ملپي ۽ مرده شوئي جو ڌنڌو
اسقاط ڪرڻ لاءِ پيسا وٺڻ. ميت کي وهنجارڻ ۽ ڪفن دفن لاءِ پيسا وٺڻ. قرآن شريف بخشي پيسا وٺڻ. ماڻهو مري ته خاص خيراتون ۽ جمعاڻا وٺڻ. قبر تي قرآن شريف پڙهي يا ختما ڪڍي پيسا وٺڻ. نڪاح پڙهڻ لاءِ پيسا وٺڻ. تعويذ لکي پيسا وٺڻ وغيره، اهي سڀئي وسيلا پيدا ڪري ٻيا ڌنڌا ڇڏي ملپيءَ جو ڌنڌو اختيار ڪري ويهي رهيا. اهي ڏائڻ ملان جن مسڪينن جو ماڻهو مري تن جو گهر ٻاري ڏِياري ٿا ڪن. ڪنهن گهر تي مصيبت اچي ته ملان جو فصل پچي. ڪو سکر ماڻهو بيمار ٿئي ته ملان جو وات پيو پاڻي ڪري ۽ دل ۾ پيو چوي ته هاڻي خدا ڪڍيس ساهه ته منهنجو وارو وري. ارمان جي ڳالهه ته اها آهي ته اهل ميت وارن کي نه رڳو ملان ٿو ڦري پر مٽ مائٽ يار دوست اچي گڏ ٿين ۽ رات ڏينهن مانيون پيا کائين. جن ويچارن تي پياري قريب جي موت جي مصيبت اچي نازل ٿئي سي ملان کي هڪ پاسي گهر ڦري ڏين ته مهمانن کي کارائڻ ۽ خدمت ڪرڻ ۽ قرض کڻڻ جي مصيبت ٻئي پاسي سر تي کڻن. واهه چڱ مڙسي! انصاف ته هيئن ٿو چوي ته سڀ مٽ مائٽ يار دوست گڏجي چندو ڪري اهل ميت وارن کي به کارائين ۽ مهمانن کي به کارائين ۽ ٻيا روڪ پيسا ضرورتن لاءِ يا قرض لاهڻ لاءِ به اهل ميت واري کي ڏين.
مسلمان ڀائرو! خدا جي واسطي سجاڳ ٿيو پيرن، دوريشن ۽ ملن جي چنبي مان نڪرو. کين ڪجهه نه ڏيو. جيڪا سخاوت ڪرڻي هجيو اها مسڪينن يتمين ۽ رنن زالن لاءِ ڪيو. سڀ کان وڌيڪ ته هي ڳالهه آهي ته انهن معلمن کي پگهارون مقرر ڪري ڏيو ۽ هر طرح مددون ڪيو جيڪي اوهان جيڪي اولاد کي تعليم ڏين، اوهان کي قرآن شريف ۽ حديثون ٻڌائين ۽ خدا جي خلق کي امرباالمعروف ۽ نهي عن المنڪر ڪن.
ملن ماڻهن تي اثر وهاريا آهن ته نڪاح پڙهڻ، ميت کي وهنجارڻ، ڪفن ڏيڻ، نماز پڙهائڻ ۽ دفن ڪرڻ ڏاڍا ڏکيا ڪم آهن مگر ايئن ناهي. نڪاح ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جي طرف کان قبوليت ڪرائجي ۽ مهر مقرر ڪرائجي ته نڪاح ٿي چڪو. پوءِ پڄي سگهي ته دعا پڙهجي ۽ زال مڙس جا حق حقوق سنڌيءَ ۾ ٻڌائجن نه ته ٺهيو.
ميت کي وهنجارڻ ۽ ڪفن دفن ڏيڻ ته بلڪل رواجي ڳالهيون آهن جيئن اچي تيئن پاڻ اهي ڪم ڪرڻ گهرجن. جنازي جي نماز رواجي نماز کان به گهڻو سولي آهي. سڀ ڪنهن کي سکڻ گهرجي ۽ ڪنهن کي به کڻي امام ڪجي.