ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

خيرات لاءِ قرآن پاڪ جو ارشاد

(سورة بقرھ : رڪوع 37)

آيت 1- اي ايمان وارو جيڪي (محنت مزدوري يا واپار سان ڪمايو هجيو توهان ان مان خرچ ڪيو يا جيڪي اسان توهان جي لاءِ زمين مان پيدا ڪيون ٿا ان مان ڪڍو، ڪهڙي به صورت هجي، پر گهرجي ته خدا جي راه ۾ جيڪو خيرات ڪيو ائين نه ڪيو جو فصل جي پيداوار مان ڪنهن شيءَ کي ردي ۽ خراب ڏسي خيرات ڪيو (ته اجايو ڇو وڃي خدا جي نالي تي نيڪال ڪري ڇڏيون) حالانڪه جيڪڏهن اهڙي ئي شيءَ اوهان کي ڏني وڃي ته توهان ڪڏهن به ان کي (خوشي سان نه وٺو مگر هئن جو ڄاڻي ٻجهي) اکيون کڻي ٻوٽيو (پوءِ جا شيءِ پنهنجي نفس واسطي پسند نٿا ڪيو سا پنهنجي محتاج ڀائرن کي ڏيڻ ڪيئن ٿا پسند ڪيو) ياد رکو ته الله جي ذات بي نياز ۽ سڀني چڱين صفتن سان موصوف آهي (هن کي توهان جي ڪنهن به شيءَ جو احتياج ڪونهي مگر توهان پنهنجعي سعادت ۽ ڇوٽڪاري جي لاءِ خير جي عمل جا محتاج آهيو).
آيت 2- شيطان اوهان کي سڃائي کان ڊيڄاري ٿو، ۽ براين ڪرڻ جو حرص ٿو ڏياري، مگر الله تعاليٰ اوهان کي اهڙي راهه طرف دعوت ٿو ڏئي جنهن ۾ ان جي مغفرت ۽ فضل ۽ ڪرم جو وعدو آهي (پوءِ شيطاني وسوسن تي عمل نه ڪيو پر الله تعاليٰ جي ڏيکاريل واٽ اختيار ڪريو) ۽ ياد رکو الله تعاليٰ وسعت رکڻ وارو ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻڻ وارو آهي.
نوٽ- هن ۾ اهائي حڪمت رکيل آهي جا مٿي مون بيان ڪئي آهي ته سخاوت جو اجورو سو ڀيرا وڌيڪ ٿو ملي. ٽين آيت ۾ انهي ئي ڳالهه کي حڪمت يادانائي سڏيو ويو آهي. جيئن ته الله تعاليٰ ٿو فرمائي ته
آيت 3- هو (الله تعاليٰ) جنهن کي چاهي ٿو تن کي حڪمت ڏئي ڏئي ٿو ۽ جنهن کي حڪمت ملي ويئي ته يقين ڪيو ته هن وڏي ڀلائي حاصل ڪئي. فقط اهي ماڻهو نصيحت حاصل ڪن ٿا جي عقل بصيرت وارا آهن.
نوٽ- هن آيت ۾ حڪمت عقل ۽ بصيرت کي هڪ وڏي ضروري نعمت سمجهيو ويو آهي.
آيت 4- ۽ ڏسو خيرات جي قسم مان جيڪي ڪجهه خرچ ڪيو يا خدا جي نذر باسڻ ۾ جيڪي ڪجهه نذر باسيو ته هي ڳالهه ياد رکو ته الله تعاليٰ جي علم کان لڪل ناهي (هو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ سڀ ڪجهه ڏسي ٿو، تنهن ڪري جو پنهنجو نذر ادا نه ڪندو ۽ ناجائز طريقي تي ڪاربند ٿيندو ته ان جي راه گنهگاري جي راهه هوندي) ۽ جي ظالم آهن تن کي (خدا جي مواخذه کان بچائڻ ۾) ڪوئي مددگار نه ملندو.
آيت 5- جيڪڏهن توهان (سواءِ هن جي جو دل ۾ ڏيکاري جي خواهش هجيو) ظاهر ظهور کلي طرح خيرات ڪيو ته به اها چڱي ڳالهه آهي (پر) جيڪڏهن لڪل رکو ۽ محتاجن کي ڏيو ته ان ۾ توهان جي لاءِ بهتري آهي. هي توهان جي گناهن کي توهان کان دور ڪري ڇڏيندي ۽ ياد رکو ته توهان جيڪي به ڪيو ٿا سو خدا جي علم کان لڪل ڪونهي هو هر ڪنهن ڳالهه جي خبر رکندڙ آهي.
نوٽ- خدا تعاليٰ هروڀرو ائين نٿو فرمائي ته ظاهر ظهور خيرات نه ڪيو ۽ هميشه لڪائي ڪيو. مطلب هي آهي ته ماڻهن کي ڏيکارڻ جي نيت سان خيرات نه ڪيو پر دل جي خلوص سان خيرات ڪيو. خيرات ڪرڻ خدا پرستي جو قدرتي نتيجو آهي. ان ۾ نڪي ڪنهن تي احسان ڪرڻو آهي نڪي ڪنهن مان تعريف ۽ شڪريه جي اميد رکڻي آهي.
آيت 6- اي پيغمبر! توهان تي هن ڳالهه جي ذميداري ناهي ته ماڻهو هروڀرو هدايت قبول ڪري وٺن (توهان جو ڪم فقط راهه ڏيکاري ڇڏڻ آهي) هي ڪم الله جو آهي جو جنهن کي چاهي تنهن کي سنئين راهه تي آڻي. (پوءِ توهان ماڻهن کي چئي ڏيو ته) ڪجهه به توهان خيرات ڪندو ته (ان جو فائدو مونکي ڪجهه نه ملندو ۽ نه ڪنهن ٻئي تي ان جو احسان ٿيندو) خود پنهنجي فائدي لاءِ ڪندؤ. ۽ اوهان جو خرچ ڪرڻ انهي ئي غرض لاءِ آهي ته الله تعاليٰ جي راضپي جي طلب ڪيو ۽ راضپو حاصل ڪيو (سو جيڪڏهن الله تي سچو ايمان ٿا رکو ته ممڪن ناهي ته ان جي راه ۾ خرچ ڪرڻ کان اوهان جو هٿ رڪجي پوي) ۽ (پوءِ هي ڳالهه به ياد رکو ته) ته ان جو بدلو پوري طرح اوهان کي ڏيئي ڇڏيندو اوهان تي ظلم ڪونه ڪيو و يندو (يعني توهان جي حق تلفي ڪانه ٿيندي. الله جي بدلي واري بخشش ۽ ماپ تور ۽ ڪڏهن به گهٽ وڌ يا غفلت ٿي نٿي سگهي.

خيرات جا حقدار
آيت 7- خيرات انهن حاجتمندن جو حق آهي جي (دنيا جي ڪمن ڌنڌن کان الڳ رهي) الله جي راهه ۾ گهير جي ويهي رهيا آهن. (يعني فقط انهيءَ ڪم لاءِ رهجي پيا آهن) انهن کي اها طاقت ناهي جو (گذران جي طلب ۾ ) نڪرن ۽ ڊڪ ڊوڙڪن ۽ مسڪيني ۽ تنگدستي هوندي به هنن جي بي طمعي ۽ خودداري جو هي حال آهي جو ناواقف آدمي ڏسي ته خيال ڪري ته هنن کي ڪنهن به طرح جو احتياج ڪونهي. توهان هنن جو چهرو ڏسي هن جي حالت ڄاڻي سگهو ٿا مگر هو ماڻهن جي پٺيان لڳي ڪڏهن به سوال نٿا ڪن ۽ (ياد رکو) توهان جيڪي خدا جي راهه ۾ خرچ ڪندو ته الله ان کي ڄاڻي ٿو.
نوٽ- خيرات جو هڪ ضروري مصرف اهڙو هو جنهن جي طرف ظاهري اکين جو ڌيان ڇڪجي ئي نٿي سگهيو يعني انهن ماڻهن جي مدد ڪرڻ جيڪي دنيا جا ڪم ڌنڌا ڇڏي حق جي راهه ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ وقف ٿي ويا آهن يعني اسلام سکڻ سيکارڻ ۽ تبليغ ڪرڻ ۾ (نه تسبيح سورڻ ۽ وظيفن پڙهڻ) نه انهن کي تجارت ڪرڻ جي طاقت آهي نه ڪوئي ٻيو گذران جو وسيلو اٿن. رات ڏينهن دين ۽ ملت جي خدمت ۾ مشغول ٿا رهن. انهن جي حالت حاجتمندن واري آهي. مگر صورت بي پرواهن واري. جيئن ته اهڙن چڱن شخصن جي سنڀال لهڻ جماعت جو ضروري فرض هو تنهنڪري خصوصيت سان ان طرف توجه ڏياريو ويو آهي.
ماڻهو عام طرح انهن ئي ماڻهن کي خيرات جو حقدار سمجهندا آهن جي پنڻ ۾ چست ۽ چالاڪ هوندا آهن. مگر ڪنهن خود دار حاجتمندن کي ڪو پڇي به ڪونه. حالانڪ سڀ کان وڌيڪ حقدار اهي ئي ماڻهو آهن.
ضمناً هن ڳالهه ڏي به اشارو ڪيو ويو آهي ته جهڙي طرح ڏيڻ وارن کي گهرجي ته محتاجن کي ڳولي ازخود خيرات ڏين، اهڙيءَ طرح وٺڻ وارن کي به گهرجي ته سوال ڪري پنهنجي عزت ۽ خوداري کي خراب نه ڪن. هنن جو شان اهو هئڻ گهرجي ته بي نياز رهن، ۽ ماڻهن جو فرض هي هئڻ گهرجي ته هنن جي مدد ڪن.
مطلب ته پنڻ جو رواج اصل نه هئڻ گهرجي. جيڪي شخص ڪمائي ڪرڻ باوجود به يا ڪم نه ملڻ ڪري ڪنهن وقت محتاج ٿي پون ته پاڙيوارن جو فرض آهي ته هنن کي گهر ويٺي گهرج مهل کاڌو پيتو يا لٽو ڪپڙو ڏين.
جيڪڏهن ڪي عالم تبليغ جي ڪم ۾ مشغول رهڻ ڪري يا علم سکڻ ۽ سيکارڻ ۾ مشغول رهڻ ڪري محتاج ٿي پون ته به جماعت جو فرض آهي ته گهرڻ کان سواءِ هنن جي مدد ڪن.
خيرات جا حقدار ڪير آهن ۽ ڪهڙيون خيراتون وڌيڪ مفيد آهن ۽ ڪير قوم کي ترقي ڪرائيندڙ آهن تنهن لاءِ ايندڙ مضمون جو انتظار ڪيو جنهن ۾ سورة بقر جي مشهور آيت ”ليس البر“ واري جو ترجمو وغيره ڏنو ويندو.

خيرات ۽ قرآن جو ختم
سورة بقر رڪوع 22 جي پهرين آيت جا شهره آفاق آهي
هن آيت جي ترجمي ڏيڻ وقت جيڪو نوٽ مولانا ابوالڪلام آزاد هنيو آهي سوهت ڏجي ٿو:
حق جي دين جي هن عظيم اصول جو اعلان ته سعادت ۽ نجات جي راهه اها ناهي ته عبادت جي ڪا خاص شڪل يا کائڻ پئيڻ جي ڪا ٻي ڳالهه اختيار ڪئي وڃي. بلڪ اها (سعادت ۽ نجات) سچي خدا پرستي ۽ نيڪ عملي جي زندگي سان حاصل ٿئي ٿي. ۽ اصل شي پاڪائي ۽ عملن جي چڱائي آهي. شريعت جا ظاهري حڪم ۽ رسمون به انهي ئي لاءِ آهن ته اهو مقصد حاصل ٿئي.
قرآن شريف جي نازل ٿيڻ وقت دنيا جي عالمگير مذهبي گمراهي اها هئي جو ماڻهو سمجهندا هئا ته دين جو مقصد فقط شريعت جون ظاهري ڳالهيون ۽ رسمون آهن ۽ انهن جي ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ تي انسان جي نجات ۽ سعادت موقوف آهن. مگر قرآن شريف فرمائي ٿو ته اصل دين خدا پرستي ۽ نيڪ عملي آهي ۽ شريعت جون ظاهري رسمون ۽ عمل به انهيءَ لاءِ آهن ته اهو مقصد حاصل ٿئي تنهنڪري جيتري قدر دين جو تعلق آهي. سڄي طلب مقصدن جي هئڻ گهرجي نه وسيلن جي.
آيت جو ترجمو: نيڪي ۽ ڀلائي (جي لاءِ) هي ناهي ته توهان (نماز جي وقت) پنهنجو منهن اوڀر ڏي ڦرايو (يا اهڙي طرح جي ڪاٻي ڳالهه ظاهري ۽ رسمن جي ڪري وٺو) نيڪيءَ جي راهه ته انهن ماڻهن جي آهي جي الله تي، آخرت جي ڏينهن تي، ملائڪن تي، آسماني ڪتابن تي ۽ خدا جي سڀني نبين تي ايمان ٿا آڻين ۽ خدا جي راهه ۾ پنهنجو مال مائٽن، يتمين، مسڪينن، مسافرن ۽ سائلن کي ٿا ڏين. نماز قائم ٿا ڪن، زڪوات ادا ٿا ڪن. پنهنجو وعدو يا ڪو عهد اقرار ڪري ٿا وٺن ان کي پورو ڪندا ٿا رهن. تنگي يا مصيبت جي گهڙي هجي يا خوف ۽ هراس جو وقت هجي مگر هر حال ۾ صبر ڪرڻ وارا (۽ پنهنجي راهه ۾ ثابت قدم) هوندا آهن.
هي آيت شريف غير مسلمانن خصوصاً يورپي ماڻهن کي به ڏاڍي پسند آهي. مگر مان هتي ان جون خوبيون ۽ فلسفو ڪون ٿو ڏيان. سلسلي مان ڏسندو ته منهنجو اصل مضمون آهي خدا جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ . ۽ هاڻي مون کي ڏيکارڻو آهي ته خيرات جا حقدار ڪير آهن ۽ ڪهڙي خيرات سڀني کان چڱي آهي. هڪڙي ڳالهه هرگز وسارڻ نه گهرجي ته سڀ ڪنهن ڪم ۾ علم، عقل، غور ۽ تدبر ڪم آڻڻ گهرجي. مٿئين آيت جو اهو مطلب ناهي ته مائٽن ۽ يتمين ۽ سائلن ۽ مسافرن کي هر حال ۾ خيرات ڏجي اگرچه هو شاهوڪار هجن. مطلب هي آهي ته مائٽ، يتيم ۽ مسافر مسڪين ۽ محتاج هجن ته اول انهن جي مدد ڪجي پوءِ ٻين مسڪينن ۽ محتاجن جي. ٻين ۾ به اول پاڙيوارن جي همدردي ۽ مدد ڪجي پوءِ ٻين جي. سائلن ۽ مسافرن به نسبت هي معلومات حاصل ڪرڻ گهرجي ته سائل خاص پنڻ جو ڌنڌو اختيار ڪيو آهي يا سچ پچ اتفاقا محتاج ٿي پيو آهي ۽ مدد جو مستحق آهي. جيڪڏهن هو حتي الامڪان ڪمائي ڪندڙ آهي تنهن هوندي به اتفاقا محتاج ٿي پيو آهي ته پوءِ ان کي گهرج آهر ڏيڻ گهرجي نه ته نه. اهڙا مثال حديثن مان گهڻائي لڀندا. پر ڊيگهه سبب هت ڏيئي نٿا سگهجن.
ناظرين منتظر هوندا ته ڀلا جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ سخي دولتمند ڪيئن پنهنجي دولت خرچ ڪن. منهنجو جواب آهي ته دولت اهڙي طرح خرچ ڪجي جو قوم جي ترقي ٿئي. سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي مدرسن ڪاليجن هنري اسڪولن جي. جيڪڏهن ڪنهن به سخي مرد کي دولت آهي ته مدرسا ڪاليج ۽ هنري اسڪول کولائي يا انهن کي مدد ڏئي. ڪنهن به شخص يا شخصن کي طب يا ٻيو هنر سيکاري چڱي روزگار ڪمائڻ جو لائق ڪجي ته هي به هڪ اعليٰ قسم جي سخاوت آهي. ڪنهن مسڪين هاري کي هرڦار ۽ ڏانديا ڳئون وٺي ڏيڻ نهايت عمدو ڪم آهي. کوه کوٽائڻ، نل هڻائڻ، خيراتي اسپتالون جاري ڪرڻ، معلمن ۽ طالب علمن جي ۽ تبليغ ڪندڙن جي مدد ڪرڻ وغيره اهي به سخي مردن لاءِ تمام چڱا ڪم آهن. اخبارن ۽ رسالن کي مدد ڪرڻ به نهايت چڱو ڪم آهي. پر رڳو پنهنجي فائدي لاءِ ڪارخانا جاري ڪرڻ يا ميون جا باغ پوکائڻ وغيره به قومي ترقي جا ڪم آهن ڇو ته ان ۾ پنهنجو به فائدو آهي ۽ ٻين کي به چڱو ڌنڌو ملي ٿو پوي پر سڀ کان چڱي سخاوت آهي پنهنجي ملڪيت جو ڪجهه حصو ڪنهن چڱي ڪم لاءِ دائمي طور وقف ڪري ڇڏڻ جيئن اهو چڱو ڪم قيامت تائين ٿيندو رهي. جهاد لاءِ پيسا ڏيڻ ۾ تمام وڏو ثواب آهي.
زڪوات جنهن جو حڪم هميشه نماز جي حڪم سان گڏ بيٺو آهي سا خيرات کان بلڪل الڳ آهي. زڪوات ڪنهن تي فرض آهي ۽ ڪيئن خرچ ڪبي آهي سو سڀ ڪجهه مقرر ڪيل آهي. هت فقط هيترو لکان ٿو ته زڪوات هڪ سرڪاري عملدار اوڳاڙين ٿا ۽ بيت المال ۾ گڏ ڪن ٿا جنهن مان مقرر ڪمن لاءِ يعني اسلام جي تبليغ، مسڪينن ۽ محتاجن جي مدد ۽ قيدين ۽ غلامن جي آزادي لاءِ خرچ ڪيو وڃي ٿو.
اسان جي ملڪ ۾ اسلامي سرڪار ڪانهي تنهن ڪري اهو فرض ليڊرن جو آهي ته تنظيم ڪري جماعتون زڪوات اڳاڙي بيت المال ٺاهين ۽ مقرر نمونن موجب خرچ ڪن. جيستائين ڳوٺ ڳوٺ يا محلي محلي جا ماڻهو گڏجي جماعت ٺاهي اهو ڪم ڪن. اسلام اتحادي ۽ جماعتي مذهب آهي. اتحاد ۽ جماعت کانسواءِ اسلام جو رڳو نالو آهي. مان اميد ٿو ڪريان ته هي ڪم هڪدم شروع ڪيو ويندو. ارمان هي آهي ته اڄ ڪلهه اهڙا مسلمان ورلي آهن جن تي زڪوات فرض آهي پر بيت المال کي معمور ڪرڻ لاءِ هڪڙي رٿ آهي جا ڏاڍي سولي آهي. اها هي آهي ته هر هڪ گهر جو مالڪ هر روز هڪ لپ ان ڪڍي ڌار رکندو وڃي ۽ مهيني ۾ اهو ان ڪڍي جماعت جي حوالي بيت المال ۾ جمع ڪري ۽ ڪو شخص ان جي بدارن پائي پائي هر روز يا پيسو پيسو يا وڌيڪ حساب ڪري مهيني جي رقم بيت المال ۾ جمع ڪري ته پاڻ بهتر.

عشق
عشق اهڙي سخت آگ آهي، جو خدا کان سواءِ سڀني شين کي جلائي ٿو!
حقيقي عشق لاءِ ظاهري ۽ مجازي عشق جو هئڻ ضروري آهي. ڏسڻ ۾ ته ايئن پيو اچي ته هر هڪ شخص عشق جو مدعي آهي ۽ چوي پيو ته ”مان هن تي عاشق آهيان! منهنجي هن سان محبت آهي!!“
مگر نيهن لڳائڻ ۽ ان تي قائم رهڻ نهايت مشڪل آهي. ان ۾ هزارين تڪليفن جو مقابلو ڪرڻو پوي ٿو. لکين مصيبتون سهڻيون پون ٿيون.
مجازي عشق کان حقيقي عشق جي طرف راغب ٿيڻ وڏو ڪمال آهي. جو هن رستي جي خوفن خطرن مان لنگهي پار پيو، سو ساري عمر خوشي ۽ خور مي ۾ بسر ڪندو!
ڪٿي ته مجنون ليليٰ جي پيٺيان ڦري ٿو ۽ تنارعنه خلافت امام حسن ۽ امير معاويه ۾ منصف مقرر ڪيو وڃي ٿو ته جواب ۾ خلاف جو مستحق ليليٰ کي ڪري ٿو! ڪڏهن ڪتي جا پير چمي ٿو انهي لاءِ ته هيءَ ليليٰ جي گهٽين ۾ ڪڏهن ڪڏهن ويو ٿي.
ڪٿي ته ليليٰ مجنون جي پٺيان ڦري ٿي! صرف هن واسطي ته مجنون مٿس عاشق هو.
مهرباني پائي ليليٰ کرد مجنون را خراب
ور نه اين بيچاره را ميل وفاداري ثبوت عشق اول در دل معشوق پيدا ميشود گه نه سورد شمع کي پروانه شيدا ميشود! ۽ خليف سان بات ڪندي ليليٰ مجنون کي مٿس ترجيح ڏئي ٿي. مولانا روم ان واقعي کي حڪايت جي عنوان سان بيان ڪري ٿو.

مثنوي
گفت ليليٰ را خليفه کان توئي کز تون مجنون شد پريشان وغوي از دگرد خويان نو افزون نيستي ديده مجنون نيستي ديده مجنون اگر بودي ترا هرد وعالم بي خطري بودي ترا!
ڪٿي شيرين جي وصال جي خاطر فرهاد پهاڙ ڪاٽي ٿو!
هڪ فقير شهزاديءَ تي عاشق ٿي، ازخود محلات جي سامهون موقعي جو منتظر رهيو! دربان جي غفلت سبب اندر داخل ٿيو. دربان کي جڏهن خبر پئي تڏهن سندس پٺيان ڊوڙيو ۽ تلوار سان سر ڌڙ کان ڌارڪري ڇڏيائينس سندس خون زمين تي ڪري هيٺيون بيت لکيو:
گر يار من پيار بند وين مرده بدوسيار گر بوسه دهد پر نيانم ور.
بادشاهه تعجب ۾ پئي مصرع پڙهي، شاعرن کي رهيل مصرع پوري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. شاعرن جواب ڏنو ته جهان پناهه! اها بات اسان جي ذهن نشين نٿي ٿئي، سندس مطلب اسان جي سمجهه کان ٻاهر آهي! آخر شيخ سعدي ؓ کي گهرايو ويو ۽ کيس شعر جي پورائي لاءِ چيو ويو. هن هڪ عجيب طرح سان مصرع پوري ڪئي! شهزادي کي گهرايو ويو ۽ کيس چيو ويو ته هن جي منهن تي بوسو ڏئي! جڏهن ائين ڪيو تڏهن شيخ سعديءَ هي مصرع پڙهي:
عاشق اٿي کڙو ٿيو ۽ هي بيت پڙهيندي
ور زنده شوم عجب مداريد!
عالم مات مان عالم حيات ۾ اچي پهتو!