ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

تدريس لاءِ ضروري ڳالهيون

هڪ حديث سڳوريءَ ۾ فرمايل آهي ته سڀني کان چڱو ڪم اهو آهي جو سدائين ڪجي اگرچه مقدار ۾ ٿورو هجي. انهيءَ نسبت پهاڪو مشهور آهي ته ڦڙيءَ ڦڙيءَ مان تلاءُ ٿئي ٿو.
انهيءَ حديث شريف مان معلمن کي هي هدايت وٺڻ گهرجي نه ڪنهن به شاگرد کي سڄو ڏينهن غير حاضر رهڻ نه ڏين. ڪڏهن ڪو ڪم هجيس ته به گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلاڪ حاضر رهي، سبقن جو دؤر ڪري پوءِ هليو وڃي نه ته اڳيون پڙهيل به وسري ويندس. معلم کي به گهرجي ته ڪهڙو به ضروري ڪم ٿي پويس ته به گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلاڪ ضرور مڪتب جو ڪم ڪرڻ گهرجيس. پر جيڪڏهن لاچار ٻاهر وڃڻو هجيس ته مڪتب ڪنهن به شاگرد جي حوالي ڪري وڃي. اهو مڪتب ڪڏهن زور نه وٺندو جو ڪنهن ڏينهن يا ڪي ڏينهن لاڳيتا بند رهندو.
وقت سڀني وٿن کان وڌيڪ قيمتي وٿ آهي. ويل وقت وري ڪڏهن هٿ نه ٿو اچي. حياتي گهڻي ڪانهي، جيڪا ٿوري حياتي اسانکي الله تعاليٰ ڏني آهي، تنهن کي اجايو نه وڃائجي، ڪي چڱا ڪم ڪري وٺجن. حديث سڳوريءَ ۾ آهي ته حضرت ﷺ جن هميشه هي دعا گهرندا هئا ته اي ڌڻي! مونکي سستي ۽ بيڪاريءَ کان رکي وٺ. سبحان الله! ڪهڙي نه سهڻي دعا آهي.
قاعدو آهي ته ڪا شيءِ يا انسان، يا ته ترقي ٿو ڪري يا پٺتي ٿو هٽي. هڪ هنڌ بيهڻ ڪونهي. معلم لاءِ علم تمام ضروري آهي. جيڪڏهن هو علم کي ترقي نه وٺائيندو ته ضرور پٺتي هٽندو. هن لاءِ به پهرين ڏنل حديث ڪارگر آهي. اسان هر روز مطالعو ڪريون پوءِ کڻي ڏهه منٽ پڙهون، کڻي پنج سٽون پڙهون ته به ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ ٿي ڪنهن وقت هزار ڪتاب پورا ڪري وينداسين. حساب ڪبو ته سال ۾ 365 ڏينهن ٿا ٿين. جيڪڏهن ڪو انسان ڏهن ۽ ويهن ورهين جي عمر جي وچ ۾ هر روز هڪ صفحو ڪتاب جو پڙهي ته ڏهن سالن ۾ 365 صفحا پڙهي ويندو. ويهن ورهين جي عمر کان پوءِ جيڪڏهن 30 ورهيه جيرو رهي ته ٻيا به 1095 صفحا مطالعو ۾ اچي ويندا. ڇا هر روز هڪ صفحو به انسان نه پڙهي سگهندو! ايتري فرصت ڪهڙي انسان کي نه ملندي هوندي؟
ٻهراڙيءَ جا معلم چوندا ته اسان ڪتاب ڪاڏانهن آڻيون ۽ خريد ڪرڻ لاءِ پيسا ڪٿان آڻيون. انهن کي معلوم هوندو ته دنيا جا گهڻا ڪم گهڻن ماڻهن جي گڏجي ڪرڻ سان ٿا ٿين. هر ڪو پنهنجي ليکي ڪم ڪري ته دنيا هلي ئي ڪين سگهي. اهڙي طرح هر ڪنهن ڳوٺ جي پڙهيل ماڻهن کي گهرجي ته گڏجي ڪتاب خريد ڪن ۽ ڪنهن مقرر جاءِ ۾ رکن جتي سڀ فائدو وٺي سگهن.
وقت جي پابندي بابت معلمن لاءِ ضروري آهي ته مڪتب جي کلڻ وقت شاگردن کي اطلاع ڏين. سڀني کان سولو رستو آهي گهنٽي وڄائڻ. گهنٽي وڄندي ته سڀ شاگرد ڊوڙندا ايندا ماءُ پيءُ کي به خبر پوندي ته هاڻي وقت ٿيو آهي، پنهنجي ٻارن کي موڪليون. موڪل ڏيڻ وقت به گهنٽي وڄڻ کپي، انهيءَ جاءِ تي مائٽن کي خبر پوي ته هاڻي اسان جي ٻارن هيڏي هوڏي رلندا ۽ گهر نه ويندا ته مائٽ سمجهي سگهندا.
پهاڪو مشهور آهي ته ٻه گدرا هڪ مٺ ۾ ڪئين ايندا آهن. هي معلم ڪئن مڪتب سڌاري آسودگي حاصل ڪندا، جي ٻيا ڌنڌا به ٿا ڪن. جو شخص ٻه ڌنڌا ڪندو سو ٻنهي ۾ فتحياب نه ٿيندو.