ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2233
  • 366
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

امام اعظم نمبر 3

جن بزرگن کان امام صاحب حديثون ٻڌيون ۽ سکيون تن مان 29 ته فقط ڪوفي جا رهاڪو هئا ۽ انهن مان گهڻا تابعي هئا. انهن بزرگن جا نالا ۽ انهن جي علم ۽ زهد جو احوال طوالت سببان هت ڏيئي نٿو سگهجي، مگر ايترو لکجي ٿو ته انهن مان امام شعبي اهو بزرگ هو جنهن پهريائين پهريائين امام ابو حنيفه کي علم جي تحصيل جي رغبت ڏياري. انهن مان شعبي به وڏي درجي جو محدث هو. هن کي امام ابو حنيفه سان خاص دلچسپي هئي. غيبت ۾ به اڪثر هن جي ذهن ۽ تيز فهميءَ جي تعريف ڪندو هو. هڪڙي ڀيري امام صاحب جو ذڪر نڪتو ته فرمايائين ته جهڙيءَ طرح مان ڄاڻان ٿو ته آفتاب روشن آهي اهڙي ئي يقين سان چئي ٿو سگهان ته علم ۾ ابو حنيفه همنشين آهن.
امام صاحب کي اگرچه هنن درسگاهن مان حديثن جو وڏو ذخيرو هٿ آيو، تڏهن به تڪميل جي سندَ حاصل ڪرڻ لاءِ حرمين شريفين ڏانهن وڃڻ جو ضرور ٿيو، ڇو ته اهي پاڪ جايون مذهبي علومن جو اصلي مرڪز هيون. جنهن زماني ۾ امام ابو حنيفه مڪي پهتو تنهن زماني ۾ اُتي درس ۽ تدريس جو نهايت زور هو. جن کي حديث جي فن ۾ ڪمال هو ۽ گهڻن اصحابن جي خدمت مان فيض ورتو تن استادن جا جدا جدا درسگاه قائم هئا. انهن مان عطاءِ بن ابي رباح جو حلقه سڀني کان زياده وسيع ۽ مستند هو. عطاءُ مشهور تابعي هو، گهڻن اصحابن جي خدمت ۾ رهيو هو ۽ انهن جي صحبت جي فيض مان اجتهاد جو رتبو حاصل ڪيو هئائين. مجتهدين صحابه هن جي علم جو اعتراف ڪندا هئا. خود حضرت عبدالله بن عمر، جو حضرت عمر فاروق رضي الله جو فرزند رشيد ۽ صاحب افتاء هو اڪثر فرمائيندو هو ته عطاءِ بن رباح جي هوندي ماڻهو مون ڏي ڇو ٿا اچن. وڏا وڏا حديثن جا امام سندس ئي حلقئه درس مان پڙهي استاد ٿيا.
امام ابو حنيفه سندس خذمت ۾ حاضر ٿيو. هن احتياط جي لحاظ کان کانئس عقيدو پڇيو. امام چيو ته مان وڏن کي برو ڪين ڪوٺيندو آهيان، گنهگار کي ڪافر ڪين سمجهندو آهيان ۽ قضا ۽ قدر جو قائل آهيان. عطاءَ اجازت ڏني ته بيشڪ حلقي درس ۾ شريڪ ٿيندو رهه. روز بروز امام ذهن جا اهڙا جوهر ظاهر ڪيا جو استاد وٽ وڏي عزت حاصل ڪيائين ايتري قدر جو جڏهن امام صاحب ايندو هو تڏهن ٻين کي هٽائي کيس پنهنجي ڀر ۾ وهاريندو هو.
عطاءَ کان سواءِ مڪه معظمه ۾ ٻين محدثن، جن کان امام حديثن جي سند ورتي، انهن ۾ عڪرمه جو ذڪر خصوصيت سان ڪري ٿو سگهجي. عڪرمه حضرت عبدالله بن عباس جو غلام ۽ شاگرد هو. هن کيس تعليم ۽ تربيت نهايت توجه ۽ ڪوشش سان ڏني هئي. عڪرمه ٻين به گهڻن صحابين کان حديثون سکيون هيون. امام شعبي چوندو هو ته قرآن جو ڄاڻندڙ عڪرمه کان وڌيڪ ڪونه رهيو آهي. سعيد بن جبير جو تابعين جو سردار هو تنهن کان ڪنهن شخص پڇيو ته دنيا ۾ اوهان کان ڪو وڏو عالم آهي: فرمايائين ته هائو عڪرمه. مديني جو انهيءَ ئي زماني ۾ سنه 102 هجري کان اڳي امام ابو حنيفه هو. صحابه کان پوءِ تابعين جي جماعت مان ست شخص فقه حديث جي علم جا مرجع هئا. هنن جي درس جو سلسلو سڀني اسلامي ملڪن ۾ پکڙجي ويو. هو سڀئي هڪ ئي زماني ۾ رهندا هئا سي اڪثر گڏجي مجلس ڪري شرعي مسئلن جو فيصلو ڪندا هئا! امام ابو حنيفه جڏهن مديني پهتو تڏهن انهن ستن مان باقي ٻه شخص زنده هئا سليمان ۽ سالم بن عبدالله. ٻنهي بزرگن جي خدمت ۾ حاضر رهيو ۽ انهن کان حديثون سکيائين.
امام ابو حنيفه جي طالب علمي جو سفر اگرچه مديني تائين محدود رهيو مگر سکڻ جو سلسلو اخير زندگي تائين قائم رهيو. اڪثر حرمين ۾ ويندو هو ۽ مهينا اتي رهي پوندو هو. حج جي تقريب ۾ اسلامي ملڪن جي هرگوشي مان وڏا وڏا اهل ڪمال مڪي ۾ اچي جمع ٿيندا هئا. جن جو مقصد حج سان گڏ فائدي ۽ فيض ڏيڻ وٺڻ جو به هو. امام صاحب اڪثر انهن بزرگن سان ملندو ۽ فيض وٺندو هو. هي زمانو اُهو هو جنهن ۾ امام صاحب جي ذهانت ۽ اجتهاد جي شهرت دور دور پهچي ويئي هئي. ايتري قدر جو ظاهر بينن هن کي قياس مشهور ڪري ڇڏيو هو. قياس انهي کي چئبو آهي جو قرآن ۽ حديث کان وڌيڪ پنهنجي عقل کان ڪم وٺجي.