محبت جو اسلامي فلسفو
الله تبارڪ و تعاليٰ رحيم، رحمان، ڪريم، رؤف ۽ ودود آهي. انهيءَ مان اسان کي هي سبق مليل آهي ته اسان کي به هڪ ٻئي سان محبت ۽ رحم ۽ مددگار ڪرڻ گهرجي قرآن شريف ۾ آهي ته جيڪڏهن توهان الله تعاليٰ سان حب رکو ٿا ته رسول اللهﷺ جي پيروي ڪريو ته پوءِ الله تعاليٰ اوهان کي به حب ڪندو. حديث ۾ فرمايل آهي ته الله تعاليٰ انهيءَ تي رحم نٿو ڪري جو ٻين تي رحم نٿو ڪري ۽ پڻ فرمايل آهي ته جو شخص پنهنجي ڪنهن ڀاءُ جو حق ٿو ماري سو الله تعاليٰ جو منڪر آهي ۽ هو الله تعاليٰ کي نٿو مڃي. الله تعاليٰ ٿو فرمائي ته اي بندا ! مون سان حب رکين ٿو؟ پهريائين ذات انسان سان محبت رک، مٿي رسول الله ﷺ جي پيروي ڪرڻ جو حڪم آيل آهي. رسول الله ﷺ جي رَوَشِ ڪهڙي هئي؟ پاڻ سڳورا ڪافرن دشمنن ۽ ظالمن سان به انصاف رحم ۽ شفقت سان پيش ايندا هوا هر وقت خدا سائينءَ کان دعا گهرندا هئا ته اي منهنجا رب ! تون کين هدايت ڪر ته عذاب کان کين پناه ڏي مٿين حديثن مان معلوم ڪري سگهبو ته جو شخص ٻين انسانن سان حب ٿو رکي سو الله تعاليٰ سان حب ٿو رکي ۽ الله تعاليٰ به کيس حب ٿو ڪري مگر جيڪو شخص ٻين انسانن سان دشمني ٿو ڪري سو الله تعاليٰ جو به دشمن آهي ۽ خدا تعاليٰ کيس دنيا ۽ آخرت ۾ خوار خراب ۽ برباد ٿو ڪري. قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ اصحابن سڳورن کي فرمائي ٿو ته مان توهان تي وڏو احسان هي ڪيو آهي جو توهان کي ڀاءُ ڀاءُ ڪري ڇڏيو اٿم ۽ پڻ فرمائي ٿو ته مومن سڀ ڀائر آهن ۽ جيڪڏهن ڪي ٻه پاڻ ۾ وڙهيل هجن ته انهن جو پاڻ ۾ صلح ڪرائي ڇڏيو. مطلب ته اسلام دنيا ۾ صلح سلامتي ۽ محبت قائم ڪرائڻ آيو. اسلام لفظ جي معنيٰ ئي آهي صلح سلامتي. مسلمان اهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان کان سڀ مسلمان سلامت هجن. الله تعاليٰ جو هڪ نالو آهي اَلسلامُ يعني صلح سلامتي ڏيندڙ. بهشت جو به هڪ نالو آهي دَار السلام يعني صلح ۽ سلامتي جو گهر. اَلسلامُ عليڪم جي معنيٰ آهي ته اوهان تي صلح سلامتي هجي. بهشت ۾ به اهو ئي لفظ ٻڌڻ ايندو ته سلام قولا من رَب رَحيم. سبحان الله ! الله تعالي ڪيئن نه اسان کي صلح سلامتيءَ جي تعليم ڏني آهي. اسان ڪهڙا نڀاڳا آهيون جو صلح سلامتي جي بدران جهيڙن جهڳڙن فسادن ۽ هڪ ٻئي جي نقصانن ڪرڻ ۾ هڪ ٻئي کي بلڪ پاڻ کي سبيئري دوزخ ۾ وڌو اٿئون ۽ الله تعاليٰ جا دشمن ۽ شيطان جا دوست ٿيا آهيون. الله تعاليٰ سان دشمني رکڻ آهي پنهنجي بربادي ڪرڻ. سو سچ پچ به اسان دنيا ۾ ئي نهايت خوار خراب ۽ ذليل ٿي چڪا آهيون. الله تعاليٰ جو هڪ عجيب قانون آهي جو قرآن شريف مان به ثابت آهي ته جيڪي ماڻهو ڪا چڱائي ڪري ٿو سا پنهنجي لاءِ ٿو ڪري ۽ جيڪو گناهه ٿو ڪري تنهنجو وبال پاڻ ئي ٿو ڀوڳي. هن مان سمجهبو ته اسان مان ڪو شخص جيڪڏهن ڪنهن ٻئي سان دشمني ٿو ڪري، گلا ٿو ڪري، يا ڪو نقصان ٿو ڪري ته در حقيقت پنهنجو نقصان ٿو ڪري، نه ٻئي ڪنهن جو. جيڪڏهن ٻئي سان چڱائي ٿو ڪري ته پنهنجي لاءِ چڱائي ٿو ڪري، نه ٻئي ڪنهن جي لاءِ. ڇو ته الله تعاليٰ چڱائي ڪندڙ کي نعمتون ٿو ڏئي ۽ بڇڙاين ڪندڙ تي مصيبت نازل ٿو ڪري. الله تبارڪ و تعاليٰ سڄي ڪائنات جو بنياد محبت تي ٻڌو آهي ڏسو ته جيڪڏهن نر ۽ ماديءَ جي پاڻ ۾ محبت نه هجي ته سڄي دنيا فنا ٿي وڃي. زال مڙس جي پاڻ ۾ ڪيڏي نه محبت ٿي ٿئي ۽ ڪيتري قدر هو هڪ ٻئي لاءِ دل ۽ اکين جو ٺار آهن تنهن کان پوءِ اولاد لاءِ ماءُ پيءُ کي ڪيتري نه محبت آهي ۽ کين ڪيتري نه اولاد مان راحت ٿي رسي. اها محبت ڪنهن اسان ۾ وڌي آهي؟ اها انهيءَ ٻاجهاري الله تعاليٰ وڌي آهي جنهن ڪائنات کي پيدا ڪيو ۽ اسان جي خوشيءَ ۾ راحت جا اسباب پيدا ڪيا. ٿورو غور ڪريو ته جئين اسان کي پنهنجي زال مڙس ۽ اولاد پيارو آهي ۽ پنهنجي خوشي ۽ عزت پياري آهي تيئن ٻين کي به ته پيارا آهن پوءِ جيئن پنهنجن لاءِ چڱائي ٿا گهرون تئين اسان کي ضرور ٻين لاءِ به چڱائي گهرڻ گهرجي. (حديث سڳوري آهي ته ڪو به ماڻهو تيستائين پورو ايمان وارو نه چئبو جيستائين جا شيءِ پاڻ لاءِ پسند ڪري سا پنهنجي ڀاءُ لاءِ به پسند ڪري). جيئن زال مڙس ۽ اولاد لاءِ محبت ۾ اسان کي خوشي حاصل ٿي ٿئي تئين ٻين سان محبت رکڻ ۾ به اسان کي خوشي ٿيندي. ٻين سان محبت ۽ ڀلائي جو رستو رکبو ته هو به اسان سان محبت رکندا. جنهن ڪري اسان کي خوشي حاصل ٿيندي. پر جيڪڏهن هن ٻين سان دشمني ۽ بدخواهي جو رستو رکنداسين ته هو به اسان جا دشمن بڻبا ۽ اسان جي زندگي تلخ ۽ خطرناڪ ٿي پوندي. اهو ئي سبب آهي جو الله تعاليٰ پيءُ، ماءُ ۽ اولاد بعد پنهنجن مائٽن ۽ پاڙيوارن سان محبت رکڻ ڀلايون ڪرڻ ۽ سوکڙيون پاکڙيون ڏيڻ جو حڪم ڪيو آهي. تنهن کان پوءِ سڄي ملڪ ۽ قوم جي حب رکڻ ۽ ان کان پوءِ سڄي دنيا ۽ ذات انسان جي محبت جي تلقين ڪئي آهي. مٿين ڳالهين تي غور ڪرڻ مان اهو ئي نتيجو نڪري ٿو ته جيڪو شخص ٻئي سان محبت ۽ چڱائي ٿو ڪري سو درحقيقت پنهنجي لاءِ چڱائي ۽ خوشي پيدا ٿو ڪري ۽ جيڪو ٻئي جي لاءِ نقصان ٿو ڪري سو پنهنجي لاءِ مصيبت ٿو خريد ڪري. ساڳئي طرح جيڪا قوم ٻئي قوم سان ظلم ٿي ڪري سا پاڻ تي ئي ظلم ٿي ڪري. سمجهو ته هڪ زبردست شرير زميندار مسڪينن تي ظلم ٿو ڪري. ظاهري ائين پيو ٿو ڏسجي ته زميندار کي ڪو به نقصان ڪو نه ٿو رسي غريب پيڙجن پيا ۽ زميندار مزا ويٺو ڪري. مگر حقيقت هيءَ آهي ته ان زميندار جي گهر ۾ خوشي ڪانهي سندس اندر هميشه کاڌل آهي، خطري جو ڀوت هميشه سندس در وٺيو ويٺو آهي. اسراف ۽ بداخلاقين جي ڪري سندس پورت ڪا نه ٿي پوي ۽ وقت بوقت ناگهاني مصيبتن جو شڪار ٿيو وڃي. هوڏانهن وري جيڪڏهن غريبَ مظلوم به پوري حق تي هجن ته ڪڏهن به زميندار مٿن ظلم نه ڪري سگهي. ڏسجي پيو ته جيڪڏهن ڪو غريب مظلوم ڪورٽ ۾ زميندار تي فرياد ٿو ڪري ته ٻيا غريب ان زميندار جي ڊڄ کان يا ڪم عقلي کان ڪنهن پنهنجي غرض سببان زميندار جي فائدي ۾ ڪوڙي شاهدي ٿا ڏين، تنهنڪري ڪورٽ انصاف نٿي ڪري سگهي. پر جيڪڏهن غريب سچي شاهدي ڏين ته پوءِ ماجسٽريٽ ڪهڙو به رشوتي هوندو ته به مجبورن زميندار تي چارج رکڻي پونديس. هن مان سمجهبو ته بي همت غريب پاڻ تي پاڻهي ظلم ٿا ڪن. اهڙين حالتن ۾ ظالم ۽ مظلوم پاڻ کي پاڻ ٿا پيڙين. جيڪڏهن غريب همت ڪري حق تي هلن ته ظالم زميندار يا ته سڌري پوندو يا تباهه ٿي ويندو. پر جيڪڏهن غريبَ همت ڪري حق تي نه هلندا ته به ظالم زميندار اڳي ڪي پوءِ پاڻهي تباهه ٿيندو.
ساڳي طرح سمجهيو ٿو وڃي ته سنڌ جا هندو خراب آهن ۽ غريبن مسلمانن تي هر طرح ظلم ٿا ڪن (مان ائين نه ٿو چوان ته حقيقت ائين آهي). ان جو علاج اهو نه آهي ته مسلمان رڳو گهوڙا گهوڙا ڪن يا انهن جي ظلمن جي بدلي ۾ انهن سان ٻئي قسم جا ظلم ڪن. ايئن ڪرڻ ۾ ٻنهين جي بربادي آهي. اهڙي حالت ۾ مسلمانن جو فرض آهي ته پاڻ کي سجاڳ ڪن علم ۽ واپار کي وٺن. سستي، فضول خرچي ۽ ٻيون بداخلاقيون ڦٽي ڪري محنت ۽ سادگي سان گڏ نيڪ اخلاق اختيار ڪن، پوءِ ڪو به هندو ڪنهن به مسلمان تي ظلم ڪري نه سگهندو. جيڪڏهن هو ڪندو ته اهو مسلمان رڳو پاڻ يا ٻين جي مدد سان جائز نموني پنهنجي حق ۽ انصاف جي طلب ڪري سگهندو ۽ ظالم کي سزاياب ڪرائي سگهندو. تنهنڪري جيڪڏهن هندو مسلمانن جا دشمن آهن ته مسلمانن کي هندن سان دشمنيون ڪرڻ نه گهرجن پر اٽلندو ساڻن چڱايون ڪرڻ گهرجن. فقط پاڻ کي سڌاري پنهنجا بچاءَ ڳولڻ گهرجن، پوءِ هندو پاڻهين سڌرندا يا فنا ٿي ويندا. ساڳي طرح مسلمان جيڪڏهن هندن سان ظلم ٿا ڪن ته هندن کي چڱو ٿيڻ گهرجي ته پوءِ مسلمان پاڻهي سڌري پوندا يا تباهه ٿي ويندا. هندو چڱا يا ترقي يافته هجن ته مسلمانن جو به فائدو آهي ۽ مسلمان چڱا يا ترقي يافته هجن ته هندن جو به فائدو آهي.
وري اچو حاڪم ۽ محڪوم قوم جي مثال تي. انگريز هندوستان فتح ڪري اسان تي حڪومت پيا ٿا هلائين. ان ۾ اسان جو ئي قصور آهي! جيڪڏهن اسان ۾ علم ۽ اتفاق ۽ حب الوطني هجي ها ته انگريز ڪڏهن به هندستان فتح نه ڪري سگهن ها. مگر اسان ۾ گهڻيون ئي خاميون هيون ۽ آهن. انگريزن جي حڪومت ڪري اسان کي گهڻو ئي فائدو ٿيو آهي؛ اسان گهڻي قدر سجاڳ ٿيا آهيون، گهڻي قدر اسان ۾ علم عقل ۽ حب الوطن وڌي آهي. هن وقت جيڪڏهن انگريز پنهنجي فائدي واسطي هندستانين سان بي انصافي ڪندا (مان ائين ڪو نه ٿو چوان ته هو سچ پچ بي انصافي ڪن ٿا) ته انهي ۾ سندن ئي نقصان آهي. بي انصافيءَ جي ڪري هنن ۾ اهڙيون خاميون پيدا ٿينديون جو خود بخود فنا ٿي ويندا. پر جيڪڏهن هندستاني پاڻ سجاڳ ٿين ۽ انگريزن سان ڪا به دشمني يا بغض نه رکن فقط پاڻکي سڌارين ۽ اتفاق ڪري جائز طور پنهنجي حقن جو بچاءُ ڪن ته پوءِ انگريز ڪا به بي انصافي نه ڪري سگهندا. جي ڪندا ته ٿورڙي ئي عرصي ۾ بادشاهي وڃائي ويهندا. هيءُ سڀ مثال طور چيل آهي ته مان ائين نه ٿو چوان ته انگريز سچ پچ بي انصافيون ڪن ٿا.
هي اُهو فلسفو آهي جنهن جو راز گهڻن ڪوتاهين ۽ خود غرض ماڻهن کان لڪل رهيو آهي. اُهي بادشاهه يا وزير يا حڪومتون جي ٻين قومن تي ظلم ٿيون ڪن سي سچ ته پاڻ تي ظلم ڪري پاڻ کي برباد ڪري رهيون آهن. اهي مدبر نه آهن پر ڪوتاهه نظر ۽ احمق آهن. تاريخ جا ورق اٿلائي ڏسو جنهن به قوم ظلم ڪيا تنهن ۾ بداخلاق پيدا ٿي ويا ۽ آخر انهيءَ کي اهڙا مصيبتن جا ڏينهن ڏسڻا پيا جو اَلاَمان وَالحفيظ. مطلب ته قومن جي ترقيءَ جو راز محبت ۽ انصاف ۾ ۽ تنزل جو راز ڪلفت ۽ ظلم ۾ رکيل آهي.
هاڻي سوال آهي ته جيڪڏهن ٻئي سان چڱائي ڪرڻ ۾ پنهنجي ئي چڱائي آهي ۽ ٻئي سان ناحق ڪرڻ ۾ پنهنجي ئي بربادي، ته پوءِ ڇو محبت جو رستو ڦٽو ڪري ڪلفت جو رستو اختيار ڪيو اٿئون. ٻه سبب آهن، هڪ ڪوتاه بين حماقت ۽ جهل ۽ ٻيو نفساني خواهشن (جنهن ۾ طمع ۽ خودغرضي به اچي وئي) تي ضابطي رکڻ ۾ ڪمزوري. پهرئين نقص جو علاج هي آهي ته اسان علم کي وٺي وڃون خصوصن قرآن شريف ۽ حديثون معنيٰ سان پڙهون. ٻئي نقص جو علاج هي آهي ته اسلام جي پنجن رُڪنن تي سمجهه سان پابند رهون. نماز روزا وغيره اسان کي استقلال ۽ پاڻ تي ضابطو رکڻ ۽ ٻيا ڪيترا ضروري گڻ سيکارن ٿا. وَما علينا اِلاَ البلاَغُ وَالسلامُ عليٰ منِ اتبعَ الهديٰ.
(توحيد سيپٽمبر 1934ع)