ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

سٺا اکر !

عام چوڻي آهي ته اکر اڌ علم آهن، انهيءَ ۾ ڪجهه به مبالغو ڪونهي. جنهن شاگرد جا اکر چڱا ٿين ٿا، انهيءَ کي لکڻ ۾ ڏاڍو مزو ٿو اچي. پوءِ جنهن کي لکڻ چڱو ايندو، سو پڙهڻ ۾ ته بلڪل ڪين هٽڪندو. ازان سواءِ اها شڪايت عام آهي ته جيڪي شاگرد اسڪولن مان پڙهي ٿا نڪرن، سي لکڻ پڙهڻ ڇڏي ٿا ڏين ۽ ٿورڙن ئي سالن ۾ وري جاهل ۽ ڄٽ ٿي ٿا وڃن ۽ لکي پڙهي نٿا سگهن، مگر جنهن شاگرد کي سٺن اکرن لکڻ جو مزو اچي ويندو، سو اسڪول ڇڏڻ کان پوءِ به گهڻو ڪري علم کي وٺيو ايندو. مون کي ياد آهي ته جڏهن سنڌي اسڪول ۾ هوندو هوس، تڏهن منهنجي هم ڪلاسين کي سٺن اکرن لکڻ جو ڏاڍو چاهه هوندو هو، ۽ هڪ ٻئي کان بهتر اکر لکڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين ۽ ٻين اسڪولن جي ڇوڪرن سان ڀيٽ ڪندا هئاسين ۽ استادن کي اکر ڏيکاري فيصلو ڪرائيندا هئاسين. تازو پراڻي آباد اسڪول ۾ شاگردن جا اکر چڱا ڏسڻ ۾ آيا، ائين به ڏسڻ ۾ آيو ته ٻين ڪمن ۾ به بلڪل چڱا هئا. هڪڙو ننڍڙو ڇوڪرو اونهاري جي منجهند جي وقت جڏهن مان کٽ تي آرام پي ڪيو، تڏهن اکر لکي مون کي ڏيکارڻ لاءِ کڻي آيو ۽ آفرين وٺي ويو.
اڳئين وقت ۾ مدرسن ۽ مڪتبن جي شاگردن جا اکر موتين جهڙا هئا. ڪاتبن جا اکر اڄ به موجود آهن، جي اسان کي حيرت ۾ وجهندڙ آهن. انهيءَ جو سبب رڳو هي هو، جو شاگردن کي انڊا لکايا ويندا هئا. انڊن لکائڻ ۾ تڪليف آهي، پر اها تڪليف فائدي واري آهي ۽ اکر جلد سٺا ٿي ٿا وڃن. جيتري تڪليف هاڻي ماستر وٺن ٿا، ان جيتري تڪليف انڊن لکائڻ ۾ وٺن ته ٻيڻو سٺو نتيجو نڪري. هن جو مثال به ردي شيءِ ۽ چڱي شيءِ خريد ڪرڻ وانگر آهي. هڪڙو ماڻهو ڪنجوسائي ڪري هڪ سستي واچ اڍائي رپين واري ٿو وٺي، ٻيو ماڻهو 15 رپين ۾ ويسٽ انڊ واچ ٿو وٺي. اڍائي رپين واري واچ چئن مهينن ۾ بيهي ٿي وڃي ۽ جيڪڏهن واچ ميڪر کي مرمت لاءِ ٿي ڏجي ته ٻيا پيسا به چٽ، مگر 15 رپين واري واچ 15 سال ٿي هلي. هاڻي چئو ته وڌيڪ سستي ڪهڙي؟ ساڳئي طرح نوان تعليمي رستا پهريائين ڏکيا ٿا لڳن، مگر در حقيقت تڪليف به گهٽ اٿن ۽ منجهائن تعليمي مقصد به حاصل ٿا ٿين، پر طوطي واري تعليم ۾ تڪليف به گهڻي آهي ۽ ان مان کڙتيل به ڪو نه ٿو نڪري.
انڊا هن طرح لکائجن:- پٽي کي ميٽ سان ميسارجي پوءِ آلي ميٽ تي سنهيون ۽ چٽيون ليڪون پائجن، پر رولر مٿي جهلي جئين پٽيءَ کي نه لڳي. پوءِ بلڪل ٿلهي قلم سان، جنهن جو قط ڪجهه پاسيرو هجي ان آلي پٽيءَ تي بنا مس جي وڏا اکر ماستر لکي ڏئي. جڏهن ميٽ سڪي، تڏهن شاگرد ساڳئي قلم سان مس سان ماستر جي اکرن جي مٿان قلم وهائي. ٻئي ڏينهن وري پٽيءَ کي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻي سڪائي ساڳين اکرن تي وري شاگرد قلم وهائي سگهي ٿو. اهڙي طرح ماستر جي هڪ تڪليف سان شاگرد ٽي چار ڀيرا استعمال ڪري سگهي ٿو. پوءِ ان جا اکر ٿوري وقت ۾ ماستر جي اکرن جهڙا ٿي ويندا. تنهن کان پوءِ هو چڱن ڪاتبن جي اکرن جو نقل ڪري.
قلم کي پاسيري قط ڏيڻ سان اکرن کي ڪٿي سنهائي ڪٿي ٿلهائي ٿئي ٿي ۽ ٽٻڪا چوڪنڊيارا ايٽ وانگر بيهن ٿا، جنهن ڪري اکر ڏاڍا سهڻا ٿا لڳن. جڏهن قلم هيٺ يا مٿي ٿو وڃي، تڏهن اکر سنهو ٿو ٿئي ۽ جڏهن سڄي کان کٻي ٿو وڃي تڏهن ٿلهو ٿو ٿئي.
اکر هميشه خصوصن هيٺين درجن ۾ ليڪن تي لکائڻ گهرجن. رڳو صورتخطي سليٽ تي به ليڪن تي لکائڻ گهرجي، ڪوڪي سان سليٽن تي هميشه لاءِ ليڪون پائي ڇڏڻ گهرجن. نه رڳو ليڪن تي اکر لکائجن، پر اها به خبرداري ڪجي ته اکر باقاعدي ليڪن تي بيهاريل آهن. سڀني اکرن جو هيٺيون ڀاڱو ليڪ تي بيهارڻو آهي، مگر هيٺين اکرن جو رڳو پهرئين ٽڪر جو هيٺيون ڀاڱو ليڪ تي آڻڻو آهي ۽ پويون ٽڪر هيٺ. مثلن ج - ر - س - ص - ع - ق - م - ن - و ۽ ي.
اهو سچ آهي ته استعمال سان اکر نيٺ سٺا ٿي ويندا. بيقاعدي استعمال ڪرڻ سان تمام گهڻو وقت به ٿو لڳي ۽ پوءِ به گهڻو چڱا نه ٿا ٿين، پر جيڪڏهن باقاعدي به اکر لکجن ۽ استعمال به گهڻو ڪجي ته پوءِ اکر بيشڪ ڪاتبن جهڙا ٿي پوندا. پارسي واري چيو آهي ته
گر بخواهي تاشوي تو خوش نويس مينويس و مينويس و مينويس.
(ترجمو: جيڪڏهن تون چاهين ٿوته تنهنجا اکر سٺا هجن ته پوءِ لڳاتار لکندو رهه، لکندو رهه ۽ لکندو رهه.)
(اخبار تعليم مئي 1930ع)