ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

مذهب ڇا آهي

اڄ ڪلهه نه رڳو غير مسلم پر اڪثر مسلم به چوندا آهن ته مذهب هڪ شخصي ڳالهه آهي. مذهب سان سوسائٽي يا حڪومت جو ڪو به واسطو ڪونهي. اهڙن مسلمانن کي اسلام جي ذرو به خبر ناهي. مذهب جي معنيٰ آهي هلڻ جي واٽ- چوويهن ئي ڪلاڪن ۾ جيڪي جيڪي اسان چئون ۽ ڪيون ٿا سو مذهب آهي ۽ مذهب ۾ داخل آهي. اسلام اسان کي سڀني دنيائي ڪمن بنسبت حڪم ڏنا آهن. خصوصن اخلاقي، معاشرتي ۽ سياسي بگاڙ کان منع فرمائي آهي. امام ابو يوسف ۽ امام محمد جواز لاءِ خيبر جي واقعي کي پيش ڪيو آهي ان جي پوري ترديد فقه حنفي جي مجتهد امام ابوبڪر جصاص رازي حنفي احڪام القران ۾ بيان فرمائي آهي. ديوبند جي هڪ وڏي عالم، محقق مولانا محمد ابراهيم صاحب مسلم شريف جي قلمي حاشيه ۾ فرمائي ٿو ته مزارعته جي مسئلي ۾ امام ابو حنيفه جا دلائل ٻين کان قوي آهن پر افسوس جو تن جي مقلدن ان تي عمل ڇڏي ڏنو آهي.
اسان جا علماءَ سڳورا اهڙن فروعي مسئلن ۾ وقتي ضرورتن ۽ ماحول جو ڪو به خيال نه ٿا ڪن، خراساني فقهاءِ جنهن قول کي مفتي به چئي ويا ان کي قيامت تائين جاري ۽ اٽل ڄاتو وڃي ٿو. حالانڪه اهڙن معاملن بنسبت تفصيل وار هدايتون ڏنيون آهن. قرآن شريف ۾ نه رڳو نڪاح، طلاق، موروثي جا قانون ۽ ٻيا سوال ۽ فوجداري قانون ڏنل آهن، پر صلح ۽ لڙائي، واپار وغيره ۽ هڪ ٻئي سان روش ۽ هڪ ٻين جي حقن ۽ جوابدارين بنسبت به مفصل حڪم ڏنا آهن. اڄ ڪلهه جا جاهل مسلمان سمجهندا آهن ته اسلام آهي فقط نماز روزا حج صلواتون ۽ وظيفا پڙهڻ وغيره. تنهنڪري ئي چالاڪ سياسي ليڊر ۽ يورپي خيالن وارا مسلمان چوندا آهن ته مذهب شخصي ڳالهه آهي. مسئلن ۾ بالڪل گنجائش آهي. جنهن جو ثبوت امام ولي الله دهلوي جي تصنيفات ۾ ئي بيشمار جاين مان ملي ٿو. اهڙي صورت ۾ وقتي ضرورتن کي ڦٽو ڪري ڇڏڻ ڪميونسٽ تحريڪ کي هٿ سان زور وٺائڻو آهي. الله پاڪ اهڙن عالمن کي سمجهي عطا فرمائي.
سنڌ جي مفتي مولانا محمد صادق صاحب هڪ فتويٰ ڇپائي پڌري ڪئي آهي جنهن ۾ زمينداري نظام کي ناجائز قرار ڏنو ويو آهي. مولانا موصوف هڪ وڏو فقيهه ۽ شيخ الهند رهه جو پراڻو شاگرد آهي. ان جي فتويٰ کي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ قبول ڪيو وڃي ٿو. ويچارو علاءُ الدين سمون ته ڪميونسٽ آهي (هوڏانهن اسان کي ڄاڻ آهي ته هو پڪو نيڪ نمازي آهي) باقين لاءِ ڪهڙي ٿي فتويٰ صادر ٿئي؟
وما علينا الا البلغ
اڪثر مسلمان چوندا آهن ته جنهن فقط ڪلمو شريف پڙهيو سو مسلمان آهي ۽ بهشت ۾ ويندو. جن جن ائين ئي چيو آهي تن ئي سچي اسلام کي ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي. اسلام نالو آهي الله تعاليٰ جي پوري پوري فرمانبرداري جو، يعني سڀني حڪمن جي بجا آوري. عبادت جي معنيٰ به آهي الله تعاليٰ جي ٻانهپ يعني سڀني حڪمن ۽ قانونن جي تعميل. لا اله الا الله جي معنيٰ آهي ته اسانجو معبود فقط الله تعاليٰ آهي. الله جي حڪمن خلاف جيڪو شيطاني حرصن تي عمل ڪري ٿو يا ڪنهن ٻئي اسان جي حڪمن تي هلي ٿو سو شيطان جو بندو آهي ۽ شيطان کي يا ڪنهن ٻئي انسان کي پنهنجو خدا ڪري ٿو وٺي. هاڻي سوال ٿو اٿي ته الله تعاليٰ جا احڪام ڪهڙا آهن جن جي تعميل ڪري فقط الله جا بندا بڻجي وڃون. ان جو جواب آهي محمد رسول الله يعني الله جا حڪم اهي آهن جي حضرت محمد ﷺ ٻڌايا يعني قرآن ۽ حديثون.
قرآن ۽ حديثن ڇا سيکاريو آهي تنهن سوال تي اچڻ کان اڳي ڪجهه تاريخي واقعات بيان ٿو ڪيان. قرآن شريف ۾ بار بار فرمايل آهي ته جيڪي مومن آهي سي غالب رهندا ۽ حاڪم ٿيندا ۽ زمين جا وارث ٿيندا بشرطيڪ هو صالح عمل ڪندا. سچ پچ ٿيو به ائين جو عرب جون وحشي ذليل سڄيون ۽ غلام قومون دنيا تي غالب ۽ حڪمران ٿي ويون ۽ علم دولت ۽ تهذيب ۾ سڀني غير مسلمن کان گوءِ کڻي ويون. مگر پوءِ هنن صالح عمل ڦٽي ڪيا ۽ وري هر طرح ذليل ٿي ويا. ائين ڇو ٿيو؟ فقط هن ڪري جو خلافت جي سوال تي ۽ ڪن ٻين سببن ڪري اسلامي اتحاد ۽ ڀائپي ٽٽي پئي. يزيد جي زماني کان وٺي چونڊ واري خلافت جي بدران مورثي ۽ جابر بادشاهه ٿيا جن رعيت کي پنهنجي حڪمن تي هلايو اگرچه اهي حاڪم الله جي حڪمن مطابق نه هئا. بادشاهن پاڻ به اسلامي حڪمن تي هلڻ ۾ غفلت ڪئي ته رعيت به بگڙندي ويئي. بادشاهن عالمن کي خريد ڪري يا ڌمڪائي ڪوڙيون حديثون ٺهرايون ۽ غلط فتوائون ڏياريون. چڱن عالمن کي به مجال نه هئي جو سياسي معاملن ۾ دست اندازي ڪري حاڪمن ۽ اميرن جي خلاف ڪجهه چون يا سندن بد اخلاقين ۽ بدعملن بنبست ڪڇن. نتيجو اهو ٿيو جو بادشاهن ۽ اميرن جو مثال وٺي عام ماڻهو به اڪثر ڪري بداخلاق ۽ بدعمل ٿي ويا ۽ اسلام جو رڳو نالو رهجي ويو.
اسلام ڇا ٿو سيکاري. لفظ اسلام جي معنيٰ آهي الله تعاليٰ جي اڳيان پوريءَ طرح سر جهڪائڻ يعني پوريءَ طرح سڀني حڪمن ۽ قانون جي پيروي ڪرڻ. اسلام آهي شيطان جي نافرماني ڪرڻ، لا اله الا الله جو مطلب به اهو ئي آهي ته اسان فقط الله تعاليٰ کي پنهنجو حاڪم بنايو ۽ فقط سندس بندا ٿيون اياڪ نعبد جي معنيٰ آهي ته اي رب سائين! اسان فقط تنهنجي ٻانهپ ٿا ڪيون ۽ ڪنداسين. حضرت محمد رسول الله ﷺ جن فرمايو آهي ته مان هن لاءِ نبي ڪري موڪليو ويو آهيان ته سهڻن اخلاقن کي ڪماليت وٺايان ۽ بهشت ۾ فقط اهو ويندو جنهن جا اخلاق چڱا آهن. قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ حضرت جن کي فرمائي ٿو ته بيشڪ تون اعليٰ اخلاقن تي بيٺل آهين.