ڳوٺاڻن جو سڌارو
هيٺ مان پنهنجي هڪ ليٽر جو ترجمو ٿو ڏيان جو ليٽر خان بهادر عظيم خان کي لکيو اٿم. ان مان به ڪجهه قدر ڏسي سگهبو ته ڇا ڇا ڪرڻو آهي.
محترمي خان بهادر عظيم خان!
هن سان گڏ آءُ ڳوٺ سڌار هلچل جي سلسلي ۾ ٽن تجويزن پيش ڪرڻ جو فخر حاصل ڪريان ٿو. جي نهايت آسان ۽ قابل عمل آهن، جي جيڪڏهن عمل ۾ آنديون ويئون ته انهن مان ڳوٺ سڌارڪ تحريڪ کي تمام گهڻي هٿي ايندي. مون کي خبر آهي ته اوهان اڳيان ڪي مؤثر ۽ ڪارگر تجويزون هونديون. پر منهنجن تجويزن جي پڙهڻ مان اوهان کي معلوم ٿيندو ته اهي اوهان جي رٿن لاءِ رنڊڪ ٿيڻ بدران پاڻ انهن کي وڌيڪ ڪارائتو ۽ با اثر بنائينديون.
(1) پهرين رٿ- سرڪار ڪامورن جي مدد سان توڙي عام تبليغ ۽ پروپئگنڊا جي وسيلي زميندارن ۽ ٻين ماڻهن کي همٿائين ته اهي ملا اسڪول کولين ۽ جن جي لاءِ ڊپٽي ايڊوڪيشن محمدن اسڪولس کي گرانٽ لاءِ درخواست ڪن. ملا اسڪول انهن ڳوٺن ۾ رجسٽر ڪري سگهبا آهن، جتي ڪو به لوڪل بورڊ اسڪول نه هجي. پر ڇوڪرين جا اسڪول رجسٽر ڪري سگهبا آهن. پوءِ کڻي انهن ڳوٺن ۾ لوڪل بورڊ اسڪول به موجود هجي. بشرطيڪ اتي اسڪول جي ضرورت سمجهي وڃي. اهو ماڻهن جو فرض آهي ته هو پنهنجي ڳوٺن ۾ ملا اسڪول کولائين ۽ پنهنجا ٻار انهن ۾ پڙهڻ لاءِ موڪلين ۽ اهو بار تعليم کاتي تي آهي ته هو نظرداري رکن ته انهن اسڪولن ۾ سٺي تعليم ۽ پوري گرانٽ ڏني وڃي.
(2) ٻي رٿ - ماڻهن کي هن يقين ڏيارڻ لاءِ وسيع ۽ غير محدود پروپئگنڊا جي ضرورت آهي. سندن جسماني، مالي، اخلاقي ۽ مذهبي بهتريءَ لاءِ ضروري آهي ته انهن مان هر هڪ پڙهيل هجي ۽ انهن مان هر هڪ پڙهيل تي لازمي آهي ته پنهنجي فرصت جي وقت ۾ ڪتاب ۽ اخبارون پڙهندو رهي، انهيءَ سلسلي ۾ ديهاتي لائبرريون ضروري آهن.
ديهاتي لائبريريءَ لاءِ ڪنهن وڏي خرچ يا اهتمام جو ضرور نه آهي پر نهايت آسان ۽ سادي طريقي هڪ نئين يا پراڻي ڪتاب مسجد يا مندر ۾ رکڻ سان اها لائبرري شروع ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن ڪو به ماڻهو ابتدا ڪري هڪ ڪتاب رکندو ته ٻيا ماڻهو ان جي مثال جي پيروي ڪندا ۽ اهڙيءَ طرح هڪ سٺي لائبرري وجود ۾ ايندي. انهيءَ لاڳاپي ۾ ٻي تجويز هيءَ آهي ته سڀڪو گهر هڪ ان جي مٺ روزانه ڌار رکندو وڃي ۽ مهيني کان پوءِ اهي ٽيهه لپون وڪڻي، ان مان جيڪي وصول ٿئي سو مسجد يا مندر کي لائبرري جي فنڊ لاءِ ڏئي. انهيءَ فنڊ مان اخبارون ۽ ننڍا ڪتاب خريد ڪيا وڃن. پر ڪتابن جي چونڊ ڪرڻ ۾ تمام گهڻي خبرداريءَ جي ضرورت آهي. مناسب ائين آهي ته اهڙين لائبررين لاءِ تعليم کاتي جي منظوري ڪيل ڪتابن مان ئي ڪتاب چونڊيا وڃن، پر انهن مان به عاشقي ناول، واهيات گيت ۽ ڪوڙا قصا، جهڙوڪ چار درويش، حاتم طائي، ممتاز ۽ دمساز وغيره نظر انداز ڪيا وڃن.
وڌيڪ بهتر ائين ٿيندو ته ٽريننگ ڪاليج جو پرنسپال صاحب سڀ ڪنهن مهيني تعليم اخبار يا ملا مخزن جي وسيلي هڪ ٻه نالا سٺن ڪتابن جا پڌرا ڪري ۽ سڀ ڪنهن سال جي آخر ۾ اهي ڪتاب گڏي هڪ يڪي لسٽ ڪري پڌري ڪري.
(3) ٽئين رٿ - پروپئگنڊا يا تبليغ - تعليم کاتي وٽ ٻه ماهوار رسالا آهن جي ٽريننگ ڪاليج جي پرنسپال جي نظر هيٺ نڪرن ٿا ۽ جي گهڻو ڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچن ٿا. جيڪي ماڻهو ڳوٺ سڌار هلچل جو ڪم پيا ڪن سي جيڪڏهن پنهنجا ليک يا تقريرون ٽرينگ ڪاليج جي پرنسپال ڏانهن موڪليندا ته هو صاحب اهي مٿين ٻن رسالن ۾ شايع ڪندو ۽ اهي مضمون لوڪل بورڊ اسڪولس يا ملا اسڪولس جا ماستر، ٻهراڙيءَ ۾ ڳوٺن جي ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري پڙهي ٻڌائيندا ته تمام گهڻو اثر ٿيندو. ماستر سولائي سان سڀ ڪنهن مهيني اسڪول جي ماهوار جلسي جي نالي اهڙو ميڙ ڪٺو ڪري سگهن ٿا. جلسي ۾ رسمي گيتن ۽ ڊائلاگن بعد ماستر اهي تقريرون پڙهي ٻڌائيندا. اهڙا ماستر جي مسجدن جا پيش امام به آهن سي ته هيڪاري مفيد آهن، جو اهي جمعي نماز کان پوءِ پنهنجي جماعت کي تقريرون پڙهي ٻڌائي سگهن ٿا.
منهنجي صلاح آهي ته اوهين ڪا اهڙي رٿ رٿيو جنهن موجب ڌار ڌار مضمونن تي سٺن لکندڙن کان مضمون لکايا وڃن.
مثال طور:-
(1) الف کان ڪنهن مهيني ۾ کيتي ۽ باغباني بابت مضمون لکايو وڃي.
(2) ب = = = چوپائي مال ڌارڻ ۽ ڪڪڙين وغيره پالڻ بابت.
(3) ج = = = گهرن جي سهڻي نموني ٺهرائڻ، صفائي ۽ صحت بابت.
(4) د = = = چوپائي مال جون بيماريون ۽ ان جا علاج ۽ روڪڻ جي اپائڻ بابت.
(5) هه = = = ڳوٺاڻن هنرن بابت.
(6) و = = = ريتن رسمن جي سڌارڻ بابت.
مثلاً:- ڄم، طهر، پرڻي جي رسمن جي پيروي ۽ اڍنگا ۽ اجايا خرچ جي ڪيا وڃن ٿا تن جي برخلاف مضمون لکيا وڃن. منهنجو ڪتاب "رسومات تباهي جو انهيءَ ساڳئي موضوع تي لکيل آهي سو تمام مفيد ٿيندو. اهو ڪتاب پوڪرادس وٽان ملي سگهندو. اهو ڪتاب ٻنهي مٿي ذڪر ڪيل رسالن ۾ به ڇپايو وڃي ته مفيد ثابت ٿيندو.
(7) ز کان اخلاقي سڌاري تي مضمون لکايا وڃن.
مثلاً:- ماڻهوءَ کي چوري، ماراماري، ڪورٽن ڏانهن وڃڻ، پروان حقن ۾ دست اندازي ڪرڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ، انجام ڀڃڻ جوا کيڏڻ، نشيدار شيون واپرائڻ، جنسي بدفعليون ڪرڻ، ڪڪڙ ۽ ڪتا ويڙهائڻ ۽ پنڻ وغيره جا نقصان ذهن نشين ڪرايا وڃن، ۽ انهن مان جي بڇڙا نتيجا نڪرن ٿا سي کين سمجهايا وڃن.
(8) ح کان اقتصادي ۽ ٻين گهرو ڳالهين يعني خرچ گهٽ ڪرڻ ۽ ڪفايت وغيره تي مضمون ورتا وڃن. انهن مضمونن ۾ ماڻهن کي هدايت ڪئي وڃي ته پاڻ کي سخت پورهي ڪرڻ تي هيرائين، ڪفايتي ٿيڻ ۽ سڀ ڪنهن حالت ۾ قرض کڻڻ يا رشوتون آڇڻ کان پاڻ بچائين.
(ملا مخزن جولاءِ 1938ع)