ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

مرحوم علي خان ابڙو: اياز قادري

”اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين
آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين
جي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا“

(شاهه)

اسلام جو پروانو، اخلاق جو صاحب ۽ همت جو پتلو، مرحوم علي خان ابڙو انهيءَ خاندان جو چشم و چراغ هو، جنهن دنيا جي ڪروڙن خاندانن وانگر زمين کي کيڙي پنهنجي پگهر سان، سرسبز ۽ سائو ٿي ڪيو. مرحوم جي سڄي عمر قوم جي بهتريءَ خاطر، مسلسل ۽ بي باڪ جدوجهد، سندس شاندار هاريءَ ۽ پورهيت واري، صاف ۽ سون جهڙي خون جو ڪامل ثبوت آهي.
ميهڙ کان ڇهه ميل پري ۽ گودڙئي کان اوريان پوٺي ۾ هڪ ننڍرو ڳوٺڙو آهي . هي 1888ع جي قريب جو واقعو آهي جڏهن ان تر ۾ جوئر ۽ تر ٿيندا هئا ۽ ميهن ۽ ونگن جون واڙيون هونديون هيون. ڪنهن ٿي ڄاتو ته هي ڪچي ۽ ڪاڇي جي وچ وارو ڳوٺڙو، انهيءَ سن ۾ هڪ اهو فرد پيدا ڪندو جو اڳتي هلي سنڌ جو پهريون (يا ٻيو) ايم اي ٿيندو ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ پهريون نمبر کڻندو.
مرحوم سانگي قوم جو فرد هو ۽ پاڻ پهريون دفعو ابڙو سڏائڻ شروع ڪيائون. سندن وڏا نج سنڌي باشندا، لاڙڪاڻي ضلع جا ويٺل هئا.سندن والد صاحب، عمر فقير، آس پاس جو هڪ مشهور عاقل ۽ برجستو شخص هو. مرحوم علي خان ابڙو ننڍي هوندي کان ئي ضعيف ۽ لاغرالجسم هو. سندن والد صاحب کي دوستن ۽ عزيزن مزاقيه چيو ”ڇا هي به هر ڪاهي سگهندو؟“ مرحوم عمر فقير پنهنجي پٽ جي آڱر جهلي چيو ”انشاءَ الله اوهين سڀ هن جا ڳيجهو ٿيندا“ سبحان الله! اها پيشن گوئي سورنهن آنا سچي ثابت ٿي ۽ سڄو سانگين جو ڳوٺ ۽ آس پاس ، مرحوم جي بدولت، علم سان مالا مال ٿي ويو. آفرين هجي مرحوم عمر فقير کي جنهن لاجواب عزم ۽ استقلال سان مفلسيءَ جي دور ۾ ڪمال دور اُنديشيءَ کان ڪم وٺي پنهنجي فرزند کي 1901ع ۾ ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾ سنڌ مدرسه ڪراچيءَ ۾ داخل ڪرايو. مرحوم عمر فقير جي اها دانشمندي ان زماني ۾ هڪ ڪرشمه آهي. ان وقت موٽر ۽ فونا اڃا نڪتا هئا. ۽ ٽرامون گهوڙا ڇڪيندا هئا.
مرحوم علي خان ابڙو جنهن ماحول ۾ پليو ان جو ذڪرسندس ئي قلم موجب ڏجي ٿو جو مرحوم پنهنجي شاهڪار ڪتاب، ”اسلام ۽ ترقي“ جي پهريئن حصي ۾ ڪيو آهي. مرحوم جي صاف گوئي ۽ سليس ۽ سولي لکڻي هن ٽڪر مان چڱي طرح ظاهر آهي. فرمائي ٿو: ”منهنجو مرشد ۽ منهنجو والد صوفي هئا، مگر اڻ پڙهيل هئا. اسلام جي کين ڪابه خبر ڪانه هئي. اگرچه هو فهم ۽ عقل وارا هئا ۽ نيڪ نيت ۽ اخلاص وارا به هئا. مگر اسلام جي واقفيت نه هئڻ ڪري ۽ هاڻوڪي ڪوڙي تصوف جي رواج هئڻ ڪري شريعت کان پري هئا. روزي ۽ نماز کان غافل هئا. بلڪ نشو ڪرڻ، ذڪر پچائڻ واريءَ حالت ۾ مباح ڄاڻندا هئا. بهشت فقط دلاسو ۽ دوزخ فقط دڙڪو سمجهندا هئا.“
”سنڌ مدرسي ۾ جبراً پنجئي وقت نماز پڙهائي ويندي هئي ۽ روزا رکايا ويندا هئا. مولوي صاحب مرحوم هر جمعه تي وعظ به ڪندو هو. سمجهڻ ۾ ائين ايندو هو ته جيئن ڇوڪرن کي جبراً نماز پڙهائي ٿي وڃي، تيئن مولوي صاحب به مجبورا وعظ ٿو ڪري. مدرسي ڇڏڻ کان پوءِ نماز ۽ روزا به ڇڏي ڏنم، بلڪ جڏهن پنهنجي ڳوٺ ۾ موڪلن تي هوندو هوس تڏهن نماز ۽ روزن کان به موڪل وٺندو هوس.“
هي اهڙو ته صاف ۽ سچو بيان آهي جو اڄ به ڄڻ ته هر شاگرد جي دل مان ٿو نڪري. اهو هو پس منظر جنهن مرحوم کي ننڍي هوندي ئي باغي بنايو ۽ صحيح علم جي تحقيق لاءِ سندن دل ۽ دماغ کي خالي رکيو.
مرحوم اسڪول جي زماني کان ئي نهايت محنتي هو ۽ جلدئي 1906ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان شاندار ڪاميابيءَ سان پاس ڪيو جنهن لاءِ اڄ به سنڌ مدرسي ۾ لڳل بورڊ شاهدي ڏئي رهيو آهي. پرنسيپال وائينس صاحب جي شفقت ۽ همت افزائيءَ سان مرحوم جهونا ڳڙه ۽ بمبئيءَ ۾ تعليم ورتي ۽ فيلو ٿي رهيو. 1912ع ۾ ايم اي پاس ڪيائين. مرحوم جا همعصر يونيورسٽيءَ جا دفتري اڄ تائين مرحوم جي خدا داد عقل ۽ قابليت جو داد ڏيندا رهن ٿا.
مگر مرحوم ڄاڻي ٻجهي تعليم کاتي کي پسند ڪيو ۽ اين جي هاءِ اسڪول ۾ ماستري ڪيائون. منجهن جا علم حاصل ڪرڻ لاءِ تڙپ ۽ بي چيني هئي سا سيلاب وانگر وهي هلي. ڏينهن ۽ رات ڪتابن جي انبارن ۾ غرق رهڻ لڳا. هر قسم جا ڪتاب، ادب، مذهب تاريخ ۽ فلسفي وغيره جا سندن مطالع هيٺ آيا. مرحوم يورپي مصنفن جا ڪتاب خاص شوق سان پڙهيا. سندن قول مطابق ”يورپي مصنفن جا هر قسم جا سوين بلڪ هزارين ڪتاب مطالعه هيٺ آيا.“ (”اسلام ۽ ترقي“ حصه پهريون صفحه 9)
مرحوم کي مولانا حالي جي مسدس پڙهڻ کانپوءِ اسلام جي واقفيت جو شوق پيدا ٿيو. پوءِ ته اسلام متعلق شايد ئي ڪو ڪتاب ڇڏيائون. انگريزي، فارسيءَ ۽ اردو زبانن ۾ شايع ٿيل اسلامي ۽ ادبي ڪتابن جو مطالعو ڪيائون . عربي زبان گهر ۾ پاڻ مرادو پڙهڻ شروع ڪيائون. ۽ ان ۾ مهارت حاصل ڪري ويا. قرآن حڪيم جا سڀ مشهور تفسير مطالعه ڪيائون. علم حديث ۽ فقه جو گهرو مطالعه ڪيائون. بس علم جو هڪ درياهه گڏ ڪيائون جنهن کي ڇنڊي ڇاڻي، وقت جي ضرورت مطابق، قوم جي بهتريءَ خاطر ڪم آندائون ۽ ان لاءِ همه تن جدوجهد ڪيائون. منجهن ايمان ۽ يقين جو اهو اضطراب ۽ ولولو پيدا ٿيو جو اُخير عمر تائين حق جي تبليغ ڪندا رهيا. انهيءَ جذبه جو پنهنجي ڪتاب ۾ ڪهڙو نه سهڻو ذڪر ڪيو اٿن:
”مٿين ڪتابن پڙهڻ بعد مون کي اسلام جي تبليغ جو شوق گهڻي قدر پيدا ٿيو جا ڳالهه عجب جهڙي ڪانهي. انسان جي فطرت ئي ائين آهي. جنهن ڳالهه کي سچ سمجهندو ۽ جنهن جو کيس شوق هوندو سا ڳالهه سڀ ڪنهن سان ڪندو. کيس ان ڳالهه ڪرڻ کان روڪڻ، اهڙو آهي، جهڙو درياهه کي وهڻ کان روڪڻ.“ ٿيو به ائين مرحوم جو قلم بي اختيار ۽ بي حجاب ٿي، ويو پيرن، فقيرن، ملن، مجاورن ۽ پيٽوڙين ۽ مفت خورن جون ڌڄيون اڏائيندو. هر فرسوده رسم جي خلاف مرحوم جهاد ڪيو. ۽ ”رسومات تباهي“ نالي سان هڪ ڪتاب شايع ڪيو. ناظرين ڪرام هي ڳالهه رواجي نه سمجهن جو ان وقت ملان، مولوي، مجاور ۽ پير نهايت زور وارا ۽ اڇي ڪاري جا مالڪ هئا. مرحوم تي هر طرف کان ڪفر جون فتوائون نڪتيون ۽ پنهنجا به پراوا ٿي ويا. ڀلا ڇو نه ٿيندا. ڏسو ته اڄ به اهي ڳالهيون اوهان کي ڏکيون لڳن ٿيون يانه:
”(1) نور نامه ڪوڙو آهي. (2) دعا گنج العرش جون اسنادون ڪوڙيون آهن. (3) ڪيترا معجزه ڪوڙا آهن.(4) تسبيح (مڻين واري) پڙهڻ فضول آهي. (5) اسقاط ڪرڻ غلط آهي. (6) تعويذ لکڻ غلط آهي. (7) مرادن حاصل ڪرڻ لاءِ لک صلواتون ڪڍڻ غلط آهي. (8) اڪيلو يا گڏجي ”الله الله!“ يا ”هو- هو“ ڪرڻ (رواجي ذڪر) غلط آهي. (9) قرآن بخشائڻ وغيره وغيره غلط آهي.
مرحوم نه صرف اهي عقيدهه لکيا، پر ان لاءِ جدوجهد به ڪئي بحث مباحثه جي وسيلي، گفتگو جي ذريعي ۽ مضمون ۽ ڪتابن جي دوران.
مرحوم نه رڳو مذهبي پر سماجي خرابين جي دور ڪرڻ لاءِ به ڏاڍو پاڻ پتوڙيو ۽ قلمي جهاد ڪيو. جهنڊ، ڇٺي، طهر، شادي، موت وغيره، جي موقعن تي جي گنديون رسمون هيون تن جي قلعي کولي رکيائون ته ڪيئن نه انهن اسان جي اقتصادي حالت کي تباهه ڪري ڇڏيو هو.
مرحوم مولوي حاجي الاهي بخش صاحب، مرحوم مولانا دين محمد وفائي، مرحوم علي خان ابڙو ۽ ٻين چند عالمن جو هڪ اهڙو گروهه هو جي هر وقت اسان جي بيمار جسم ۾ چڱائي جون انجيڪشنون هڻندا آيا ۽ خرابين تي جرح ڪندا آيا. چيخ و پڪار ۽ اعتراضن جي ڪا پرواهه ڪانه ڪيائون، افسوس جو مرحوم علي خان ابڙي جي وفات سان ڄڻ ته اهو دور ئي ختم ٿي ويو.
مرحوم هميشه اعلان ڪندو هو ته اسلام 1- ملائيت 2- فرعونيت ۽ 3- قارونيت کي ختم ڪرڻ آيو آهي، مرحوم پنهنجي اوائلي جدوجهد ۾ ئي ملائيت جون پاڙون ڪمزور ٿيندي ڏٺيون جنهن ڪري مرحوم پنهنجي جهاد جي ٻئي دؤر ۾ قدم رکيو.
سرڪاري ملازم ٿي ڪري مرحوم جنهن جرائت ۽ همت سان سياسي رهنمائن جي خلاف قلم کنيو سو سندن ايمان جي پختگيءَ جو بي مثال ثبوت آهي. مرحوم جو هي فيصلائتو شده رايو هو ته سياست جو بنياد اخلاق تي هئڻ لازمي آهي، ورنه فرعونيت جو پيدا ٿيڻ اڻ ٽر آهي. پڙهندڙن کي حيرت لڳندي ته مرحوم وفات ڪرڻ کان صرف ڇهه ڏينهن اڳ ۾ علالت ۽ غنودگيءَ جي حالت ۾ فرمايو:
”مؤمن جي نشاني آهي ته آخري وقت ۾ هن دنيا مان مشڪندو وڃي. ڏسو مان کلان پيو. صرف هڪ ارمان اٿم جو باقي هڪڙو مضمون نه لکي سگهيو آهيان“ سندن چوڻ موجب پنو ۽ قلم کنيو ويو ۽ پاڻ مضمون لکائڻ شروع ڪيائون جنهن جو موضوع هو ”دنيا جي سڀني مسلم حڪومتن کي انتباهه!“ مرحوم اڃا تمهيد لکائي رهيو هو جو کيس ساڻائي وٺي ويئي. افسوس جو اهو مضمون پورو ڪرائي نه سگهيا. مرحوم ان آخري اڌوري مضمون ۾ اعلان ٿو ڪري.”جيڪو به ٻئي تي حڪومت ٿو هلائي سو پاڻ کي خدا ٿو سڏائي ۽ جيڪو به ٻئي جي غلامي ٿو ڪڍي سو به خدا کي ڇڏي ٻين جي پوڄا ٿو ڪري.“ ڏسو ته سياست ۾ ڪيڏو نه شاندار بنيادي اصول رکيو ويو آهي. ۽ ڪيڏو نه اهو انقلابي نعرو آهي.
مرحوم جو عقيدو هو ته انقلاب جو بنياد اخلاق آهي. يعني ايمان، اتحاد، ايثار، تنظيم، اطاعت وغيره، ”اسلام نه رڳو اخلاقن جي تعليم ڏئي ٿو پر اخلاق پيدا ڪرڻ جي قوت رکي ٿو.“ ان لاءِ مرحوم نماز، روزي، حج ۽ زڪوات جي تنظيم لاءِ پنهنجون تجويزون مضمونن جي صورت ۾ پيش ڪيون جي مرحوم وفائي جي ڏينهن ۾ رساله توحيد ۾ ڪجهه وقت لاءِ شايع ٿينديون رهيون.
مرحوم جي زندگيءَ جو شاهڪار سندن تفسير قرآن الحڪيم آهي. آخرين ڇهه سال مرحوم صبح و شام ڊاڪٽرن جي منع هوندي به مسلسل، هن تفسير تي محنت ڪندو آيو.
مرحوم جي تمام عمر جي تفڪر ۽ هزارين ڪتابن جي علم جو نچوڙ هن تفسير کي تيار ڪرڻ ۾ ڪم آندو ويو آهي. دنيا جي تمام ازمس “ISMS” جي قرآن جي ڪسوٽيءَ تي ڇنڊ ڇاڻ ۽ پرک ڪئي وئي آهي. مرحوم پنهنجي جان هن تفسير ۾ وجهي ڇڏي. جنوري 1954ع ۾ هي تفسير پورو ٿيو ۽ فيبروري 1954ع جي شروع ۾ سندن دل جي رفتار بي ترتيب ٿي ويئي.
مرحوم جي شايع ٿيل ڪجهه ڪتابن جا پرچا هٿ نٿا اچن. مرحوم نهايت گهٽ ڳالهائيندڙ هو. ان ڪري معلوم نه آهي ته ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب سندن زندگيءَ ۾ شايع ٿيا. بهرحال هيٺيان ڪتاب سندن حياتيءَ ۾ ڇپجي ظاهر ٿيا. (1) حالات نبوي (2) احاديث (3) رسومات تباهي (4) تعليمات اسلام- حصو اول (5) تعليمات اسلام- حصو ٻيو (6) اسلام ۽ ترقي چئن حصن ۾ (7) اخلاقي گلدستو (8) اسلام ۽ چونڊون ۽ ان کانسواءِ ٻيا ڪيترا اڪيچار درسي ڪتاب مرحوم جي نالي سان ڇپجي ظاهر ٿيا هئا جيڪي معلوم ٿئي ٿو ته مرحوم جا لکيل نه هئا سواءِ چند اسلامي درسي ڪتابن جي.
مرحوم جا ڇپيل ڪتاب هي آهن ته (1) تفسير قرآن مجيد (2) اسلام ۽ ڪميونزم (3) اسلام جو مالي نظام (4) اسلام ۽ ڪميونزم (انگريزي) ۾ ۽ ٻيا ڪيترا مضمون ۽ ڪجهه شعر.
مرحوم جي لکڻي (Style) نهايت سڌي، سولي ۽ سادي هئي. نه منجهن طنز (Satire) هئي نه وري مذاح (Humour) هو. اهو انهيءَ ڪري هو جو سندس لکڻ صرف لکڻ خاطر نه، بلڪ اصلاح خاطر هو. سندن مراد ادب پيدا ڪرڻ جي نه هئي پر صحيح راهه ڏيکارڻ جي هئي. اعمال جا نهايت قائل هئا ۽ اکرن ۾ ڪڏهن نه اڙيا. جيتوڻيڪ عربي، فارسي ۽ سنڌي جا ماهر هئا ليڪن ڪڏهن به گول مول جملا ۽ ڳاٽي ڀڳا اکر ڪم نه آندائون. جيئن ۽ جيڪي لکندا هئا سو واقعي محسوس ڪندا هئا. انهيءَ ڪري سندن لکڻيءَ ۾ ڪافي جا ذبيت آهي.
مرحوم هڪ ڊرامو ”يوسف زليخا“ به لکيو هو، افسوس جو اهو ۽ ٻيا ڪيترا ننڍا ننڍا پمفليٽ سندن ڪاغذن مان غائب آهن. مرحوم شاعر نه هو پر سندن ٻه چار شعر مليا آهن. جيتوڻيڪ سندن شعر بحر وزن تي ٿا ڏسجن تاهم منجهن شاعريءَ واري نزاڪت ڪانه آهي. شعر جي هڪ هڪ بند ۾ ڪنهن حقيقت جو اظهار ڪيل آهي، جنهن تي وڏا مضمون لکي سگهجن ٿا.
سنڌ جي تعليمي ترقيءَ کي مرحوم علي خان ابڙي جي شخصيت کان جدا ڪري نٿو سگهجي. هن محڪمي جو هر هڪ فرد انهيءَ حقيقت کي پوريءَ طرح ڄاڻي ٿو ته مرحوم هن محڪمي جي پنهنجي خون ۽ پگهر سان پرورش ڪئي. سندن نالو انهيءَ ڏس ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، مرحوم تعليم کي مروج ڪرڻ لاءِ ۽ پڙهائي جا صحيح طريقا سيکارڻ لاءِ سنڌ جي چپي چپي ۾ ويو، هر هنڌ ڪانفرنسون ڪيائين ۽ ليڪچر ڏنائين. ڪچي، ڪاڇي ۽ ٿر جي دور دراز ڳوٺن تائين به ويو. هر هنڌ ماستر صاحبن ۽ ملا صاحبن کي ٻارن جي نفسيات تي ۽ تعليمي طريقن تي ليڪچر ڏنائين. تعليم مخزن ۾ وقت بوقت اهڙا مضمون ڏنائين ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ايڏي محنت ۽ جان فشاني ڪيائين جو سندن لاءِ اُهي سرڪاري ريمارڪ هئا ته ”هو هڪ يگانه (Ideal) ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر آهي.“ ۽ ”هڪ بي لوث مبلغ واري چاهه سان ڪم ڪندڙ آهي.“ (Works with missionary Spirit) مرحوم جي تعليمي قابليت جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو جو پندرهن منٽ صبح ۽ شام پڙهائڻ سان ٽن مهينن ۾ ٻاراڻو درجو ختم ڪرائي ويندا هئا ۽ سندن شاگرد الف- ب- سکڻ کان پوءِ ٽئين درجي جو ڪتاب آسانيءَ سان پڙهي ويندا هئا. هيءَ هڪ حقيقت آهي ۽ اهي سڀ شاگرد اڃا زنده آهن.
مرحوم وٽ ڪتابن جي هڪ چڱي خاصي لائبريري هئي؛ افسوس جو اهي ڪتابن جا ڪٻٽ 1942ع واري ٻوڏ ۾ لڙهي ويا.
مرحوم پنهنجي خانگي مسئلن کان گهڻو بي نياز هو، 1914ع ڌاري ڀرواري ڳوٺ مان هڪ معمولي وڏيري جي گهران شادي ڪيائون؛ سندن زال بلڪل اڻ پڙهيل ۽ عام رواجي عورتن وانگر هئي. پاڻ کيس ڪجهه پڙهايائون ۽ ٿوري قرآني تعليم پڻ ڏنائون. عزت سان کيس ”بيگم“ ڪري سڏيندا هئا. سندن اها ”بيگم“ اڃا حيات آهي. مرحوم جا ٽي پٽ ۽ ٻه نياڻيون به حيات آهن.
مرحوم جي سچائي، ايمانداري، همدرديءَ ۽ بي ڊپائيءَ جا ڪئين مثال آهن. بلڪل بااصول هئا ۽ پنهنجي اصول کي ڪڏهن به ڪنهن به، قيمت تي ڪونه ڇڏيائون. سفارش ته پنهنجي عملدارن جي به ڪانه ٻڌندا هئا.
مرحوم قد جا ننڍا ۽ بدن جا سنهڙا هئا. نهايت سادهه ۽ نهٺا هئا. رهائش ۽ پوشاڪ ۾ ڪوبه اڊمبر يا وڏائي ڪانه هئن. کاڌو جهڙو به ڏبو هون، تهڙو کائي ويندا هئا ۽ شڪايت نه ڪندا هئا. سندن مائٽ گهڻو ڪري گندڙا ۽ گوڏر هئا. پر انهن کي وڏن جهڙي عزت ڏيندا هئا.
سندن اخلاق جو اهو سڀ کان وڏو ثبوت هو جو سندن گهر جا ڀاتي، عزيز ۽ نوڪر، سندن خلق جا گرويده هئا. سندن نوڪر ڇڏي وڃڻ کانپوءِ به سڪ سان وٽن ايندا هئا، ۽ بدلي ٿيڻ مهل روئي وهندا هئا. مرحوم ڪنهن کي به رنج نه پهچايو ۽ ڪوبه دشمن پيدا نه ڪيو، سندن دل نهايت نرم ۽ همدرديءَ سان ڀريل هئي. مرحوم علي بخش چنا صاحب، مسٽر الهه بخش انصاري صاحب ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب، سان سندن دلي دوستي هئي. هُو صاحب سندس اخلاق تي وڌيڪ روشني وجهي سگهندا.
1940ع ۾ ميرپور خاص مدرسي جي هاسٽل تان هڪ شاگرد ڪري پيو ۽ سندس جيرو ڦاٽي پيو. سول سرجن ڊاڪٽر سونڀار چيو ته ڪونه بچندو. مرحوم روئي ويٺو ۽ ڏاڍيون دعائون گهريائين. قدرت الاهي ڇوڪرو چڱو ڀلو ٿي ويو ۽ ڊاڪٽر چيو ته هن کي دوائن نه پر دعائن بچايو آهي.
لڪيءَ ۾ ٻن پهرن جو نٽهڻ اس ۾ چيائون ته اڄ جي مينهن پوي ته واهه جو نظارو ٿئي. پٽيوالن (جن مان هڪ اسماعيل اڃا جيئرو آهي ۽ سکر ۾ پٽيوالو آهي.) ان وقت ئي سس پس ڪئي ته ”خدا خير ڪري اڄ ڏاڍو مينهن پوندو.“ شام جو ڍنڍون ڍورا لڳي ويا. الله تعالى فطرت جي قوتن کي پنهنجي صالح بندن جو مطيع ڪري ڇڏيو آهي. ۽ کين اراده جي قوت سان نوازيو آهي.
مرحوم ۾ تعصب تِر ماتر به نه هو، سندن هندو ۽ مسلم شاگرد کين هڪ جهڙا پيارا هئا. کين انسان ذات سان محبت هئي.
مرحوم نهايت محنتي ۽ وقت جا پابند هئا. صوم ۽ صلواة تي سختيءَ سان عمل پيرا هئا. سندن اٿڻ، پڙهڻ، لکڻ، کائڻ، گهمڻ ۽ سمهڻ وقت تي هو. انهيءَ پروگرام ۾ منٽ جو تفاوت به مشڪل سان ٿيندو هو. ڪڏهن عيد جي ڏينهن به مرحوم ويهي پنهنجي ٻارن سان ڪچهري نه ڪئي. نماز بعد وڃي پنهنجي لکڻ پڙهڻ کي لڳندا هئا.
مرحوم عملي زندگيءَ جا نهايت قائل هئا، ايمان جي ڪسوٽي اعمال کي سمجهندا هئا. وفات کان ڪجهه ڏينهن اڳ سندن ننڍي ڀاءُ کين چيو ته ” هي ڪلمن پڙهڻ. جو وقت آهي. ڪلمان پڙهو پاڻ ڏانهس نهاري چيائون ته ”ڪلمي پڙهڻ جو مطلب آهي ته ان تي عمل پيرا رهڻ، اهو وقت ته گذري ويو. هي ته بيڪاريءَ جو وقت آهي. ڏسو آخري وقت ۾ به جذبات کان ڪيترو پري ۽ صحيح نظريه تي قائم هئا. نهايت متوڪل شخص هئا. هن بي يقيني ۽ تذ بذب واري دؤر ۾ سندن شخصيت ايمان تازو ڪري ڇڏيندي هئي. دنيوي ڪمن کان مرحوم يا ته بي نياز هئا يا بيخبر. هو پنهنجي ڌُن وارا هئا. وقتي پنهنجي سوچ ۽ تفڪر ۾ ايترو ته ٽٻجي ويندا هئا جي کانس مزيدار کل جهڙيون ڳالهيون ٿي وينديون هيون.
مرحوم ٻهراڙيءَ کي وڌيڪ پسند ڪندو هو ۽ 1944ع ۾ ريٽائر ڪرڻ بعد گهڻو ڪري ڳوٺڙن ۾ گذاريندا هئا. صبح و شام هڪ هڪ ڪلاڪ وڻن هيٺان اڪيلا ويٺا هوندا هئا. پڇاڙيءَ وارو ڪجهه عرصو پنهنجي ننڍي نياڻي وٽ خيرپور جوسي ۾ گذاريائون جتي فيبروري 1954ع ۾ بيمار ٿيا کين لاڙڪاڻي آندو ويو.
گهڻي محنت سببان سندن دل وڌي وڏي ٿي پيئي هئي. کين پنهنجي ابدي سفر جا ڀرون پئجي ويا. چوندا رهيا ته ملا مون کي غسل نه ڏئي. ڪفن به درزي سبي. ملا جنازه نماز نه پڙهائي، پٿر نه ڪجو.کٽون اونڌيون نه ڪجو، کير ۽ کاڌو بلاشڪ استعمال ڪجو، ختمي جو ثواب مون کي نه پهچندو. منهنجي تربت وڏي نه ڪجو، جمعه 16 جولاءِ سندن زندگيءَ جو آخري ڏينهن هو. سندن سڄو ڪٽنب اچي ڪٺو ٿيو هو. آخرين ڏينهن تي مرحوم غسل لاءِ گهڻو زور ڀريو. ٻن پهرن جو ماني ڪانه کاڌائون ۽ دوا پيڻ کان انڪار ڪيائون. پڇاڙيءَ تائين ڳالهائيندا رهيا. سادگيءَ جي تلقين ڪندا رهيا ۽ مشڪندا رهيا. سوا ڇهين بجي مهل ٽنهي پٽن کي گهرائي محبت سان هلڻ جي تلقين ڪيائون. پوڻين ستين بجي شام جو پاسيرا سمهيا پيا هئا ته کين هلڪو دؤرو ٿيو. اوچتو سٽ ڏيئي سڌا ٿي سمهيا. سندن قيمتي روح جنت البقا ڏانهن اڏامي ويا.
”جوڳي پنهنجي جوءِ ويا، جهڙ جان نيڻ جهمن،
سخت ساميئڙن هنيئڙي منجهه هرن،
سڄو موت مڱن، اڌ ڪٺا آرام ٿئي.“

سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهل دل ۽ اهل قلم حضرات ماتم ڪيو. الوحيد کين ”سنڌي ادب جو چمڪندڙ ستارو“ سڏيو. نواءِ سنڌ کين ”سنڌ جو ممتاز اديب ۽ تعليمي ماهر“ ظاهر ڪيو. حريت کين ”مفڪر ۽ دانشمند“ سمجهيو. ماستر صاحبن پنهنجي جهوني محسن لاءِ ”غم ۽ افسوس“ جو اظهار ڪيو.
مرحوم کي سترهين جولاءِ 1954ع تي صبح جو ساڍي نوين بجي لاڙڪاڻي ۾ قائم شاهه بخاريءَ جي درگاهه ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.
اڄ نه اطاقن ۾ تازا پٿر ڪک،
آديسي اٿي ويا. پيئي اڏامي رک،
سامي کڻي سنک، وڄائي واٽ ٿيا.

(شاهه)

(ماهوار نئين زندگي حيدرآباد نومبر 1954ع)