ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

ورنيڪيولر فائينل امتحان 1928ع جي مضمون جو پيپر

هن سال لاڙڪاڻي سينٽر جي مضمون جا پيپر اسان ڏٺا ۽ جي خاميون ڏسڻ ۾ آيون ۽ جي ريمارڪ ڪرڻ مناسب سمجهون ٿا، سي هيٺ ڏجن ٿا:-
هڪ وڏي خامي اميدوارن ۾ هيءَ آهي، جو لکڻ بعد نظرثاني خبرداريءَ سان نٿا ڪن، جنهنڪري خسيس چڪون به درست ڪونه ٿا ڪن. هنن قسمن جون چڪون عام ڏسڻ ۾ آيون.
1 - مان باغ ڏي ٿي ويس ته هڪڙ ماڻهو گڏيو منهنجا پيا دوست.
2 - هن کي ٻه ٽنگون اٿس.
3 - مون کي توهان جي والد جي وفات جو ٻڌي مون کي ڏاڍ ارمان ٿيو.
4 - انبن جو رنگ ڳاڙها ٿيندا آهن.
5 - اکين ۾ ڪين پوندي اٿس (مٽي يا واري جو لفظ ڇڏيل).
6 - ڪالهه صبح جو سوير سوير باغ ۾ ويو هوس (هڪ لفظ ٻه ڀيرا).
ٻي عام خامي اها آهي، جو هميشه اها ڪوشش ٿا ڪن ته جيڪي ڪتابن ۾ پڙهيو اٿئون، سو ڪيئن به ڪري مضمون ۾ نيون. انهي ڪري اهڙيون ڳالهيون به مضمون ۾ آڻين ٿا، جي گهربل ناهن ۽ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون نٿا لکن، جي سچ پچ گهربل آهن. اهو نتيجو آهي طوطي واري تعليم جو. پنهنجو دماغ نٿا هلائين، پنهنجي ذاتي آزموده ۽ پنهنجي ذاتي معلومات پنهنجن لفظن ۾ سلسلي وار لکڻ جو استعمال بلڪل ٿورو اٿن. مثلن باغ جي سير واري مضمون ۾ ڪن اميدوارن فقط ڪن بيتن کي نثر ۾ آندو (هڪ موٽي آئي مند تي واهه واهه رت بهار ٻيو رتيون مڙيوئي ڀليون ڪانهي تل بهار) هڪڙي اميدوار ”چوڌار“ به هڪ گل جو قسم سمجهي گلن ۾ شمار ڪيو.
ڪيترائي اميدوار سوال چڱي طرح پڙهي نٿا ڏسن، تنهن ڪري سڄو مضمون غلط ٿيو پوي. مثلن ڪن اميدوارن مڇر تي مضمون لکڻ بدران ڍڳي ۽ مڇر جي آکاڻي لکي.
ڪي شاگرد مضمون جي اندر هر هڪ فقرو شروع ڪرڻ واري جاءِ تي ٽپ نمبر 1 ٽپ نمبر 2 ٽپ نمبر پهرئين جو جواب ٽپ نمبر ٻئي جو جواب لکن ٿا، جو بلڪل نه لکڻ گهرجي. ڪي اميدوار اڃا ايترو به نه سکيا آهن ته هر هڪ ٽپ کي کولڻ لاءِ جدا جدا فقرو نئين سٽ کان شروع ڪجي ۽ اها سٽ ڪجهه جاءِ ڇڏي پوءِ شروع ڪجي ۽ فقرن جي وچ ۾ ڪجهه جاءِ ڇڏجي انهي لاءِ ته هر هڪ فقرو جدا تي بيهي. ڪيترائي اميدوار انگن سان تمام گهڻي دل ٿا رکن. سڄو مضمون انگن سان ڀريو پيو آهي. مثلن:
1 - اٺ ڪارا ٿيندا آهن.
2 - اٺ اڇا ٿيندا ٿيندا آهن.
3 - اٺ گورا ٿيندا آهن.
اٺ 1 - ٻير 2 - لئي 3 - لاڻو 4 - مٽر 5 - ڪنڊي وغيره کائيندا آهن.
گهڻا اميدوار جيڪو لفظ غلط لکي ٿا ويهن، تنهنکي ترڪڻ جي بدران ان جي مٿان هي X نشاني ٿا ڏين. انهي ڪري پڙهندر کي تڪليف ٿي ٿئي غلط لفظ ترڪي ڇڏجي.
ڪي اميدوار سوال جي پيپر ۾ يا جي معنيٰ نٿا سمجهن. مثلن ڪن اميدوارن اٺ، مڇر، انب ٽنهين تي مضمون لکيو. خبر ناهي ته ڄاڻي واڻي ٺڳي جي ارادي سان ائين ٿا ڪن يا بيوقوفي ٿا ڪن.
ڪي اميدوار اڃا ڊيگهه ٿا ڪن. ٻيا وري تمام وڏا اکر ۽ تمام ويڪريون سٽون لکي اجايو نوٽ بوڪ ضايع ٿا ڪن.
”اٺ هي هڪڙو گهرو جانور آهي“ هن قسم جي چوڪ به عام آهي. يا رڳو ”اٺ“ جو لفظ وجهجي يا رڳو ”هي“.
ڪن اميدوارن هن قسم جا جملا ڪم آندا. هن کي چار ٽنگون ٻه ڪن ٻه ناسون ..... آهن. هن کي اکيون آهن، جن سان هو ڏسي ٿو. ڪن آهن، جن سان هو ٻڌي ٿو .... وغيره وغيره. (1) اٺ هڪڙو جانور آهي، جنهن کي اٺ ٿو چئجي. (2) اٺ جا ٻه ڀاڱا آهن. (1) ڌڙ (2) سسي. ڌڙ ۾ 4 ٽنگون آهن ۽ انهن ٽنگن ۾ ٻه ڪن اٿس ٻيو مغز آهي. هي جملا حيرت ۾ وجهڻ جهڙا آهن. اهو بيان سڀ ڪنهن چوپائي جانور سان ٿو لڳي نه رڳو اٺ سان. اٺ جي بيان ۾ سندس قد، رنگ ۽ خاص عضوا جهڙوڪ ڊگهي ڳچي ٿوهو ۽ اکري جي تري جهڙا پير وغيره بيان ڪجن جئين بيان مان ئي اٺ جي تصوير اکين آڏو اچي وڃي.
ڪي اميدوار زمانن ۾ ڏاڍيون غلطيون ٿا ڪن. مثلن باغ ۾ ويس ته ڏاڍو چهچٽو لڳو پيو آهي. پکين لاتيون پي ڪيون ته ڪٿي وري گل پيا ٿا ٻهڪن. خط جي مٿان ڳوٺ جو نالو ۽ تاريخ ۽ پڇاڙي ۾ لکندڙ جو نالو گهڻو ڪري ڪونه ڄاڻايل هئا. ورنيڪيولر فائينل پاس ڪيل ماڻهو اهڙا خط لکن، جن ۾ نڪو لکندڙ جي ڳوٺ جو پتو هوندو ته پوءِ سندن لياقت ۽ تعليم ڪهڙي چئبي؟ خطن ۽ ڊگهي عبارت سان گڏ ٻيا جو لفظ به آندو جئين ”ٻيا وغيره“ اٺن جو رنگ خاڪي ۽ ٻيو وغيره ٿيندو آهي.

هاڻي اچون ٿا سوالن تي
پهريون سوال آهي ته عذر خواهي جو ليٽر لکو. ڪن اميدوارن لکيو آهي ته توهان جو پيءُ هت اسان وٽ مري ويو آهي، معاف ڪجو جو اسان توهان کي اطلاع ڪونه ڏنو. پرچاڻي جو لفظ اتر سنڌ جا مسلمان ڪم ڪونه آڻيندا آهن، سو ڪي مسلمان منجهي پيا، انهن لکيو ته اسان جو پاڻ ۾ تڪرار هو، سو وساري پاڻ ۾ پرچي وڃون، پر گهڻن اميدوارن اهو خط چڱيرو لکيو.
ٻيو سوال آهي ته گدڙ ۽ ڊاک واري آکاڻي جا ٽپ ڪڍو. ڪن اميدوارن ٽپڻن ڪڍڻ بدران سڄي آکاڻي لکي ۽ ڪن وري گدڙ ۽ ٻگهه جي آکاڻي. جن ٽپ ڪڍيا، تن مان ڪن هن طرح ڪڍيا:
1 - آکاڻي 2 - نتيجو 3 - مثال.
ڪن هن طرح ڪڍيا: 1- گدڙ باک ڏٺي 2- پٽي کائڻ لاءِ ٽپا ڏنائين 3-ڪامياب نه ٿيو 4 - پهاڪو ڏنائين.
ڪن وري هن طرح ڪڍيا: 1 - گدڙ جي بناوٽ ۽ شڪل 2 - سندس کاڄ ۽ عادتون 3 - فائدا.
حقيقت ۾ ٽپ هن طرح لکبا: 1 - گدڙ جي ڊاک کي ڏسڻ ۽ دل سرڪڻ 2 - ٽپا ڏيئي پٽڻ جي ڪوشش ڪرڻ 3 - فتحياب نه ٿيڻ 4 - ڊاک کي کٽو ڪوٺڻ.
ٽيون سوال هو ته مڇر يا اٺ يا انب تي مضمون لکو. ڪن اميدوارن ٻن تي يا ٽنهين تي مضمون لکيو. ڪن اميدوارن ڍڳي ۽ مڇر جي آکاڻي لکي. مڇر جي مضمون ۾ ڪي اميدوار سائنس ۾ وڃي پيا. بيشڪ ائين لکي سگهجي ٿو ته مڇر مان سرءُ جو تپ ٿئي ٿو، پر رڳو اها ڳالهه ويهي سمجهائڻ ۽ ان جي روڪڻ جا اپاءُ ٻڌائڻ، سو مڇر تي مضمون نه چئبو. پر ڪيترن ئي اميدوارن کي در حقيقت اها به خبر ڪانه هئي ته مڇر مان ڪهڙي بيماري ٿي ٿئي ۽ ڪيئن ٿا جيوڙا پکڙجن. مثلن ڪنهن لکيو ته هوا مان اڏامي وڃي ٿا پيٽ ۾ پون، ڪن لکيو ته ڦڦڙن ۾ ٿا پون، ڪن لکيو ته مڇر مان وبا ۽ پليگ ٿو ٿئي. تعليم جو اصول آهي ته ٿورو ئي سيکارجي پر چڱي طرح سيکارجي. ڪا به ڳالهه چڱي طرح سکيل نه هوندي ته ڪيئن ان تي عمل ڪري پنهنجو ۽ ٻين جو فائدو ڪبو.
چوٿون سوال هو ته باغ جي سير تي مضمون لکو. انهي مضمون ۾ اميدوارن شاعرانه خيال لکڻ (عبارت ڪرڻ) جي ڪوشش ڪئي. گويا وجد ۾ اچي ڪپڙن کان ٻاهر نڪري پي ويا ۽ کل جهڙا لفظ ۽ جملا ڪم آندائون. هڪڙي اميدوار سير کي سير سمجهيو. ڪن اميدوار ”باغ“ جي سير تي مضمون نه لکيو پر ”باغ“ تي.
ڪن اميدوارن ڪنهن خاص باغ تي مضمون لکيو ته ڪن وري عمومن باغ جو بيان ڏنو ۽ ڪن وري ٻئي ڳالهيون گڏي پي وڌيون، جنهنڪري ائين سمجهه ۾ نه آيو ته ڪنهن خاص باغ جو بيان ٿا لکن يا ڪنهن خيالي باغ جو. وڏي ۾ وڏي خامي اها هئي، جو ڏاڍا ڪوڙ ڪٽيائون. مثلن لکيائون ته لاڙڪاڻي واري گيان باغ ۾ ڪويل جي ڪونجار، بلبلن جو راڳ، قمرين جي ڪه ڪه ۽ چيهن جي چه چه لڳي پيئي هئي. گلن جا نالا به مضمون ۾ اهڙا اچي گڏ ڪيائون، جي ڪڏهن حياتي ۾ به نه ڏٺا هوندائون. ڪوڙو مضمون ڪڏهن به مزو نه ٿو ڏئي. ان مان اٽلندو ڌوڪو ٿو اچي ۽ نفرت ٿي پيدا ٿئي. ڪن اميدوارن انهي ڳالهه تي زور آندو ته باغن جا وڻ ٻوٽا ڪاربانڪ ائسڊ کائين ٿا ۽ آڪسيجن ڪڍن ٿا، تنهنڪري اسان کي تازي هوا ٿي ملي. ڪن رڳو باغن جي فائدن تي زور ڏنو خصوصن انهي فائدي تي ته باغن مان وڏي پيدائش ٿي ٿئي.
(اخبار تعليم نومبر ڊسمبر 1928)