سبقن جي سمجهاڻي ۽ انهن تي سوال پڇڻ
ڏاڍي ارمان جي ڳالهه آهي، جو ڪي ماستر درسي ڪتاب، تاريخون ۽ جاگرافيون اهڙيءَ طرح ٿا پاڙهين، جهڙيءَ طرح ملان قرآن شريف پاڙهيندا آهن. قرآن شريف ته عربي زبان ۾ آهي، تنهنڪري ملان جو ڏوهه ڪونهي، پر پنهنجي مادري زبان بنا سمجهڻ جي پڙهجي، سا حيرت جهڙي ڳالهه آهي. اهو ئي سبب آهي، جو ماسترن خواهه شاگردن ۽ عام ماڻهن ۾ ڪتابن پڙهڻ جو شوق ڪونهي. اهو ئي سبب آهي، جو جيڪي شاگرد اسڪول مان پڙهي ٿا نڪرن، سي جاهلن کان ڪو ٿورو بهتر آهن. اسڪولن جو مقصد آهي قوم جي ترقي ۽ زندگي ۾ ڪاميابي ۽ خوشنودي. پر بنا سمجهه پڙهڻ جي ڪري نه شاگرد تندرستي جا فائدا ٿا سکن، نه نيڪ اخلاق ۽ نيڪ عادتون ٿا پرائين، نه ڀرمن ۽ سنسن کان ڇٽن ۽ نه اهڙو هوش و عقل ۽ عام واقفيت حاصل ٿا ڪن، جي هنن کي آئينده جي زندگي ۾ مفيد ٿين. گويا رعيت جا ڪروڙين رپيا ۽ شاگردن جي حياتي جو قيمتي حصو گهڻي قدر اسڪولن ۾ اجايو پيو ضايع ٿئي. جيڪڏهن ڪن ماسترن جا شاگرد بنا سمجهه جي ڪتاب، تاريخون وغيره رڳو پڙهن ٿا ته پوءِ اهي ماستر ڪهڙو ڪم ٿا ڪن؟ سندن فرض اهو ئي آهي ته سبقن مان سمجهه وارا سوال پڇن ۽ جڏهن شاگرد خاطري جهڙا جواب ڏيئي سگهن، جنهن مان پڪ ٿئي ته هاڻي شاگردن سبق جو مطلب سمجهي ورتو آهي، تڏهن ٻيو سبق سيکارين.
اسان روبرو ماسترن کي چوندا آهيون ته سوال پڇي ڏيکاريو. گهڻو ڪري ماسترن کي سوال پڇڻ ڪين ايندا آهن، جنهن مان پڻ پڪ پوندي آهي ته انهن ماسترن ڪڏهن به سوال نه پڇيا آهن. سوالن پڇڻ بنسبت ڪي خاص هدايتون آهن، جن جي تعميل ڪرڻ کان سواءِ سوالن مان ڪجهه فائدو نٿو نڪري. اهڙيون هدايتون تعليم اخبار آگسٽ 1916ع ۾ ڏنل آهن. هر هڪ اسڪول جي ماسترن کي گهرجي ته هفتي ۾ هڪڙو ڀيرو گڏجي اٽڪل 15 منٽ کن سوالن پڇڻ جو استعمال ڪن ۽ شاگردن کي ڇڏي ڏيڻ بعد هڪ ٻئي جون خاميون ٻڌائين.
ياد رکڻ گهرجي ته سڀني کان مکيه ڪم آهي ڪتاب جي سبقن ۽ بيتن جو پڙهڻ ۽ سمجهڻ. پڙهجي اهڙيءَ طرح، جيئن هوبهو ڪنهن ماڻهو کي روبرو ڪا ڳالهه ٻڌائبي ۽ سمجهائبي آهي.
سمجهڻ جي عادت شاگردن ۾ تڏهن پوندي، جڏهن استاد پهريائين شاگردن کي مختصر ڳالهه ڪري ٻڌائيندو، جا ڳالهه شاگرد پوءِ پاڻ گهران پڙهي ايندا ۽ ماستر انهن کان ان تي سوال پڇندو. تنهن کان سواءِ بعضي بعضي شاگردن کي چئجي ته هي اڻ پڙهيل سبق دل ۾ چپن چورڻ کان سواءِ پڙهي سمجهي وڃو ته پوءِ توهان کان سوال پڇجن. پوءِ سوال پڇي ڏسجي ته منجهن سمجهي پڙهڻ جو انگ پيدا ٿيو آهي يا نه؟
ماستر سمجهن ٿا ته سوالن ۽ اصولن سان تعليم ڏيڻ ۾ تڪليف گهڻي آهي. حقيقت ان جي ابتڙ آهي يعني تڪليف گهٽ ۽ نتيجو بهتر ٿو ٿئي، ڇو ته شاگردن جو دماغ جلد ئي کلي ٿو پوي ۽ منجهن خيال ملائڻ ۽ غور ڪرڻ جي عادت ٿي پوي پوءِ ڪم سولو ٿيو پوي، پر ڳالهه ڇا آهي ته ماسترن پاڻ کي سوال پڇڻ تي هيرايو ئي نه آهي، تنهنڪري سوال پڇڻ ئي هنن کي ڏکيا ٿا لڳن. تنهنڪري کين استعمال جي ضرورت آهي.
(اخبار تعليم آڪٽوبر 1927ع)