پيغمبر اسلام جي حياتي تي غور ڪريو ته اسلام جي سچائي معلوم ٿئي
رسول اللهﷺ جا عادات ۽ اخلاق ننڍي هوندي کان ئي ماڻهن کي حيرت ۾ وجهڻ لڳا، ان وقت عربن ۾ نه رڳو بت پرستي هئي مگر دنيا جون سڀ بد خلاقيون زور شور سان رائج هيون، بداخلاقيون به اهڙي طرح ڪيو وينديون هيون جو شرم جي بدارن انهن تي فخر ورتو ويندو هو ۽ قصيدن ۽ شعرن ۾ بدڪارين جي اشاعت بدترين ۽ حياوز الفاظن ۾ ڪئي ويندي هئي. مگر حضرت جن تي اهڙي ناپاڪ هوا ڪو به اثر پيدا ڪونه ڪيو. پاڻ 25 ورهين ۾ شادي ڪيائون . شاهديون موجود آهن ته عين جوانيءَ ۾ خواه پوءِ شاديءَ کان اڳي خواه شاديءَ جي حالت ۾ ڪنواري ڇوڪر کان به وڌيڪ لڄارا هوا، سچائي ۽ امانتداري ايتر قدر هئي جو امين ۽ صادق سندن لقب ٿي ويا، ٻين کي ڪنهن ڏک ۾ ڏسي بيتاب ٿيڻ ۽ ٻين سان ڀلايون ۽ مدد ڪرڻ خصوصا مائٽن سان صله رحمي ڪرڻ سندن خاص اوصاف هئا. ضعيفن ۽ پرديسين تي زبردستن جا ظلم ۽ تڪليفون ڏسي سهي نه سگهيا، پنهنجي دوستن ۽ هڪ جيڏن کي گڏ ڪري هڪ جماعت ٺاهيائون جنهن جي مدد سان گهڻي قدر مظلومن ۽ پرديسين جي خدمت ڪيائون، هي سڀ ڳالهيون نبوت ملڻ کان اڳ جون آهن، نبوت چاليهين سال ملي.
مڪي جي مغرور قريش سردارن جي دولت ۽ عزت جو گهڻو مدار ڪعبي جي بتن جي محافظت ۽ سڄي عرب ملڪ جي زيارتين جي نذرانن تي هو. انهيءَ ۽ ٻين ڪيترن سببن ڪري قريشين کي اسلام جي تعليم نه وڻي ۽ شدت سان مخالت ڪيائون ۽ رسول خدا ۽ سندن ساٿين سان اڻ سهڻ جهڙا ظلم ڪيائون تنهن هوندي به رفته رفته مسلمانن جو عدد وڌندو ويو. لاچار ٿي پاڻ ۾ صلاح ڪري حضرت جن کي چيائون ته جيڪڏهن تنهنجي مر ضي آهي ته مان بادشاه ٿيان ته اسان تو کي پنهنجو بادشاه ڪيون، ڌن گهرجي ته ايترو گڏ ڪري ڏيون جيترو ڪنهن وٽ به نه هجي ۽ جيڪڏهن ڪا حسين عورت گهرجي ته چؤ ته هڪدم آڻي حاضر ڪيون. رسول خدا جواب ۾ فرمايو ته منهنجو ڪو به مقصد ڪونهي. مان توهان کي فقط خدا جو حڪم ٿو پهچايان جنهن کي وڻي سو قبول ڪري ۽ جنهن کي نه وڻي سو پنهنجي پر ۾ خوش رهي. جڏهن لالچن ڪم نه ڪيو تڏهن وري ڪانفرنس ڪري صلاح ٺاهي حضرت جن جي چاچي ابوطالب وٽ ويا ۽ چيائونس ته پنهنجي ڀائٽي کي سمجهاءِ. ابو طالب حضرت جن وٽ ويو ۽ وڃي چيائينس ته ڀائٽيا! هن ڪم کي ڇڏي ڏي نه ته مان تنهنجي ڪا به حمايت ڪا نه ڪندس ۽ قريش تو کي ماري ڇڏيندا. پاڻ فرمايائون ته جيڪڏهن اهي ڪافر منهنجي هڪ هٿ تي سج ۽ ٻئي تي چنڊ رکي سگهن ۽ چون ته اهو ڪم ڇڏي ڏي ته به مان خدا جي حڪم مان هڪ حرف به ڪين گهٽائيندس. پوءِ ڀلي ته منهنجي جان به هلي وڃي، ابو طالب جي دل محبت سان ڀرجي آئي ۽ چيائينس ته بابا چڱو جيئن وڻئي تيئن ڪر مان تنهنجو ساٿ ڪين ڇڏيندس پوءِ ته ڪافرن کي به باهه لڳي وئي ۽ هڪدم سڀ قبيلا اتفاق ڪري رسول الله ﷺ جي حياتي وٺڻ جو ٺهراءُ پاسي ڪري رٿ ٺاهي اٿيا. ان کان اڳ جي ڳالهه آهي ته ڪي ويچارا مسلمان ڪافرن جي ظلمن کان پنهنجو وطن ڇڏي حبش ملڪ ۾ وڃي رهيا هئا. ۽ پوءِ وري مدينه منوره ڏي لڏڻ لڳا هئا، مٿئين رٿ پاس ٿيڻ کان اڳي مسلمان گهڻو ڪري سڀ مدينه ۾ وڃي ويٺا هئا، مشهور اصحابن مان فقط حضرت ابوبڪر صديق ۽ حضرت علي رضي الله وڃي مڪي ۾ بچيا هئا. خونخوار ڪافرن جا بيرحم جوان اگهاڙين تلوارن سان رات جي وقت ۾ رسول الله ﷺ جي جاءِ جي چوڌاري ڦري آيا. مگر پاڻ سڳورا يٰسين سڳوري پڙهندا ائين نڪري ويا، جو ڪنهن کي به پتو ڪونه پيو.
هاڻي سوال آهي رسول الله ﷺ جن ڪهڙي نيت سان نبوت جو اظهار ڪيو. جيڪڏهن معاذ الله سچا نبي نه هئا ۽ دنيا جي غرضن لاءِ پاڻ کي نبي ٿي سڏايائون ته پوءِ دنيائي فائدا، بادشاهي دولت ۽ حسين عورت قبول ڪيائون؟ اٽلندو هر طرح جا ظلم سٺائون ۽ آخر حياتي جوکي ۾ وڌائون. ظاهري حالتون ته اهڙيون هيون جو ڪاميابي جي اميد ته پنهنجي ماڳ اٽلندو حياتي وڃڻ جو ڪامل يقين هو. مگر پاڻ سچ پچ نبي هئا، ۽ الله تعاليٰ وٽان بار بار وحي پي آيا، جن جو عام اعلان ڪيو پي ويو ته آخر ڪافر ئي مغلوب ٿيندا، اهو ئي سبب هو جو رسول الله ﷺ جن کي نه ڪنهن لالچ لالچايو ۽ نه ڪنهن ڌمڪيءَ ڊيڄاريو. يورپين مورخ قبول ڪندا آهن ته رسول الله ﷺ جي زندگي هجرت تائين بلڪل معصوم ۽ پاڪ هئي، مگر پوءِ جڏهن مديني ۾ وڃي بادشاهي حاصل ڪيائون ۽ جنگيون ڪيائون تڏهن اها حالت نه رهي. مگر هو انهي سوال جو جواب ئي نٿا ڏين ته ڇو بادشاهي قبول نه ڪيائون ۽ ڇو ظلم سهندا رهيا ۽ آخر پنهنجي جان ڏيڻ واسطي تيار ٿي بيٺا؟ ائين آهي ڇا ته هجرت تائين سچا نبي هئا ۽ پوءِ نبوت کسجي وين؟ لالچن کي ڌڪو ڏيڻ به نسبت کڻي ڪوائين چئي سگهي ها ته شايد رسول الله ﷺ سمجهو هوندو ته اها هٿرادو مليل بادشاهي کسجي به سگهجي ٿي مگر گهڻن مسلمانن پيدا ڪرڻ بعد جيڪا بادشاهي حاصل ٿيندي سا سڄي ۽ پائداري بادشاهي ثابت ٿيندي پر جڏهن ظاهري طور اهڙي ڪاميابي جي ڪا به اميد ڪانه ٿي ڏٺي اٽلندو وجان جوکي ۾ هئي تڏهن اهو گمان به بيهي نٿو سگهي.
هاڻي اچو انهي سوال تي ته هجرت بعد رسول الله ﷺ جنگيون ڪيون ۽ قتل ڪرايا. يورپي مورخ هاڻي گهڻو ڪري رسول الله ﷺ جي پوئين زندگي تي به اعتراض ڪونه ڪن ٿا. مگر جن اڳي ڪيا هئاسي غلط فهمي ۽ جاهليت کان ڪيا. غلط فهمي انهن جي هئي جوهنن جي خيال ۾ مذهبي ماڻهو اهو آهي جو رڳو گوشه نشين ٿي وڃي عبادت ڪري مگر سچو مذهب اهو آهي جو سيکاري ته دنياوي ڪاروبار ڪيئن هلائجن ۽ ڌڻي جي عبادت ڪيئن ڪجي. جاهليت هي هئي جو هنن سمجهيو هو ته رسول الله ﷺ اڳرائي ڪري جنگيون ڪيون ۽ ماڻهن کي زور سان مسلمان ڪيو، مگر هاڻي تحقيقات بعد سڀ ڪو قبول ٿو ڪري ته حملا ڪافرن ڪيا بلڪ مدينه منوره کي گهيرو به ڪيائون ۽ مسلمانن جي لشڪر جو تعداد بعضي ٽئين پتي ۽ بعضي ڏهين پتي به مس هوندو هو. مگر الله جي وعده موجب سندس ئي نصرت سان مسلمانن کي فتح پٺيان فتح ٿيندي ويئي ته به ڪنهن شخص کي زور ڪري مسلمان ڪونه ڪيو ويو، بلڪ جان وٺندڙن کي به جان بخشي ڪئي وئي.
رسول الله کي ڪاميابي به اهڙي نصيب ٿي جهڙي دنيا ۾ ڪنهن به شخص کي نصيب نه ٿي، سڀ مسلمان مٿن پنهنجو مال ۽ اولاد ۽ جانيون قربان ڪيو ويٺا هئا، عزت وري ايتري ڏيندا هئا، جو جيڪي پاڻي جا ڦڙا سندن هٿن مبارڪن مان وضو جي وقت ڪرندا هئا، سي به جهٽي پنهنجي منهن کي مليندا هئا. اهڙي ڪامياب بادشاهي مان رسول الله ڪهڙو فائدو ورتو هو جو وڌيڪ تڪيلفون ورتائون ۽ وڌيڪ قوم جون خدمتون ڪيائون ۽ راتيون گهڻي قدر عبادت ۾ صرف ڪيائون. جڏهن ٻيا مٺي ننڊ ۾ هوندا هئا تڏهن پاڻ خدا جي حضور ۾ بيهي ٻاڏائيندا هئا، انڪسار ايتري قدر جو پاڻ ڪٿي به ويندا هئا ۽ ماڻهو کين عزت ڏيڻ لاءِ اٿي بيهندا هئا، ته پاڻ سختي سان روڪيندا هئا. ماڻهن ۾ اهڙا طرح رلي ملي ويندا هئا، جو اڻواقفن کي پڇڻو پوندو هو ته توهان ۾ فلاڻو ڪير آهي؟ پٽ تي وهندا هئا، ۽ بعضي اگهاڙي پٺي سان تڏي تي سمهندا هئا، ڪنهن سان به گڏجي ماني کائڻ کان عار نه ڪندا هئا، مسڪينن تي خاص طرح مهربان هئا. ٻڪري پاڻ ڏهندا هئا، بازار مان شيون وٺي کڻي ايندا هئا، ننڍڙن ٻارن سان راند ڪندا هئا، ٻهاري پاڻ پائيندا هئا، ڪاٺيون ميڙيندا هئا، ڪوڏ هڻندا هئا، ۽ ساڳي وقت عيال جي خبرداري رکڻ، فيصلا نبيرڻ، شريعت سيکارڻ، جنگيون ۽ عهدناما ڪرڻ، دوستن جي پرگهو لهڻ، عبادت ڪرڻ مطلب ته ايترا ته ڪم ڪندا هئا. جو رواجي انسان جي طاقت کان ٻاهر هئا. بادشاهي جي حالت ۾ سندن زندگي اڳئين کان به وڌيڪ سادي هئي. ماني جي سادگي جي ته حد ئي ڪانه هوندي هئي، بعضي ته مهينو کن لاڳيتو گهر جي چلهي ۾ باهه ئي ڪانه ٻرندي هئي ويلن جا ويلا ماني ئي ڪانه کائيندا هئا، رڳو ٻه چار کارڪون کائي پاڻي پي ڇڏيندا هئا. جڏهن مسلمان ڪجهه خوش حال ٿيا تڏهن رسول الله ﷺ جي بيبين سڳورين کي خيال ٿيو ته فاقه ڪڍي ڄمار وئي آهي ڇو نه ڪجهه قدر سکيو گذران به ڪيو وڃي، رسول الله ﷺ کين فرمايو ته جيڪڏهن دنيا جو سک گهر جيو ته مان توهان کي موڪل ڏيان ڀلي منهنجو گهر ڇڏي وڃو. مگر بيبين سڳورين ﷺ کي ڇڏڻ قبول نه ڪيو ۽ بک ۽ ڏک ڪڍڻ خوشي سان قبول ڪيا. اها بادشاهي هوندي به فقيري هئي!
جيڪي ماڻهو ڪوڙي دعوي ڪندا آهن سي قسم قسم جا حيلا هلائيندا آهن. گهڻو ڪري پاڻ کي ماڻهن جي عام نظر کان پري رکندا آهن يا پاڻ اندر ويهي درتي دربان وهاريندا آهن ۽ جيڪڏهن ٻاهر نڪرندا آهن ته ڪنهن ڍنگ يا شان ۽ شوڪت سان نڪرندا آهن. مگر رسول الله ﷺ کي ڪنهن به رنگ ڍنگ جي ضرورت ڪانه هئي، هڪڙو موقعه ته ڏاڍو عجيب ٿيو. اهڙي موقعه تي جيڪر سچي ۾ سچو ماڻهو به ڪم از ڪم خاموش رهي ها. ڇا ٿيو جو اتفاقا رسول الله ﷺ جي فرزند حضرت ابراهيم جي قضيي جي ڏينهن سج گرهڻ ٿيو. ماڻهن ۾ چوٻول هليو ته رسول اللهﷺ جي فرزند جي رحلت جي غم ۾ سج به اونداهو ٿي ويو آهي. پاڻ جڏهن اها خبر ٻڌائون تڏهن هڪدم منبر تي چڙهي فرمايائون ته سج ۽ چنڊ جا گرهڻ ڪنهن جي به ڄمڻ يا مرڻ ڪري نٿا ٿين وغيره، اهو اهڙو موقعو هو جو ان وقت رڳو پاڻ خاموش رهن ها ته به سندن عزت انهي اتفاقي واقعي جي ڪري دوبالا ٿي وڃي ها. پر اگرچه ان فرمان جي عربن کي ڪابه خبر ڪان هئي، ته گرهڻ ڇو ٿيندا آهن ته به سچ کي نه لڪايائون ۽ هڪدم ماڻهن کي خبردار ڪيائون. سبحان الله ڪير نه چوندو ته پاڻ سڳورا بيشڪ سچا نبي هئا.
سڀ کان وڏي ڳالهه هي آهي ته رسول الله ﷺ جن الله تعاليٰ جي حمايت سان عربن ۾ جو اخلاقي ۽ روحاني انقلاب پيدا ڪيو هن جو مثال دنيا جي تاريخ پيش ڪيو آهي ۽ نه ڪڏهن ڪندي. اهي ساڳيا عرب جي حرف کان لک بار وڌيڪ خراب هئا سي ملائڪن کان مٿي چڙهي ويا. هو نيڪ اخلاقن جا پتلا بلڪ خدا جي راهه ۾ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار هئا ۽ قربان ڪري ڏيکاريائون. گويا هنن جيئري پاڻ ماري ڇڏيو هو. عربن جي پهرين ڪهڙي حالت هئي ۽ پوءِ ڪيتري قدر منجهن سڌارا قائم ٿيا. ڪيتريون خرابيون اخلاقي، پنگتي، سياسي، رسمي ۽ ڌرمي ڪڍيون ويون ۽ ڪهڙا عاليشان قانون سول ۽ فوجداري ۽ ٻيا رائج ٿيا، تن جي بيان ڪرڻ لاءِ ڪتاب گهرجن . انگريزي ۾ پهاڪو آهي ته ”وڻ جو قدر سندس ميوي مان ڪجي“ ساڳي طرح جيڪڏهن رسول الله ﷺ جي سچائي جو اندازو ڪرڻو اٿو ته انهي مان ڪريو ته عربن جي پهرين ڪهڙي حالت هئي ۽ پوءِ ڪهڙي ٿي ويئي. الله اڪبر! ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ثابتي گهرجي.
حب الوطني ۽ خود قرباني
دنيا جي تاريخ پڙهي ڏسندو ته اوهان کي معلوم ٿيندو ته ڪنهن به ملڪ يا قوم تيسين ڪڏهن به ترقي نه ڪئي آهي جيستائين منجهس حب الوطني ۽ خود قرباني جا گڻ پيدا نه ٿيا آهن. مغربي قومن جيڪا ترقي ڪئي آهي يا ڪن پيا سا فقط حب الوطني ۽ خود قرباني ڪري آهي.
وطن جي حب ايمان جو جز آهي. قرآن شريف ۾ حج واري سورة پڙهي ڏسندو ته اوهان کي يقين ٿيندو ته ان ۾ فقط خود قرباني جو سبق سيکاريل آهي ۽ منجهس ڏيکاريل آهي ته خود قرباني ئي عين اسلام آهي. ارمان جي ڳالهه آهي ته اسان جي سنڌ ديس ۽ قوم لاءِ خود قرباني ڪرڻ بدارن پنهنجي ديس ۽ قوم کي پنهنجي خود غرضي لاءِ قربان پيا ڪريون. عوام الناس يعني عام ماڻهو ۾، جي اڪثر ڪري جاهل آهن ڏسندو ته گهڻو ڪري منجهن جهيڙا جهٽا، فساد، هڪ ٻئي ٺڳڻ ۽ هڪ ٻئي کي نقصان پهچائڻ بلڪل رواجي ڳالهيون آهن. اڄ ڪلهه ٻيا ته ڇڏيو پر ڀائر، ڀائٽيا ۽ چاچا ماما به هڪ ٻئي جا دشمن ٿي پيا آهن. هي ٿيا جاهل، پر تعليم يافته ماڻهن جو ڪهڙو حال آهي؟ وڏي تعليم حاصل ڪيل يا ته ڊاڪٽر ۽ وڪيل آهن، يا سرڪاري ڪامورا آهن. انهن يونيورسٽي جون وڏيون ڊگريون حاصل ڪيو آهن، ۽ انهن شيڪسپيئر، روڊس ورٿ ۽ ڪارلائل جهيڙن شاعرن ۽ مصنفن جا ڪتاب پڙهيا آهن. مگر فقط پڙهيا آهن، ڪڙهيا ڪين آهن.
ڪامورا وڏيون وڏيون پگهارون ٿا کڻن. کين اها ڳالهه به وسريل آهي ته سندن پگهارن ۽ ڀتن جا پئسا آسمان مان ڪونه ٿا اچن پر مسڪين ماڻهن جي کيسن مان ديس جي ماڻهن کان ڍلون وغيره وغيرهه وٺي ڪامورن کي وڏيون پگهارون انهي لاءِ ٿيون ڏجن ته هو ديس جي ماڻهن جي حذمت ڪن ۽ کين علم ۽ اخلاق سان سينگاري دولتمند ۽ خوشحال ڪن. مگر حالت هي اچي بڻي آهي جو گويا رڍن کي بگهڙن جي سنڀال هيٺ ڏنو ويو آهي. خود قرباني ۽ ديس شيوا ته پري رڳو نيڪ حلالي به ڪامورن ۾ ورلي آهي. اسان جي ڳڻتي ۽ عيش عشرت جو شوق ٿا رکن. اگرچه سڀ ڪامورا هڪجهڙا نه آهن. گهڻا چڱا به آهن. مگر جا خود قرباني يا ڪم ازڪم نيڪ حلالي هئڻ گهرجي سا بلڪل ٿوري آهي.
هاڻي سجاڳي جو وقت آهي سنڌ ديس جي هر هڪ شخص خصوصاً سرڪاري ڪامورن (وزيرن ۽ مشيرن) کي پاڻ ۾ حب الوطني ۽ خود قرباني يا ڪم ازڪم نيڪ حلالي جو گڻ پيدا ڪرڻ گهرجي. هر شخص کي رات ڏينهن اهو ئي خيال ۽ اهائي نيت رکڻ گهرجي. ته جيتري قدر ٿي سگهي اوتري قدر پنهنجي ديش ۽ پنهنجي ڀائرن جي سڌاري ۽ ترقي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪريان. حقيقيت ۾ خود قرباني ڪرڻ ۾ ئي پنهنجو ۽ پنهنجي اولاد جو ئي فائدو آهي. اسان سڀئي هڪ ٻيڙيءَ جا سوار آهيون. جيڪڏهن ٻيڙي ٻڏي ته سڀئي ٻڏنداسين جي ٻيڙي تري ته سڀ ترنداسين. تنهن ڪري خود قرباني ڪرڻ يا ٻين جو ڀلو ڪرڻ درحقيقت پنهنجو ۽ پنهنجي اولاد جو ڀلو ڪرڻ آهي. ٻين جو نقصان ڪرڻ درحقيقت پنهنجو ۽ پنهنجي اولاد جو نقصان ڪرڻ آهي.
(توحيد جنوري 1934)