سچو تصوف ۽ اڄوڪا ڪوڙا درويش
مگر يزيد جي زماني کان وٺي مسلمانن تي دنيا ۽ عيش پرستي غالب پوڻ لڳي ۽ جيترو ظاهري روزن ۽ نماز جا پابند هئا اوترو انهن جي مقصد يعني اخلاقن جي پاڪيزگي ۽ دل جي صفائي جو خيال نه رکيائون. اهو حال ڏسي ڪن بزرگن هن بابت وعظ به ڪيا ۽ ماڻهن کي اخلاقن جي سڌاري جو تاڪيد ڪيائون؛ اهي صوفي سڏجڻ لڳا. انهن مان شيخ عبدالقادر جيلاني، شيخ جنيد بغدادي ۽ با يزيد بسطامي رحمت الله عليهم بلڪل مشهور ٿي گذريا آهن. امام غزالي ؓ پنهنجي ڪتاب ۾ تصوف جي حقيقت ۽ فلسفي کي بلڪل چڱي طرح بيان ڪيو آهي.
ڪجهه وقت کان پوءِ خود تصوف ۾ بگاڙو پوڻ شروع ٿيو. ايران جا ماڻهو پنهنجي مُلڪي آب هوا ۽ مقوي غذا سبب نهايت عياش آهن. هنن کي شريعت جي پابندي تمام ڏکي لڳي. هندوستان سان تعلق ٿيڻ ڪري هنن کي هندو يوگين جو يوگ معلوم ٿيو. ان يوگ کي اسلامي الفاظن سان ملائي هڪ اهڙو رندانو طريقو پيدا ڪيائون جنهن ۾ شراب ۽ عشق بازي جائز ڪري ڇڏيائون ۽ تصوف جي آڙ ۾ حرام کي حلال ڪري روزي نماز وغيره کان به آزاد ٿيڻ لڳا. يوگ ۾ دم پچائي خيال کي يڪ جاءِ رکي پاڻ ۾ هڪ اهڙي طاقت پيدا ڪجي ٿي جنهنجي وسيلي ڪي اهڙا ڪم ڪري سگهجن ٿا جن کي ڪرامت سمجهيو وڃي ٿو. حقيقت ۾ اهو يوگ آهي. ڪي يورپي ماڻهو پڻ اهو ڪم سکيا آهن، هو ان کي هڪ سائنس ڪري ٿا سمجهن جنهن کي مسمريزم ٿا سڏين.
حقيقي تصوف اهو آهي جنهن ۾ علم ۽ اعليٰ اخلاق جي وسيلي دل صاف ٿي ڪجي. انهي معنيٰ ۾ وڏي ۾ وڏا صوفي پيغمبر سڳورا ۽ اصحاب سڳورا هئا. صاف دل ۾ الله تعاليٰ جو نور اهڙي طرح ٿو چمڪي جو سينو روشن ٿي ٿو پوي. حديث سڳوري ۾ آهي ته جيڪڏهن الله تعاليٰ سان محبت رکڻ گهرو ٿا ته پهريائين ذات انسان سان محبت رکو، ۽ قرآن شريف ۾ فرمايل آهي ته جيڪڏهن الله تعاليٰ سان حب ٿا رکو ته رسول الله ﷺ جي پيروي ڪريو. هاڻي چئبو ته جيڪڏهن الله تعاليٰ جي حب جو مطلب آهي رسول الله ﷺجي پيروي ڪرڻ ۽ ذات انسان سان حب رکڻ ته پوءِ جيڪو اُنهي رستي الله تعاليٰ سان حب رکي ته الله تعاليٰ به ان سان حب رکي ٿو، اهو ماڻهو ولي الله يا الله تعاليٰ جو دوست ٿو ٿئي. الله تعاليٰ سندس دعا قبول ٿو ڪري ۽ کيس وقت بوقت الهام ٿو موڪلي. تنهنڪري ولي الله اهو ناهي جو يوگين ۽ جادوگرن وانگرن ڪرشما ڪري ڏيکاري، اگرچه هو روزو نماز به ادا ڪندڙ هجي. مگر حقيقي ولي اهو آهي جنهن جو بيان مٿي ڪيو ويو. قرآن شريف جيڪي ڪن ٻين آيتن ۾ به چٽوبيان ڪيل آهي ته اولياءَ ڪير آهن؟ هڪڙي آيت جو مطلب آهي ته الله جا اولياءَ اهي آهن جي مومن آهن ۽ صالح ڪم ٿا ڪن.
ڪوڙي تصوف جو نتيجو اهو ٿيو آهي جو جن کي قرآن مجيد ۽ حديث شريف جي هڪ لفظ جي به خبر ڪانه آهي، جيڪي شريعت تي هلڻ ۽ نماز ادا ڪرڻ ته پنهنجي ماڳه پر اٽلندو شريعت ۽ مولوين تي ٽوڪون ڪن، ڀنگ شراب وغيره پيئن ۽ خوبصورت ڇوڪرن ۽ زالن تي عشق پچائي بد هلتون ڪن، سي اڄ اولياءَ ٿا سڏجن. مسلمان به گمراهه ٿي انهن کان سڳا ڌاڳا ٿا ڪرائين ۽ پنهنجا گهر ڦري انهن کي ٿا ڏين. اهڙن درويشن جي قبرن تي هزارين مرد ۽ عورتون بي حجاب وڃن ٿيون ۽ هزارين خرابيون پيدا ٿيون ٿين. انهن درويشن جي اثر کان ماڻهو اسلام، قرآن شريف، روزي، نماز ۽ مسجدين کي ترڪ ڪري دائرا (پِڙَ يا آستان) ۽ مڪان آباد ڪيون ويٺا آهن، جتي راڳ، چوپڙ، چرس ۽ ڀنگ جي ڌُم لڳي پيئي آهي. انهن خرابين جو شمار ڪرڻ ۽ انهن جي نقصان جو اندازو ڪرڻ لاءِ جدا ڪتاب جي ضرورت آهي.
ڪي علم ۽ فهم وارا ماڻهو قبول ٿا ڪن ته اهڙا درويش ظاهر ظهور اسلام ۽ شريعت کي ترڪ ڪري شراب ۽ ڀنگ ٿا پين سي سچا صوفي ۽ اولياءَ الله هرگز نه آهن، مگر هو انهن کي ولي ٿا سمجهن جي روزو نماز به ڪن پر ان سان گڏ يوگ وارا طريقا پچائين. اهي چوندا آهن ته نمازون ۽ روزا هي پڻ چڱو ڪم - پر اوڪو ٻيو فهم - جنهن سان پسجي پرينءَ کي. اهو فهم سمجهندا آهن نفي ۽ اثبات جي ذڪرن پچائڻ کي جن جو بيان اڳتي ايندو. انهيءَ قسم جي ذڪر (در حقيقت انهيءَ کي ذڪر ته سڏيئي نٿو سگهجي.) جا چار طريقا مشهور آهن: (1) نقشبندي، (2) قادري، (3) چشتي، (4) سهروردي. سڀئي عالم اهو طريقو رکندڙ يا نه رکندڙ قبول ٿا ڪن ته اهي طريقا حضرت رسول ﷺ جي زماني ۾ ڪو نه هئا. اهي طريقا نڪي پاڻ ۽ نڪي اصحابن سڳورن ڪيا. قرآن شريف يا حديثن يا فقه ۾ هيٺيان اصطلاح ۽ الفاظ: فنافي الشيخ، فنافي الرسول، فنافي الله، عشق مجازي، عشق حقيقي، غوث، قطب، قلندر، ابدال، ملڪوت، جبروت، ناسوت، لاهوت، هاهوت وغيره وغيره موجود ئي ڪينهن. هو ائين به چون ٿا ته اهي طريقا بدعت آهن. مگر بدعت حسنه آهن (بدعت چئبو آهي مذهب ۾ نئين ڳالهه ڪڍڻ کي) مگر امام رباني ؓ فرمايو آهي ته ڪا به بدعت حسنه ڪانهي. هڪ حديث شريف ۾ آهي ته ڪل بدعت ضلالت يعني ”سڀ بدعت گمراهي آهي.“ بدعت ڪڍڻ بابت اهڙيون سخت عذاب جون حديثون موجود آهن جو پڙهندي هيانءُ ڏڪي ٿو وڃي. پر جيڪڏهن مٿئين حديث سڳوري نه هجي ها ته به انهن سڳورن کان پڇو ته انهيءَ بدعت کي ڪنهن بدعت حسنه ٺهرايو؟ وڏن وڏن عالمن گڏجي ڪانفرنس ڪري ان بدعت کي حسنه ٺهرايو، يا ازخود اها بدعت پکڙجي ويئي. ڪي سڳورا ته چون ٿا ته اها بدعت ئي ناهي. هو چون ٿا ته بدعت اها آهي جا اسلام جي مخالف هجي. پر جيڪڏهن مخالف نه هجي ته پوءِ توڙي نئين ڳالهه هجي ته به بدعت ناهي. هيءُ خيال ته تمام عجيب آهي جو منهنجي ناقص فهم ۾ بلڪل ڪو نه ٿو اچي. اسلام جي مخالفت ته هونءَ ئي گناهه يا ڪفر آهي، باقي بدعت جي بابت جو جدا هيتريون سخت ۽ چٽيون حديثون آيون آهن سو ڇو؟
ڪي سڳورا فرمائن ٿا ته رسول الله ﷺ جي زماني ۾ فقط سندن فيض واري نظر جي برڪت سان دليون صاف ٿي وينديون هيون. مگر پوءِ جڏهن وڏن بزرگن ڏٺو ته ماڻهن جا قلب ڪارا ٿي ويا آهن تڏهن اجتهاد ڪري اهو طريقو ڳولي ڪڍيائون. هاڻي سوال آهي ته اجتهاد ڪهڙين ڳالهين ۾ جائز آهي؟ هڪ حديث شريف ۾ آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ فرمائيندا هئا ته ڪو به معاملو پيش اچي ته قرآن شريف تي فيصلو ڪيو. قرآن شريف ۾ حڪم نه ملي ته منهنجي قولن ۽ عملن تي فيصلو ڪيو جيڪڏهن انهن ۾ به حڪم نه ملي ته پوءِ قياس ۽ عقل کان ڪم وٺو. هاڻي چئو ته دل جي صفائي لاءِ قرآن شريف ۽ حديث شريف ۾ حڪم ڪونهي ڇا ۽ دين جو مقصد آهي ئي دل کي صفا ڪرڻ. پوءِ جيڪڏهن ان لاءِ قرآن ۽ حديثن ۾ هدايت ڪانه هجي ها ته پوءِ اهو دين ڪهڙي ڪم جو ٿيو. حقيقتن قرآن شريف ئي دل کي صاف ڪرڻ جو ڪامل ترين وسيلو آهي. قرآن شريف با معنيٰ پڙهبو، ان تي غور ڪبو ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته دل صاف ٿيندي ويندي. خاص طرح هڪ حديث ۾ چٽائي به ٿيل آهي ته سڀ ڪنهن شيءَ لاءِ ڪو نه ڪو علاج مقرر ڪيل آهي ۽ دل جي صفائي لاءِ جا شيءِ مقرر ڪيل آهي سا آهي نماز. نماز ۾ به قرآن شريف ٿو پڙهجي، بيشڪ قرآن شريف ۽ حديثن ۾ ذڪر جو وڏو ثواب بيان ڪيل آهي، پر ذڪر اهو ناهي جو اڄ ڪلهه جا درويش ٿا ڪن. اهو ته خيال يا قلب جي هڪ ورزش آهي، جنهن ڪري خرابيون، جهڙوڪ وات مان گجي وهڻ، دل جي پريشاني ۽ دماغ جي ڪمزوري بلڪ بيهوشي به پيدا ٿين ٿيون. ذڪر جي معني آهي الله تعاليٰ جي يادگيري ۽ ذڪر جي معنيٰ يادگيري ڏياريندڙ پڻ آهي. خود قرآن شريف ۽ نماز کي ذڪر سڏيو ويو آهي هاڻي جيڪڏهن ڪو چوي ته ذڪر اهو آهي جو اڄ ڪلهه جا درويش ٿا ڪن يا جيڪو قادري طريقي وارا زور سان الله الله الله يا هو هو چوڻ سان ٿا ڪن. ان جو فيصلو هيئن ڪري سگهبو ته حضرت جن ﷺ يا اصحابن سڳورن ڪهڙي طرح ذڪر جي حڪم جي تعميل ڪئي. هر ڪو عامل قبول ٿو ڪري ته انهن طريقن سان ذڪر ڪرڻ جو حڪم ڪونه آيل آهي، مگر ذڪر جو حڪم آهي ته سهي، پوءِ ڪهڙي به طريقي سان ڪجي ته اها بدعت ناهي. مان چوان ٿو ته اڄوڪن درويشن وارو ذڪر، ذڪر ئي ناهي، پر کڻي ذڪر ئي هجي ته به هيءَ ڪا جهڙي تهڙي ڳالهه ڪانهي جنهن ۾ حضرت ﷺ جي سنت کي ڇڏي نئون طريقو ڪڍجي. هيءُ هڪڙو نهايت ضروري اسلامي حڪم آهي جنهن تي پاڻ سڳورن ۽ اصحابن ڀلارن عمل ڪيو ۽ جوئي طريقو اختيار ڪيائون سو ئي اسان کي اخيتار ڪرڻو آهي. مٿي هڪ حديث ڏني ويئي آهي ته اجتهاد فقط تڏهن ٿو ڪري سگهجي جڏهن ڪنهن ڳالهه لاءِ حضرتﷺ جن جو عمل به معلوم نه هجي، تنهن ڪري ذڪر جي باري ۾ اجتهاد کي دخل ئي ڪونهي. سورت بقره جي 18 رڪوع جي آخري آيت ۾ هي الفاظ آيل آهن، فَاذْكُرُوْنِیْۤ اَذْكُرْكُمْ، جنهن جي لفظي معني آهي ته ”مون کي ياد ڪيو ته مان اوهان کي ياد ڪيان“ ابن جرير هڪ مشهور اوائلي مفسر پنهنجي تفسير طبريءَ ۾ انهن الفاظن جو تفسير هن طرح ٿو ڪري ته انسان جو الله تعاليٰ کي ياد ڪرڻ آهي، سندس حڪمن تي هلڻ ۽ الله تعاليٰ جو انسان کي ياد ڪرڻ آهي مٿس برڪتون نعمتون موڪلڻ، نقل کي ڇڏي عقل تي اچو.
ڪهڙو عقل وارو ماڻهو چئي سگهندو ته ماڻهو ويهي الله الله الله چون يا رات ڏينهن اٿي ويٺي ڪم ڪندي اهو مبارڪ لفظ اچاريندا وتن ۽ الله تعاليٰ شب روز خدا بخش خدا بخش يا مهرالله مهرالله وغيره فرمائيندو رهي، جيڪڏهن ڪنهن به انسان سان محبت هوندي آهي ته ان جو نالو ورد ڪبو آهي ڇا؟ فقط هر وقت سندس يادگيري رهندي آهي ۽ ان جي فرمودن موجب عمل ڪبو آهي.!
پر اڄوڪن بزرگن جو اهو خيال ۽ دليل ته هن وقت جي ماڻهن جون دليون ڪاريون آهن تن کي صفا ڪرڻ لاءِ نئين طريقي جي ضرورت پيدا ٿي آهي سو دليل به اڻپورو آهي ڇو ته جيڪڏهن اصحابن سڳورن جون دليون حضرت ﷺ جن جي فيض واري نظر جي اثر کان صاف ٿيون ته انهن مسلمانن جون ڪيئن صاف ٿيون جن پاڻ ڪريمن کي ڏٺو ئي ڪين. جيڪڏهن چئجي ته انهن کي وري اصحابن سڳورن جي فيض واري نظر نصيب ٿي ته وري ٽئين ۽ چوٿين پيڙهي وارن کي ڪنهن جي نظر فيض رسايو؟ جيڪڏهن تابعين ۽ تبع تابعين فقط فيض واري نظر کان ڪم ورتو ته ڇو نه ٿا اڄوڪا بزرگه به رڳو نظر کان ڪم وٺن. جيڪڏهن بزرگ آهن ئي ڪونه ته پوءِ ڪيئن چئبو ته انهن طريقن جي وسيلي ماڻهو بزرگ يا اولياءَ الله ٿا ٿين؟ جيڪڏهن اسان جي زماني ۾ ٻين نون طريقن جي ضرورت هجي ها ته اهي به رسول الله ﷺ جن بيان ڪري ڇڏن ها. ائين آهي ڇا ته رسول الله ﷺ جن ديني تعليمات کي اڻپورو ڇڏي ويا ۽ پوين اچي ان جي پورائي ڪئي؟ تڏهن اَكْمَلْتُ لَكُمْ دِیْنَكُمْ واري آيت جو مطلب ڇا آهي؟ لطف ته هيءُ آهي ته خود فقه ۾ انهن طريقن جو بيان بلڪل ڪونهي.
چيو ويندو آهي ته انهن طريقن ۾ ڪماليت حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ فنا في الله، واصل با الله ٿيڻ لاءِ يا ولي ۽ ڪرامت جي صاحب ٿيڻ لاءِ گهر ٻار ۽ دنيائي ڪم ڪار ڇڏي ڏيڻ ضروري آهي. مگر ائين ڪرڻ رهبانيت آهي ۽ اسلام رهبانيت سخت کان منع ٿو ڪري. تجربي مان ثابت آهي ته انهن طريقن ڪمائڻ سان ڪو هروڀرو دل صاف ڪانه ٿي ٿئي، ڇو ته ڏسجي پيو ته ڪيترائي اهڙا انسان آهن جيڪي اهي طريقا ڪمائن ٿا ته به اسلام کان برطرف آهن ۽ گناهن جا ڪم ڪن ٿا. انهي جو جواب اهو ڏنو وڃي ٿو ته انهن طريقن سان ٻيا شرط به لاڳو آهن جيئن ته شريعت جي پابندي وغيره، تڏهن چئجي ته هروڀرو انهن طريقن ڪمائڻ ۾ دل کي صفا ڪرڻ جو لازمي اثر رکيل ڪونهي مگر جنهن صورت ۾ شريعت جي پابندي ۽ قرآن شريف بامعنيٰ پڙهڻ ۽ نماز دل جي حضور سان پڙهڻ سان اهو مقصد حاصل ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ڪيئن چئبو ته اهو اثر انهن طريقن ڪمائڻ ۾ آهي؟ رواجي ماڻهو چوندا آهن ته طريقت ڪمائڻ سان انسان واصل بالله ٿئي ٿو، پوءِ هن جو قلب کلي ٿو پوي ۽ بدني ۽ باطني علم مليس ٿو، جنهن ڪري هن کي نڪا قرآن شريف پڙهڻ جي ضرورت آهي نڪا روزي نماز جي. پر بهتر ائين آهي ته روزو رکندو اچي ته ٻيا رواجي مسلمان شريعت کان بگڙي نه وڃن، شريعت کان طريقت کي مٿي ٿا سمجهن. مگر منهنجي ناقص خيال ۾ نٿو اچي ته طريقت ڇا کي ٿا ڪوٺين، شريعت آهي اسلام جون تعليمات ۽ انهن تعليمات تي هلڻ آهي طريقت، جيڪو رسول الله ﷺ ۽ اصحابن سڳورن جو طريقو (طريقو ۽ طريقت ساڳيو لفظ آهي) وٺندو سو ئي فلاح پائيندو. هڪڙي وڏي عالم بزرگ نقش بنديءَ واري کان پڇيو ويو ته اڄ ڪلهه جا صوفيانه طريقه ڪمائڻ بهتر يا قرآن شريف پڙهڻ بهتر؟ ته جواب ڏنائين ته اهي طريقه ڪمائڻ آهي دوا ۽ قرآن شريف مطالعو ڪرڻ غذا، جيئن بيمار کي اول دوا کارائي تندرست ڪري پوءِ غذا ڏجي ته زور وٺي. تئين شروعات وارن کي اهي طريقا ڏسجن پوءِ انهن کي قرآن شريف پڙهڻ جي هدايت ڪجي جنهن کان سواءِ يعني قرآن شريف کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه آهي ۽ نه ٿي سگهي ٿو. هيءُ اهڙو خيال آهي جو ٻين سڀني صوفين جي خيالن کي رد ڪري ٿو ڇڏي. ڇو ته عام صوفين جو اهو خيال آهي ته اول آهي شريعت پوءِ آهي طريقت، جنهنجي وسيلي فنافي الله ۽ واصل با الله ٿي ولي الله ٿو ٿجي. بلڪ انالحق جو دم هڻي ٿو سگهجي. در حقيقت انهيءَ بزرگه صاحب جو جواب به پورو نه آهي، ڇو ته روحاني مرضن لاءِ دوائون ۽ علاج قرآن ۽ حديثن ۾ ڪو نه سيکاريل آهن ڇا، جيڪڏهن سيکاريل آهن ته پوءِ ڇو نه اتان علاج چونڊي ڪڍجي، ۽ ڇو نئون طريقو ڪم آڻجي؟ جيڪڏهن نه سيکاريل آهن ته چئبو (نعوذ با الله منها) ته اسلام نامڪمل هو جنهن کي پوين مڪمل ڪيو؟
ساڳئي بزرگ صاحب کان پڇيو ويو ته هندن جي يوگ ۽ صوفين طريقن جي ۾ ڪهڙو تفاوت آهي؟ جواب ڏنائين ته هندو يوگي اسلامي شريعت جي پابندي نه ٿا ڪن ۽ حلال حرام جي تميز ڪا نه ٿا ڪن، مگر سچا صوفي ڪن ٿا. هن مان سمجهبو ته قبول ڪري چڪو ته هونئن ٻنهين جو طريقو ساڳيو آهي. هڪڙي ٻئي عالم بزرگ نقشبندي طريقي واري فرمايو ته اهي نوان طريقا بيشڪ دل کي صاف ڪن ٿا پر جيئن دوا سان گڏ پرهيز ضروري آهي تيئن انهن سان به پرهيز ضروري آهي. اهو جواب به ساڳئي نموني آهي جئين مٿي ڏنو ويو آهي فقط لفظن ۾ ڦير آهي. جيڪڏهن پرهيز ڪري سگهجي ۽ ڪجي ته پوءِ هنن طريقن ڪمائڻ جي ته ضرورت ئي ڪانه رهي. مگر ساڳئي بزرگ کي جڏهن چيو ويو ته عام طرح ولي الله فقط انهن کي ٿو چئجي جي اهي نوان طريقا ڪم ٿا آڻين ۽ انهن جي وسيلي ڪرشما ڪري ٿا ڏيکارين يا ماڻهن کي حال ٿا وجهن، تڏهين فرمايائين ته جاهلن جي خيال کي ڪو وٺبو ڇا. هيءُ جواب به اهڙو آهي جو عام صوفين جي ولايت کي درهم برهم ڪري ٿو ڇڏي. جيڪڏهن اها راءِ عام طرح مقبول ٿي وڃي ته پوءِ درويشن جا طالب ۽ پيرن جا مريد کين ترڪ ڪري وري سندن منهن به نه ڏسن، ڇو ته اڄ ڪلهه ماڻهو فقط انهن کي ولي سمجهن ٿا جي نوان طريقا ڪم ٿا آڻين.
هاڻي سوال آهي ته اهي نوان طريقا ڪهڙا آهن ۽ سچو پچو ذڪر ڪهڙو آهي جو رسول الله ﷺ جن ۽ اصحاب سڳورا ڪندا هئا؟ اهي طريقا اهڙي طرح لڪايا ويندا آهن جيئن عيب کي لڪايو ويندو آهي. چيو ويندو آهي ته اهي فقط انهن کي ڏسبا آهن جن ۾ مرشد لاءِ پورو يقين ۽ ويساهه هجي ۽ اهڙو شوق هجيس جو مرشد کي پڪ ٿئي ته هن کي ڏسبا ته هو ضرور ڪمائيندو. هڪڙو واهيات قصو ٻڌائيندا آهن ته ”حضرت علي رضي الله خاص طالبن کي اهي طريقا ڏسيندو هو پر انهن جي پهريائين آزمائش وٺندو هو. هڪڙي ڀيري ڇا ڪيائين جو طالبن کي ٻاهر وهاري چيائين ته مان هڪ هڪ ڪري توهان کي اندر سڏيندس پوءِ هڪڙي کي اندر آڻائي هڪڙي ڇيلي جو رت جو اڳواٽ هٿ ڪري رکيو هئائين تنهن کي اهڙي طرح هاريائين جو رت ٻاهر وهي هليو. ٻاهرين طالبن سمجهيو ته جيڪو طالب اندر ويو آهي تنهنجو رت آهي. اهو حال ڏسي ڪي ڀڄي ويا، باقي جن جو ويساهه پورو هو سو رهي پيا حضرت علي پوءِ فقط انهن کي طريقا سيکاريا“.
جيتري قدر مون کي معلوم آهي اوتري قدر ڪي طريقا بيان ڪيان ٿو. هڪڙو نمونو ته هيءُ آهي جو پهريائين طالب کي مرشد جي تصوير پچائڻ جي تلقين ڪئي ويندي آهي، انهيءَ ۾ هن کي مرشد لاءِ حب پيدا ٿيندي آهي. جڏهن ان ۾ ڪمال حاصل ڪندو آهي تڏهن چئبو آهي ته فنا في الشيخ ٿي چڪو پوءِ کيس فنافي الرسول ۽ پوءِ فنا في الله ٿيڻ سيکاريو ويندو آهي. والله اعلم هيءُ ڪم خبر ناهي ته ڪيئن ٿو ڪيو وڃي. ٻيا طريقا نفي اثبات جا ۽ تصورن پچائڻ جا به مونکي بلڪل معلوم ڪونه هئا نڪا اها خبر اٿم ته نقشبندي قادري سهروردي ۽ چشتي طريقا ڪيئن ڪمايا وڃن ٿا. پر خدا ڀلو ڪري پير ارشاد الله شاهه حڪيم، لعلورانئڪ تعلقي وارهه واري جو جنهن لڪل ڳالهيون ظاهر ڪري وڌيون آهن ۽ هڪڙو ڪتاب ارشاد المعرفت لکي ڇپايو اٿس جنهن مان مونکي پوءِ معلوم ٿيو ته اهي طريقا ڪهڙا آهن. ان ڪتاب مان مثال لاءِ فقط ٻه ٽي طريقا ناظرين جي خدمت ۾ پيش ٿو ڪريان.
طالب وضو ڪري قبلي جي طرف منهن مونن ۾ وجهي اکيون بند ڪري طريقت جي مرشد ۽ حقيقت جي پير کان مدد گهري قلب کي الله تعاليٰ ڏانهن متوجه ڪري لفظ ”لا“ کي ناف (دن) کان ڇڪي دماغ تائين پهچائي ۽ اتاهون لفظ الله کي سڄي ببي جي هيٺون آڻي ضرب هڻي. وري الا الله جي ضرب دل تي هڻي لفظ لا الهٰ جي چوڻ وقت اهو (نفي وارو) خيال دل ۾ ڪري ته الله کان سواءِ ڪجهه به ڪينهي ۽ لفظ الا الله جي چوڻ وقت (اثبات) اهو خيال ڪري ته رڳو الله ئي الله آهي (همه اواست). اهڙي طرح انهيءَ ڪلمي جو ذڪر هڪ هزار کان گهٽ نه ڪري. جڏهن مٿيون تعداد پورو ٿئي تڏهن ان وقت اهڙو تصور ڪري جو ڄڻ چانڊوڪي جهڙي نور سڄي جهان کي گهيري ورتو آهي انهيءَ خيال ۾ دل کي ايتري قدر جهلي جو خود طالب کي لذت اچڻ لڳي ۽ انس پيدا ٿئي. پوءِ ساڳئي نموني لفظ الا الله جو ذڪر هزار دفعا ڪري ۽ ساڳيو تصور ڪري. وري لفظ الله جو به ساڳيءَ طرح ۽ پوءِ لفظ هو جو به ساڳيءَ طرح، فقط ٿورو ٿورو تفاوت آهي. سال کن ائين ڪرڻو آهي پر جيڪڏهن مرشد باطني فيض وارو هجي ته جلد آسانيءَ سان منزل کي پهچي سگهجي، مگر پير صاحب ميان ارشاد الله شاهه فرمائي ٿو ته اڄوڪي زماني ۾ ڪامل ۽ فياض مرشد جو هٿ اچڻ گهڻو مشڪل آهي.
ٻيو ذڪر اسم ذات جو هيءُ آهي ته:- طالب پهريائين پنهنجي دل کي گوشت جو ٽڪرو صبويري شڪل جو تصور ڪري پوءِ خيال ۾ تصور سان گڏ لفظ الله الله جو دل کي چوائيندو ڪري جڏهن سندس خيال ۾ اهو تصور قائم ۽ مضبوط ٿي وڃي ته پوءِ دل کي الٽائي تنهنجي مٿي تي خيال جي قلم سان اسم مبارڪ ”الله“ جو سوني پاڻيءَ سان لکي ۽ دل جي اکين سان ان کي هميشه ڏسندو رهي. جڏهن اسم ذات جو نقش دل تي منقش ٿي وڃي تنهن کان پوءِ ٿورن ڏينهن اندر قلب ۾ سوراخ ڏسڻ ۾ ايندو ۽ ان جو رنگ سفيد روشن چنڊ جي چانڊوڪيءَ جهڙو هوندو پوءِ سالڪ کي گهرجي ته ان سوراخ جي مٿئون اسم مبارڪ ”الله“ جو لکي. ڪجهه ڏينهن پوءِ اهو سوراخ اهڙو ويڪرو ۽ ڪشادو ٿي ويندو جو سڄي روءِ زمين بلڪ تحت الثريٰ کان وٺي عرش معليٰ تي محيط ٿي ويندو تنهن ۾ باغ ۽ چمن، نهرون ۽ گهڻا الهيٰ عجائبات نظر اچڻ لڳندا ۽ ملائڪن مقربن، نبين جي ارواحن ۽ اوليائن سان ملاقات حاصل ٿيندي. ذات الهيٰ سڀ کان پاڪ منزل ڏسڻ ۾ ايندي انهيءَ مشاهدي ۾ به هڪ سڄو سال گذاري.
ٽيون - سالڪ اکيون بند ڪري پالڪي ماري ويهي يڳ ڪيماس يعني سڄي پاسي واري ران جي رڳ کي کٻي پير جي آڱوٺي ۽ آڱر سان پڪڙي سڄي پير جي چنبي کي کٻي ران تي رکي ۽ پنهنجا ٻئي هٿ گوڏن تي رکي مٿي کي زمين جي ويجهو ڪري لفظ کي ضرب سان زمين تان ڇڪي اخغيٰ (دماغ) تائين پهچائي لفظ ”الله“ کي ڪنڌ جي اشاري سان کٻي هٿ جي چيچ تي ضرب هڻي، اهڙي طرح هيءُ ذڪر هر روز هڪ هزار ڀيرا بنان ناغي جي ڪري هڪ سال تائين آواز سان ذڪر ڪري يا آهستي ڪري سو سالڪ جو اختيار آهي.
چوٿون - سالڪ تصور ڪري ته مان ۽ جيڪي به منهنجي نظر ۾ اچي ٿو سو مڙيوئي خاڪ آهي. جڏهن ڏسڻ ۽ هٿ لائڻ سان سڀ ڪجهه خاڪ معلوم ٿئيس تڏهن خاڪ کي پاڻي تصور ڪري پوءِ وري هوا تصور ڪري ۽ پوءِ باهه وغيره وغيره.
اهڙا طريقا مٿي بيان ڪيل ڪتاب ۾ گهڻا ڏنل آهن ۽ تفصيل سان بيان ڪيل آهن. مون فقط چار انهن منجهان هت ڏنا آهن سي به بلڪل مختصر طور. اهي ئي طريقا آهن جن بابت مون مٿي چيو آهي ته نه رسول الله ﷺ ڪمايا آهن نه اصحابن سڳورن، نه قرآن مجيد ۽ حديثن ۾ نه فقهه ۾ بيان ڪيل آهن. تنهن ڪري بدعت آهن ۽ ڪل بدعت گمراهي آهي. مگر عام طرح ته خيال ڪيو وڃي ٿو ته انهن ئي طريقن سان واصل با الله ۽ ولي الله ٿو ٿجي. مان ٿو پڇان ته انهن طريقن کان سواءِ ولي الله ٿي نه ٿو سگهجي ته اصحاب سڳورا اولياءَ نه هئا ڇا ۽ ڇو نه الله ۽ الله جي رسول اهڙا طريقا سيکاريا جن سان ئي ولي الله ٿي ٿو سگهجي؟
ٻئي هڪڙي قسم جو ذڪر به بيان ڪيان ٿو جو عام ماڻهو سومهڻيءَ جي وقت يا اسر جي وقت آواز سان ڪندا آهن. مان جڏهن ننڍو هوس تڏهن منهنجي ڏاڏي جي مرشد جي اولاد وارا پير منهنجي ڳوٺ ۾ ايندا هئا ۽ سومهڻيءَ جي وقت مريدن ۽ جماعتين سان گڏجي ڳچ وقت زور سان لا الا الا الله، لا الا الا الله ۽ پوءِ وري ڳچ وقت الا الله، الا الله پوءِ وري ڳچ وقت الله الله ۽ ڳچ وقت ’هو هو‘ ڪري پوءِ منهن مونن ۾ وجهي گهڙي کن مراقبه ڪري، پوءِ دعا گهرندا هئا. ائين هاڻي به گهڻائي مرد خواه زالون سر ۽ آلاپ سان ڪندا آهن. مون هڪڙي عالم سڳوري کان پڇيو ته حضرتﷺ جن ۽ اصحاب سڳورا ائين ڪندا هئا يا نه؟ جواب ڏنائين ته نه.
هاڻي اچان ٿو انهي سوال تي ته اهو ڪهڙو ذڪر آهي جنهن جو حڪم قرآن شريف ۽ حديثن ۾ آهي ۽ ان حڪم جي تعميل حضرت ﷺ ۽ اصحاب سڳورن ڪيئن ڪئي؟ ذڪر جي معنيٰ يادگيري آهي ۽ يادگيري ڏياريندڙ به آهي. جيڪڏهن ڪنهن به شخص کي پنهنجي پٽ يا پياري دوست سان گهڻي محبت هوندي آهي ته ان کي اهو پٽ يا دوست بي اختيار هر وقت ياد هوندو آهي. هن جي رفتار گفتار، شڪل شباهت، مرڪڻ کلڻ وغيره وغيره سڀ ڪجهه اکين آڏو رهندو آهي. جيڪڏهن ٻيو ڪو ماڻهو ساڻ هوندو اٿس ته ان سان پنهنجي پٽ يا دوست جون ڳالهيون ڪندو آهي ۽ سندس صفتون ۽ گڻ بيان ڪندو آهي. عملن وري انهيءَ جي مرضيءَ موجب هلندو آهي ۽ هنن جي لاءِ سوکڙيون پاکڙيون وٺندو آهي مگر سندن نالي جو ڪڏهن به ورد ڪو نه ڪندو آهي. يعني اڪيلائي ۾ يا ٻين جي روبرو ۽ دل ۾ يا آواز سان يوسف، يوسف يوسف يا يعقوب يعقوب ڪو نه چوندو آهي. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪنهن شخص کي علم عقل ۽ قدرت تي غور ويچار ڪرڻ ۽ چڱي صحبت جي اثر کان الله تعاليٰ لاءِ محبت پيدا ٿيندي آهي ته هن کي به بي اختيار هر وقت اڪيلائي ۾ خواه مجلس ۾ کائيندي پيئندي، گهمندي ڦرندي، ڪم ڪندي الله تعاليٰ ياد هوندو آهي. الله تعاليٰ جي يادگيري جي ڪري هر وقت گناهن کان بيزار رهندو آهي ۽ الله تعاليٰ جي مرضيءَ موجب عمل ڪندو آهي. هر وقت سندس تعريف ۽ سندس صفتون ۽ حڪم احڪام بيان ڪندو آهي ۽ هر وقت هر ڪم ۾ کانئس مدد ۽ هدايت گهرندو آهي. مناسب موقعن تي ۽ دل جي جذبي ۽ سمجهه سان ”بـسم الله لا الا الا الله سبحان الله الحمد الله الله اڪبر“ ۽ اهڙا ٻيا ڪلما دل ۾يا آواز سان ڪڍندو آهي ۽ دل سان هنڊائيندو آهي. مجلس ۾ به الله تعاليٰ جون هدايتون ۽ حڪم ۽ صفتون بيان ڪندو آهي ۽ وعظ ۽ تقريرون ڪندو آهي. سڀڪو ڪم بـسم الله چوڻ سان شروع ڪرڻ ۾ به الله تعاليٰ جي يادگيري آهي. هر وقت الله تعاليٰ کان دعائون گهرڻ به ذڪر آهي. دست به ڪار دل به يار! ائين نه ته هٿ هجي تسبيح ۾، الله جو نالو زبان تي مگر دل ۽ خيال ٻئي پاسي - انهيءَ ڪري سڀني کان چڱو ذڪر آهي قرآن شريف سمجهه سان پڙهڻ ڇو ته قرآن شريف پڙهڻ سان نه رڳو الله تعاليٰ جي يادگيري ٿي اچي پر سندس صفتون ۽ حڪم احڪام به معلوم ٿا ڪجن. نماز به ذڪر آهي ڇو ته نماز ۾ به الله تعاليٰ جي تعريف ٿي ڪجي ۽ منجهس قرآن شريف ٿو پڙهجي - حديثن مان معلوم ٿو ٿئي ته رسول الله ﷺ هر ڪم ۾ هر موقعي تي مناسب دعائون گهرندا هئا - جن کي اهي دعائون معلوم ڪرڻيون هجن سو مولانا مولوي صاحب رحيم بخش مرحوم جو ڪتاب نالي ”اسلام کي چهڻي ڪتاب“ پڙهي ڏسي - انهيءَ ۾ عربي دعائون به ڏنل آهن ۽ انهن سان گڏ اڙدوءَ ۾ ترجمو به ڏنل آهي - مولانا صاحب ان ڪتاب جي مهاڳ ۾ ذڪر جي فائدن جون حديثون ڏيئي فرمائي ٿو ته
پس جب دعائين ايسي بي نظير فوائد پر مشتمل هين تو اس لئي اراده هوا که اب چهڻي ڪتاب دعائون مين با ترجمئه مختصر اور چهوڻي تقطيع پرچهاپ کر شايع کرين. هن مان سمجهي - وري ”اسلام کي ساتوين ڪتاب“ ۾ ترغيب فضيلت نماز صبح و عصر کي بعد ذڪر کرني اور نفل پڙهني مين“ جي سري هيٺ لکي ٿو
"اور فرمايا آنحضرت ﷺ ني جو شخص عصر کي نماز بعد آفتاب کي ڊوبني تک ذڪر ڪرتا رهي اس کو بهي ايسا ثواب ملتا هي جيسا صبح کي نماز کي بعد آفتاب نکلني کي وقت تک ذڪر کرني سي ملتاهي ان اوقات مين جو اور دعائين وارد هين انکو هم اسلام کي چهڻي کتاب مين با فواعد و ترجمه لکهه چکي هين–
هن مان به معلوم ٿيندو ته ذڪر ۽ دعائون ساڳي ڳالهه آهي. قرآن شريف ۾ جو فرمايل آهي واذڪر اسم ربڪ في نفسڪ تنهن جي معنيٰ اها ناهي ته پير ارشاد الله شاهه جا بيان ڪيل طريقا ڪمايو مگر معنيٰ هي آهي ته دل ۾ پنهنجي رب جو نالو ياد رکو. هڪڙي هنڌ ذڪر کي اڪبر سڏيو ويو آهي ان جو مطلب اهو ناهي ته ذڪر نماز کان وڌيڪ آهي ڇو ته نماز پاڻ اعليٰ ۾ اعليٰ ذڪر آهي، مگر مطلب هي آهي ته نماز وغيره جهڙن ڪمن ۾ سڀ کان مکيه ڳالهه يا مکيه مقصد يا مکيه فائدو آهي الله تعاليٰ ۽ سندس حڪمن جي يادگيري. ابن جرير جي خيال موجب الله جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ به ذڪر آهي - منهنجي خيال ۾ ذڪر اهي ئي آهن جيڪي مون بيان ڪيا آهن - اصحابن سڳورن به انهن نمونن سان ذڪر ڪيو. اسان کي به گهرجي ته سڀني ديني معاملن ۾ اصحابن سڳورن جي پيروي ڪريون. انهن جي روش ڇڏي ٻي روش وٺڻ گمراهي ۾ پوڻ آهي. جيڪي نيون ڳالهيون نڪتيون آهن سي بدعت آهن. خصوصن تصوف جا جيڪي نوان طريقا نڪتا آهن جن کي ذڪر سڏيو ٿو وڃي سي ذڪر جي معنيٰ هيٺ بلڪل اچي نه ٿا سگهن، انهن کي ذڪر سڏڻ ئي نه گهرجي. ڪوڙي تصوف جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو نوانوي سيڪڙو ماڻهو اسلام ۽ شريعت کي معمولي ٿا سمجهن. قرآن ۽ حديث جي علم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ئي نه ٿا ڪن ۽ الله تعاليٰ جي پرستش بدران پير پرستي فقير پرستي ۽ قبر پرستي اختيار ٿا ڪن.