ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

جاگرافي ڪيئن سيکارجي؟

حقيقتاً جغرافيه (جاگرافي جو علم) نه رڳو مفيد پر گڏوگڏ وڻندڙ به آهي. ڇو ته اُن جي وسيلي سڄيُ دنيا جو سير گهر ويٺي ڪري ٿو سگهجي، ۽ سڄي جهان جي سڀڪنهن قسم جي واقفيت حاصل ٿي ٿئي.
خصوصن نقشن ۽ تصويرن جي وسيلي سڄي دنيا اکين جي آڏو اچي ٿي وڃي ۽ عجيب ۽ دلفريب نظارا ٿا ڏسجن. مگر افسوس جو اسان جا اڪثر ماستر پنهنجي لاءِ خواه ويچارن ٻارن لاءِ هن علم کي خشڪ ۽ بي سود ڪيو وجهن. طوطي وانگر نالا ۽ ٻيون ڳالهيون ياد ڪرائي ڇوڪرن جي دماغ تي ٻوجهه وجهيو ڇڏين.
اها سڄي محنت ماسترن جي خواه ويچارن ٻارن جي بلڪل اجائي ۽ نقصان ڪار ٿي ٿئي. جن ٻارن کي جاگرافي چڱي طرح ايندي آهي تن کي حاصل ڪئي اٿئون، ۽ جن کي پڪو هوندو آهي تن کي به سڌ ڪانه هوندي آهي ته اُنهيءَ منجهان ڪا پنهنجي ملڪ جي خبر ٿي پوي. ڪي ڇوڪرا جن جو ڳوٺ سنڌو نديءَ جي ڪپ تي آهي ۽ سنڌونديءَ جو بيان ٻڌائي ويندا آهن ۽ نقشه تي به ڏيکاري ويندا آهن تن کان پڇبو آهي ته درياءُ ڏٺو اٿو ته چوندا آهن ته هائو اجهو هيءُ پيو وهي. ڪهڙي نه حيرت جهڙي ڳالهه چئبي جو ماستر کين ايترو به نه ٻڌائيندا آهن ته سنڌو ندي اها آهي جنهن کي ماڻهو درياءُ سڏيندا آهن. ٻيو ڇوڪرا نقشي تي سڀ ڪجهه ڏيکاري سگهندا آهن، مگر ايترو به ٻڌائي نه سگهندا آهن ته فلاڻو ڳوٺ اسان کي فلاڻي طرف آهي ۽ هيترا ميل پري آهي.
طرف پهرين درجي ۾ ئي ٿا سيکارجن ڇو ته اسڪول جو نقشي ڪڍڻ اُن درجي ۾ سيکاربو آهي. ٻئي درجي ۾ نقشي جا طرف سيکاري پوءِ ڇوڪرن کي استعمال ڪرائجي، جيئن نقشه تي ڏسي ٻڌائي سگهن ته فلاڻو ڳوٺ فلاڻي ڳوٺ کان فلاڻي طرف آهي. جڏهن انهن کي اها خبر پئجي ويندي تڏهن ڏاڍو مزو اچي ويندن ۽ فرصت جي وقت ۾ ازخود پيا ڏسندا ۽ ٻيا معلوم ڪندا ته فلاڻو ڳوٺ اسان کان فلاڻي طرف آهي.
اهڙي طرح ٽئين درجي جي شروعات ۾ ئي ڇوڪرن کي مفاصلو ڪڍڻ سيکارجي، پوءِ کين نقشي سان وڌيڪ دلچسپي ٿيندي. ازخود ضلع جي ڊيگهه ويڪر لهندا، واهن جي ڊيگهه ڪڍندا ۽ ڳوٺن جي وچ ۾ مفاصلو ڪڍندا وغيره وغيره.
پهرئين درجي ۾ اسڪول جي جاءِ جو نقشو ڪڍڻ سيکاربو آهي. اڪثر ماستر ڇا ڪندا آهن جو بورڊ تي نقشو ڪڍي ڏيکاريندا آهن، ۽ ڇوڪرا نقل ڪري پڪو ڪري ڇڏيندا آهن. جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو رڳو پنهنجي ڪلاس جو نقشو به ڪڍڻ ڪين ايندو اٿن.
ماسترن کي گهرجي ته پهريائين پنهنجي ڪلاس جو نقشو ڪڍرائين، سو به ماستر پاڻ نه ڪڍي. هر ڪوئي ڇوڪرو پنهنجو خيال هلائي. جيڪڏهن ڪو چڪ ڪري ته اهڙو سوال ڪجيس جنهن مان هو چڪ سمجهي پاڻيهي درست ڪري.
نقشي ۾ طرف وجهرائجن، درين ۽ درن جا نشان ڪرائجن. پوءِ وري ڪنهن ٻيءَ جاءِ جو نقشو ڪڍرائجي.
جيڪڏهن ڇوڪرا پاڻيهي نقشو ڪڍي ويا ته سمجهبو ته نقشو ڪڍڻ سکيا. ماسترن کي اهڙن سوالن سان ڇوڪرن جو خيال هلائڻ گهرجي جو ڇوڪرا پاڻ ڪم ڪري وڃن. ماستر چوندا ته هي نمونو اختيار ڪرڻ ۾ تڪليف آهي، حقيقتاً ائين ناهي. ڇو ته هن نموني ۾ تڪليف رڳو شروعات ۾ آهي. مگر اڳوڻي نموني سان ڪيتري به تڪليف وٺبي ته به ڇوڪرا نقشو ڪڍڻ هرگز ڪو نه سکندا. ٻيا ڪم به ائين آهن. نقشي ڪڍرائڻ ۾ ماپ ڪرائي پيمانه ڇوڪرن کان ڪڍرائجي. ٻئي درجي ۾ ڇوڪرن کي ڳوٺ جو نقشو ڪڍرائجي. پنهنجو ڳوٺ هر هڪ شاگرد جو ڏٺل آهي. تنهنڪري ڪلاس ۾ ويهي ڪري نقشو ڪڍي طرف لکي ۽ جيڪي ڪي هر طرف آهي سو لکي ڇڏيندا. مثلن جيڪڏهن اوڀر طرف رستو آهي ته ان طرف رستو ڪڍي لکن ته هيءُ رستو آهي ۽ هيڏي فلاڻي ڳوٺ ڏي ٿو وڃي ۽ هوڏي فلاڻي ڳوٺ ڏي ٿو وڃي. پر جيڪڏهن ڪلاس ۾ نه ڪڍي سگهن ته ڪنهن اُوچيءَ جاءِ تي چڙهي يا چوڌاري ڳوٺ جي ڦري سليٽ تي ٻاهرين حد ڪڍندا وڃن، پوءِ مکيه گهٽيون ڪڍن.
تنهن کان پوءِ وري ڪنهن اُوچي جاءِ تي چڙهي ڇوڪرن کي چئجي ته هاڻي هڪ ٻيو نقشو ڪڍو جنهن ۾ هيءَ جيڪي آس پاس ڏسون ٿا سو سڀ اچي وڃي.
هيءُ جيڪو واه ڏسو ٿا اهو انهيءَ طرف جي حد ڪريوس. وري هيڏي جيڪو ڳوٺ ٿا ڏسو سو انهيءَ طرف جي حد تي بيهاريو وغيره وغيره.
هاڻي انهن حدن جي اندر جيڪي رستا يا پيچرا يا ڪڙيا ڏسو ٿا تن جا نشان ڪڍو.
پوءِ ڳوٺ جي جاگرافي شروع ڪرڻ گهرجي.
ڳوٺ بابت سڀ احوال ڇوڪرا پاڻ ٻڌائي سگهندا. ڳوٺ جي آس پاس واه، ڍنڍون ، پوکون ۽ ڳوٺ جي آدمشماري، ماڻهن جون ذاتيون، رسمون، رواج، چال چلگت، ڌنڌا، هنر، ڪاريگريون، واپار، علمي ۽ اخلاقي حالت وغيره، وغيره ڇوڪرن کان پڇڻ گهرجن. انهيءَ سان گڏ ضروري نصحيتون به ملائي ٿيون سگهجن.
پوءِ ڳوٺ جي ٻاهران اچي کانئن پڇجي ته هيءُ رستو يا پيچرو ڪاڏي ٿو وڃي؟ واٽ تي ڪهڙا ڳوٺ آهن ۽ ڪيترو پري آهن؟ اُهي ڳوٺ ڪهڙين ڳالهين ۾ اسانجي ڳوٺ جهڙا آهن ۽ ڪهڙين ڳالهين ۾ ٻيءَ طرح آهن؟ موٽي اچي اُهي ڳوٺ ۽ واه وغيره نقشي تي به ڏيکارجن. اهڙيءَ طرح سڄي تعلقي جو احوال سيکاري وڃجي.
جن اڻ ڏٺل شهرن ۽ ملڪن جو احوال ڏيڻو هجي تن جي پنهنجي ڳوٺ ۽ ملڪ سان ڀيٽ ڪرڻ گهرجي ۽ جا شيءِ ڇوڪرن نه ڏٺي هجي سا ڪنهن ڏٺل شيءِ سان ڀيٽ ڪري سمجهائجي مثلن ڇوڪرن جبل ڪو نه ڏٺو هجي ته کين پٿرن جا قسم ڏيکارجن ۽ ڪو دڙو ۽ بند به ڏيکارجي پوءِ کين سمجهائجي ته جبل اهڙن پٿرن جا دڙا يا قطارون آهن پر اُهي پٿر ننڍڙا به آهن ۽ تمام وڏا به آهن، اُهي دڙا يا قطارون اُتاهين ءَ ۾ ايترو وڏا آهن جيترو اسان جي ڳوٺ کان فلاڻو ڳوٺ.
ڍنڍ سيکارڻي هجي ته ڳوٺ جي کڏ ڏيکاري چئجي ته ڍنڍ هن کڏ وانگر ٿي ٿئي، پر هيءَ کڏ ننڍي آهي هوءَ ڍنڍ هيترو ڊگهي ۽ هيترو ويڪري آهي.
اهڙي طرح درياءُ واهه جي مدد سان سمجهائجي ۽ سمنڊ کڏ يا ڍنڍ جي مدد سان. راسيون، ناريون، ٻيٽ وغيره به ننڍين کڏن ۾ گهڻيو نئي آهن. مگر ڇوڪرن کي سمجهائجي ته سمنڊ تمام وڏو آهي تنهن ڪري اُن جون راسيون ۽ ناريون وغيره به تمام وڏيون آهن.
جڏهن جڏهن ڪو چڱو موقعو هٿ اچي، تڏهن اُهو موقعو ڪم آڻي تعليم ڏبي ته وڌيڪ مؤثر ٿيندي. مثلن ڪو ڇوڪرو يا ماستر ٻاهر پري (گهڻو يا ٿورو) وڃڻو هجي ته کيس چئجي ته جيڪي ڏسين وائسين سو لکي يا ياد ڪري اچجانءِ ۽ پوءِ اچي ڪلاس ۾ ٻڌائجانءِ ۽ جيڪي نيون شيون ڏسين تن جو نمونو آڻجان. پوءِ جڏهن هو ڪلاس ۾ بيان ڪري ته مان هتان روانو ٿي فلاڻي طرف ويس ته هيتري پنڌ کان پوءِ فلاڻي ڳوٺ يا واهه يا ڍنڍ ڏٺم ته ٻين ڇوڪرن کي چئجي ته هاڻي نقشي تي ڏيکاريندا وڃو ته ڪهڙي طرف مسافري ڪيائين ۽ اُهو ڳوٺ يا واهه يا ڍنڍ ڏيکاريو. اهڙي طرح سڄي مسافري نقشي تي ڏيکاري وڃجي ۽ جيڪي ٻيون ڳالهيون پون هنڌن ۽ ماڻهن جون ٻڌائي تن مان مکيه ڳالهيون ڇوڪرن کي ذهن نشين ڪرائجن. جيڪي ئي شيون ڪم آڻيون ٿا تن جو مناسب موقع سان احوال ڏجي ته هي فلاڻي ڳوٺ يا ملڪ ۾ ٿينديون آهن يا فلاڻي هنڌ ٺهنديون آهن.
جاگرافيءَ ۾ هڪ تمام ضروري ڳالهه هيءَ آهي ته سبب مان نتيجا ڪڍجن مثلن جتي زمين هيٺاهين هوندي تتي پاڻي گهڻو هوندو ۽ پاڻي گهڻو هوندو ته سارين جي پوک ٿيندي هوندي ۽ مڇر به گهڻا هوندا مليريا جو تپ به ٿيندو هوندو وغيره وغيره.
دستور موجب گفتگو جي وسيلي ڏٺل شين يا ڳالهين تي سوال ڪري اڳتي هلجي. مثلن پوليس کاتي بابت سيکارڻو هجي ته چڱو انهيءَ ۾ آهي ته اهو موقعو نه وڃائجي جو جڏهن ڪا سچ پچ چوري ٿي هجي. نه ته ڇوڪرن کان پڇجي ته ڪنهنجي به ڪڏهن چوري ٿي آهي؟ جنهن ماڻهوءَ جي چوري ٿي تنهن ڇا ڪيو؟ چوري ٿئي ته ڇا ڪرڻ گهرجي؟ پوليس جو ماڻهو ڪو ڏٺو اٿوَ؟ ڪهڙا ڪهڙا پوليس وارا ڏٺا اٿو وغيره وغيره؟
هي ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته سڀ اسڪولي ڪم دنيا ۽ ان جي روزمره جي ڳالهين ۽ ڪمن سان تعلق رکندڙ آهن، تنهن ڪري جيڪي نصحيتون ۽ انساني فرض آهن سي سڀ اسڪولي ڪمن سيکارڻ وقت انهن سان شامل ڪرڻ گهرجن.
(ملا مخزن نومبر 1934ع)