عقل ۽ روحاني جذبا
خير اها ڳالهه ته هونئن ئي وچ ۾ اچي وئي. هاڻي اچون ٿا اصل مقصد تي ته پوري ترقيءَ لاءِ رڳو عقل ڪافي ناهي، مگر روحاني جذبي سان عقل شامل هجي. اڄوڪا دهريا ماڻهو فقط عقل کي ٿا وٺن، ۽ ڪو به دين اختيار نه ٿا ڪن. هنن جي ناداني اها آهي جو هو ٻين ڳالهين ۾ فطرت کي مڃين ٿا، مگر انهي ڳالهه کي ويچار ۾ نٿا آڻين، ته روحاني جذبو به اسان جي فطرت ۾ رکيل آهي. خود فيلسوف به بيهوشي ۾ بي اختيار ڌڻي تعالي کي پڪاريندا آهن. جنهن مان پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته سڀني انسانن ۾ اهو جذبو فطرتن موجود آهي. نه رڳو ايترو پر فيلسوف به قبول ٿا ڪن ته ماڻهو عقل تي ايترو نه ٿا هلن جيترو جذبن تي. عقل ڪمزور ۽ ڍرو آهي، ۽ جذبا تڪڙا ۽ طاقتور آهن، جنهن ڪري اڪثر ڪري جذبا عقل تي غالب پئجيو وڃن. نه رڳو ايترو پر اڪثر ڪري عقل جذبي جو غلام ٿيو پوي ۽ اهي دليل پيو ڳولي ۽ هٿ ڪري، جيڪي ان جذبي جي مطابق هجن، ۽ اهڙو انڌو ٿيو پوي جو حق جي دليلن کي ڏسي ئي ڪو نه. اهوئي سبب آهي جو ديني جذبي کان سواءِ رڳو عقل جي وسيلي انسان اخلاقي ڪماليت حاصل ڪري نٿو سگهي. تنهن ڪري ضرور آهي ته اسان خود انهن جذبن کي سنوت ۾ آڻيون. جيڪڏهن اسان روحاني جذبي کي دٻائڻ بدران ان کي قوت وٺايون، ۽ سچي دين ۽ عقل سان شامل ڪريون ته پوءِ ويسر ۾ به اسان کان گناهه ڪون ٿيندو، ڇو ته گناهه ٿين ٿا بڇڙن جذبن جي ڪري. چوندا آهن ته ”جيتر للو کڻي لٺ، تيتر ڪره وڃي اجهامي.“ ساڳي طرح جيستائين عقل تيار ٿئي تيستائين خراب جذبن هيٺ خراب عمل ٿيو وڃن. پر جيڪڏهن خود جذبا ئي شريف ڪيا ويا آهن، ته گناهه جو ڪم ڇو ڪيو ويندو؟ جنهن ماڻهو جا جذبا شريف آهن تنهن کي گناهه جي ڪم کان نفرت ايندي. اهو ئي سبب آهي جو عام طرح چال سڌارڻ لاءِ ۽ شريف جذبن پيدا ڪرڻ لاءِ عاليشان شعرن جو سيکارڻ ۽ پڙهڻ ضروري سمجهيو ٿو وڃي.
ٻي غلطي دهريا فيلسوف هيءَ به ٿا ڪن جو ائين نه ٿا ڄاڻن ته انسان ناقص العقل آهي. جڏهن فيلسوف ئي ناقص عقل آهن تڏهن ويچارن عام ماڻهن جي ڪهڙي حالت هوندي. جيڪڏهن هنن کي ڪجهه ڪجهه خدا جو خوف نه هجي ته ڪم عقلي جي ڪري خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا وحشي ڪم ڪري چڪن. پر عاقل ماڻهو به روحاني جذبي کان سواءِ وحشي ٿي پيا آهن. فقط هڪڙو مثال وٺو. تيرهن سؤ ورهيه اڳي هڪڙي جهنگلي قوم جي اڻ پڙهيل شخص (حضرت ﷺ جن) کي وحيءَ جي وسيلي سمجهايو ته شراب بلڪل خراب آهي. مگر يورپ جو سترهين صديءَ کان وٺي عقل ۽ علم ۾ حيرت انگيز ترقي ڪري رهيو آهي، تنهن کي اسلام جي تعليمات جي خبر هوندي به اڃا هاڻي سمجهه اچڻ لڳي آهي ته شراب برابر خراب آهي، ته به شراب کي اڃا ڇڏي ڪون سگهيا آهن. مگر مديني شريف ۾ جڏهن شراب جي حرام ٿيڻ جو پڙهو گهميو، تڏهن سڀني مسلمانن هڪدم شراب جون صراحيون گهٽين ۾ هاري ڇڏيون. ان ڏينهن گهٽين ۾ شراب وهڻ لڳو ۽ شراب پيڻ بند ٿي ويو. اها آهي ايماني قوت، اهو آهي خدا جو خوف، ۽ اهو آهي روحاني جذبو.
هاڻي سوال آهي ته اهو روحاني جذبو ڪيئن ٿو قوت وٺي؟ اهو جذبو ديندار والدين ۽ مائٽن ۽ دوستن جي صحبت سان ۽ قرآن ۽ حديث ۽ ٻين چڱن ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ سان تقويت ٿو وٺي ۽ پڻ چڱي روحاني جذبي وارن جي صحبت سان زور ٿو وٺي. چون ٿا ته جمال الدين افغاني جيڪو اڻويهين صديءَ عيسويءَ جي آخر ۾ ڪلڪتي ۾ آيو هو، تنهن سان سڌو هيرا نند حيدرآبادي اتي مليو هو، دوستن پڇيس ته خبر ڪر ته جمال الدين افغاني ڪيئن ڏٺئي؟ جواب ۾ چيائين ته هو آگ آهي، ۽ جيڪو به وٽس وڃي ٿو تنهن کي به آگ لائي ٿو ڇڏي. پر انهي کي ڇڏي توهان گانڌي ۽ محمد علي جهڙن ليڊرن کي وٺو انهن کي پنهنجن پنهنجن خيالن ۽ عقيدن بابت ايڏو جوش آهي جو ڪو به شخص وٽن وڃي ٿو ته اهو به جوش سان ٽمٽار ٿي ٿو وڃي. ساڳي طرح مگر گهڻي بهتر نموني ۾ رسول الله ﷺ جو اثر سندس اصحابن سڳورن تي پيو، اهو اثر پشت به پشت هليو اچڻ گهربو هو، مگر افسوس جو اڳي ڄاڻايل سببن جي ڪري اسلام جو تنزل اچي ويو. هن وقت اهو حال آهي جو مان جن جن پيرن ۽ بزرگن وٽ ويو آهيان تن ۾ ڪنهن قسم جو جوش ته ڪون ڏٺم پر انهن وٽ رڳو اسلام جي گفتگو به ڪانه ٻڌم. ڪهڙي نه ارمان جي ڳالهه آهي، جو گانڌي جهڙا ماڻهو پنهنجن خيالن جي لاءِ ايترو جوش ٿا رکن ۽ انهن تي پاڻ به عمل ٿا ڪن ۽ ٻين کي به اهو عمل ٿا ڪرائين، ۽ انهي ڪم ۾ ٻين جي ڀلي لاءِ سر تريءَ تي کنيون ٿا وتن. مگر اسان جا پير ۽ بزرگ پياري اسلام لاءِ به ايترو جوش ڪون ٿا رکن جيترو ٻيا ماڻهو رواجي خيالن لاءِ رکن ٿا. جيترو هنن کي ملڪي حالت لاءِ درد آهي، تنهن جي هزارين پتي به هنن کي اسلام جي بربادي تي افسوس ڪون ٿو ٿئي. هو ٻين جي واسطي پنهنجو گهر ٻار، جند جان قربان ڪري رهيا آهن، ۽ هي دعوتن ۽ نذرانن جي ۽ عيش عشرت جي وسيلي ٻين جو گهر ٻار قربان ڪري رهيا آهن. پر دعوتن ۽ نذرانن جي عيوض ۾ هنن کي اسلام سيکارين ته به چڱو! باقي پير ۽ رهبر ڇا ۾ ٿيا آهن؟
پير جو لفظ عربي ناهي. خبر ناهي ته اڄوڪي نموني جي پيري مريدي جو رواج ڪڏهن پيو؟ اڳي بيعت اسلام جي ورتي ويندي هئي، جيئن رسول الله ﷺ جي بيعت وٺڻ جو بيان مٿي اچي چڪو آهي، جڏهن جڏهن ڪو مسلمان ٿيندو هو تڏهن کيس اسلام سيکاريو ويندو هو، ٻئي قسم جي بيعت ملڪي هوندي هئي، يعني جو خليفو خلافت جو مالڪ ٿيندو هو تنهن جي تابعداري جو اقرار ڪيو ويندو هو، بلڪ ملڪي ۽ اسلامي ٻئي بيعتون هڪ ٻئي سان شامل ۽ ڳنڍيل هيون، مگر اڄوڪي بيعت بلڪل ٻئي نموني جي آهي.
ڪجهه وقت کان پوءِ وري تصوف جا نوان طريقا نڪتا انهن جي سکڻ لاءِ استاد يا مرشد وٺڻو پوندو هو، شايد پيري مريدي جو رواج ان مان وڌيو. سچو مرشد اهو آهي جنهن کي ايماني قوت يا روحاني جذبو تيز هجي، ايترو تيز هجي جو ان جي جوش ۽ صداقت واري تقرير ۽ گفتگو ٻين کي به ايماني قوت سان لبريز ڪري ڇڏي. مگر ان قسم جا مرشد اڄ ڪون ٿا ڏسجن، نڪي وري ماڻهو انهي نيت سان پيرن وٽ ٿا وڃن. اي الله سائين! اسان ۾ روحاني جذبي ۽ ايماني قوت ۽ صداقت ۽ جوش وارا مسلمان پيدا ڪر، جيڪي عوام الناس ۾ وري نئين سر صداقت جو روح ڦوڪين. آمين