندو ته ٻانهن کي ڪنهن زخم رسڻ ڪري ٻڌي ڇڏبو آهي ۽ چوربو پوربو نه آهي، ته سنهي ۽ ڪم طاقت ٿيندي ويندي آهي، تانجو گهڻو وقت گذرندو آهي، ته منجهانئس طاقت بلڪل گهٽجي ويندي آهي ۽ ٻيءَ ٻانهن کان بلڪل سنهي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. وري جڏهن ان کي درجي بدرجي ورزش ڏبي آهي ته ويندي آهي، طاقت واري ۽ ٿلهي ٿيندي؛ ساڳيءَ طرح جيڪي ماڻهو پورهيو يا ورزش ڪن ٿا، سي ويٺل ماڻهن کان وڌيڪ سگهارا ٿين ٿا، تنهنڪري ورزش اهڙي ضروري آهي، جهڙو کاڌو ۽ پاڻي.
ورزش مان فائدا- ورزش ڪرڻ ڪري بدن جي سڀني ڀاڱن تي اثر ٿئي ٿو، جنهن ڪري سڄو بدن مضبوط ٿئي ٿو.
پٺن تي اثر- ڪسرت ڪري پٺا ۽ نسون سسن ۽ ڦنڊن ٿا، جنهن ڪري رت تڪڙو دل ڏانهن وڃي ٿو ۽ دل وري سٺو رت پٺن ڏانهن موڪلي ٿي، جنهن ڪري اهي مضبوط ٿين ٿا.
ڦڦڙن تي اثر- ڪسرت جي ڪري دم تڪڙو کڄي ۽ آڪسيجن گئس گهڻي انداز ۾ اندر وڃي ٿي ۽ رت به گهڻي انداز ۾ صفا ٿئي ٿو، جنهن ڪري دل ۽ ڦڦڙ به گهڻو ۽ تڪڙو ڪم ڪن ٿا، تنهن ڪري ڪشادا ۽ طاقت وارا ٿين ٿا ۽ سلهه جهڙن مرضن کان بچيل رهن ٿا.
هاضمي تي اثر- هاضمي جي عضون کي تحرڪ ملي ٿو، جنهن ڪري هاضمي جون رسون وڌيڪ پيدا ٿي کاڌي کي چڱيءَ طرح هضم ڪن ٿيون.
چمڙيءَ تي اثر- پگهر جي ڳوٿرين جي چوگرد جيڪي رت جون ناليون آهن، سي ورزش ڪرڻ سبب ڪشاديون ٿين ٿيون ۽ منجهن رت به تڪڙو دورو ڪري ٿو، جنهن ڪري پگهر ۽ غلاظتون گهڻيون ٻاهر نڪرن ٿيون.
ٻين عضون تي اثر- آنڊا ۽ بڪيون وڌيڪ طاقت وارا ٿين ٿا، جنهنڪري بدن جي غلاظتون تڪڙو ٻاهر ڪڍن ٿا.
دماغ تي اثر- جيڪڏهن بدن جا سڀ عضوا چڱيءَ طرح ڪم ڪندا، ته قوت بخش صفا ٿيل رت مغز ڏي به تڪڙو دورو ڪندو، جنهنڪري مغز طاقت وارو ٿيندو.
بدني ورزش جا نمونا- ڪسرت جا ڪيترائي نمونا آهن جن مان مکيه هي آهن: (1) ٻٽي ڪلاڪ پنڌ ڪرڻ (2) ڊوڙڻ (3) ڏنڊ ڀرڻ (ورزش ڪرڻ) (4) ڊرل ڪرڻ (5) مگترن سان راند ڪرڻ (6) هاڪي راند (7) فوٽ بال (8) ڪرڪيٽ (9) ونجهه يا ٻيڙي هلائڻ (10) گهوڙي سواري (11) ترڻ (12) اونهو ساهه کڻڻ (13) نوڙين تي ٽپا جي اڪثر ڪري ڇوڪريون ڏينديون آهن (14) ونجهوٽي راند (15) ٽينس وغيره وغيره.
سڀ کان چڱي ڪسرت- (1) فوٽ بال راند سڀني ۾ سٺي آهي، جنهن جا هيٺيان سبب آهن: هڪ ٻن کان سواءِ گهڻو ڪري سڀ ڄڻا هميشه راند ۾ رڌل رهن ٿا. (2) هن راند ۾ وندر ۽ مزو به ڏاڍو آهي. (3) راند ڪندڙن کي پاڻ ۾ مٺ محبت ۽ فضيلت سان هلڻو پوي ٿو، جنهنڪري چڱن لڇڻن پرائڻ جي وجهه ملي ٿو (4) ڪپتان جي حڪم تي هلڻ سبب مڃتا ۽ دل کي وس رکڻ جا گڻ پرائجن ٿا (5) گول جيتوڻيڪ هڪ ڄڻي جي ڌڪ سان ايندو آهي، ته به ان جو فخر سڀني کي ٿيندو آهي ۽ امين جي سيٽيءَ لاءِ سڀني کي عزت ٿيندي آهي (6) هن راند ۾ بدن سگهارو ٿئي ٿو (7) ٿوريءَ راند ۾ گهڻي ورزش ملي ٿي (8) دل به بهار ٿئي ٿي. ونجهوٽي راند مان پڻ فوٽ بال وانگر ڪيترا گڻ پرائجن ٿا.
ڪسرت لاءِ هدايتون- (ا) ڪسرت روزاني ڪرڻ گهرجي (2) کليل ميدان ۾ ڪسرت ڪرڻ گهرجي (3) جي پيٽ صاف نه آيو هجي، ته ڪسرت ڪرڻ نه گهرجي نه ته قبضي ٿي پوندي (4) کاڌي کائڻ کان پوءِ ڪلاڪ کن ڪسرت ڪرڻ نه گهرجي (5) تمام گهڻي ڪسرت نقصان ڪار آهي، جيڪڏهن راند ڪري ٿڪجي پئجي ۽ چپ سڪي وڃن، ته سمجهجي ته ڪسرت گهڻي ڪئي اٿئون (6) ڪسرت کان جيستائين پگهر سڪي، تيستائين سڌو هوا جي سامهون بيهڻ نه گهرجي، ائين ڪرڻ ڪري گڙدن (بڪين) کي نقصان رسي ٿو. (7) ڪسرت کان پوءِ هڪدم کائڻ نه گهرجي، نه ته بدهاضمو ٿي پوندو، پڪوڙا ۽ ٻيون شيون ته پوءِ به کائڻ نه گهرجن (8) ڪثرت ڪرڻ وقت وات بند هئڻ گهرجي ۽ نڪ مان ساهه کڻڻ گهرجي.
وندر- وندر به اهڙي ضروري آهي، جهڙي ڪسرت. بدني خواهه خيالي ڪم ڪرڻ مان ٿڪجڻ کان پوءِ ڪنهن نئين نموني ۾ پاڻ کي مشغول رکڻ کي وندر چئجي ٿو. جيڪي بازُن جو پورهيو ڪن ٿا، تن کي ڪتابن پڙهڻ سان پاڻ وندرائڻ گهرجي ۽ جيڪي مغز جو ڪم ڪن ٿا، تن کي راندين روندين سان پاڻ وندرائڻ گهرجي.
راڳ- هي بدن ۽ من ٻنهي لاءِ فائدي واري وندر آهي، راڳ چوڻ ڪري ساهه کڻڻ جا عضوا جوش سان ڪم ڪن ٿا ۽ پگهر نڪري ٿو، انهيءَ ڪري بدن کي فائدو رسي ٿو.

سوال
1 – ورت يا روزي رکڻ مان ڪهڙا فائدا آهن؟ (ج 117)
2 – ورت يا روزي جا ڪهڙا قسم آهن ۽ انهن مان چڱو ڪهڙو آهي؟ (ج 117)
3 – وهنجڻ يا سنان جو سٺو نمونو ٻڌايو؟ (ج 118 – 120)
4 – ورزش مان ڌار ڌار عضون کي ڪهڙا فائدا آهن؟ (ج 125 – 126)
5 – هيٺيان خال ڀريو:
(1) جي ڀائين تندرست رهان ته ........................ سمهو ۽ اٿو.
(2) ڪپڙا سادا ئي هجن، پر ...........................
(3) ............................. نه ڪرڻ ڪري بت ۾ خارش ۽ ٻيون بيماريون ٿين ٿيون.
6 – هيٺيان برابر هجن ته هائو لکو، جي غلط هجن ته درست ڪريو:
(1) وندر اهڙي ضروري آهي جهڙي ڪثرت.
(2) راڳ ڳائڻ ۾ وقت وڃائڻ اجايو آهي.
(3) نهن وڏا رکائڻ بيماري آهن.
(4) صابڻ بدن کي جيترو گهڻو لڳائجي اوترو چڱو.

ڀاڱو ٽيون

جيوڙا ۽ وچڙندڙ مرض
وچڙندڙ مرض سڀ جيوڙن مان ٿين ٿا. اهي جيوڙا اسان جي رت ۾ گهري کيس زهريلو ڪن ٿا، جنهن ڪري مرض پيدا ٿئي ٿو. اهي جيوڙا اهڙا ته سنهڙا آهن، جي اسان کي ڏسڻ ۾ بلڪل نٿا اچن ۽ هڪ چورس انچ ۾ اٽڪل ٽيهه چاليهه ڪروڙ کن ٿيندا. انهن جيوڙن جي پيدا ٿيڻ جو هنڌ گندگي آهي، تنهنڪري اهي ڍونڍ، گند جي ڍيرن، ڪرفٽيءَ، ڪسين ۽ ڪاڪوسن ۾ رهن ٿا.
جهڙيءَ طرح کير ۾ ڏڌ جي ذري وجهندا آهن، ته هڪ رات ۾ سڀ کير ڄمي ڏڌ ٿي پوندو آهي، تهڙيءَ طرح جيوڙا رت ۾ وڃي ان کي زهريلو ڪن ٿا، جنهنڪري مرض پيدا ٿئي ٿو. جيئن چوندا آهن ته ”ڏٻري ڍور کي مڇر به گهڻا“ تيئن هي جيوڙا به ڪم قوت ۽ گهٽ رت واري ماڻهوءَ ۾ اهڙو تڪڙو ٿا وڌن جو يڪدم ان کي ماريو ڇڏين، پر جنهن ماڻهوءَ ۾ رت گهڻو ۽ طاقت واري هوندي آهي ته اهڙي ماڻهوءَ جي رت جا اڇا جزا مرض جي جيوڙن تي غالب پئجي ٿا وڃن. اهو ئي سبب آهي، جو وچڙندڙ مرض ڪن کي ٿين ٿا ۽ ڪن کي نه ٿا ٿين.
جيوڙن جو قد- جيوڙا قد ۾ ايتري قدر تمام ننڍا آهن، جو جيڪڏهن وبا جا سٺ جيوڙا قطار ڪري رکجن ته ان قطار جي ڊيگهه ماڻهوءَ جي وار جي ٿولهه جيتري مس ٿيندي ۽ هڪ چورس انچ ۾ اٽڪل چاليهه ڪروڙ جيوڙا ماپي وڃن ٿا. تمام زوردار خوردبينن سان اهي جيوڙا ڏسي گهبا آهن ۽ تمام سنهيءَ ڇاڻيءَ مان به نڪريو وڃن ٿا.
جيوڙن جي شڪل- جيوڙن جي شڪل گهڻن نمونن ۾ ٿئي ٿي: ڪي گول، ڪي بيضوي، ڪي ڏنگا، ڪي سڌا، ڪي وروڪڙ ۽ ڪي گهنڊيدار ٿين ٿا. جيتن ۽ جيوڙن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، جيت اکين سان ڏسي سگهبا آهن، مگر جيوڙا هرگز نه.
جيوڙن جا قسم- (1) اهي جيوڙا جي ماڻهن لاءِ فائدي وار آهن، جيئن ته ڪي جيوڙا ڍونڍ، ڪنيون ڀاڄيون وغيره ڪچرو کائي پورو ڪن ٿا. (2) ماڻهن کي نقصان رسائيندڙ جيئن ته پليگ، سلهه وغيره جا موتمار جيوڙا. اهي جيورا رت ۾ تڪڙو وڌن ٿا ۽ وڌڻ سان گڏ زهر به ٺاهيندا وڃن ٿا ۽ اهو زهر رت کي ڪمزور ڪري ڇڏي ٿو، جنهن ڪري بيماري پيدا ٿئي ٿي.
جيوڙن جو وڌڻ- مرض جا جيوڙا ڪي آهستي آهستي هڪ مان ٻه ۽ ٻن مان چار ٿين ٿا ۽ ڪي تمام تڪڙو وڌن ٿا، ايتري قدرجو هڪ ڪلاڪ ۾ هڪ مان هڪ ڪروڙ ٿي پون ٿا.

مرضن جا جيوڙا بدن ۾ ٽن رستن سان داخل ٿين ٿا
(1) کاڌي ۽ پاڻيءَ جي رستي- هي جيوڙا آنڊي جون بيماريون پيدا ڪن ٿا، مثلا: دست، سوري وبا ۽ آنڊي جو تپ وغيره.
(2) هوا (ساهه کڻڻ جي رستي)- هي جيوڙا ڦڦڙن جون بيماريون ڪن ٿا، جيئن ته کنگهه، سلهه، نمونيا، انفلوئينزا وغيره.
(3) ٻين جيتن جي چڪ پائڻ رستي- مثلا: موسمي تپ جا جيوڙا مڇر جي چڪ پائڻ رستي ۽ پليگ جا جيوڙا ڪارڙن جي چڪ پائڻ رستي بدن ۾ داخل ٿين ٿا.
مرض جي جيوڙن جو بدن تي اثر- جڏهن جيوڙا مٿين رستن مان ڪنهن به رستي بدن ۾ داخل ٿين ٿا، تڏهن رت جي اڇن جزن ۽ جيوڙن جي وچ ۾ لڙائي لڳي ٿي. جيڪڏهن اسان جي بدن جا اڇا جزا مضبوط هوندا ۽ مرض جي جيوڙن تي غالب پوندا ته ڏاڍو چڱو. مگر جيڪڏهن اڇن جزن هارايو، ته ماڻهوءَ کي موت جو انديشو آهي. تنهن ڪري تندرستيءَ جي قاعدن موجب رت ۽ انهن اڇن جزن کي طاقت وارو ڪجي. خاص ڪري وچڙندڙ بيماريءَ جي وقت ۾ سخت خبرداري اختيار ڪجي.
جيوڙن کان پاڻ بچائڻ جا رستا گهڻي ئي آهن، پر مکيه رستو آهي، مرضن جي سئي هڻائڻ، ان ڪري جيڪڏهن جيوڙا بدن ۾ داخل ٿين ٿا ته به اپڙي نه ٿا سگهن.
سئي هڻائڻ جي ضرورت- اسان جي رت ۾ جي اڇا جزا آهن، تن جي مرض جي جيوڙن سان هميشه دشمني آهي، جنهنڪري هو انهن سان ويڙهه ڪن ٿا، مگر جن جيوڙن سان هو وڙهڻ تي هريل نه آهن تن سان وڙهڻ ۾ کين سخت تڪليف ٿيندي آهي، جنهنڪري مرض يڪدم قابض ويندو آهي ۽ موت تائين رسائيندو آهي، مگر اهي اڇا جزا جن جيوڙن سان وڙهي، فتح حاصل ڪندا آهن، تن سان ويڙهه جا نمونا سکي اهڙا آزمودگار ٿين ٿا، جو وري ان قسم جي جيوڙن کي اپڙڻ اصل نه ڏيندا آهن، اهو ئي سبب آهي، جو ماتا، ارڙي، لاکڙو وغيره سڄي عمر ۾ هڪ دفعو نڪرندا آهن، ته وري نه نڪرندا آهن، ساڳيءَ طرح ڊاڪٽر پهريائين مرض جا تمام ضعيف جيوڙا سئيءَ جي رستي رت ۾ داخل ڪندا آهن، جن سان رت جا اڇا جزا وڙهي واقف ٿي ويندا آهن، پوءِ جيڪڏهن ساڳيءَ مرض جا ٻيا زور وارا جيوڙا رت ۾ داخل ٿيندا، ته اڇا جزا کين وڪوڙي ناس ڪندا، تنهنڪري وبا، پليگ ۽ ٻين اهڙن خوفناڪ مرضن ۾ سئي هڻائڻ بلڪل ضروري آهي. سئي هڻائڻ شاهوڪار خواه غريب لاءِ ڪفايتي نمونو آهي. سئي جو اثر فقط ڇهه مهينا هلي ٿو ۽ ماڻهو مرض جي خوف کان بچيل رهي ٿو.
هاڻي هر هڪ مرض جو بيان مختصر طور هيٺ ڏجي ٿو:
اهي مرض جي جيتن جي معرفت پکڙجن ٿا:

(1) موسمي تپ (مليريا)
اسان کي موسمي تپ جو گهڻو خيال نه ٿيندو آهي، مگر اسان جي ملڪ ۾ پليگ جي بنسبت گهڻا ماڻهو هن مرض ۾ مرن ٿا.
ڪارڻ- هن تپ جا جيوڙا مڇر جي چڪ پائڻ سان بدن ۾ داخل ٿين ٿا، جيڪڏهن مڇر ملڪ مان نڪري وڃن ته جيڪر تپ به ڪو نه ٿئي. اهو ئي سبب آهي، جو ٿڌن ملڪن ۾ موسمي تپ ٿئي ڪو نه. مڇر اونهاري ۾ مينهن جي پاڻيءَ تي پيدا ٿيندا آهن. مادي بيٺل پاڻيءَ تي آنا لاهي ٿي، جي پوسل ۽ گندگيءَ تي گذارو ڪري وڌن ٿا، نيٺ سرءُ جي موسم ۾ تپ جو ڪارڻ بڻجڻ ٿا.
مڇرن جا قسم گهڻا آهن، پر کين ٻن قسم ۾ ورهايو اٿن: (1) ائنوفيليز (مرض پيدا ڪندڙ مرض) (2) ڪيوليڪس (عام مڇر) منجهس هي تفاوت آهن:
1 – مرض پيدا ڪندڙ مڇر ننڍو ٿئي ٿو، مگر عام مڇر وڏو ٿئي ٿو. 2 – مرض پيدا ڪندڙ مڇر ڀت ۾ ٽنبيل ڪنڊي وانگر هوندو آهي، مگر عام مڇر ڪٻو ٿي وهندو آهي. 3 – مرض پيدا ڪندڙ مڇر جي کنڀن تي هلڪا ڳاڙها ۽ ڦڪا چٽا ٿيندا آهن، مگر عام مڇر ڪاريرو ٿيندو آهي. 4 – مرض پيدا ڪندڙ ماٺيڻو آهي، پر عام مڇر ڀون ڀون ڪندو آهي. 5 – مرض پيدا ڪندڙ مڇر جي چڪ پائي، ته سور ڪين ٿئي، عام مڇر جي چڪ مان سور ۽ ساڙو پيدا ٿيندو آهي. 6 – مرض پيدا ڪندڙ مڇر جو ٻچو پاڻيءَ ۾ پيو ترندو آهي، مگر عام مڇر جو ٻچو مٿي ڀر پيو لٽڪندو آهي.
تپ پيدا ٿيڻ- مڇر جڏهن تپيل ماڻهوءَ کي چڪ پائي ٿو، ته رت سان گڏ تپ جا جيوڙا به چوسيو وٺي، جي سندس بت ۾ وڌي وڏا ٿين ٿا، وري جڏهن اهو مڇر ٻئي ماڻهوءَ کي چڪ ٿو پائي، ته اهي جيوڙا پچڪاريءَ وانگر ان جي بت ۾ اڇلي ٿو ڇڏي، جتي اهي وڌن ٿا ۽ جڏهن تمام گهڻا ٿين ٿا، تڏهن تپ ٿئي ٿو.
علامتون- موسمي تپ جون هيٺيون نشانيون آهن: (1) شروع ۾ سخت سيءُ ٿئي ٿو، جو ٻن ٽن سوڙن وجهڻ سان مس لهي ٿو. (2) پوءِ بخار ٿئي ٿو، جو بعضي ڳنڍيل رهي ٿو ۽ بعضي نوبت رکي ٿو. (3) تپ ۾ اڃ گهڻي لڳي ٿي، ڇو ته بدن ۾ گرمي گهڻي ٿئي ٿي.
(4) بدن پيلو ٿيڻ- جڏهن تپ گهڻو وقت هلي ٿو، تڏهن ماڻهوءَ جي رت جو رنگ ڦٽيو پوي، ڇو ته هن تپ جا جيوڙا رت ۾ وڃيو ڳاڙهن جزن کي ناس ڪن ٿا، جنهن ڪري بيمار درجي بدر جي پيلو ٿيندو وڃي ٿو.
(5) هيانچو وڌي پوڻ- تليءَ جو ڪم آهي، رت کي ڇاڻي ردي جزا جيري کي پت ٺاهڻ لاءِ موڪلڻ. پر پت ۾ ردي جزا ايترو وڌي وڃن ٿا، جو سندس ڪم وڌي پوي ٿو، ۽ تمام گهڻا ردي جزا وٽس رهجي ٿا وڃن، جنهنڪري تلي وڌي پوي ٿي، جنهن کي هيانچو ٿا چون.
(6) هئڊاڻ جون الٽيون- جيري جو ردي جزا تمام گهڻا ٿا ملن، سو وڃي ٿو پت ٺاهيندو، پت گهڻو ئي تيار ٿئي ٿو، جو الٽيون ڪري ڪڍجي ٿو.
اپاءُ- 1- تپ کان فقط تڏهن بچي سگهبو، جڏهن مڇر ناس ڪبا، تنهن لاءِ جيڪي سندن پيدائش جون جايون هجن، سي بند ڪجن. مڇر بيٺل پاڻيءَ ۾ آنا لاهن ٿا، تنهنڪري آسپاس دٻن ۽ کڏن کي ڀرائي ڇڏجي ۽ پوسل سڪارائجي. 2 – جتي ائين نه ڪري سگهجي، اتي گاسليٽ هارجي، ڇو ته مڇرن جا ٻچا ساهه کڻڻ لاءِ مٿي ايندا، ته ٻوساٽجي مري ويندا. 3 – جيڪڏهن مڇر وڏا ٿين ته ڏامر، گندرف، لوبان ۽ ڪاٺين جي دونهين ڏيڻ سان به مري ويندا. 4 – گهرن ۾ صفائي بلڪل چڱي هئڻ گهرجي ۽ پوسل ٿيڻ نه ڏجي. 5 – جيڪڏهن گهر ۾ ڪي پراڻا ٿانو يا ڀڳل دلا يا شيشا هجن جن ۾ پاڻي پيل هجي، سي ڪڍي ڇڏجن. 6 – گهر جي ڀتين کي اڇي پوچي ڏيارجي، ڇو ته اتي مڇر نه رهندا آهن. 7 – کوهن تي پوسل ٿيڻ نه ڏجي ۽ ٿي سگهي ته کوهه ڍڪائي ڇڏجن. 8 – مڇر رات جو چڪ پائيندا آهن، تنهن ڪري رات جو سمهڻ لاءِ مڇر دانيون ڪم آڻڻ گهرجن. 9 – روز يا هفتي ۾ ٻٽي دفعا ڪوئنين وٺڻ گهرجي، ان جي ڪري جيڪي جيوڙا رت ۾ پيدا ٿيا هوندا، سي مري ويندا. 10 – موسمي تپ جي سئي هڻائڻ گهرجي. 11 – مڇرن کي ڪارا، نيرا ۽ ناسي رنگ وڻندا آهن، تنهن ڪري انهن رنگن جا ڪپڙا سرءُ ۾ نه ڪڍڻ گهرجن.

(2) پليگ (مهامري)
ڪارڻ – هيءَ بيماري تمام وچڙندڙ ۽ خوفناڪ آهي. هي مرض پهريائين ڪئي کي ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪئو ٻر مان نڪري ۽ موٽي ٻر ۾ نه وڃي، ته سمجهجي ته پليگ ٿيڻي آهي. ڇو ته پليگ واري ڪئي کي اچي پنهنجي ساهه جي لڳندي آهي، جنهنڪري کيس ڪنهن به قسم جو ٻاهريون ڊپ نه ٿيندو آهي، تنهنڪري هيڏانهن هوڏانهن ڦري اوچتو مرندو آهي، جڏهن پليگ ۾ ورتل ڪئو مري ٿو، تڏهن ڪارڙا ۽ ٻگهيون ان ڪئي تان اٿي، ٻئي ڪنهن جي رت پيئڻ واسطي هوا ۾ اڏامندا آهن، پوءِ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي چڪ پائيندا آهن، ته پليگ جا جيوڙا ان ماڻهوءَ جي گرم رت ۾ گڏجي ويندا آهن. جيڪڏهن ان ماڻهوءَ جو رت ڪمزور هوندو آهي، ته وڌي بيشمار ٿيندا آهن ۽ اهو ماڻهو پليگ ۾ وٺجي ويندو آهي.
نشانيون- پليگ ٻن قسمن جي ٿيندي آهي:
(1) ڳوڙهيءَ واري (2) ڦڦڙن واري.
(1) جيڪڏهن پليگ جي زهر سان ڀريل ٻگهي يا ڪارڙو جو ٽن چئن فوٽن تائين مٿي ٽپا ڏيندو آهي سو ڄنگهه يا ٻانهن ۾ چڪ هڻي ٿو، ته سخت تپ ۽ ان سان گڏ چڏي يا ڪڇ ۾ ڳوڙهي نڪري ٿي. (2) ڦڦڙن جي پليگ ورتل ماڻهوءَ کي کنگهه ٿيندي آهي ۽ کانگهاري ۾ جيوڙا نڪري هوا جي رستي وري ٻين ماڻهن ۾ ويندا آهن، تنهن ڪري هي قسم بلڪل خوفناڪ ليکجي ٿو.
اپاءَ- (1) ڪئن کي هميشه ناس ڪندو رهجي، جيڪڏهن ڪئا ملڪ مان ويا، ته ڄڻ پليگ به وئي. (2) گهر جون پاڙون سيمينٽ سان لنبائي، تري کي فرش هڻائي، ان جون درزون به سيمينٽ ڪرائجن، جيئن ڪئا ٻاهر نه نڪرن. (3) ڪئا گهڻو ڪري ان جي ڀانڍن ۽ پسارين جي ڪارخانن ۽ حلوائن جي هٽن ۾ جام ٿين ٿا، تنهن ڪري اتي هر وقت ڪئا مارن ۽ دوائن سان ڪئا ڦاسائڻ يا مارڻ گهرجن. (4) گهرن ۾ هر وقت صفائي رکجي، جيڪڏهن ان يا مانيءَ جا ٽڪرا زمين تي پيا هوندا، يا ڇيڻو گهر ۾ پيو ڪٺو ٿيندو ۽ گهر جو سامان اڍنگيءَ سان رکيل هوندو، ته ڪئن، مڇرن ۽ ڪارڙن کي ڄڻڪ دعوت ملي، پر جي گهر ۾ صفائي، روشنائي ۽ هوا گهڻي هوندي ته جيوڙا پيدا ٿي نه سگهندا (5) جي ويجهن شهرن ۾ پليگ هجي ته هڪدم بچاءَ لاءِ ڪوشش ڪري سڀني ماڻهن کي پليگ جي سئي يا پليگ جا ٽڪا هڻائڻ گهرجن، جيئن گهڻا ماڻهو سئي يا ٽڪا هڻائيندا، تيئن مرض پکڙڻ جو امڪان گهٽ ٿيندو. (6) جيڪڏهن ڪو ڪئو مري ته ان جي مٿان گاسليٽ وجهي هڪدم ساڙي ڇڏجي، جي اتي ساڙي نه سگهجي ته گاسليٽ وجهي ٻن ڪاٺين ۾ کڻي ٻاهر ڪڍي، انهن ڪاٺين سوڌو ساڙي ڇڏجي (7) گهر جا ٽپڙ وغيره سامان ڪڍائي اس ۾ سڪائي صفا ڪرائي ٿانئيڪا ڪري رکجن (8) ڪارڙا ۽ ٻگهيون زمين کان 3 – 4 فوٽ مٿي مس ٿا اڏامي سگهن، تنهن لاءِ کاڌي پيتي جو سامان مٿي ڇڪن ۾ رکجي، جيڪڏهن گهر کي ماڙي هجي، ته هيٺيون ڪمرو ڇڏي اتي وڃي رهجي (9) جي شهر ۾ اچي پليگ پوي ته شهر هڪدم ڇڏي وڃڻ گهرجي ۽ جيسين بيماري هجي، تيستائين وري نه اچجي، ڇو ته جيڪڏهن ڪم ڪار لاءِ اچبو يا سڄو ڏينهن شهر ۾ گذاري، وري رات جو ٻئي هنڌ سمهڻ لاءِ وڃبو، ته به پليگ پکڙجڻ جو امڪان آهي. جيڪڏهن لاچار اچڻو پوي ته پهريائين سئي هڻائجي. اچڻ وقت جو راب ۽ پٽيون ٻڌي اچجي ۽ گندرف باريڪ پئٺل بوٽ ۾ وجهڻ گهرجي، ان ڪري گهمڻ سان گندرف مان گئس نڪري ٿي، جنهن جو اثر بدن ۾ به وڃي ٿو ۽ ٻاهر به جيوڙن مارڻ جو ڪم ڪري ٿو. (10) ٻين شهرن جي معزز ماڻهن کي گهرجي، ته پليگ واري شهر مان جيڪڏهن ماڻهو اچن، ته انهن کي ڊاڪٽر کان تپاسارائي پوءِ شهر ۾ گهرڻ ڏجي. جيڪڏهن ڪو منجهن بيمار هجي، ته ان کي شهر جي ٻاهران لانڍن ۾ رهائڻ گهرجي، ان ڪري بيماريءَ پکڙڻ جو امڪان ڪو نه ٿيندو. (11) پليگ جو وقت گذاري وري شهر ۾ موٽي اچجي ته، هڪدم اچي رهڻ نه گهرجي، مگر پهريائين ڀتين جي صفائي ڪرائي چن جي پوچي ڏيارجي ۽ زمين تي ٽانڊا، رک وجهائجن، ڪپڙا ۽ هنڌ وغيره ڪڍي اس ۾ سڪارائجن ۽ پوءِ ڪم آڻجن (12) ڦڦڙن واري پليگ ۾ ورتل ماڻهوءَ جا کانگهارا ساڙائڻ گهرجن.
اهي مرض جي کاڌي ۽ پاڻيءَ جي رستي پکڙجن ٿا:

(3) مدي جو تپ (وڏو تپ)
ڪارڻ - هي وچڙندڙ مرض آهي. هن جو ڪارڻ هڪ قسم جا جيوڙا آهن، جي کاڌي ۽ پاڻيءَ جي رستي پکڙجن ٿا. هي جيوڙا ميلي ۽ گندگيءَ ۾ پيدا ٿين ٿا، جي مکين جي وسيلي کاڌي ۽ پاڻيءَ ۾ اچن ٿا. هن مرض ۾ پهريائين آنڊن ۾ ڳاڙهاڻ، پوءِ ڦٽ ٿين ٿا ۽ پوءِ هيٺيون نشانيون ٿين ٿيون:
نشانيون - هن ۾ گرميءَ جو درجو گهڻي تائين وڌيل رهي ٿو ۽ پهرين هفتي ۾ ٿڌ، 2 - ۾ سخت بخار، 3 - ۾ اڃ، 4 - ۾ مٿي، پيٽ ۽ آنڊي ۾ سور ۽ 5 – هفتي ۾ بي آرامي.
ٻئي هفتي ۾ 1- گرميءَ جو درجو تمام وڌي ٿو جو 4.1 درجن کي پهچي ٿو. 2- ڳاڙها داڻا کل تي ظاهر ٿين ٿا. 3- اکيون ڳاڙهيون ۽ جوش واريون ٿين ٿيون. 4 – پيٽ ۽ آنڊن ۾ بي آرامي وڌي ٿي. 5- بک گهٽجي ٿي. 6- زبان تي اڇو تهه ٺهي ٿو. 7- بعضي دست بعضي قبضي ٿئي ٿي.
ٽئين هفتي ۾ 1- مٿيون نشانيون ٿورو گهٽجن ٿيون، پر ٿڪ ۽ هيڻائي وڌي ٿي ۽ بعضي بي هوشي اهڙي ٿئي ٿي، جو بيمار وڦلي ۽ ڪپڙا ڦاري ٿو، اهڙيءَ حالت ۾ پوريءَ خبرداريءَ نه ڪرڻ سبب بيمار جو بچڻ مشڪل ٿئي ٿو، هن حالت مان چڙهيو ته چوٿين هفتي ۾ نشانيون گهڻي قدر ڍريون ۽ بچڻ جي اميد ٿئي ٿي. هن کي مدي جو تپ هن ڪري هن ڪري چوندا آهن جو گهڻو وقت جٽاءُ ڪري ٿو.
تپ کي روڪڻ لاءِ سنڀال- 1- ڪپڙي ۽ سامان وغيره جي سنڀال ڪرڻ گهرجي. 2- ٽڪا ڏيارڻ گهرجن. 3- پاڻي ٽهڪائي، ٺاري ۽ ڇاڻي ڪم آڻجي. 4- مکين تڙڻ جو بندوبست ڪجي. 5- جي ڪو بيمار هجي، ته ان جو ميلو وغيره پورڻ يا ساڙي ڇڏڻ گهرجي. 6- گهر کي ڪنهن جيوڙن مان دوا سان صفا ڪرڻ گهرجي. 7- سياري ۾ کير يا نارنگي جي رس کان سواءِ ٻيو ڳرو کاڌو نه ڏيڻ گهرجي.

بيمار جي ٽهل ٽڪور ڪرڻ
1- آرام 2- هلڪو، پٽڙو ۽ قوت بخش کاڌو مثلا کير يا جون جي ڪش يا تازي ميوي جي رس ڏيڻ گهرجي. 5- نرڙ تي ٿڌو پاڻي وجهجي. 6- دوائون اهڙيون ڏجن جي آنڊن ۾ جيوڙن کي مارن.

(4) گهرو مک
هيءَ مک دنيا جي هر ڪنهن ڀاڱي ۾ موجود آهي. ظاهريءَ طرح مک هڪ بي خوف جيو آهي، پر حقيقت ڪري نانگ بلائون ايترا ماڻهو نه ٿا مارين، جيترو مک ماري ٿي. جتي گهڻو گند ڪچرو موجود هوندو ۽ ڌپ پيئي ايندي، اتي مکيون اچيو ميڙ ڪن. هنن کي کائڻ لاءِ ڪي ڏند يا چهنبون اصل ڪين آهن، پر هڪ سونڍ ٿيئن ٿي، جنهن سان شيءِ چوسي رلن ٿيون. هيءُ کائڻ جون ڏاڍو هٻڇي آهن، سڄو ڏينهن پيون کائن ۽ هنگن ۽ تنهن کان سواءِ خشڪ شين جهڙوڪ مٺائي، ميوي، مانيءَ وغيره تي الٽيون به ڪنديون آهن. هيءُ ٽن طرحن سان مرض پکڙين ٿيون: 1- گند ڪچري تي وهڻ سان سندس ٽنگن ۽ پرن ۾ مرض جا جيوڙا چنبڙي پون ٿا، جڏهن کاڌي پيتي جي شين تي وهن ٿيون، تڏهن اهي جيوڙا اتي ڇڏين ٿيون. 2- الٽين جي رستي کاڌي پيتي جي شين تي جيوڙا اڇلن ٿيون. 3 – ٽوري جي رستي شيون خراب ڪن ٿيون.
اپاءُ- 1- کاڌي پيتي جون ڪي به شيون اگهاڙيون نه رکجن. 2- بازاري شيون جي اگهاڙيون رکيل هجن، سي ڪم نه آڻجن. 3- جاين جي ويجهو گند ڪچرو ۽ پوسل ٿيڻ نه ڏجي. 4- ڪاڪوسن ۾ وقت به وقت فنائيل جو پاڻي هارجي. 5- فلٽ دوا سان مکن کي ناس ڪجي.

(5) وبا (ڪالرا)
ڪارڻ- 1- هن مرض جا جيوڙا پاڻيءَ ۽ کاڌي جي وسيلي بدن ۾ داخل ٿين ٿا. هي جيوڙا گندي پاڻيءَ، ڪاڪوسن خراب پاڻيءَ جي حوضين ۽ ڍڳن جي ڇيڻن ۾ پيدا ٿين ٿا، پوءِ جيڪڏهن مينهن پوندو آهي ته هي جيوڙا ان پاڻيءَ سان گڏجي، وڃي کوهن ۾ داخل ٿيندا آهن، ان پاڻيءَ کي ڪتب آڻڻ ڪري وبا ٿيو پوي. 2- مريض جي دستن ۽ الٽين ۾ به لکين جيوڙا ٿين ٿا، جن تي مکيون اچي ويهن ٿيون، جي اهي مکيون کاڌي تي ويهن ٿيون، ته به ڪالرا ٿيو پوي. 3- ڪالرا جي وقت ۾ اڻ ٽهڪيل کير ۽ تمام ڪچي يا تمام پڪي ميوي کائڻ ڪري ۽ مکين جهنگيل شين کائڻ ڪري به ڪالرا ٿئي ٿي.
نشانيون- 1- دست پاڻيءَ جهڙا ۽ سندن رنگ پڇيءَ جهڙو 2- عضون ۾ ڳڍڙيون 3- الٽي پاڻيءَ جهڙي 4- سخت تاس 5- پيشاب بند 6- نهن ڪارا ٿيڻ 7- پڇاڙي ۾ لڱ ٺريو وڃن.
اپاءَ- 1- هن مرض کي پکيڙيندڙ مک آهي، تنهن ڪري ڪوشش ڪري مک کي ناس ڪجي، ان لاءِ گهر ۾ هميشه صفائي هئڻ گهرجي ۽ پاڻيءَ ۾ فنائيل گڏي اهو ڇٽڪارجي، ته مک ويجهو نه ايندي. هر هڪ ماڻهوءَ کي پاڻ سان فنائيل جون گوريون رکڻ گهرجن. ڌوءَ پوءَ جو پاڻي گهر ۾ بلڪل نه هارجي ۽ ڪاڪوسن ۽ نالين ۾ چن ۽ فنائيل ڇٽڻ گهرجي. 2- کوهن ۾ پوٽئشم پرميگنٽ دوا وجهڻ گهرجي ۽ گهرن ۾ به اها دوا موجود هئڻ گهرجي، پاڻي ڪاڙهي ان ۾ دوا وجهي رکجي، ٺرڻ بعد پاڻي ڇاڻي ڪم آڻجي. 3- کاڌي جي سامان سڀ ڄاريءَ وارن ڪٻٽن ۾ بند ڪري رکجي، جيئن مکيون اندر وڃي نه سگهن. 4- بازارين ۾ به کاڌي جون شيون کليل رکڻ نه ڏجن، ٿي سگهي ته بازاري شين جو واهپو بلڪل بند ڪجي. 5- گدرا، ونگا، هنداڻا ۽ ميها بلڪل ڪم نه آڻجن، ڇو ته اهي وائي ڪندڙ آهن. 6- کارڪون ۽ تمام پڪل انب جن تي مکيون ويهن ٿيون، سي شهر ۾ بلڪل اچڻ نه ڏجن. 7- گهر ۾ ماني تيار ڪرڻ وقت پاڻي ٽهڪائي، ان سان باسڻ خوب صفا ڪري پوءِ کاڌو تيار ڪرائجي ۽ اهو کاڌو گرم ڪم آڻجي، ٺريل کاڌو اصل نه واپرائجي. 8- کير چڱيءَ طرح جوش ڏياري کارائجي. 9- اڻ رڌل ڀاڄيون يا ڪچو ۽ سڙيل ميوو ڪم نه اڻجي. 10- کوهن جو پاڻي خراب نه ٿئي، تنهن لاءِ هر طرح جا بندوبست ڪرڻ گهرجن. 11- سڀني ماڻهن کي ڪالرا جي سئي هڻائڻ گهرجي.

گهر ۾ بيماري ٿئي تھ ان جي سنڀال هن ريت ڪجي
1- وبا واري ماڻهوءَ کي الڳ رهائڻ گهرجي. 2- مريض جي الٽين ۽ دستن ۾ ڪاربونڪ تيزاب ملائي پيئڻ واري پاڻي جي جاءِ (کوه وغيره) کان پري اونهي کڏ کڻي پورڻ گهرجي يا ساڙڻ گهرجي. 3- بيمار جا ڪپڙا ۽ ٿانو ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ وجهي، کين جوش ڏجي جيئن جيوڙا سڀ مري وڃن. 4- بيمار کي ڪافي يا گرم کير پيارجي. 5- بيمار جا هٿ پير گرم ڪجن ۽ کيس گرمي پيدا ڪندڙ شيون مثلا ادرڪ، سنڍ، هنڱ، ڪارا مرچ ۽ شراب وغيره ڏجن. 6- جيڪو بيمار جي خدمت ڪري ان کي پنهنجا هٿ وقت بوقت خدمت ڪرڻ بعد تيزاب گڏيل پاڻيءَ يا ڪاربانڪ صابڻ سان صفا ڪرڻ گهرجن. 7- ڊاڪٽر کي هڪدم گهرائڻ گهرجي.

(6) دست
هيءَ آنڊن جي بيماري آهي، جا هڪ قسم جي جيوڙن مان ٿئي ٿي. جڏهن هي جيوڙا وڌي گهڻا ٿين ٿا، تڏهن آنڊا ضعيف ۽ ڪمزور ٿين ٿا، جنهن ڪري منجهائن کاڌي کي هضم ڪرڻ خواهه ڦوڳ مان پاڻيءَ جذب ڪرڻ جي طاقت گهٽ ٿئي ٿي، جنهن ڪري ٽورو پٽڙو ۽ بدهاضمي وارو اچي ٿو ۽ هر هر اچي ٿو، جنهن کي اسين دست چئون ٿا.
دستن ۾ پيٽ ۾ گڙڪا پون ٿا ۽ وقتي سور به ٿئي ٿو.
سبب- هن مرض جا جيوڙا پاڻيءَ ۽ کاڌي جي رستي بدن ۾ داخل ٿين ٿا:
(1) دٻن وارو مقام جي ڀر وارو ۽ بيٺل پاڻي هن بيماريءَ جو خاص ڪارڻ آهي. (2) جنهن کاڌي تي مکيون ويهن ٿيون، سو به هن بيماريءَ جو بنياد آهي. (3) تمام ڪچو يا تمام پڪل ميوو يا طعام پوريءَ طرح رڌل نه هئڻ ڪري به بدهاضمون ٿئي ٿو، جنهن ڪري به دست ٿين ٿا. (4) گهڻيءَ ٿڌ يا گهڻيءَ گرميءَ ڪري به هاضمي جا عضوا ضعيف ٿين ٿا، جنهن ڪري دست ٿين ٿا. (5) موسم بدلجڻ وقت پوري سنڀال نه ڪرڻ ڪري به هيءُ بيماري ٿيو پوي.
علاج:- (1) پهريائين ارنڊيءَ جو هلڪو جلاب وٺجي ته معدو ۽ آنڊا بلڪل صفا ٿي پوندا.
هڪ آئونس ارنڊي هڪ پاءُ ڳائي کير ۾ وجهي پيئڻ سان معدو ۽ آنڊا صفا ٿي ويندا. (اهو وزن بالغ ماڻهو واسطي آهي ننڍن واسطي گهٽ وزن ڪم آڻجي.) (2) ان کان پوءِ کاڌو بلڪل هلڪو ۽ نرم کائڻ گهرجي، جنهن ڪري هاضمي جي عضون تي گهڻو ٻوجهه نه پوي. (3) بيمار کي نرم ۽ گرم بستري تي سمهارجي ۽ کيس هوا جي سڌيءَ لهر کان پاسو ڪرائجي. (4) بيمار کي دست اچڻ مهل اٿڻ جي تڪليف نه ڏجي مگر ڪنهن برتڻ ۾ دست وٺي ان جو پورو نيڪال ڪجي. (5) بيمار جي پيٽ کي ڪپڙو ويڙهي ڇڏجي. انهن اپاون سان اميد ته بيمار جلد چڱو ڀلو ٿيندو. (6) هڪدم دست بند ڪرڻ جو دوائون ڪم نه آڻجن مگر آهستي آهستي دست بند ٿيڻ چڱا آهن.

(7) سوري
هيءَ به آنڊن جي بيماري آهي ۽ جيوڙن مان ٿئي ٿي.
علامتون:- هن بيماريءَ ۾ آنڊن ۾ ڦٽ ٿين ٿا، جنهن ڪري ٽوري اچڻ وقت سخت تڪليف ٿئي ٿي ۽ دن وٽ پيچ پون ٿا ۽ بعضي پيٽ ۾ به سور ٿئي ٿو. هيءَ بيماري درجي بدرجي خوفناڪ رو ڏيکاري ٿي. پهريائين ٽوري ۾ رت اچي ٿو ۽ ٽورو هر هر اچي ٿو، ان کان پوءِ ٽورو بند ٿيندو وڃي ٿو. آنڊن جي ڪور روڳ وانگر وقت بوقت ايندي رهي ٿي، جا بيمار کي بلڪل ڪمزور ڪري ٿي ڇڏي، تان جو بيمار اٿڻ ويهڻ کان لاچار ٿئي ٿو، تنهن کان پوءِ بدبوءِ سان پاڻي پيو وهندو آهي. هيءَ بيماري اهڙي موتمار آهي، جو جيڪڏهن يڪدم سنڀال نه وٺبي ته بيمار کي نهوڙي نيندي.
سبب :- هن بيماريءَ جاڪارڻ گهڻو ڪري اهي ئي آهن جي دستن جو ڪارڻ آهن، مگر گرم موسم ۾ ۽ ميهوڳيءَ جي وقت ۾ هيءَ بيماري گهڻي ٿيندي آهي.
علاج :- (1) جڏهن شروع ۾ هيءَ بيماري ظاهر ٿئي، تڏهن زيتون ۽ ڦري کائڻ سان به دفع ٿئي ٿي. (2) نرم چانور رنڌائي ان ۾ آهر وجهي کائڻ سان به گهڻو فائدو ٿئي ٿو. (3) جيڪڏهن انهن علاجن سان هيءَ بيماري نه ڇڏي ته يڪدم ارنڊيءَ جو جلاب وٺي آنڊو صفا ڪرڻ گهرجي. (4) ان کان پوءِ بيمار جي پيٽ کي گرم ڪپڙو ويڙهي آرام سان سمهارجي ۽ کيس چرڻ پرڻ نه ڏجي. (5) سوريءَ وارو ٽورو تيزاب ۾ ملائي ناس ڪجي يا صفا ساڙي ڇڏجي. (6) بيمار جي کاڌي پيتي جي بلڪل سنڀال ڪجي، کيس بلڪل هلڪو کاڌو پٽڙي ڪانجهي وغيره ڏيڻ گهرجي. (7) ڏڌ به فائدو ڪري ٿو. (8) ڪنهن هوشيار حڪيم يا داڪٽر کان يڪدم علاج ڪرائجي. (9) بيمار کي ڪم ڪار بند ڪري آرام وٺڻ گهرجي.
اهي مرض جي هوا جي رستي پکڙجن ٿا:

(8) سلهھ
نشانيون :- هن مرض ۾ شروع ۾ بخار ۽ کنگهه شروع ٿئي ٿي، ان کان پوءِ کانگهاري ۾ رت ۽ پونءِ اچي ٿي، جنهن ڪري ڦڦڙن ۾ سوراخ ٿي پوندا آهن، ان کان پوءِ مريض هيڻو ۽ ڪمزور ٿيندو وڃي ٿو.
قسم- هن مرض جا ٽي قسم ٿين ٿا. 1- هڏي واري سلهه 2 – ڦڦڙن واري سلهه 3- آنڊي واري سلهه
هڏي واري سلهه:- جڏهن هڏي کي سلهه ٿئي ٿي، تڏهن ان هنڌ ڦٽ ٿئي ٿو، جنهن مان هڏي جي ڪور لهندي اچي ٿي ۽ اهو ڦٽ ڇٽي اصل نه ٿو، جيڪڏهن ڪوشش ڪري ڦٽ ڇٽائجي به ٿو، ته به وري اندر هڏي جي سلهه سبب کوٽ پيدا ٿئي ٿي، جنهن ڪري ساڳيءَ هنڌ ڦٽ ٿي وهڻ لڳي ٿو ۽ درجي بدرجي اها سلهه هڏي تي پکڙندي رهي ٿي، تان جو هڏا بيڪار ٿيندا ۽ ماس ۾ ڦٽ وڌندا وڃن ٿا ۽ بيمار ضعيف ٿيندو وڃي ٿو.
اپاءُ- هن سلهه جو اپاءُ فقط اهو آهي، جو يڪدم آپريشن ڪرائي، اهو هڏو ڪڍائي يا ڪپائي ڇڏجي، نه ته هيءَ موت مار مرض مارڻ کان سواءِ نه ڇڏيندو.
ڦڦڙن واري سلهه:- هن جا ٻه نمونا ٿين ٿا: 1- زور واري سلهه 2- پراڻي سلهه.
زور واري سلهه :- هن ۾ سڀ غلاظتون يڪدم ظاهر ٿين ٿيون. 1- سيءُ سان بخار 2- رات جو گهڻو پگهر اچڻ 3- کنگهه ۾ ڳاڙهو بلغم اچڻ 4- ان کان پوءِ رت ۽ ڦڦڙن جا زرڙا اچڻ 5- سيني ۾ سخت سور. انهن حالتن ۾ مريض روز بروز ايتري قدر ضعيف ٿيندو ويندو آهي، جو وقتي هفتي ٻن ۾ نه ته به مهيني يا ٻن ۾ لاڏاڻو ڪري ويندو آهي.
پراڻي سلهه :- هيءَ آهستگيءَ سان شروع ٿئي ٿي، بعضي زڪام يا کنگهه سان شروع ٿيندي آهي، بعضي اوچتو بلغم اچي ٿو، جو گهڻو ڪري کٻي ڦڦڙ مان اچي ٿو، هن جا ٽي درجا ٿين ٿا.
درجو پهريون :- 1- مريض اداس ۽ ناخوش رهي ٿو 2- ٿوري ٿوري خشڪ کنگهه 3- صبح جو هسليءَ جي هڏي جي مٿان يا هيٺان سور 4- بدهاضمي جي شڪايت 5- سڻڀي طعام کان نفرت 6- ساهه ڪڻڻ ۾ ڪجهه قدر تڪليف 7- ٿوري ڪم ڪرڻ سان دمڪُشي 8- روز بروز هيڻائي 9- ڪجهه عرصي کان پوءِ رت گڏيل بلغم اچي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن بلغم سان گڏ گهڻو رت اچي ٿو.
درجو ٻيو :- هن ۾ 1- بک بند ٿي وڃڻ 2- هٿن پيرن جو سڙڻ 3- کنگهه ۽ دمڪشيءَ ۾ واڌارو 4- نبض تيز ٿي وڃڻ 5- بخار اچڻ مگر رات جو سيءَ سان ۽ گهڻو 6- ڏينهن جو ٿورو پگهر وڌيڪ 7-ڳٽن جي مٿين پاسن تي ڳاڙهاڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
درجو ٽيون :- هن ۾ 1- مٿين علامتن ۾ سخت زور ٿئي ٿو 2- بلغم ۾ پونءِ اچڻ لڳي ٿي 3- پگهر گهڻو اچي ٿو 4- دست شروع ٿين ٿا 5- مريض سڪي ڪنڊا ٿي وڃي ٿو 6- بک صفا بند ٿئي ٿي 7- هٿن پيرن تي سوڄ ٿئي ٿي 8- سخت ڪمزوري ۽ موت جون نشانيون سڀ ظاهر ٿين ٿيون مگر مرڻ تائين به هوش سالم رهي ٿو.
نوٽ :- پهرين درجي ۾ علاج پوريءَ طرح ٿي سگهي ٿو ۽ ٻئي درجي ۾ سخت تڪليف ٿئي ٿي، پر ٽئين درجي ۾ مرض لاعلاج ٿئي ٿو، هي مرض سال يا ٻن سالن ۾ پنهنجو ڪم پورو ڪري مريض کي موت تائين رسائي ٿو.
ڪارڻ :- 1- هي مرض گهڻو ڪري موروثي ٿئي ٿو، ڇو ته مريض جو اولاد به ضرور نٻل ٿئي ٿو، ۽ واسيل گهر ۾ نپجڻ ڪري منجهس جيوڙا به جاءِ وٺي ويندا 2- ڪيترين بيمارين ۾ ضعيف ٿيڻ سبب به سلهه ٿئي ٿي 3- تمام گهڻو فقر 4- هيڻائي ۾ سخت محنت ڪرڻ 5- ڪمزوري 6- هاضمي جي خرابي 7- سارو ڏينهن مٽيءَ ۽ ڪپهه جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪري رات جو سوڙهين جاين ۾ سمهڻ 8- ڇوڪرن ۾ خراب عادتون هئڻ ۽ بدن جي پوري سنڀال نه ڪرڻ 9- ننڍپڻ جي شادي 10- زالن کي کليل هوا کان پري رکڻ. اهي سڀ سلهه جا سبب آهن.
آنڊي واري سلهه:- هن ۾ جيوڙو کير وغيره جي رستي آنڊي ۾ وڃي ٿو. هن ۾ مرض ۾ بيشمار دست اچن ٿا جن کي اتيسار به چئجي ٿو. هن بيماريءَ ۾ جهڻ جام پيئڻ گهرجي.
سلهه جو پکڙڻ:- 1- مريض جٿي ڪٿي کانگهارا اڇلي ٿو، جي سڪڻ بعد ان مان سلهه جا جيوڙا هوا سان ملي وڃن ٿا، جي ساهه کڻڻ رستي ٻين ماڻهن جي بدن ۾ داخل ٿين ٿا 2- ڪن گاين کي سلهه ٿئي ٿي، جن جي کير پيئڻ ڪري به سلهه ٿيو پوي 3- اهڙين جاين جي ڇيڻي مان ليپو پاتل زمين تي ٻار ريڙهيون ڏين ٿا، ته اهي جيوڙا ٻارن تي حملو ڪن ٿا 4- سلهه وارن جانورن جي گوشت کائيندي به سلهه ٿيو پوي.
سلهه کان بچڻ لاءِ اپاءُ :- 1- هر هنڌ ٿڪ يا کانگهارو نه اڇلائجي، پر ڪنهن بوتل ۾ ڪٺو ڪجي جنهن ۾ جيوڙن مار دوا پيل هجي يا ڪن صاف اڳڙين ۾ ڪٺو ڪندو رهجي، بوتل هميشه ڍڪي رکڻ گهرجي، ڪٺا ڪيل کانگهارا ساڙي يا پوري ڇڏڻ گهرجن 2- ڪنهن جيوڙن مار دوا ۾ رومال پسائي کنگهڻ مهل وات جي اڳيان جهلجي ۽ کانگهاري ڪڍڻ بعد ساڳئي رومال سان اگهي ڇڏڻ گهرجي 3- کير هميشه ڪاڙهي پيئڻ جي ۽ گوشت چڱيءَ طرح رڌي کائجي 4- روز کير ۾ مڇيءَ جو تيل وجهي پيئڻ گهرجي 5- تازيءَ هوا ۾ وقت گذارجي، هوادار ۽ اس واريءَ جاءِ ۾ رهجي ۽ در دريون کولي ڇڏجن، خاص ڪري رات جو سمهڻ وقت 6- بدن جي طاقت ورزش ۽ سٺي کاڌي سان وڌائجي ۽ سٺيءَ هوا ۾ رهڻ سان رت کي طاقت مند ڪجي 7- بيمار جي ڪوٺي دوا گڏيل پاڻيءَ سان جلد جلد پيئي ڌوئجي 8- مکين کي تڙي ڪڍجي 9- مريض کي خشڪ ملڪ ۾ وٺي وڃجي ته بهتر 10- بيمار جي ڪوٺي دز (مٽيءَ) کان بچائجي 11- ڪنهن به قسم جي ضعيف ڪندڙ بيماري ٿئي ته يڪدم علاج ڪجي 12- اس ۽ تازي هوا تي خاص ڌيان ڏجي.

(9) ماتا
نشانيون:- هن وچڙندڙ بيماريءَ جون هيٺيون نشانيون آهن:
1- سخت تپ، پٺيءَ ۽ چيلهه جي سور سان شروع ٿيندو آهي 2- ٽن ڏينهن جي تپ کان پوءِ بدن تي سنهي داڻ نڪرندي آهي ۽ تپ هٽي ويندو آهي 3- چوٿين ڏينهن ٿلها داڻا ٿيندا آهن 4- پنجين ڏينهن داڻن ۾ پاڻي ڀربو آهي ۽ موتين وانگر ڏسبا آهن، جي چوڌاري ڀريل ۽ چوٽيءَ ۾ چگهه ٿيندو اٿن 5- اٺين ڏينهن داڻن جو پاڻي پونءِ جي صورت وٺندو آهي ۽ تپ سياندي سان شروع ٿيندو آهي 6- ڏهين ڏينهن کان پوءِ داڻا مڙڻ لڳندا آهن ۽ پندرهين ڏينهن تائين ڪڙيون ٻڌجي وينديون آهن 7- ان کان پوءِ هفتي کن ۾ چيچڪن جي صورت ۾ لهي دائمي داغ ٿيندا آهن. ڪيترا بيمار انهن ٻن هفتن جي اندر مري ويندا آهن ۽ ڪيترن جون اکيون ناس ٿي وينديون آهن.
مرض جو پکڙجڻ:- مٿيون سمورو وقت بيمار مان هوا جي ذريعي ٻين کي واس پيو پهچندو آهي، تنهن ڪري سوين ماڻهون مرض جو شڪار ٿين ٿا.
بيمار جي سنڀال- 1- بيمار کي جدا ڪوٺيءَ ۾ رهائجي 2- داڻن وارن هنڌن کي مهٽڻ يا کنهڻ نه ڏجيس، نه ته خراب ڦٽ ٿي پوندا 3- بيمار جي جاءِ کي صاف ۽ ٿڌو رکجي 4- بيمار جو هنڌ ۽ ڪپڙا صاف هجن، جي وقت بوقت ٽهڪائڻ گهرجن 5- ٻين ماڻهن خاص ڪري ٻارن کي ويجهو اچڻ نه ڏجي 6- بيمار جو گند وغيره ساڙڻ گهرجي 7- بيمار کي ٿڌيون شيون کارائڻ گهرجن 8- بيمار کي راڳ ٻڌڻ سان آرام ايندو آهي، تنهن ڪري زالون ماتا جا راڳ ڳائينديون آهن، جنهن کي اورڳڻ چئبو آهي اورڳڻ 9- بيمار کي خارش ٿئي، ته کيس ٿڌڙا ڪڍجن (آهستي بدن تي هٿ گهمائجي) ته آرام ايندو 10- جيڪو بيمار جي ٽهل شيوا ڪري ان کي ٽڪا ضرور ڏنل هجن.

بيماريءَ کان پاڻ بچائڻ جا اپاءُ
ڪالرا کان پاڻ بچائڻ سولو آهي، ڇو ته کاڌو پيتو سنڀالبو ته بچاءُ ٿيندو مگر هن بيماريءَ کان بچڻ ڏکيو آهي، ڇو ته هوا ڪئين صاف ڪبي؟ هن مرض کان پاڻ بچائڻ جو فقط هڪ رستو آهي ”ٽڪا ڏيارڻ“ ٽڪا ٻارن کي 12 مهينن ۾ ڏيارجن، وري ستين ستين ورهين کان پوءِ به پيا ڏيارجن، ٽڪن ڏيارڻ کان پوءِ ٽڪن جو ٻج اگهجي نه، پر ڇڏي ڏجين ته پاڻهي ڀرجي ويهارو ڏينهن ۾ سڪي ويندا. جيڪڏهن هڪ هفتي بعد ٽڪا ڪين ڀرجن، ته ٻار کي وري ٻيهر ٽڪا هڻائڻ گهرجن.

(10) انفلوئينزا
هي خوفناڪ ۽ وچڙندر مرض آهي، جو گهرن جا گهر ۽ شهرن جا شهر ويران ڪري ٿو ڇڏي.
علامتون :- 1- زڪام ۽ مٿي جو سور 2- نڙي ۽ ڇاتيءَ ۾ سور 3- آواز گهگو ٿي وڃڻ 4- تپ 5- بيهوشي ۽ وڦلڻ 6- بيمار جو ماڻهو نه سڃاڻڻ، ڇو ته اکين تي اهڙي رو چڙهي وڃي ٿي، جو بيمار کي خبر نه ٿي پوي. هيءَ موت مار بيماري هفتي اندر پنهنجو ڪم تمام ڪري مريض کي موت رسائي ٿي.
ڪارڻ :- هن مرض جو ڪارڻ هڪ قسم جو جيوڙو آهي، جو هوا جي رستي پکڙجي ٿو.
اپاءُ :- بيمار کي جدا ڪوٺيءَ ۾ رهائڻ گهرجي ۽ جيترو ٿي سگهي ان جي ويجهو نه وڃجي، فقط هڪ يا ٻه ماڻهو ان جي ٽهل ٽڪور لاءِ مقرر رهڻ گهرجي. 2- بيمار جي ٿڪ ۽ ميلو ساڙڻ گهرجن، جيئن جيوڙا نه پکڙجن 3- انفلوئينزا جا ٽڪا ڏيارڻ گهرجن 4- رومال ۾ ڪافور جي تيل جا ڦڙا وجهي سنگهجي 5- لوڻ پاڻيءَ ۾ ملائي ان سان گرڙيون ڪجن 6- صفائي ۽ کليل هوا ۾ ڪسرت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي 7- لوڻ گڏيل پاڻيءَ سان نڪ صاف ڪرڻ گهرجي.

(11) ڏڍ
هيءَ بيماري گدلائيءَ کان ٿئي ٿي. جتي گهڻا ماڻهو سوڙهه ۾ رهندا آهن، اتي هيءَ بيماري وڌي وڃي ٿي. اڪثر سٿر، مٿي ۽ وهڪ جي جاءِ تي ڏڍ نڪرندي آهي. هن بيماريءَ جو ڪارڻ به هڪ قسم جو جيوڙو ٿئي ٿو، جو چمڙيءَ ۾ جاءِ ڪري گول چڪر ٺاهيندو آهي. هيءَ بيماري وڌڻ ۾ ويرم ڪانه ڪندي آهي، بعضي ته سڄو بت وٺجي ويندو آهي.
علاج :- ڏڍ واري بيمار کان بلڪل پاسي رهجي، سندس ڪابه شيءِ چيز يا لٽو ڪپڙو ڪم اصل نه آڻجي، بيمار کي بنان دير جي چڱي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائڻ گهرجي ۽ ڏڍ واري هنڌ تي پسيل ڪاري مس يا پڪ يا سرڪي لائڻ مان به فائدو ٿيندو.

(12) وار ڪيئون
هن مرض تي اهو نالو هن ڪري پيو آهي، جو انهيءَ مرض جو هڪڙو وار جهڙو اڍائي فوٽ ڊگهو ڪيئون آهي.
هيءُ ڪيئون هندستان جي گهڻن ڀاڱن ۾ پکڙيل آهي، خاص ڪري دکن ۾ گهڻي انداز ۾ ٿئي ٿو. سنڌ ملڪ ۾ ٿر ۾ عام آهي. وار ڪينئين جا ٻچا پاڻي ۾ 5-6 ڏينهن مس رهي سگهن ٿا.
هڪڙا ننڍا جيت سائيڪلاپس (پونئرا) پاڻي ۾ پيدا ٿيندا آهن، جي ململ جي سنهي لٽي ۾ پاڻي ڇاڻڻ بعد مس ڏسي سگهبا آهن. وار ڪينئن جا ٻچا انهن پونئرن جي پيٽ ۾ لنگهي ويندا آهن. ماڻهو جڏهن اهو پاڻي پئي ٿو، تڏهن اهي سائيڪلاپس (پونئرا) معدي ۾ وڌي وڏا ٿين ٿا ۽ بدن جي ڪنهن آلي عضوي تي ظاهر ٿين ٿا. وار ڪينئين مان ماڻهو هڪ واريءَ ورتو ته ڦاٿو، تپ، خارش، ڇاپاڪو ۽ بدن تي سنها زخم هن جون مکيه نشانيون آهن ۽ زخم جي وچ تي اڇي ڌاڳي وانگر هڪ ننڍو ڪينئون ڏسبو آهي. ڪاريگريءَ سان آهستي آهستي ان کي ڏندڻ تي ويڙهي ڪڍي سگهجي ٿو.
علاج :- 1- وار ڪينئين وارن مريضن کي پيئڻ واري پاڻيءَ کي هٿ پير لائڻ نه ڏجي 2- پاڻي سنهي ڪپڙي سان ڇاڻي پوءِ ڪم آڻجي 3- وار ڪينئين جا ٻچا پاڻيءَ ٽهڪائڻ سان به ناس ٿيندا 4- پاڻيءَ ۾ ٿورو پوئٽيشم پرمئنگنيٽ وجهڻ سان پاڻي صاف ٿيندو.

سوال
1- وچڙندر بيماريون ڪن ماڻهن کي ٿين ٿيون ۽ ڪن کي نه ٿيون ٿين، تنهن جا سبب کولي ٻڌايو؟
2- وچڙندڙ بيماريون ڪهڙيون آهن ۽ انهن جو مختصر بيان ڏيو؟
3- سلهه جون نشانيون ٻڌايو ۽ ڪيئن ٽارجي؟
4- سئي هڻئڻ مان فائدا ٻڌايو؟
5- ماتا کان بچڻ لاءِ ڪهڙا اپاءُ آهن؟

ٻارن جي سنڀال
اسان جي ملڪ ۾ ڪيترا ٻار موت جو شڪار ٿين ٿا، ۽ ڪيترا روڳي نظر اچن ٿا، تنهن جو ڪارڻ اڪثر ڪري سندن مائرون آهن. جيڪڏهن سڀ ڪنهن زال کي ٻارن جي سنڀال جي پوري خبر هجي ۽ پورن اصولن موجب هلن، ته هوند جيڪر بي بها گلڙن جي حياتي خراب نه ٿئي.
مائرن کي ٻارن جي کاڌي لاءِ اٻهرو هرگز ٿيڻ نه گهرجي. ڪي زالون ننڍن ٻارن کي مکڻ کارائينديون آهن. اها سندن سراسر غلطي آهي، ڇا لاءِ جو ٻار جو معدو تمام ضعيف ٿئي ٿو، تنهن ۾ ڳرا کاڌا ڪٿان هضم ٿيندا. ٻار ڄمڻ بعد ڪنهن به کاڌي تي هريل نه آهي، تنهن کي پٽڙي ماءُ جي ٿڃ بس آهي. شروعات ۾ ٻين جانور جو کير، مکڻ، مصري، گيهه ۽ ٻيون اهڙيون شيون کارائي ٻارن سان ظلم ڪرڻو آهي.
انهيءَ ڪري ٻارن کي الٽيون، دست ۽ پيٽ ۾ سور ٿئي ٿو. ٻار ويچارو پنهنجو دک ٻڌائي ڪين سگهي ٿو. تنهن ڪري ٻار جي بيماريءَ جي بلڪل چڱيءَ طرح جاچ ڪري پوءِ ان جو علاج ڪجي. ڄمڻ بعد ڪي هفتا ٻار فقط مٿو، ڄنگهون ۽ ٻانهون چورين پورين ٿا، تنهن مان سندن طاقت معلوم ڪري سگهبي. چئن مهينن بعد ٻار ۾ ڌيان ڪرڻ جي طاقت پيدا ٿئي ٿي، جو هيڏانهن هوڏانهن چلڪي وارين شين ڏي پيو نهاريندو آهي. جيڪڏهن ٻار ائين نه ڪري ته ان جي سمجهه جي طاقت گهٽ ليکبي. ستين مهيني ڌاري ٻار کي ڏند ڄمڻ شروع ٿين ٿا ۽ ٻارهن مهينن بعد پنڌ ڪرڻ جهڙو ٿئي ٿو، جيڪڏهن ائين نه ٿئي ته ٻار جا هڏا ضعيف سمجهڻ گهرجن ۽ هڏن جي مضبوطيءَ جو علاج ڪجي. جي ٻار رات جو وات ڦاڙي سمهن يا ڪليون ڪاڪڙو ٿي پوين، تن جو بر وقت چڱي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائجي، نه ڪنهن وڏي جوڳي هيٺ اچبو. روئڻ ۽ کلڻ ته ٻار جو مرڪ آهي، پر جيڪڏهن ٻار ڏاڍيون رڙيون ڪري روئي ته کيس پيٽ جو سور سمجهڻ گهرجي ۽ ان جو علاج ڪجي. جيڪڏهن ٻار جي مٿي ۾ گهنج پون، ته کيس مٿي جو سور ڄاڻڻ کپي. جيڪڏهن ٻار هٿ هلائي سخت روئي ته ڪن جو سور سمجهجي ۽ ڪن جي سور ۾ بعضي ڪن وهندو به آهي. ڪڏهن ڪڏهن ٻار اوچتو بي هوش ٿي ويندو آهي ڳنڍيون پئجي وينديون اٿس يا اکيون ڦيرائي ويندو آهي، ان بيماريءَ کي ٻاراڻو چئبو آهي. هيءَ حالت خوفائتي آهي، پر جيڪڏهن خبرداري ڪبي، ته جوکي کان بچي پئبو.
علاج- ٻار جا پير ۽ ڄنگهون نيم گرم پاڻيءَ ۾ وجهجن ۽ مٿي تي ٿڌي پاڻيءَ جي اڳڙي ٻوڙي رکجي جڏهن ٻار هوش ۾ اچي، تڏهن سندس مرض جاچائي علاج ڪجي.

ٻارن لاءِ وقت بوقت خبرداريون
ٻار جي ڄمڻ بعد 4-5 ڪلاڪن کان پوءِ ماءُ ڇاتي کيس ڌوئي ٿڃ ڏئي. وري ٻن ٽن ڪلاڪن بعد ٿڃ ڌارائيندو رهجي ۽ رات جو چئن ڪلاڪن بعد ٿڃ ڏبي ته اٽڪاءُ نه آهي. ٿڃ ڏيڻ بعد ماءُ وري ڇاتي ڌوئي ڇڏي. ٻار کي پيارڻ جو پاڻي ڪاڙهي ٺاري ۽ ڇاڻي ڌار ڪري رکجي. جڏهن ٻار کي ڏند ڄمن، تڏهن کيس سيگو چانور رڌي نرم ڪري کارائجن. اٺن مهينن بعد ٻار کي نرم ماني ۽ ٻيون چٻاڙڻ جهڙيون هلڪيون شيون ڏجن. 9 مهينن بعد ٻار کي ٿڃ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪجي ۽ ٿڃ جي بدران ڳائو کير اڌو اڌ ٽهڪايل پاڻيءَ ۾ ملائي کنڊ ذرو وجهي پيارجي، وس لڳي شيشي جا ببا جن تي رٻڙ جون ٻنڍيون لڳل ئي بارن کي کير ڏنو ويندو آهي ڪم نه آڻجن. ڏندن ڦٽڻ وقت ٻار جي سخت خبرداري ڪجي، ڪو به دير هضم کاڌو نه ڏجيس ۽ ٿڌ کان بچائجيس. جيئن ٻار ننڍو تيئن کيس ننڊ گهڻي ڪرائجي. پهرين سال ۾ روزانو ويهارو ڪلاڪ ۽ ٻئي سال ۾ روزانو 15 ڪلاڪ تائين چوٿين سال 9 ڪلاڪ ننڊ بس آهي. ٻار کي روزانو سنان ڪرائجي. کاڌي بعد به سنان چڱو نه آهي. نيم گرم پاڻيءَ سان سنان ڪرائڻ بهتر آهي. ٻار جون اکيون، ڪن ۽ وات ڏينهن ۾ ٻه تي دفعا صاف ڪجن. ٻار کي آفيم ڏيئي ڪڏهن به ننڊ نه ڪرائجي. آفيم ٻار لاءِ وڏو خوفناڪ زهر آهي. ٻار کي رنگين ڪپڙا پائڻ نه گهرجن. پر هر وقت اڇا ۽ صاف کليل ڪپڙا پارائجن. تنگ ڪپڙن سبب ٻار جي چرپر ۾ اٽڪاءُ پوندو آهي. سندس بسترو هر وقت صاف هئڻ گهرجي.
روشنائيءَ ۽ اونداه جا اثر ماڻهن تي- جي ماڻهو اونداهيءَ ۾ گذارين ٿا سي نٻل ۽ بدن ۾ ساوا نظر ايندا آهن ۽ سندن اکين جي ديد گهٽ هوندي آهي ۽ حياتي جو گهڻو عرصو بيمار گذارين ٿا. جيئن ته چوڻي آهي، ته ”جتي اونداهيءَ جو پير تتي ڪهڙو خير“ تنهن ڪري تندرست ۽ سگهاري رهڻ واسطي هميشه روشنائيءَ ۾ گذارجي.
جانورن تي- اڪثري ايئن ڏسڻ ۾ آيو آهي، ته ساڳي قسم جا جانور شهر جي جاين ۾ رهندڙ، جهنگ ۾ رهندڙ جانورن کان ڪمزور نظر اچن ٿا. تنهن جو سبب به اونداهي آهي، جو ميدانن کان جاين ۾ روشنائي گهٽ آهي، اونداهيءَ ۾ رهندڙ جانور يا پکي منجهيل ۽ موڳا ڏسڻ ۾ ايندا آهن، تنهن ڪري جيئن ماڻهن لاءِ روشنائي ضروري آهي، تيئن جانورن ۽ پکين لاءِ پڻ ضروري آهي.
وڻن ٻوٽن تي- جيڪڏهن ڪنهن ٻوٽي جي ڪونڊي اندر جاءِ ۾ رکبي ته، ٿورن ڏينهن ۾ ٻوٽي جو رنگ سائي مان ڦري زردو ٿي ويندو ۽ ڪن ڏينهن پڄاڻا ٻوٽو سڙي سڪي ناس ٿي ويندو، جيتوڻيڪ کيس پاڻي، مٽي ۽ ڀاڻ به ڏيندو رهجي. تنهن ڪري وڻن ٻوٽن جي جيئاپي جو مدار به روشنائيءَ تي آهي.

ڀاڱو چوٿون

ترت علاج
جيڪڏهن ڪا اوچتي بيماري ٿئي، يا ڪو زخم پهچي، تنهن لاءِ جيسين ڪو ڊاڪٽر يا حڪيم آڻجي تيسين جيڪو پنهنجو علاج ڪم آڻجي، تنهن کي چئجي ترت علاج.
ضرورت : 1- وقتي ڪنهن اوچتي ضرب يا رت وهڻ جهڙو حادثو ٿيندو آهي، تنهن لاءِ جيسين ڊاڪٽر يا حڪيم پهچي، تيسين مريض وڏي نقصان هيٺ اچي ويندو آهي، ڪڏهن ته مري به ويندو آهي، تنهن لاءِ ڪوشش وٺي بيماريءَ کي روڪڻ گهرجي، جيئن بيمار وڌي نقصان هيٺ نه اچي وڃي.
2- ٻهڙاريءَ ۾ جتي حڪيم يا ڊاڪٽر ملڻ مشڪل آهي، اتي جيڪڏهن پنهنجو ترت علاج ڪم نه آڻبو ته وقتي بيمار جي مري وڃڻ جو امڪان ٿيندو.
ترت علاج واريون حالتون هيٺيون آهن:
جن ۾ ڪوشش وٺي بيماريءَ کي جهلڻ بلڪل ضروري آهي: (1) ضرب رسڻ (2) نانگ جو چڪ ۽ وڇونءَ جو ڏنگ (3) سڙي پوڻ (4) زهر کائڻ (5) ٻڏڻ.

ضرب رسڻ
جڏهن ڪا ضرب رسي ٿي، تڏهن گهڻو ڪري هيٺيون حالتون ٿين ٿيون (1) سوڄ ۽ رت ڄمي وڃڻ (2) رت وهڻ (3) هڏو ڀڄڻ (4) هڏو سنڌ وٽان تڙڪي پوڻ (5) مڙي پوڻ (6) بيهوشي.
سوڄ ۽ رت ڄمي پوڻ- هن حالت ۾ چمڙي سالم حالت ۾ هوندي آهي ۽ هڏي کي به نقصان ڪو نه پهچندو آهي، رڳو ماس (رڳن) ۾ اندر شريانيون يا نسون ڦاٽي پونديون آجهن، جن مان رت نڪرندو آهي جو ٻاهر نه نڪرڻ سبب ڄمي پوندو آهي ۽ اهو هنڌ ڪارو ٿي پوندو آهي، اتي ڳوڙهو ٿي پوندو آهي، جيئن لٺ لڳڻ يا بال لڳڻ ڪري ٿيندو آهي، هن جو يڪدم علاج نه ڪبو ته اتي ڦٽ ٿي پوندو.
علاج :- (1) ان تي پهريائين ٿڌو پاڻي يا برف رکجي، ته اندريون رت وهڻ بند ٿئي (2) ان کان پوءِ هئڊ ۽ ماکي لائجي (3) ٿورو ٿورو گرم ڪندو رهجي، ته سوڄ ڍري ٿيندي ۽ سور ڇڏيندو ويندو (4) ان کان پوءِ تيل يا وئزلين سان ٻٽي ڏينهن مالش ڪجي، ته رڳون نرم ٿينديون ويندو سور ۽ سوڄ ٻئي ڇڏي ويندا آهن.
رت وهڻ :- رت ٻن نمونن سان نڪري ٿي 1- ڌڪ لڳڻ سان مثلا ڪوڏر، ڪهاڙي، خنجر، ڪارائي، ڪپ يا ڪو ٻيو اوزار لڳڻ يا رهڙ اچڻ يا ڇيت يا ڪنڊي جي لڳڻ سان.
2- بدن ۾ حرارت وڌڻ سان مثلا نڪهير ۽ کانگهاري ۾ رت اچڻ.
ڦٽ مان رت ٻن قسمن جو وهندو آهي:
1- شريانين مان جو دل مان نڪري بدن ڏانهن ويندو آهي جو ڳاڙهو ٿيندو آهي 2- نسن مان جو بدن مان موٽي دل ڏانهن ويندو آهي ۽ اهو ڪاريرو ٿيندو آهي. رت کي گهڻو وهڻ کان روڪڻ نهايت ئي ضروري آهي نه ته ماڻهو هيڻو ٿيندو ويندو ۽ آخر بيهوش ٿي ويندو.
رت بند ڪرڻ جا اپاءَ :- 1- زخم ڌوئي صفا ڪري چمڙي اصولوڪيءَ جاءِ تي رکجي 2- ان هنڌ ٿڌو پاڻي يا برف رکجي ڇو ته ٿڌ اڻ رت واهڻن کي سسائي رت بند ڪندي آهي. 3- جيسين پٽي وغيره تيار ٿئي، تيسين زخم کي آڱرين وغيره سان دٻجي جيئن رت گهڻي نه وڃي 4- ٽنگ يا ٻانهن جهڙو عضوو هجي ته ان کي مٿي ڪري جهلجي ڇو ته رت مٿانهينءَ تي چڙهي نه سگهندو آهي، جنهن ڪري نه وهندو آهي 5- ڦٽ تي ڦٽڪي جو ٻورو ٻرڪجي 6- پئسو يا ڪا ٻي لسي چپڙي جا زخم جي منهن تي پوري اچي ان جي هيٺان نرم گدي ڏيئي زخم تي رکي زور سان ٻڌجي 7- رت جيڪڏهن شريانين مان وهندو هجي، ته زخم ۽ دل جي وچ ۾ پٽي زور سان ٻڌجي، جي نس مان وهندو هجي، ته زخم جي مخالف پاسي زور سان ٻڌجي، ته رت گهڻو نه وهندو 8- جڏهن رت بند ٿي وڃي، تڏهن ڦٽ جي باقاعدي ملم پٽي ڪجي.

پٽي ٻڌڻ
پٽي ٻڌڻ جي مراد اها آهي، ته ڦٽ تي زور اچي ۽ رت نه وهي ۽ پهو پوريءَ جاءِ تان سرڪي نه وڃي، ان لاءِ پٽي هيٺئين نموني ۾ تيار ڪري ٻڌجي.
ترڪيب :- ڊگهي پٽي کڻي ان جو ويڙهو ٺاهجي جي ٺهيل پٽي ملي نه سگهي، ته ڊگهو ڪپڙو کڻي تهه ڪري ان جي پٽي ٺاهي ويڙهو تيار ڪجي. پوءِ هڪ هٿ ۾ اهو ويڙهو جهلي ٻئي هٿ سان ويڙهيندو وڃجي ۽ ڏسجي ته هر هڪ تهه اڳئين تهه جي ڪجهه مٿان چڙهندو وڃي ٿو ۽ هر هڪ وراڪي کان پوءِ پٽيءَ کي اٿلائي ابتو ڪندو وڃجي ته وراڪو مضبوط ٿيندو ويندو ۽ عضوو جيڪڏهن سنهو هوندو ته به پٽي ڍلي نه ٿيندي. پڇاريءَ ۾ پٽي پوري ڪري ڳنڍ ڏيڻ بدران ٿي سگهي ته سيفٽي پن يا ٽاچنيءَ سان ڳنڍي ڇڏجي، اها ٽاچني اهڙي هجي جو ان جي چهنب چڀندڙ نه هجي.
ڪپ وغيره سان آڱر کي چير اچڻ
هن حالت ۾ 1- آڱر مٿي اڀو ڪري جهلجي 2- چير تي آڱوٺي جو زور ڏيئي جهلجي رت وهڻ نه ڏجي 3- ان کان پوءِ پٽي پاڻيءَ ۾ پسائي ٻڌڻ گهرجي 4- ان کان وقت به وقت پاڻيءَ جي لاٽ وجهي آلو ڪندو رهجي، نيٺ رت به بند ٿي ويندو ۽ آهستي آهستي سور به ڇڏيندو ويندو ۽ زخم به پاڻ مرادو ڇٽي ويندو، جيسين سور صفا لهي وڃي تيسين هر هر کيس پسائجي.
رهڙ اچڻ:- جيڪڏهن رڳو رهڙ اچي ۽ رت نه نڪري ته ٻه چار دفعا پڪ لڳائڻ سان فرحت ٿي ويندي.
ڇيت يا ڪنڊو لڳڻ :- 1- ڇيت يا ڪنڊو زور سان ڇڪي ڪڍجي، جيڪڏهن نه نڪري سگهي يا مٿان اڌ مان ڀڄي پوي ۽ اڌ ماس ۾ رهجي وڃي، ته کيس 24 ڪلاڪ ڇڏي ڏجي ۽ پاڻيءَ ۾ پسائيندو رهجيس، 24 ڪلاڪن بعد کڙ رڌي ٻڌجي ته ٽن چئن ڪلاڪن ۾ ڪنڊو پاڻمرادو نڪري ويندو ۽ سور به لهي ويندو 2- پوءِ ڪن جي مر ڪڍي زخم کي لائي ڇڏجي ته فرحت ٿي ويندي.
نڪهير- جڏهن نڪهير اچي ٿي ته يڪدم هيٺيان علاج ڪم آڻي رت بند ڪجي:-
1- مٿو مٿي جهلي ٻئي هٿ مٿي کڻي مٿي جي پٺيان ڪنهن مددگار کي جهلڻ لاءِ ڏجن 2- تارونءَ تي برف رکجي، يا ٿڌي پاڻيءَ جي لاٽ ڪري وجهجي ۽ ٿڌي پاڻيءَ ۾ ڪپڙو پسائي تارونءَ تي رکجي 3- بيمار کي اهو وقت ساهه وات مان کڻڻ گهرجي 4- بيمار جا پير گرم پاڻيءَ ۾ رکجن 5- صفا ڪپڙي مان پوپا ٺاهي ٻنهي ناسن ۾ ڏجن ۽ رت بند ٿيڻ شرط اهي ڪڍي ناسون ڌوئي صفا ڪري ڇڏجن.
کانگهاري ۾ رت اچڻ:- هي گهڻو ڪري گرميءَ جي عنبي تان يا تکي ڏينهن جي مهٽ ۾ ايندو آهي، ان لاءِ هيٺيان علاج ڪم آڻجن:
1- مريض جا ڪپڙا لاهي يا ڍرا ڪري کيس ٿڌيءَ جاءِ ۾ سمهارجي 2- مريض کي سمهاري مٿو مٿڀرو ڪجي 3- برف يا ٿڌو پاڻي، ڇاتيءَ، مٿي، ڳچيءَ ۽ پٺيءَ تي لائجي ته اهي ٿڌا رهن 4- وات ۾ برف ذرو رکجي ۽ ان جي ڳار ڍڪ ڪري پيئندو رهجي.

هڏو ڀڄڻ
نشانيون :- 1- سور، سوڄ ۽ عضوي جو ننڍو ٿيڻ 2- چرڻ پرڻ جي طاقت بلڪل نه ٿئي 3- ڀڳل هڏي جون پڇڙيون پيئون کڙکڙ ڪنديون 4- بعضي پڇاڙيون کل ڦاڙي ٻاهر نڪري پونديون آهن، جنهن ڪري رڳن ۾ اٽڪي پونديون آهن ۽ نسون ۽ شريانيون ڦاٽي پونديون آهن ۽ تمام دردي حالت ٿي پوندي آهي.
علاج- هڏي ڀڄڻ جو جيڪڏهن يڪدم علاج نه ڪبو، ته رڳون سسي وينديون ۽ هڏو سنئون ڪرڻ بلڪل مشڪل ٿي پوندو ۽ آخر ماڻهو لا علاج به ٿي پوندا آهن، تنهن ڪري جيسين ڊاڪٽر پهچي تيسين يڪدم هيٺئين نموني علاج ڪجي:-
1- جيڪڏهن رت وهندو هجي، ته پهريائين اهو بند ڪرڻ گهرجي 2- ڪپڙو لاهڻو هجي، ته اڊيڙي لاهجي، پر ڇڪي نه لاهجي 3- جيسين علاج پورو ٿئي تيسين بيمار کي سمهاري ڇڏجي اٿڻ نه ڏجي 4- ڀڳل هنڌ کي هڪ هٿ مٿان ٻيو هيٺان وجهي سهنديءَ آهر آهستي آهستي ڇڪي سنئون ڪجي 5- هڏي کي سنئين ڪرڻ کان پوءِ هٿ يڪدم نه ڇڏجي، ڇو ته وري ڦير پئجي ويندو، تنهن ڪري ٻئي ماڻهو جي مدد سان ان عضوي سان ڪا ڪاٺي يا لڪڻ يا سيخ لڳائي ڀڳل هنڌ جي هيٺيان خواهه مٿان ٻن ٽن هنڌان پٽي ٻڌي پوءِ هٿ ڇڏجي 6- ان کان پوءِ ڇوڌاري چپڙيون ڏيئي پٽي ٻڌي ڇڏجي. جيئن شڪل ۾ ڏسو ٿا پوءِ ان عضوي کي ٿڌاڻ پهچائجي ۽ چپڙن هيٺان نرم گدي ٺاهي ڏجي 7- جيڪڏهن پٺيءَ يا وهڪ يا سٿر جو هڏو ڀڳل هجي ته بيمار کي اٿڻ اصل نه ڏجي مگر جي ٻانهن جو هڏو ڀڳل هجي ته واڳ پٽي ۾ ٻڌي ڇڏجي (جيئن شڪل ۾ ڏسو ٿا) جيسين هڏو ڳنڍجي وڃي 8- ان کان پوءِ تيل وغيره سان وقت به وقت مالش ڪري سنئون ڪجي 9- جي ڪڏهن بيمار کي صدمون رسيو هجي، ته کيس گرم رکجي 10- جيڪڏهن ڪنهن بيمار کي ڪنهن هنڌ کڻي وڃڻو هجي، ته لوئي يا فراسي يا ٻيو مضبوط ڪپڙو مضبوط ڪاٺين ۾ ٻڌي ڏوليءَ وانگر ٺاهي کڻي وڃجي.

هڏو سنڌ وٽان ٿڙڪي پوڻ
بعضي هڏو ڀڄڻ بدران سنڌ وٽان ٿڙڪي ويندو آهي، جنهن ڪري هيٺيون عضوو پيرو لڙڪندو آهي، ان حالت ۾ بدن جو اهو ڀاڱو بلڪل ڪمزور ٿي پوندو آهي، سندس شڪل بدلجي ويندي آهي ۽ سڄي پوندو آهي ۽ سور به پيو ڪندو آهي.
علاج- 1- نڪتل هڏي جا سنڌ چڱيءَ طرح ملائي انهن کي ٿانئيڪو رکجي 2- ان کي چپڙن جي وچ ۾ رکي ٿڌي پاڻيءَ جي پٽي ٻڌجي ۽ برف وغيرهه جي ٿاڌل ڏيندو رهجي، ته جيئن سنڌ ڳنڍجي وڃي 3- ان کان پوءِ ميٽ پسائي ان ۾ پٽي پسائي اها ويڙهڻ گهرجي.

سَنڌ مڙي پوڻ
بعضي هڏو ڀڄڻ ۽ نڪرڻ بدران مڙي پوندو آهي، ان حالت ۾ ڪوسي پاڻيءَ جي ٽاڪور يا ڪنهن تيل جي مالش ڪجي، يا هئڊ ۽ تيل گڏي مالش ڪري لوئي يا کٿو گرم ڪري ان ۾ اهو هنڌ ويڙهجي، ته پگهرجي سنئون ٿي پوندو.
بيهوشي
گهڻي رت وهڻ يا ڪمزوريءَ سبب ماڻهو بيهوش ٿي ويندو آهي، ان لاءِ هيٺيون ترت علاج ڪرڻ گهرجن:
1- رت وهندو هجي، ته ان کي بند ڪرڻ گهرجي 2- بيمار کي ستو سمهاري، ان جي بدن جا ڪپڙا ڍرا ڪجن 3- بت کي گرم رکڻ لاءِ هر ڪا ڪوشش ڪجي ۽ بيمار جا هٿ پير مهٽڻ گهرجن 4- هوا ڇوٽ اچڻ ڏجي ۽ گوڙ ڪرڻ نه ڏجي 5- جي بيمار کي ڏندڻ پيا هجن، ته نڪ ٻوساٽي اهي ڀڃڻ گهرجن 6- سخت بيهوشيءَ جي حالت ۾ ائمونيا سنگهائجي، جڏهن سجاڳ ٿئي، تڏهن چانهه پيارجي 7- بيمار جو مٿو بدن کان هيٺ ڀرو ڪجي، ته رت جو دورو مغز ڏانهن وڃي ۽ منهن تي ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻجن 8- مغز کي ڌڪ آيل هجي، ته ان تي برف رکجي ۽ ڄنگهن کي مالش ۽ ٽاڪور ڪجي 9- مرگهيءَ جي حالت ۾ ڪپڙا ڍرا ڪجن ۽ بدن کي نقصان پهچائڻ نه ڏجي.

نانگ جو ڏنگ ۽ وڇونءَ جو ڏنگ
نانگ جو چڪ- اسان جي ملڪ جا هزارين ماڻهو نانگ جي چڪ ۾ پوري علاج نه ڪرڻ ڪري مرن ٿا. نانگ کي وات ۾ ٻه ڊگها ۽ مڙيل ڏند ٿين ٿا، جي اندر وريل ٿين ٿا. انهن ڏندن جي پاڙ ۾ زهر جون ڳوٿريون هونديون آهن، جڏهن اهي ڀرجن ٿيون، تڏهن نانگ کي خارش ٿئي ٿي، جنهن ڪري زهر هارڻ لاءِ ماس جهڙيءَ نرم شيءِ جي ڳولا ڪندو آهي. پوءِ ماڻهو يا جانور جيڪو ڏسندو آهي، ان کي چڪ هڻي، منڍي ڦيرائي ابتو ٿي زهر هاريندو آهي. زهر بعضي رت سان ملي، دل ڏانهن ويندو آهي، بعضي تنتن مان رستو ڪري مغز ڏانهن ويندو آهي. جڏهن دل ڏانهن ويندو آهي، تڏهن ماڻهوءَ کي رت جون الٽيون ٿينديون آهن. پر جي زهر جو اثر مغز ۾ ويندو آهي، ته ماڻهوءَ کي بيهوشي ٿيندي آهي ۽ وات مان گجي پيئي وهندي آهي.
علاج- (1) جنهن وقت نانگ چڪ هڻي، ان وقت جيڪڏهن کيس اڇلائي ڦٽو ڪبو ته زهر وڃي ٻاهر پوندو ۽ رت ۾ گڏجي نه ويندو (2) چڪ پائڻ شرط ڦٽ ۾ تمام زرو سان ڇڪي پٽي ٻڌجي، جيئن زهر دل يا مغز ڏانهن نه وڃي (3) پوءِ چڪ جي هنڌ تي سئي هڻائي رت ڪڍائجي، يا زخم کي (زور سان پٽي ٻڌڻ جو نمونو) ڪپ سان چهڪ ڏيئي، رت وهائڻ گهرجي (4) زخم کي تتل لوهه جي شيخ يا تيزاب سان ساڙجي (5) چڪ واري هنڌ کي ڪو ماڻهو ويهي چوسي، پر چوسيندڙ کي وات مان رت ويندڙ نه هجي، يا وات ۾ ڦٽ ڦرڙي نه هجيس (6) پوءِ زخم کي باهه جي ويجهو ايترو ڪجي، جيترو ان جو توءُ سهي سگهجي، ائين ڪرڻ سان زهر زخم ڏانهن موٽ کائيندو ۽ اثر ٻاهر نڪرندو ويندو (7)بيمار کي چڻي جيتري ڪن جي مر کارائجي (8) بيمار کي ننڊ ڪرڻ نه ڏجي (9) کيس گيهه پيارڻ ۽ ڪچا بصر کارائڻ فائديمند آهن (10) جيڪڏهن بيمار جي دل هاربي هجي، ته برانڊيءَ ۾ ٿورو وزن پيارجي (11) بيمار جو بت هميشه گرم رکجي.
وڇونءَ جو ڏنگ- وڇون انڌو ٿئي ٿو ۽ کيس ڏينڀوءَ وانگر پڇڙيءَ ۾ زهر ٿيندو آهي. گهمندي جيڪا شيءِ سندس اڳيان ايندي آهي، ان کي ڏنگ هڻندو ويندو آهي، سندس ڏنگ اهڙو خوفناڪ ۽ ساڙيندڙ آهي، جو 24 ڪلاڪ آرام ڪرڻ نه ڏيندو آهي.
علاج- (1) ڏنگ لڳڻ شرط ڏنگ کان ٿورو مٿڀرڙو ڌاڳو ڇڪي ٻڌجي (2) وڇون ماري ان جو ڏنگ وڍي ڦٽو ڪجي، باقي وڇون کڻي ڏنگيل هنڌ تي مهٽجي، ته فائدو ٿيندو (3) تيل يا اسپرٽ ۾ وڇون ماري رکي ڇڏجي، پوءِ جڏهن ڪو وڇون ڏنگ هڻي ته ان هنڌ اهو تيل يا اسپرٽ لڳائڻ گهرجي (4) ڏانگ وارو هنڌ باهه جي ويجهو ايترو نجي جيئن توءُ سهي سگهجي، ايئن ڪرڻ سان سور جي سوٽ دل جي پاسي کان ڦري زخم ڏانهن ايندي ۽ نيٺ زخم وٽان به سور هليو ويندو، پوءِ ان کي ڪپڙو ٻڌي ڇڏجي جيئن کيس ٿڌي هوا نه لڳي، ايئن ڪرڻ سان جلد آرام ايندو (5) ڏنگيل هنڌ تي سڙيل وڇونءَ جي خاڪ لڳائجي (6) ڪچو بصر به اڌ ڪري اندريون ڀاڱو زخم تي مهٽجي (7) ناس يا تماڪ مهٽڻ به فائديمند آهي. (8) چانديءَ جي ٻياني ڪوسي ڪري ٻڌڻ سان به فائدو ٿيندو آهي.

سڙي پوڻ
سڙي پوڻ ٻن قسمن سان ٿئي ٿو: (1) ڪوسي پاڻي پوڻ سان (2) باهه لڳڻ سان. ٻنهي حالتن ۾ وقتي بلڪل ڏهڪائيندڙ حالت ٿيندي آهي. باهه لڳڻ وقت هوش اهڙو بتال ٿي ويندو آهي، جو بچاءُ جي ڪا به سمجهه نه پوندي آهي، مگر هن حالت ۾ ڌيرج ڌاري عقل کان ڪم وٺجي ۽ جهڙي حالت ڏسجي تهڙو علاج ڪجي.

الف- ٽهڪندڙ پاڻي پوڻ جي حالت ۾:
(1) جيڪڏهن ٿورو ايذاءُ رسيو هجي ۽ ڦوڦينڊو نه ٿيو هجي، ته تيل يا گيهه مکي ٿورو باهه جو سهائيندڙ سيڪ ڏجي، ته فائدو ٿيندو (2) جيڪڏهن سخت نقصان ٿيو هجي ۽ ڦوڪڻا ٿيا هجن، ته خبرداري ڪجي، جيئن ڦوڪڻا ڦسي نه پون (3) بدن تان ڪپڙو لاهڻو هجي، ته ٽوپو اڊيري يا ڪتري ٽڪر ٽڪر ڪري لاهجي، جي ڪو ٽڪر چنڀڙي ته ان کي ڇڏي، ٻيو سمورو ڪتري لاهجي، پوءِ ان رهيل ٽڪر کي مکڻ يا مٺو تيل وغيره مکجي ته سولائيءَ سان لهندو (4) کل لهي پئي هجي ته ان کي اگهاڙو بلڪل نه ڪجي ۽ ڪپهه يا کنڀ جهڙيءَ نرم شيءِ کي مکڻ مکجي ۽ ململ جو ڪپڙو سڻڀو ڪري ڦٽ کي ڍڪي ڇڏجي.
(ب) باهه لڳڻ- هن حالت ۾ ماڻهوءَ کي هوش هٿان وڃائڻ نه گهرجي. جيڪڏهن رهڻ جي جاءِ کي چوڌاري باهه ويڙهي وڃي ته ڌيرج ڌاري جلد نڪرڻ جو اپاءُ ڪجي، مگر جي سڀيئي ڀاتي وائڙا ٿي هيڏانهن هوڏانهن اندر پيا ڊوڙندا، ته باهه خوفناڪ ٿيندي ويندي ۽ نڪرڻ مشڪل ٿي پوندو، تنهنڪري يڪدم لوئيءَ يا فراسيءَ جهڙو ٿلهو ڪپڙو پاڻيءَ ۾ آلو ڪري ويڙهي باهه منجهان ٽپو ڏيئي ٻاهر نڪري اچجي ۽ يڪدم اهو ڪپڙو لاهي ڦٽو ڪجي، جيئن بدن جي ڪپڙن کي باهه نه لڳي. جي بدن تي پيل ڪپڙن کي باهه لڳي ته هيڏي هوڏي ڊوڙجي اصل نه، ڇو ته ائين ڪرڻ سان پاڻ ڪپڙن کي باهه وچڙندي ويندي، مگر هڪدم سمهي پئجي يا ليٿڙيون پائجن، ائين ڪرڻ سان باهه نه وچڙندي. جي پٺيءَ جي پاسي کان لڳي، ته منهن ڀر سمهڻ گهرجي، ته باهه منهن ڏانهن نه ايندي. جي اڳيان باهه لڳي ته پٺيءَ ڀر سمهڻ گهرجي، ڇو ته باهه جو رخ هميشه مٿي ٿيندو آهي، جنهنڪري هيٺ پٺيءَ ڏانهن باهه نه ويندي. ان کان پوءِ سوڙ يا ٻيو مضبوط ڪپڙو مٿان وجهجي ته باهه ٻوساٽجي وسامي ويندي. مٽي ڀرسان هجي ته اها وجهي باهه وسائڻ گهرجي ٻيءَ صورت ۾ پاڻي وجهي وسائجي. ان کان پوءِ هيٺيان علاج ڪجن.
علاج- (1) ڦٽن ٿيڻ جي حالت ۾ ڪپڙو ڇڪي نه لاهجي پر ٽوپو اڊيڙي لاهجي، جي ڪنهن ڦٽ کي ڪپڙو لڳي پوي ته ڪتري لاهجي ۽ ڦٽ کي لڳل ڪپڙو ڇڏي ڏجي. (2) جنهن هنڌان کل لهي ويئي هجي سو هنڌ اگهاڙو نه ڪجي. (3) ڦٽن ۽ ڦوڪڻن تي مکڻ ۽ وئزلين نرم شيءِ سان لائجي. (4) سڙيل ماڻهوءَ جو بت گرم رکجي. (5) کيس گرم کير، چانهه، ڪافي يا برانڊي پيارڻ گهرجي. (6) جي ماڻهو ڪپڙو سهي نه سگهي ته آرام ڪرسيءَ تي نرم بسترو ٺاهي، ان تي سمهاري پاسن کان گرم پاڻيءَ جا شيشا رکي سندس بدن کي گرمي پهچائجي ۽ سندس بدن اصل ٺرڻ نه ڏجي، ڇو ته بدن ٺرڻ جي حالت ۾ موت ٿيڻ جو امڪان آهي.

زهر کائڻ
زهر گهڻن قسمن جا آهن، جن مان ڪي ساڙيندڙ آهن، جي وات ۽ نڙيءَ ۾ ڦٽ ڪندڙ آهن. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ زهر کاڌو هجي، ته يڪدم ڊاڪٽر گهرائجي، جيسين ڊاڪٽر اچي تيسين هيٺين ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي:-
(1) جيڪو بيمار جو شڪ جهڙو کاڌو هجي، سو ڊاڪٽر جي ڏسڻ لاءِ رکي ڇڏجي. (2) بيمار کي يڪدم قيءِ يا الٽي ڪرائجي، اها قيءِ به ڪنهن ٿانوءَ ۾ ڊاڪٽر جي ڏسڻ لاءِ رکجي. قيءِ ڪرائڻ جو سٺو اپاءُ هي آهي ته هٿ جي آڱر يا کنڀ وات ۾ وجهي، اندر نڙيءَ ۾ ڪت ڪت ڪجي، يا گرم پاڻيءَ ۾ لوڻ وجهي گڏ پيارجي، ته يڪدم قيءِ ايندي. (3) بيمار ڪو ساڙيندڙ زهر ورتو هجي ۽ ڏسجي ته سندس چپ يا ڪي هنڌ سڙيل آهن، ته الٽي نه ڪرائجي. (4) جي گلو سڄي پوي ته گرم لپري ٺاهي، ڳچيءَ جي چوڌاري ٻڌجي ۽ ٿڌو پاڻي ڍڪ ڍڪ ڪري پيارجي. (5) جي زهر کاڌل ماڻهو کي گهيرٽ اچڻ جو رخ ڏسجي، ته هوشيار ڪجيس منهن تي ڇنڊا هڻي، يا ايذاءُ ڏئي ڪيئن به سجاڳ ڪجيس. (6) کيس چانهه پيارجي. (7) سندس بت لوين سان ويڙهڻ يا گرم پاڻيءَ جي شيشين رکڻ سان گرم ڪجي. (8) جيڪڏهن زهر جي خبر پوي ته پوءِ جهڙو زهر هجي تهڙو اپاءُ ڪندو رهجي. مثلا ً:
(1) تيزاب- پيتل هجي ته هلڪي ائڪلي (کار) ڇڊي ڪري پيارجي يا کير ۾ چاڪ يا چن گڏي پيارجي.
(2) الڪلي- پيتل هجي ته هلڪو تيزاب يا ليمي جي رس پيارجي.
(3) زهريءَ گئس- جي حالت ۾ کليل هوا ۾ وهارجي.
(4) آفيم- جي حالت ۾ ننڊ ڪرڻ نه ڏجي، قيءِ ڪرائجي ۽ منهن تي ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا وجهجن.
(5) شراب- هن ۾ رڳو قيءِ ڪرائڻ بس آهي.
(6) سينورايل شيون- هن ۾ قيءِ ڪرائي هيرڻ جو تيل پيارجي.
(7) سنکيه- هن ۾ گيهه پيارجي يا کير ۾ چن ملائي ڏجي.

ٻڏڻ
جيڪڏهن ڪو ماڻهو اڻتارو هجي، ته ان کي گهرجي ته وڏا ساهه کڻي ڦڦڙن کي هوا سان ڦوڪي ۽ هٿ ٻاهر اصل نه ڪڍي، ته سندس ٻڏڻ کان بچاءُ ٿي پوندو. ٻڏل ماڻهوءَ کي ڦڦڙن ۾ پاڻي پئجي ويندو آهي، جنهن ڪري ڦڦڙ رت صاف ڪرڻ جو ڪم ڪري نه سگهندا آهن، جنهن ڪري رت جو دورو بيهجي ويندو آهي ۽ ماڻهو مئل سمجهبو آهي. جيڪڏهن ڪو ٻڏل ماڻهو هٿ اچي ته يڪدم ان جو هيٺئين نموني علاج ڪري هٿرادو ساهه کڻائجي، جي 3-4 ڪلاڪن کان وڌيڪ پيل هوندو ته اهو ماڻهو جيئرو مشڪل رهي سگهندو.
علاج- (1) ٻڏل ماڻهوءَ کي ڄنگهن کان وٺي مٿي ڪري مٿو هيٺ لڙڪائي وٺي ڌونڌارجيس، ته ڦڦڙن وارو پاڻي وات کان نڪري اچيس. (2) ٻڏل ماڻهوءَ کي اونڌو ڪري سندس چيلهه ڪلهي تي رکي مٿو ۽ ڄنگهون هيٺ لڙڪائي وٺي ڊوڙون پائجن، ته ڇاڇولجي ان جو پاڻي نڪري ايندو. (3) آلا ڪپڙا لاهي کيس هلڪي ڪپڙي سان ڍڪجي. (4) کيس پيٽ ڀر سمهاري ڪپڙو تهه ڪري گديءَ وانگر ٺاهي پيٽ هيٺان ڏجيس.

هٿراڌو ساهھ کڻائڻ
(1) بيمار کان وات مان ڪک ڪچرو ڪڍي، صفا ڪجي ۽ زبان ٻاهر ڪڍي ڇڏجيس ته هوا اندر سولي وڃي، پوءِ سندس منهن پاسيرو ڪري رکجي. (2) پوءِ پٺيءَ جي ڪنڊي جي ٻنهي پاسي پاسرين هيٺيان هٿ، کي زور ڏجي ته ڦڦڙن مان پاڻي نڪري هوا منجهن وڃي. (3) بيمار جا هٿ وٺي لوندڙين تائين آڻي وري ڇاتيءَ وٽ موٽائي دٻائجن، ٻن ٽن سيڪنڊن کان پوءِ ائين ڪندو رهجي ته ڦڦڙن ۾ هوا ايندي به پيئي ۽ نڪرندو به پيئي، ائين هٿرادو ساهه کڄندو رهندو. ان سان گڏ ڪنهن کنڀ سان کڙيءَ ۾ ڪت ڪت به ڪندو رهجي، ته ساهه کڻڻ ۾ مدد ملندي، وقتي ٽن چئن ڪلاڪن جي ڪوشش کان پوءِ به ماڻهو جيئرا ٿيا آهن، تنهن ڪري 3-4 ڪلاڪ سانڌهه اهڙيءَ طرح ساهه کڻائڻ جي ڪوشش ضرور ڪجي. (4) جڏهن بيمار ساهه کڻڻ شروع ڪري تڏهن ان جا هٿ، پير ٽنگون ٻانهون زور سان دل جي پاسي مهٽجن ته رت جي دوري کي مدد ملي.

مريض کي گرم رکڻ
باٽلين ۾ گرم پاڻي وجهي ٽنگن، پاسن، پيٽ ۽ ڇاتيءَ تي گهمائي گرم ڪرڻ گهرجن ته وري بدن ۾ ذاتي گرمي پيدا ٿئي ۽ رت جو دورو تڪڙو ٿئي. جڏهن بيمار سامت ۾ اچي تڏهن ان کي گرم پاڻي، چانهه يا برانڊي تمام ٿورو ٿورو ڪري پيارجي ۽ کيس اونيءَ لوئيءَ ۾ گرم رکجي.
نوٽ- هيٺين حالتن ۾ به هٿرادو ساهه کڻائڻ مفيد آهي:- (1) گهوگهي اچڻ يا ٻوساٽجڻ جي حالت ۾ (2) نئون ڄاول ٻار جي ساهه نه کڻندو هجي (3) زهر پيتل کي (4) دونهي يا ٻيءَ زهري گئس ۾ ٻوساٽيل کي.

ڇتي ڪتي جي چڪ جو علاج
جڏهن ڇتو ڪتو يا ٻيو ڪو ڇتو جانور ٻئي ڪنهن چڱي ڀلي ڪتي يا جانور کي چڪ پائي ٿو، تڏهن اهو به ڇتو ٿي پوي ٿو. ڇا ڪاڻ ته ڇتائيءَ جا جيوڙا مغز ۾ پيدا ٿين ٿا ۽ اتان چڪ ۾ گڏجي وڃن ٿا، چڪ پائڻ سان پڪ چمڙيءَ تي لڳي ٿي ۽ ان پڪ سان ڇتاڻ جا جيوڙا اندر بدن ۾ داخل ٿين ٿا، جنهن ڪري اهو جانور به ڇتو ٿي پوي ٿو. اهڙيءَ ريت ڇتا ڪتا ۽ ڇتا جانور وڌن ٿا، تنهن ڪري جڏهن ڪو به ڇتو جانور نظر اچي، تڏهن ان کي ناس ڪرڻ جو جتن ڪجي. ماڻهوءَ کي هيءُ مرض ڇتي ڪتي جي چڪ پائڻ سان ٿئي ٿو، بعضي ڪنهن ڇتي ڪتي يا ڇتي جانور جي پڪ لڳڻ سان به ٿي پوي ٿو. تنهن لاءِ اها خبرداري رکجي، ته جيڪڏهن ڪو به جانور ڪنهن عضوي کي چٽي وجهي، ته ان عضوي کي بر وقت گرم پاڻيءَ ۽ صابڻ سان صاف ڪجي ۽ جيڪڏهن شڪ پوي ته چٽيندڙ جانور ڇتو آهي ته چمڙيءَ تي بروقت تيزاب لائجي، ته جيئن مرض جا جيوڙا ناس ٿي وڃن.
ڇتي ڪتي جون هيٺيون نشانيون آهن:-
(1) ڪتي کي بي آرامي ٿيندي آهي، جنهن ڪري هيڏانهن هوڏانهن تڪڙو پيو ڀڄندو آهي.
(2) ڪتي کي تپ ٿئي ٿو، جنهن ۾ سندس نبض تڪڙي هلندي آهي.
(3) پڪ گهڻي ٿي پويس ٿي.
(4) نرڙ ۾ گهنج پئجي ويندا اٿس ۽ ڇپر اندران ڳاڙها ٿي پوندا اٿس.
(5) ڪتي کي ڪجهه وقت بعد ارڌان؟ ٿي پوندو آهي، جو پوين ٽنگن ۾ شروع ٿئي ٿو، جنهن ڪري ڪتو ڌڏندو هلندو آهي.
(6) ڪتي جي نڙي گهگهي، گهٽيل ٿي پوندي آهي، جنهن ڪري سندس آواز مٽجي ويندو آهي.
(7) ڪتي جو بت هوريان هوريان سڪندو ويندو آهي ۽ آخر مري ويندو آهي.
(8) جيڪڏهن رولو ڪتو ڇتو ٿيندو آهي، ته شوخ ٿي پوندو آهي ۽ منهن سامهون جيڪو ماڻهو يا جانور نظر ايندو اٿس، تنهن کي چڪ پائيندو ويندو آهي، مگر گهرو پاليل ڪتي کي جيڪڏهن ڇتائيءَ جي بيماري ٿئي ٿي، ته هو نماڻو ٿيندو ويندو آهي ۽ ڪنهن ماڻهوءَ کي چڪ ڪين پائيندو، مگر ٻين ٽپڙن کي پيو چڪ وجهندو آهي.
علاج- جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڇتو ڪتو يا ڇتو جانور چڪ پائي، ته ان جا بروقت هيٺيان علاج ڪجن :-
(1) دل ۽ زخم جي وچ تي پٽي زور سان ٻڌي ڇڏجي.
(2) چڪ واري هنڌ کي صاف اگهي ڪاربونڪ تيزاب سان ڌوئجي.
(3) ڪنهن هوشيار ڊاڪٽر کان پيٽ جي ٻنهي پاسي ڪاربونڪ تيزاب سان ٽڪا ڏيارجن، جيڪڏهن ٽڪن جي جاءِ تي ڳاڙهاڻ نظر اچي ته گرم ٽاڪور ڪرائجي، ٽڪا چوڏهين چوڏهين ڏينهن ڏيارڻ گهرجن، يا هوشيار ڊاڪٽر کان سيون هڻائجن.
(4) شراب پيئڻ نه گهرجي، انهيءَ ڪري تيزاب جو اثر گهٽجي وڃي ٿو.
(5) بيمار کي ٿڌ کان بچائجي ۽ کيس گرم ڪپڙا پائڻ گهرجن.
(6) جيڪڏهن بيماري وڌڻ جو امڪان ڏسجي ته هڪدم ڪسوليءَ جي اسپتال ۾ بيمار جو علاج ڪرائجي. ڪسوليءَ جو شهر اتر هندستان ۾ آهي ۽ کيس ڪانڪا جي اسٽيشن ويجهي آهي.
(7) جيڪڏهن مريض کي ڪسوليءَ ۾ وڃي علاج ڪرائڻ جي وصيت ڪانه هجي، ته ان کي سرڪار مان سمورو ڀاڙو ڀتو مڪاني عملدار کي درخواست ڪرڻ سان ملي سگهندو.

ورنيڪيولر فائينل ۽ انگريزي چوٿين درجي جي امتحان جا سوال جوابن سميت سنھ 1900 کان 1953 تائين
نوٽ- جي ساڳيا سوال ٻئي ڪنهن سوال جي پيپر ۾ وري آيل آهن، سي فقط هڪ دفعو وڌا ويا آهن.
1- رت جون غلاظتون بدن جي ڪهڙن ڀاڱن جي وسيلي ٻاهر نڪرن ٿيون ۽ ڪيئن؟
2- هيٺين ڳالهين مان فائدا ۽ نقصان لکو: کاڌي کان پوءِ پان، سوپاري کائڻ، رات جو منهن ڍڪي سمهڻ، اڃ مارڻ، صابڻ لائڻ، ڪٻو ٿي ويهڻ، اونڌاهيءَ جاءِ ۾ رهڻ؟
3- چڱي ڪسرت ڇا کي چئجي ۽ سڀ کان سٺي ڪسرت ڪهڙي آهي؟
4- ائين چوڻ ۾ اچي ٿو ته تندرستي من جي صفائيءَ تي پڻ مدار رکي ٿي، اها ڳالهه چٽائيءَ سان سمجهايو ۽ من کي صاف رکڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
5- اسان جي دل بدن ۾ ڪهڙي هنڌ آهي ۽ مٿس ڪهڙو ڪم رکيل آهي ۽ ڪهڙيءَ طرح اهو ادا ڪري ٿي؟
6- کاڌو هضم ٿي رت جي صورت ۾ ڪيئن اچي ٿو؟
7- ڪنهن ڳوٺ ۾ دٻن جو پاڻي پيتو وڃي ٿو، ان مان تندرستيءَ کي ڪهڙا نقصان رسن ٿا ۽ انهيءَ حالت ۾ ڪهڙا اپاءُ ڪم آڻڻ گهرجن؟
8- فرصت جي وقت ۾ ڪهڙي وندر اختيار ڪجي، جو بدن کي فائدو پهچي ۽ چڱا لڇڻ به پرائجن؟
9- پليگ پوڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن ۽ ان کي ٽارڻ لاءِ ڪهڙا علاج آهن؟
10- راند ڪندي ڪو ڇوڪرو مٿي ڀر ڪري پيو آهي ۽ بيهوش ٿي پيو آهي. ٻڌايو انهيءَ حالت ۾ ڇا ڪندا؟
11- ڪنهن ماڻهوءَ کي ڄنگهه ۾ ڌڪ لڳو آهي ۽ رت پيو وهيس. ٻڌايو رت ڪيئن بند ڪندا؟
12- چڱيءَ طرح سمجهايو ته هوا خراب ڪيئن ٿي ٿئي؟
13- گهر ڪهڙي هنڌ جوڙجي ۽ ڪهڙي هنڌ نه جوڙجي؟
14- گهر ۾ هميشه تازي هوا هجي تنهن لاءِ ڪهڙا اپاءُ ڪرڻ گهرجن؟
15- تپ نه ٿئي تنهن لاءِ ڪهڙين ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ گهرجي؟
16- هڏو نڪري پوي ته ڇا ڪجي؟
17- ٻڏل ماڻهوءَ کي هوش ۾ آڻڻ لاءِ ڇا ڪجي؟
18- هڪ رهڻ جي ڪوٽيءَ ۾ ڪي ڪونڊيون رکيل آهن، چئو ته ائين ڪرڻ مان ڪهڙا فائدا ۽ نقصان آهن؟
19- ٽڪا ڪيئن ڏيارجن؟
20- هيٺين حالتن ۾ ڪهڙا ترت علاج ڪجن: گهٽجڻ، هڏي جو مڙڻ، نانگ جو کائڻ؟
21- ڪاربانڪ ائسڊ گئس ڪيئن ٺهندو آهي ۽ ان مان فائدا ۽ نقصان ٻڌايو؟
22- کوهن ۽ تلائن کي ڪيئن صاف رکجي؟
23- تپ جو ڪارڻ ڇا آهي ۽ سڀ کان مفيد دوا انهي لاءِ ڪهڙي ثابت ٿي آهي؟
24- ورزش مان فائدا ڪهڙا آهن ۽ ان وقت ڪهڙيون ڳالهيون ڌيان ۾ رکڻ گهرجن؟
25- وهنجڻ جي ضرورت ڇو ٿي ٿئي ۽ ڪهڙيءَ طرح وهنججي؟
26- سيتلا جي بيماري ڪيئن ٿي ٿئي ۽ ان جي حفاظت ڪيئن ڪجي؟
27- ماڻهو نا چڱو نه ٿئي تنهن لاءِ وهنجڻ، کائڻ ۽ سمهڻ لاءِ ڪهڙا قاعدا پالي؟
28- جهولي جي جهڙپ لاءِ ترت علاج لکو؟
29- هوا جيڪڏهن حرڪت نه ڪري ۽ يڪ جاءِ بيهي رهي، ته خلقت کي ڪهڙا نقصان ٿين؟
30- کوهه جنهن پٽ ۾ کڻائجي، ان جي اندر ڪهڙيون شيون هئڻ نه گهرجن؟
31- اسين دم سان جيڪا هوا کائون ٿا ۽ ٻاهر ڪڍون ٿا، تن ٻنهي ۾ ڪهڙو تفاوت آهي ۽ انهيءَ ڪري جو اسان جي بدن ۾ ڪم ٿو ٿئي، تنهن جي چٽائيءَ سان بيان ڪريو؟
32- ڳوٺ جي تندرستي قائم رهي ۽ وڌندڙ هجي، تنهن لاءِ اتي جي وڏيري يا پٽيل کي ڪهڙا اپاءُ ڪم آڻڻ گهرجن؟
33- دست ۽ سوريءَ جي ٿيڻ جا ڪارڻ ٻڌايو ۽ جڏهن ٿين تڏهن ڇا ڪرڻ گهرجي؟
34- ڇا کائجي ۽ ڪيئن کائجي تنهن بابت لکو؟
35- مردي ساڙڻ يا پورڻ بنسبت اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي، دليل سان ڏيو؟ (جواب هر ڪنهن شاگرد کي پنهنجي ڌرم موجب جواب ڏيڻ گهرجي يعني هندو ساڙڻ چڱو لکن ۽ مسلمان پورڻ چڱو لکن)
36- هيٺين حالتن ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي:- ڏينڀوءَ جو ڏنگ، کل جو مٿاڇرو سڙڻ، ڪتي جي چڪ پائڻ ڪري ڦار نڪرڻ؟
37- علم صحت جي سکڻ مان ڪهڙو فائدو ٿو ٿئي؟
38- هوا ڇا جي جڙيل آهي ۽ انهن جو مقدار ٻڌايو؟
39- هيٺين ڳالهين لاءِ ڇا ڪاڻ منع ڪندا آهن نمي ويهي لکڻ، باغ ۾ رات جو گهمڻ، اونڌاهي گهر ۾ رهڻ، پيٽ ڀري کائي سمهڻ؟
40- کاڌي ۽ ننڊ جي ضرورت ڇو ٿي ٿئي؟
41- پاڻ کي چڱي ڀلي رکڻ لاءِ ڪپڙن بنسبت ڪهڙي خبرداري ڪرڻ گهرجي؟
42- ماڻهن جي تندرستيءَ جي بچاءَ لاءِ ميونسپالٽن کي ڪهڙين ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ گهرجي؟
43- جڏهن ساهه کڻڻ ۽ باهه ۽ بتيءَ جي ٻرڻ ڪري هوا خراب ٿئي ٿي، تڏهن ساهه وارا ڇو نه ٿا مرن؟
44- سمهڻ مان تندرستيءَ کي ڪهڙو فائدو آهي، سو کولي ٻڌايو؟
45- يڪ تندرستي هزار نعمت ثابت ڪريو؟
46- ڄمڻ ۽ مرڻ جي داخلا ڪري رکندا آهن سو ڇو؟ جواب ميونسپالٽيون، سينيٽري بورڊن ۽ تپيدار انهيءَ لاءِ ته ڄم گهڻو آهي يا موت ۽ ڪهڙين بيمارين ڪري موت ٿين ٿا.
47- اوندهه ۽ سوجهري جا اثر ساهوارن ۽ گلن ٻوٽن تي ڪهڙا ٿين ٿا؟
48- هندستان ۾ عام بيماريون ڪهڙيون آهن ۽ انهن جا علاج ٻڌايو؟
49- انفلوئنزا مرض کي ٽارڻ لاءِ ڪهڙا اپاءُ ڪم آڻڻ گهرجن؟
50- ڀاڄي خواهه گوشت کائيندڙ ماڻهن کي ڪهڙي ڪهڙي قسم جو کاڌو کائڻ گهرجي جيئن بيمار وسيلي ٻاهر نڪرن ٿيون ۽ ڪيئن؟
51- رت جون غلاظتون بدن جي ڪهڙن ڀاڱن جي وسيلي ٻاهر نڪرن ٿيون ۽ ڪيئن؟
52- هيٺين ڳالهين مان فائدا ۽ نقصان سببن سان ٻڌايو:- هلندڙ گاڏيءَ ۾ پڙهڻ، ٻيڙي يا حقو ڇڪڻ، شراب پيئڻ، جلاب وٺڻ، اڃ مارڻ.
53- هيٺين حالتن ۾ ڪهڙا ترت علاج ڪرڻ گهرجن:- نانگ جو ڏنگڻ، (ب) هڏي جو سنڌ وٽان ٿڙڪي وڃڻ، (ث) رهڻ جي جاءِ کي چوڌاري باهه جو ويڙهي وڃڻ؟
54- هيٺين مرضن جو نشانيون ۽ ٽارڻ جا اپاءُ ٻڌايو :- (الف) ماتا، (ب) وبا، (ث) پليگ؟
55- سمجهو ته توهان کي پنهنجي رهڻ لاءِ جاءِ ٺهرائڻي آهي، ٻڌايو ته توهين تندرستيءَ جي مد نظر تي ڪهڙين ڳالهين تي ڌيان ڏيندا؟
56- نظر گهٽ ڪيئن ٿي ٿئي، ڪم نظريءَ کي ٽارڻ جا ڪهڙا علاج آهن؟
57- هيٺين جو مختصر بيان ڏيو ۽ هر هڪ ڪهڙو ڪم ٿو ڪري سو سمجهايو:- (الف) مغز، (ب) ڦڦڙ (ت) چمڙي؟
58- بدهاضمي جون ڪهڙيون نشانيون آهن ۽ ان کي ٽارڻ لاءِ ڪهڙا علاج آهن. بيمار ۽ پير مرد گهڻو ڪري بدهاضمي جي پڪار ڪندا آهن سو ڇو؟
59- هوا جيڪا ساهه کڻڻ سان اندر نيون ٿا سا ڪهڙين گئسن جي ٺهيل آهي ۽ جيڪا ٻاهر ڪڍيون ٿا سا ڪهڙين گئسن جي ٺهيل آهي. هوا جيڪا ٻاهر ڪڍيون ٿا سا وري ڪهڙيءَ طرح صاف ٿي ڪارگر ٿئي ٿي؟
60- ڪسرت ڪرڻ جي ضرورت سمجهايو ۽ ٻڌايو ته سڀ کان چڱي ڪسرت ڪهڙي آهي ۽ ڇو؟
61- هيٺين تي نوٽ لکو (1) هلندڙ گاڏيءَ ۾ پڙهڻ، (2) تمام پڪل يا ڪچو ميوو کائڻ، (3) اڃ مارڻ، (4) رات جو منهنه ڍڪي سمهڻ، (5) سوڙها ڪپڙا پائڻ، (6) ڪٻو ٿي وهڻ؟
62- هيٺين حالتن ۾ ڪهڙا علاج ڪرڻ گهرجن:- (1) ٻڏل ماڻهوءَ کي سامت ۾ آڻڻ، (2) رت جو وهڻ بند ڪرڻ، (3) بدن تي پيل ڪپڙن کي باهه لڳي تڏهن پاڻ بچائڻ، (4) موسمي تپ کان پاڻ بچائڻ؟
63- رت جو دورو دائم پيو هلي. اها ڳالهه کولي سمجهايو؟
64- هيٺين جي سمجهاڻي ڏيو ته (الف) پاڻيءَ جون غلاظتون، (ب) گندي پاڻيءَ جون خرابيون، (ت) گندي پاڻيءَ جي خرابين کي ٽارڻ جو علاج؟
65- چڱي ۽ خراب هاضمي جون نشانيون ٻڌايو. هاضمو چڱو رهي تنهن لاءِ ڪهڙا اپاءَ هئڻ گهرجن؟
66- اک جي بناوٽ سمجهايو ۽ نظر گهٽ ٿيڻ جا سبب لکو؟
67- ڦٽ تي پٽي ٻڌڻ جي مراد ڪهڙي آهي ۽ ٻڌايو ته پٽي چڱيءَ طرح ڪيئن ٻڌجي؟
68- هيٺين حالتن ۾ ڪهڙا ترت علاج ڪرڻ گهرجن :-
(1) هڏو ڀڄڻ، (2) بيهوشي، (3) نانگ جو چڪ، (4) باهه لڳڻ ؟
69- سلهه جي مرض تي نوٽ لکو؟
70- بت مان غلاظتون ڪهڙي دستور موجب ٻاهر نڪرن ٿيون؟
71- جيئڻ لاءِ تمام ضروري شيون ڪهڙيون آهن؟
72- وبا جي بيماري ڇو ٿي ٿئي. ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن ۽ ڪهڙا علاج ڪرڻ گهرجن ؟
73- کاڌو ڇو ٿو کائجي ۽ ڪهڙيءَ ريت اهو هضم ٿي اسان کي فائدو پهچائي ٿو؟
74- هيٺين حالتن ۾ ڪهڙا ترت علاج ڪرڻ گهرجن:- (الف) نڪهير اچڻ، (ب) زهر کائي ويهڻ، (ت) ڪن ۾ سور پوڻ؟
75- هيٺين ڳالهين مان ڪهڙا فائدا يا نقصان آهن ۽ ڇو؟ (الف) شام جي وقت رهڻ جي جاين کي واس ڌوپ ڪرڻ، (ب) ورت يا روزو رکڻ، (ت) ڏندڻ ڪرڻ، (ڌ) چانهه پيئڻ، (ج) تماڪ چٻاڙڻ (ج هاضمو خراب ٿئي ٿو ڇاڪاڻ ته ٿڪ ٿڪ جي عادت پوي ٿي)
76- رت جي دوري جو مختصر بيان ڏيو. وڏن شهرن جي پاڻيءَ جي نلن سان سندس مشابهت ڏيکاريو؟
77- کاڄ جيڪو کائجي سو سمورو ڪمائتو ٿئي تنهن لاءِ ڪهڙين ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ گهرجي؟
78- جنهن جاءِ ۾ رهجي تنهن ۾ صاف هوا جي اچڻ لاءِ ڪهڙو بندوبست رکجي. رات جو وات منهن ڍڪي سمهڻ ڇو غلط سمجهيو وڃي ٿو؟
79- گهر جي گندي پاڻيءَ جو نيڪال ڪيئن ڪرڻ کپي. گهر ۾ يا ٻاهر گهٽيءَ ۾ اهڙي پاڻيءَ هارڻ مان ڪهڙو نقصان آهي، جيڪڏهن توهان ڪنهن شهر جا بانيڪار ٿيو ته گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو ڪهڙو بندوبست رکو؟
80- ڪسرت جو ڦڦڙن تي ڪهڙو اثر آهي سو چٽيءَ طرح سمجهايو؟
81- (1) چانهه پياڪن کي ڪهڙيون ڳالهيون ياد رکڻ گهرجن (2) ٻيڙيءَ يا حقي ڇڪڻ مان ڪهڙا نقصان آهن؟
82- هيٺين حالتن ۾ ڪهڙا ترت علاج ڪرڻ کپن.
(1) ڪپ لڳڻ ڪري رت جو وهڻ.
(2) ٽهڪندڙ پاڻيءَ پوڻ ڪري زخم زخم ٿي پوڻ.
(3) مٿي ڀر ڪرڻ ڪري بيهوشي.
83- (الف) هڏن جي پورائي ڪهڙن اصولن تي رٿيل آهي. (ب) سنڌ چرڻ مهل آواز ڇو نه ٿا ڪن؟
84- بدن جي ٻاڦ جي ڪل سان ڀيٽ ڪريو ۽ سمجهايو ته ڪهڙن خاص مختلف قسمن جو کاڌو انسان لاءِ ضروري آهي ۽ ڇو؟
85- ساهه کڻڻ جا عضوا ڪهڙا آهن، سندن ڪم جو مختصر احوال ڏيو؟
86- (الف) گرميءَ سرديءَ مطابق پوشاڪ جي جنس ۽ رنگ وغيره جو ڪهڙو ڦير گهير ضروري آهي (ب) غليظ ڪپڙن پهرڻ مان ڪهڙو نقصان آهي؟
87- (الف) پان کائڻ وارن کي ڪهڙيون ڳالهيون ياد رکڻ کپن. (ب) ڏند ڏهاڙي ڪيترا ڀيرا صاف ڪرڻ کپن ۽ ڇو؟
88- (الف) سئي هڻائڻ مان مکيه فائدا ڪهڙا آهن. (ب) جيوڙن کي ناس ڪرڻ لاءِ ڪي ڪارگر طريقا ٻڌايو؟
89- بدني ورزش جا ڪي سٺا نمونا ٻڌايو ۽ سمجهايو ته انهن جو اثر جسم ۽ دماغ تي ڪهڙو آهي؟
90- هيٺين حالتن ۾ ڪهڙا ترت علاج ڪرڻ گهرجن:-
(1) رهڙ اچڻ، (2) اکيون اٿڻ، (3) نڪ هير اچڻ.
91- هيٺين ڳالهين مان ڪهڙا فائدا يا نقصان آهن:- (1) شام جو سنان ڪرڻ. (2) چانهه پيڻ. (3) پان سوپاري کائڻ؟
92- وڏو تپ ڇا آهي؟ ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ ان تپ ۾ ڪهڙي سنڀال ڪجي؟
93- هيٺين تي مختصر نوٽ لکو:- (1) کليل ميدان ۾ ڪثرت ڪرڻ. (2) ڏندڻ ڪرڻ. (3) نمي وهڻ؟
94- سمنڊ مسافري ڪندي اوهان کي پيئڻ لاءِ مٺي پاڻيءَ جي ضرورت آهي ٻڌايو ته ڪيئن هٿ ڪندا؟
95- کنڊ جي ڳوڻ واريءَ جي هڪ وڏي ڍڳ سان ملي ويئي آهي. ڪيئن ان کي ڌار ڪندا؟ جواب- واريءَ گڏيل کنڊ پاڻيءَ ۾ خوب ملائي پوءِ آٺرجي. اهو پاڻي باهه تي جوش ڏياري ڄمائي کنڊ ڪجي.
96- هيٺين حالتن ۾ ڪهڙا ترت علاج ڪرڻ گهرجن:-
(1) هٿ جي آڱر ۾ چير اچڻ ڪري رت جو وهڻ. (2) ڪرڪيٽ راند ۾ کينهون لڳڻ ڪري سوڄ ٿيڻ؟
97- هيٺين ڳالهين مان ڪهڙا فائدا يا نقصان آهن:-
(1) ورزش. (2) روزو يا ورت رکڻ. (3) شراب پيئڻ.
98- سيتلا جي بيماريءَ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن. ان مان ڪهڙي سنڀال ڪرڻ گهرجي، بيماريءَ کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا اپاءُ وٺڻ گهرجن؟
99- هيٺين تي نوٽ لکو:- (1) صبح جو اٿڻ وقت ۽ رات جو سمهڻ وقت اکيون ڌوئڻ ۽ اکين جي بلڪل نزديڪ ڪتاب جهلي پڙهڻ. (2) هٿن ۽ وات صاف ڪرڻ کان سواءِ ماني کائڻ. روزاني باقاعدي ڪسرت ڪرڻ؟
100- رت بدن ۾ ڪيئن ٿي صاف ٿئي تنهن جو احوال ڏيو؟
101- هيٺين جو مختصر بيان ڏيو:- شاهه شريان، دل جا دروازا، معدي جي رس، لڪل گلئنڊس ماڻڪي، چمڙيءَ جا سوراخ ۽ رت جا اڇا ذرڙا.
102- هاضمو ڇاکي ٿو چئجي ۽ ماس ۽ سبزي: جي گڏيل خوراڪ جڏهن کاڌي جي نليءَ مان ٿي لنگهي، تڏهين منجهس ڪهڙي ڦير ڦار ٿئي ٿي؟
103- رت بدن ۾ ڪهڙو ڪم ٿو ڪري سو ٻڌايو؟
104- پاڻيءَ جون غلاظتون ٻڌايو ته اهي پاڻيءَ ۾ ڪٿان ٿيون داخل ٿين. خراب پاڻيءَ مان ڪهڙيون بيماريون ٿيون پيدا ٿين؟
105- هيٺين جو مختصر بيان ڏيو ۽ انهن کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا اپاءُ وٺڻ گهرجن:- موسمي تپ، خارش، وڏي ماتا يا سيتلا؟
106- بانس ڇڏائيندڙ، مرض جي جيوڙن جي واڌارو روڪيندڙ ۽ مرض جي جيوڙن کي ناس ڪندڙ شين جي وچ ۾ ڪهڙو تفاوت آهي؟ هر هڪ شيءِ جا مثال ڏيو؟
107- هيٺين ۾ ڪهڙو ترت علاج آڻيندؤ:- نانگ جو چڪ، ٻڏڻ، سڙڻ يا پاڻيءَ ڪري ڦوڪڻو ٿيڻ.
108- هيٺيون خالي جايون اهڙي ريت ڀريو، جو ڳالهيون صحيح سمجهڻ ۾ اچن:-
(1) هڏو .......... ۽ .......... جو ٺهيل آهي.
(2)انسان جي بدن جا مکيه ٻه عضوا آهن .......... ۽ ..........
(3) رت .......... ۾ صاف ٿئي ٿو.
(4).......... نشاستي کي ڦيري کنڊ جي صورت ۾ آڻي ٿي.
(5) دل هڪ .......... آهي جو سدائين پيو سسي ۽ ڦنڊي.
(6).......... مان ساهه کڻڻ سڀ کان سٺو آهي.
(7) رت ۾ .......... ۽ .......... جزا آهن.
(8) تندرست ماڻهوءَ جي گرميءَ جو درجو .......... فارن هائيٽ آهي.
(9) هوا ۾ مکيه .......... ۽ .......... گئسون آهن، جن مان پهرئينءَ جا .......... حصا آهن ۽ ٻئيءَ جو .......... حصو آهي.
(10) وڏيءَ ماتا کي روڪڻ لاءِ سڀ کان سٺو علاج آهي ..........
(11) اسين .......... ۽ .......... دوران بدن جون غلاظتون ٻاهر ڪڍون ٿا.
جواب:- (1) سخت پٿر جهڙي شيءِ ۽ ٿنڀڻ جهڙي نرم شيءِ (2) دل ۽ مغز (3) ڦڦڙن (4) وات جي پڪ (5) رڳن جو پٺو (6) نڪ (7) ڳاڙها ۽ اڇا (8) 98.4 (9) آڪسيجن ۽ نائٽروجن جن جا چار حصا (10) ٽڪا (11) پگهر ۽ پيشاب.
109- هيٺين حالتن ۾ ڪهڙا ترت علاج ڪندا:- تيزاب وارو زهريلو پيئڻ، مُري جو مُڙَڻ، پير ۾ شيشي لڳڻ ڪري رت جو وهڻ، مرگهي؟
جواب:- جڏهن هيءَ بيماري ٿئي تڏهن بيمار جي اڳيان باهه يا اهڙي ٻي ڪا شيءِ اصل نه هئڻ گهرجي نه ته پاڻ کي نقصان رسائي وجهندو ۽ کيس پادر سنگهائڻ مان وقتي فائدو ٿئي ٿو ۽ ماڻهن جو گوڙ ٿيڻ نه ڏجي.
110- چٽي شڪل ڪڍي ڏيکاريو، ته رت جو دورو ڪيئن ٿو ٿئي؟
111- هيٺيون شڪليون ڪڍي ڏيکاريو:- بڪين جو مثاني سان لاڳاپو، دل جي جوڙ جڪ.
112- موسمي تپ جا علاج ۽ ڪارڻ لکو؟
113- انفلوئينزا جون نشانيون ۽ علاج لک؟
114- هيٺين جي سامهون هائو يا نه لکو:-
(1) ٽڪا ماتا ۾ مبتلا ٿيل ماڻهوءَ کي امالڪ فائدو ڪندا. (نه)
(2) زهريلو مڇر سنئون سڌو ٿي وهندو آهي. (نه)
(3) مٿاهينءَ ٽڪريءَ تي مرض جا جيوڙا ڪين ٿين. (ها)
(4) بيٺل پاڻيءَ تي گاسليٽ ڇٽڪائبو ته مڇرن جا ٻچا مري ويندا. (ها)
(5) بڪيون هاضمي جا عضوا آهن. (نه)
(6) انسان جي ڦڦڙن ۾ مشڪون ڪونهن. (نه)
(7) ماڻهو جيئن ٻڍو تيئن سندس هڏا وڃن لچڪيدار ٿيندا. (نه)
(8) نڪ هير جي حالت ۾ مٿي تي گرم پاڻي وجهڻ گهرجي. (نه)
(9) ٿرما ميٽر سان هوا جي داٻ جي خبر پوندي آهي. (نه)
115- پڪ مان فائدا ٻڌايو؟
116- ٻارن جي سنڀال بابت مختصر نوٽ لکو؟
117- وار ڪيئون ڇا آهي، ان کان بچڻ جا اپاءُ لکو؟
118- ٽڪا ڪهڙيءَ ريت ڪارائتا ٿين ٿا؟
119- ٻاراڻو ڇا آهي ۽ ان جو علاج کولي لکو؟
120- ٻارن لاءِ وقت بوقت ڪهڙيون خبرداريون ڪجن؟
121- بيمار جي ڪهڙيءَ ريت ٽهل ٽڪور ڪجي؟
122- ڪن جي مر ڪهڙن علاجن لاءِ مفيد آهي؟
123- زڪام لاءِ ڪي مفيد علاج لکو؟
124- اک جي ڪئميرا سان ڀيٽ ڪريو ۽ اک جي شڪل ڪڍي ڏيکاريو؟
125- گڙدي جو سور ڇو ٿو پوي ۽ ان جا علاج کولي لکو؟
126- پيشاب ڪهڙن علاجن ۾ مفيد آهي؟
127- هيٺين ۾ خال اهڙيءَ طرح ڀريو جو ڳالهيون پوريون ۽ صحيح ٿين:-
(1) پاڻي ٻن گئسن جو ٺهيل آهي، هڪڙي .............. ۽ ٻي .............. جن مان پهرينءَ جا .............. حصا آهن ۽ ٻيءَ جا .............. حصا آهن.
(2) پڪ .............. کي ڦيري .............. جي صورت ۾ آڻي ٿي.
(3)..............،.............. ۽ .............. اهڙا کاڌا آهن جو نئون ماس ٺاهين ٿا.
(4) رت .............. ۾ صاف ٿئي ٿو.
(5) رت مان پاڻي ..............، .............. ۽ .............. دوران نيڪال ٿئي ٿو.
(6) ٻاڦ جي گرميءَ جو درجو .............. آهي.
جواب :- (1) هائڊروجن ۽ ٻي آڪسيجن پهرين جا حصا ٻه ۽ ٻي جو حصو هڪ (2) نشاستي کي کنڊ (3) کير، داليون ۽ گوشت (4) ڦڦڙ (5) پيشاب، پگهر ۽ ساهه کڻڻ (6) 100 درجا سينٽي گريڊ يا 212 درجا فئرونائيٽ.
128- پاڻي ڇڪڻ واري پمپ جي شڪل ڪڇيو ۽ سمجهايو ته پاڻي مٿي ڪيئن ٿو چڙهي؟ (ج صفحو 92 ۽ 5 ڪتاب جو سبق)
129- هيٺين مان ڪن به ٽن حالتن ۾ ڪهڙو ترت علاج ڪندا:-
(1) ڪنهن ماڻهو آفيم سرس کاڌو آهي.
(2) ڪو ڇوڪر واهه ۾ سنان ڪندي ٻڏي پوي ٿو.
(3) ڪو سوار گهوڙي تان ڪري ٿو ۽ سندس ڪنڌ جو هڏو ڀڄي پوي ٿو.
(4) ناٽڪ ۾ ويٺي ڪنهن زال کي اچي مونجهه ۽ وسامڻ ٿئي ٿو 173.
(5) ڪنهن ماڻهوءَ جو گهمندي ڀڳل شيشي تي پير اچي ٿو ۽ سندس خون نڪري ٿو.
(6) وڇونءَ کان ڏنگجڻ.
130- هاضمي جي نليءَ جي شڪل ڪڍو، سڀني ڀاڱن جا نالا ڏيو ۽ هر هڪ جو ڪم ٻڌايو؟
131- هيٺين جي سمجهاڻي ڏيو ته ڇو:- (1) پاڻي ٺڪر جي ٿانون ۾ رکبو آهي، (2) اونهاري جو اڇا ڪپڙا پائڻ مفيد آهن، (3) رات جو وڻن هيٺيان سمهڻ نقصان ڪار آهي، (4) عام جاين تي ٿڪن اڇلڻ جي منع آهي.
132- هيٺين منجهان ڪن به ٻن جون علامتون، ڪارڻ، علاج ۽ روڪڻ جا اپاءُ لکو:-
(1) وبا يا ڪالرا، (2) وڏي ماتا، (3) مليريا يا موسمي تپ.
133- هيٺين مان ڪن به ٽن تي ننڍا نوٽ لکو:-
(1) باقاعدي ورزش، (2) روزانو سنان، (3) وات ۽ ڏندن جي صفائي، (4) اکين جي سنڀال.
134- خوردبينيءَ مان چمڙي ڪيئن ٿي ڏسڻ ۾ اچي سندس شڪل ڪڍي ڏيکاريو ۽ سندس ڀاڱن جي ڪمن جو ذڪر ڪريو؟
135- هيٺيون حقيقتون سچيون آهن يا ڪوڙيون:-
(1) هڏا اندران نهرا آهن (2) کير معدي ۾ هضم ٿئي ٿو (3) دل جي کٻي ڀاڱي ۾ گندو رت رهي ٿو (4) پٺيءَ جو ڪنڊو هڪ يڪو هڏو آهي (5) هئڊروجن هوا کان ڳوري آهي (6) ڪاربانڪ ائسڊ گئس هوا کان ڳوري آهي (7) آڪسيجن باهه لاءِ ضروري آهي (8) شڪارپور کان ڪوئيٽا وڃبو ته بئراميٽر ۾ پارو چڙهندڙ ويندو (9) وات مان ساهه کڻڻ نقصان ڪار آهي.
جواب:- (1) نه، مگر پورا آهن (2) نه، مگر سندس نشاستي وارو ڀاڱو وات جي پڪ ۾ کنڊ جي صورت وٺي ٿو (3) نه، سٺو رت رهي ٿو (4) نه، 33 ننڍن هڏن جو ٺهيل آهي (5) نه هوا کان هلڪي آهي (6) هائو (7) هائو (8) نه، پاڻ لهندو ڇو ته ڪوئيٽا، شڪارپور کان گهڻو مٿي آهي ۽ اتي هوا جو داٻ شڪارپور کان گهڻو گهٽ آهي. (9) هائو.
136- هيٺيون خالي جايون ڀريو:-
(1) دل بدن جي .......... پاسي آهي ۽ .......... خانن ۾ وراهيل آهي.
(2) کاڌي کي ٽن مکيه ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، ..........، .......... ۽ ...........
جواب :- (1) کاٻي ۽ چئن (2) نشاستي وارو، نائٽروجن ۽ سڻڀ وارو.
137- هيٺيون حقيقتون سچيون آهن يا ڪوڙيون جي ڪوڙيون آهن ته درست ڪريو:-
(1) ماڻڪي اوندهه ۾ ننڍي ۽ روشنيءَ ۾ وڏي ٿئي ٿي.
(2) پليگ جي بيماري مڇرن جي چڪ پائڻ سان ٿئي ٿي.
جواب (1) ڪوڙي، ماڻڪي اوندهه ۾ وڏي ۽ روشنيءَ ۾ ننڍي ٿيندي آهي. (2) ڪوڙي ٻگهيءَ جي چڪ پائڻ ڪري ٿيندي آهي.
138- هيٺين جي سمجهاڻي ڏيو:-
1- دال ۽ چانور کائڻ چڱا آهن.
2- ڪٿي پاڻي گهڻي انداز ۾ بيٺل هجي ۽ سڪار ٿي نه سگهي ته ان تي گاسليٽ هارجي.
3- هڏا اندران پورا آهن انهيءَ ۾ اسان جو فائدو آهي.
جواب :- (1) چانور ۾ نشاستو تمام گهڻو آهي ۽ دال ۾ نائٽوجن گهڻو آهي جنهن ڪري کاڌي جي جزن جي ڪمي جو پورائتو ٿئي ٿو. (2) 136 (3) 10
139- هيٺين مان ڪن ٽن تي ننڍا نوٽ لکو :-
(1) ڪيپراٽي، (2) ڪرنگهو، (3) گجي، (4) اخراج ڪندڙ عضوا.
140- وچڙندڙ مرض ۾ گرفتار ٿيل جي حالت ۾ ڪهڙين ڳالهين تي خاص ڌيان ڏجي انهن جو تفصيل وار بيان ڏيو؟
141- مريض جي ڪيئن ٽهل ٽڪور ڪجي؟
142- ٻارن جي نيپاج ۾ ڪهڙين ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي؟
143- هيٺين اتفاقن تي توهين حاضر هجو ته جيڪر ڪهڙو ترت علاج ڪريو:-
(1) ڪنهن زال کي رڌڻي ۾ ڪم ڪندي ڪپڙن کي باهه لڳي ٿي، (2) ڪنهن ڇوڪريءَ کي گهٽيءَ مان گهمندي ڇتو ڪتو چڪ پائي ٿو، (3) هاڪيءَ راند ڪندي ڪنهن جي ٽنگ ڀڄي پوي ٿي.
144- هيٺين مان ڪن به ٻن تي نوٽ لکو:-
(1) سلهه جو مرض، (2) وار ڪيئون، (3) بدني ورزش.
145- هيٺين ۾ خالي جايون ڀريو:-
(1) غير محڪوم مشڪن کي هلائڻ ........... مغز جو ڪم آهي.
(2) پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ ........... هڏا آهن.
(3) رت واهڻ ٻن قسمن جا آهن 1- ........... جي صاف رت پهچائين ٿيون. 2- ........... جي غليظ رت نين ٿيون
(4) ماڻڪي اوندهه ۾ ........... ۽ روشنيءَ ۾ ........... ٿئي ٿي.
(5) ويجهي نظر واري آدميءَ لاءِ عينڪ ۾ ........... لينس ۽ دور نظر واري آدميءَ لاءِ ........... لينس ضروري آهن.
جواب:- (1) پل (مستطيل) (2) ٽيٽيهه (3) شريانيون ۽ نسون (4) وڏي ۽ ننڍي (5) وچ تي سنهو ۽ وچ تي ٿلهو.
146- هيٺيون حيقتون سچيون آهن يا ڪوڙيون، جي ڪوڙيون آهن ته درست ڪريو:-
(1) گهڙيال اڪثرڪري اونهاري ۾ تڪڙو ۽ سياري ۾ ڍلو هلي ٿو.
(2) ٻرڻ ۽ ساهه کڻڻ لاءِ هوا ۽ آڪسيجن هئڻ تمام ضروري آهي.
(3) کاڌي ۾ وئٽامن جي نه هئڻ ڪري قبضي ۽ بدهاضمو ٿئي ٿو.
جواب :- (1) ڪوڙي، مگر اونهاري ۾ ڍلو ۽ سياري ۾ تڪڙو هلندو آهي (2) سچي (3) ڪوڙي، مگر وٽامنس نه هئڻ سبب عضون جو سڪڻ، هڏن جي ڪمزوري ۽ هڏڙيءَ جون بيماريون ٿين ٿيون
147- هيٺين مان ڪهڙين به چئن تي شڪليون ڪڍي نوٽ لکو.
(1) مغز جي بناوت ۽ سندس ڀاڱا، (2) دل، (3) تنتي سرشتو، (4) اک، (5) ڪرنگهو.
148- رت جو دورو ڇا آهي ۽ ڪيئن ٿو هلي ۽ دوري ۾ ڪهڙا عضوا ڪم ڪن ٿا.
149- رت جا جزا ۽ سندن ڪم لکو؟
150- هيٺين جون شڪليون ڪڍي نوٽ لکو:-
(1) رت جو دورو، (2) ڪيپراٽي، (3) بڪيون.
151- هيٺيون حقيقتون سچيون آهن يا ڪوڙيون ۽ جي ڪوڙيون آهن ته درست ڪريو:-
(1) هڪڙو پيالو جنهن ۾ 50 گرام پاڻيءَ جا پئجي سگهن ٿا، تنهن ۾ اٽڪل 600 گرام پاري جا پئجي ويندا.
(2) ڪنهن گهڙيال جي لڏڪڻي جي ڊيگهه چئوڻي ڪجي ته سندس هڪ ڦيري جو وقت ٻيڻو ٿيندو.
(3) ڏندڻ ڏينهن ۾ 3- 4 دفعا ڪرڻ مان نقصان ٿيندو.
(4) سڀني کاڌن ۾ رڳو ٻن قسمن جون شيون آهن نشاستو ۽ چرٻي.
(5) اکين ۾ اندر روشني آهي ئي ڪانه.
(6) سرءُ جي تپ ڪري هندستان ۾ هر سال تمام ٿورا ماڻهو مرن ٿا.
جواب :- (1) هائو (2) هائو (3) نه، ڪو به نقصان ڪونه ٿيندو مگر ڏندن کي اجايو گهڻو زور ڏيڻ نه گهرجي (4) نه، مگر انهن کان سواءِ نائٽروجني ۽ معدني ڀاڱا پڻ ٿين ٿا (5) هائو (6) نه بلڪل گهڻا ماڻهو مرن ٿا.
152- هيٺين جون شڪليون ڪڍي نوٽ لکو:-
(1) ڪن، (2) ڦڦڙ، (3) ڏوري جو پٺو.

q