ديني ڪتابن جي ضرورت
ارمان جي ڳالهه آهي جو جيڪي شخص علم ۽ دولت وارا آهن سي ڪتابن لکندڙن جي مدد ته ڪا نه ٿا ڪن پر رڳو سندن ڪتاب خريد به نه ٿا ڪن، اٽلندو کانئن مفت ۾ ڪتاب گهري ٿا وٺن. تاريخ ڄاڻندڙن کي معلوم هوندو ته اڳين وقتن ۾ جڏهن ڪتابن جا خريدار ڪو نه هوندا هئا تڏهن امير ۽ بادشاهه مصنفن ۽ شاعرن کي پگهارون مقرر ڪري ڏيندا هئا جنهن ڪري هو گذران جي تنگيءَ کان آجا ٿي علم پڙهڻ ۽ ڪتابن لکڻ ۾ مشغول رهندا هئا، ۽ هر هڪ ڪتاب لاءِ کين جدا انعام اڪرام ڏيندا هئا. انهن اميرن ۽ بادشاهن جا نالا به انهن ڪتابن جي وسيلي اڄ تائين دنيا ۾ مشهور آهن. فقط اهڙن اميرن ۽ بادشاهن جي ڪري ئي دنيا ۾ علم وڌيو ۽ هنر جاري ٿيا. نه ته اڳي ماڻهو جهنگلي حالت ۾ هوندا هئا. جڏهن ڇا پخانا جاري ٿيا ۽ خريدار گهڻا ٿيڻ لڳا تڏهن اميرن جي مدد جي ضرورت ڪانه رهي. اٽڪل هڪ صديءَ کان وٺي مصنفن کي هر هڪ چڱي ڪتاب تي لکين رپيا فائدو ٿو ٿئي. مگر اسانجي سنڌ جي مسلمانن جي اهڙي حالت آهي جو نڪي خريدارئي آهن ۽ نڪي زميندارن، سيٺين ۽ آفيسرن جي مدد ٿي ملي. اهوئي سبب آهي جو سنڌيءَ ۾ اسلام ۽ اسلامي تاريخ جا ڪتاب فقط ٻه ٽي آهن، ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان جي حالت دردناڪ آهي. اڙدو ۾ هزارين ڪتاب ڇپجي ويا آهن ۽ اڃا به پيا ڇپجن. اڙدو ڪتابن جا خريدار اگرچه هزارين آهن ته به مولانا شبلي کي حيدرآباد دکن جي نظام ۽ ڀوپال جي راڻيءَ کان هزارن رپين ۽ ڪتابن جي مدد ملندي هئي.
ڪتاب لکڻ ۽ ڇپائڻ ڪا سولي ڳالهه ڪانهي.
1. پهريائين ته سوين ڪتاب خريد ڪري پڙهڻا ٿا پون، ۽ پوءِ ڪتاب لکڻ مهل اُهي ڪتاب وري وري کولي ٿا ڏسجن
2. مضمون ٺاهڻ جو ڪم وري اهڙو ڏکيو آهي جو هڪ ڪلاڪ بعد مغز کي چڪر اچيو وڃي، اشتها هليو وڃي ۽ هاضمي جي طاقت گهٽحيو وڃي. مطلب ته ڪتاب پنهنجي خون سان ٿا لکجن.
3. ٻه ٽي ڀيرا ته ڪتاب کي درست ٿو ڪجي. ۽ درستين بعد انکي نقل ڪري وري صاف اکرن ۾ ٿو لکجي.
4. تنهن کان پوءِ ٻين عالمن کان درستيون ڪرائي وري ٻيهر نقل ڪرڻو ٿو پوي.
5. ان کي ڇپائڻ لاءِ پنهنجو کيسو خالي ڪرڻو ٿو پوي. اڄ ڪلهه پنن جي ڇپائي جو خرچ ٽيڻ بلڪ چئوڻ آهي. ننڍڙي 75 صفحن واري ڪتاب جا ٻه هزار جلد ٿا ڇپائجن ته 500 رپين کان به وڌيڪ خرچ اچيو وڃي. تنهن کان پوءِ وري ڪيترائي جلد مفت ۾ ورهائي ٿا ڏجن انهيءَ لاءِ ته ڪتابن جي مشهوري ٿئي ۽ مدد ملي. مگر افسوس جو جن کي مفت ۾ ڪتاب ٿا ملن تن کي مدد جو خيال به مغز ۾ ڪو نه ٿو اچي تنهن کان سواءِ اشتهارن تي خرچ ڪرڻو ٿو پوي. پوءِ به خريدار ٺهن ئي ڪو نه، ۽ ڪتابن کي اڏوهي کايو وڃي. ويچاري مصنف جي تڪليف ته چٽ پر خرچ ڪيل پيسا به برباد. جيڪڏهن انهن پيسن مان ڪو زمين جو ٽڪر خريد ڪري ته جيڪر بنا تڪيلف چڱي پيدائش پيو کڻي. سچ آهي ته اڪثر مصنف پنهنجي فائدي واسطي ڪتاب ڪو نه ٿا لکن. پر قوم جي سڌاري واسطي ٿا لکن. پر گهڻا مصنف مسڪين آهن، هو ايترا پيسا آڻين ڪٿان؟ تنهن کان سواءِ جيڪڏهن ڪتابن جا خريدار ڪو نه ٿيندا ۽ ڪتاب وٽن ئي پيا هوندا ته قوم کي فائدو وري ڪيئن ٿيندو؟
تنهنڪري علم ۽ دولت وارن تي فرض آهي ته چڱن مصنفن جي هر طرح حوصله افزائي ڪن. هو ماڻهن کي چڱن ڪتابن جي خبر ڏين ۽ کين انهن ڪتابن جي گهرائڻ جي هدايت ڪن. دولت وارن کي گهرجي ته گهڻا ڪتاب گهرائي غريبن مسڪينن کي ورهائي ڏين. جن کي اڳين اميرن وانگر دنيا ۾ ناموس ۽ آخرت ۾ ثواب حاصل ڪرڻو هجي سي چڱن مصنفن کي پيسن جي مدد ڪن. في الحال سنڌيءَ ۾ چڱا ديني ڪتاب هي ڇپيل آهن:- مولوي فتح محمد صاحب جو حيات النبي قيمت 2 رپيا، اخلاق محمدي قيمت ڏيڍ رپيو، مرزا قليچ بيگ صاحب جا اسلامي ڪتاب (اهي سڀ الحق پريس سکر مان ملي سگهندا) ۽ مسٽر علي خان صاحب جا ننڍا ڪتاب حالات نبوي قيمت 8 آنا، احاديث نبوي قيمت 5 آنا، تعليمات اسلام ڇهه آنا ۽ رسومات تباهي قيمت 4 آنا. اهي پويان چار ڪتاب سيد مٺڻ شاه وٽان حيدرآباد مان ملي سگهندا.