ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

مڊل اسڪول اسڪالر شپ امتحان سڀني قومن جي شاگردن لاءِ کليل ڀيٽ

اهو امتحان هر سال فيبروري مهيني ۾ وٺڻ ۾ اچي ٿو. درخواستون پوري فارم ۾ 15 جنوري کان اڳ پريزيڊنٽ صاحب کي پهچڻ گهرجن. پريزيڊنٽ گهڻو ڪري ضلع جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر صاحب هوندو آهي، جتي گورنمينٽ هاءِ اسڪول نه هوندو ۽ کاتو لوڪل کي مليل هوندو، اتي سينيئر اسسٽنٽ صاحب، جي نه ته ڊيپوٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب. ڪنهن به ماستر وٽ فارم نه هجن ته ڊسمبر مهيني ۾ پريزيڊنٽ صاحب کان آڻائي وٺجن. فارم گهڻا ڏينهن اڳي ڀرائي موڪلجن، انهيءَ لاءِ ته جيڪڏهن موٽ سوٽ ٿئي ته به 15 جنوري کان اڳي پريزيڊنٽ صاحب کي آخري طور پهچائي وڃن. سرڪيولر تائين ترسڻ نه گهرجي، ڇو ته نوٽيس اڪثر ڪري دير سان ٿو پهچي ۽ تعلقي وارن کي به سرڪيولر پهچائڻ ۾ دير ٿي ٿئي. اسڪالرشپ انگريزي پڙهڻ لاءِ ملندي. ماسترن کي هن ڳالهه ۾ غفلت ڪرڻ نه گهرجي. ٻهراڙيءَ ۾ گهڻائي ذهين شاگرد ڏسجن ٿا، جي اهي اسڪالرشپون کٽي سگهندا. حرڪت ناهي جيڪڏهن اسڪالرشپون ٿوريون آهن. اهڙو امتحان ڏيڻ ئي فائدي وارو آهي.
هر هڪ ضلع لاءِ 3 اسڪالرشپون آهن، جن مان ٻه سڀني قومن لاءِ کليل آهن ۽ باقي هڪ پست پيل قومن لاءِ، سواءِ مسلمانن جي. کليل اسڪالرشپ جي اميدوارن جي عمر تاريخ پهرين فيبروري تي 11 ورهين کان مٿي نه هجي پوءِ ڪهڙي درجي ۾ هجي، کڻي انگريزي اسڪولن ۾ هجي. امتحان سنڌي چوٿين درجي جي ڪمن ۾ ٿيندو. جيڪي شاگرد اها اسڪالرشپ کٽندا، سي اپريل جي شروعات ۾ وڃي ڪنهن انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿين. جيڪڏهن ڪو مسلمان شاگرد اها اسڪالرشپ کٽندو ته هن کي شايد ڏهه رپيا ماهوار اسڪالرشپ ملندي، اسڪالر شپ کڻندڙ شاگرد جناب ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب جي اڳواٽ منظوري کان سواءِ هڪڙو اسڪول ڇڏي ٻئي اسڪول ۾ نه ويندو.
اسپيشل اسڪالرشپون جيڪي خاص مسلمانن لاءِ آهن ۽ ڪي خاص ٻين ڪن پست پيل قومن لاءِ آهن، تن جا رول ٻيا آهن. (اخبار تعليم آڪٽوبر 1927ع)