حج، عيدالضحيٰ ۽ عاشورا
قرباني حضرت ابراهيم۽ حضرت اسماعيل جي قربانيءَ جو يادگار آهي تنهنڪري عيدالاضيٰ جي خطبي ۾ حضرت اسماعيل جو ذڪر پنهنجي مادري زبان ۾ ٻڌائڻ گهرجي ۽ نصيحت ڪرڻ گهرجي ته هر هڪ مسلمان کي خدا جي راهه ۾ مسلمان ڀائرن لاءِ ۽ قوم لاءِ هر حال ۾ خود قربانيون ڪرڻ گهرجن.
افسوس جو اڄ ڪلهه جو خطبو هڪ بي معنيٰ رسمي خطبو ٿي رهيو آهي. اڪثر ڪري خطبا عربيءَ ۾ پڙهيا ٿا وڃن جي نڪي پڙهندڙ ٿو سمجهي نڪي ٻڌندڙ ٿا سمجهن. گهڻو ڪري سنڌي شعر ۾ به خطبا پڙهيا وڃن ٿا، پر شعر ۾ گهڻو ڪري مبالغو ۽ افراط تفريط هوندو آهي. سنڌي جا خطبا اڪثر ڪري نيم خوانده مولوين جا ٺهيل هوندا آهن جيڪي اٽلندوگمراهه ڪندڙ آهن. وڏن عالمن کي گهرجي ته پنهنجي مادري زبان ۾ وقت جي ضرورتن موافق نثر ۾ خطبا ڇپارائين ۽ مسجدن جي امامن کي اهي ئي ڪم آڻڻ گهرجن. مون ٻڌو آهي ته علامه مودودي جا خطبا سنڌي ۾ ڇپايل آهن. جيڪڏهن ايئن آهي ته اهي جمع ۽ عيدن جي خطبن لاءِ ڪم آڻڻ گهرجي. مون کي يقين آهي ته اُهي خطبا چڱا هوندا. علامه مودودي بابت مونکي رڳو هي ارمان آهي ته هو زمينداري ۽ سرمائيداري جي فائدي ۾ ڪتاب لکي ٿو. کيس ضرور معلوم هوندو ته عوام سان زميندار ۽ ڪامورا جيڪي ظلم ڪري رهيا آهن،سي تباهه ڪندڙ آهن. کيس استدعا آهن ته پنهنجي علم ۽ قلم جو زور عوام جي اصلاح ۽ ترقي لاءِ ڪم آڻي.
عاشورن جي موقع تي جنهن نموني ۾ حضرت حسين رضي الله جي شهادت جو ٻارهو ملهايو وڃي ٿو سڀني مسلمانن لاءِ شرم جو باعث هئڻ گهرجي. انهيءَ موقعي تي ڪروڙين روپيا هر سال برباد ڪيا وڃن ٿا. اڪثر ڪري عاشورن ملهائڻ جو انتظام مڪانن جي موالين، چڪلي جي رنڊين ۽ ڪن اوباش ماڻهن جي هٿ ۾ آهي ۽ گهڻيون ئي حيا سوز اخلاقي بگاڙي جون حرڪتون ڪيون وينديون آهن. پٽڪو ڪرڻ ۽ سينو ڪٽڻ کان حضرت رسول ﷺ منع فرمائي. ان موقع کي ماتم سڏيو وڃي ٿو پر عوام لاءِ وڏو خوشيءَ جو ڏينهن ۽ ميلو بڻجي وڃي ٿو. ٻهراڙي جامسلمان چڱا ڪپڙپائي وڏن ڳوٺن ۽ شهرن ڏي تابوت ۽ جلوس ڏسڻ ويندا آهن ۽ حلوا ۽ جليبيون کائيندا آهن. پر عجب هيءُ ته ڏهين محرم کي ماتم جو ڏينهن ڇوٿو سمجهيو وڃي. هر هڪ مومن مسلمان کي حق جي راهه ۾ شهادت حاصل ڪرڻ جو شوق هئڻ گهرجي. حضرت امام حسين رضي الله خوشيءَ سان حق جي راهه ۾ سر ڏنو، ۽ الله تعاليٰ وٽ وڏو درجو حاصل ڪيو. اُهو ڏينهن اسان مسلمانن لاءِ فخر جو ڏينهن آهي. انهيءَ ڏينهن بنا سيج تابوت ۽ سينن ڪٽڻ جي هڪ شاندار جلوس ڪڍڻ گهرجي. ڪي مناسب نعرا تختين تي لکي بلند ڪرڻ گهرجن ۽ جلوس جي ختم ٿيڻ واري جاءِ تي اعليٰ درجي جا ليڪچر ٻڌائڻ گهرجن. خاص طرح اها نصيحت ڏيڻ گهرجي ته هر زماني ۽ هر ملڪ ۾ هاڻي به يزيد ۽فرعون موجود آهن. انهن جو مقابلو ڪري خدائي حڪومت قائم ڪرڻ گهرجي جيئن ڪوبه شاهوڪار يا زبردست ماڻهو، ڪو به زميندار يا ڪامورو ڪنهن تي به حڪومت يا زور نه هلائي. ڪابه بي انصافي نه ڪري، بلڪه عوام جي ۽ مسڪينن جي بي لوث خدمت ڪري ۽ قوم جي ڀلي لاءِ خود قربانيون ڪري. حق چوڻ ۽ ظلم جي مقابلي ڪرڻ ۾ جيڪي تڪليفون درپيش اچن سي صبر سان سهجن، بلڪه حضرت امام حسين وانگر سر به حق جي لاءِ قربان ڪري ڇڏجي.
عاشورن بابت مٿي موالين ۽ رنڊين جو ذڪر به ضمناً اچي ويو آهي. حقيقت ۾ اوتارا ۽ چڪلا به اسان مسلمانن لاءِ باعث ننگه آهن. مسجدون ويران ٿي ويون آهن ۽ موالين جا اوتارا، زميندارن جون اوطاقون ۽ عياش ماڻهن جا ڪلب آباد ٿي ويا آهن. ترڪي ۾ مرحوم مصطفيٰ ڪمال پاشا قلم جي هڪ نوڪ سان سڀ اوتارا ڊهرائي ڇڏيا. اسان جي اسلامي حڪومت کي به اسلامي ۽ اصلاحي ڪم ڪرڻ گهرجي. پر گورنمينٽ تڏهن اهڙا ڪم ڪندي جڏهن اسان اهڙن ماڻهن کي ووٽ ڏيون جي قرآن مجيد معنيٰ سان پڙهندڙ هجن ۽ ان تي عمل ڪندڙ هجن.
(توحيد- آڪٽوبر 1952ع)