نئون سنڌي ويا ڪرڻ (گرامر)
هن وقت سنڌيءَ ۾ ڪيترا گرامر جا ڪتاب آهن، پر انهن مان ٻارن کي پورو مزو نٿو اچي، تنهنڪري ڪوشش وٺي هي ڪتاب اهڙي نموني ۾ لکيو ويو آهي، جيئن پڙهندڙن کي منجهانئس مزو اچي ۽ گرامر پڙهڻ لاءِ منجهن شوق پيدا ٿئي. ماستر کي کپي ته اهڙا جملا ٻارن جي اڳيان رکي، جن ۾ جيڪي قائدو سمجهائڻو هجيس، سو حاضر هجي؛ پوءِ سوالن پڇڻ سان اهو قاعدو ڳولي ڪڍائين. ٻار پنهنجي ٻوليءَ ۾ جيڪا وصف ڏين، سا قبول ڪري ۽ پوءِ سڌريل وصف پاڻ ٻڌائي. مضمون سيکارڻ وقت به گرامر جو استعمال ڪرائجي. ٻارن کي هيءَ ڳالهه چڱيءَ طرح ذهن نشين ڪرائجي، ته گرامر جو لاڳاپو لفظن سان آهي ۽ نه جنسي شين سان. هن ڪتاب ۾ جي شڪليون ڏنل آهي، تن جي نالن سان گرامر جو واسطو آهي ۽ نه شڪلين سان. اميد نه هي ڪتاب سکندڙن توڙي سيکاريندڙن لاءِ ڪارائتو ٿيندو.
نئون سليس سنڌي گرامر
سبق پهريون (گرامر)
هن کي سنسڪرت ۾ ”ويا ڪرڻ“ ،عربيءَ ۾ ”صرف نحو ۽“ انگريزي ۾ ”گرامر“ چئجي. هن مان خبر پوي ٿي، ٻولي برابر ڪيئن ڳالهائجي ۽ ڪيئن لکجي.
سبق ٻيو (اکر، لفظ ۽ جملو)
توهان ٻاراڻي درجي ۾ آئيويٽا جاٻاونجاهه اکر پڙهيا آهن، انهن مان هر هڪ کي اکر چئبو آهي، جيئن ته ڪ، م، ن، وغيره
ٻه ٽي يا وڌيڪ اکر گڏڻ سان لفظ ٺهي ٿو.
جيئن ڀت، انب ۽ کٽولو وغيره.
ڳالهائڻ جي لفظن جو ميڙ جنهن مان پورو پورو مطلب نڪري سگهي ، ان کي جملو چئجي ٿو.
جيئن ته. ڇوڪر کاڌو، موهن گهر ويو. چيتن ٽي صوف کاڌا وغيره
نوٽ: ڪڏهن ڪڏهن فقط هڪ لفظ مان به پورو مطلب نڪرندو آهي، جيئن ته وڃ، کاءُ، پيتو، ڊوڙيو، ڀڳو، وغيره،
هي لفظ اگرچه اڪيلا آهن، تڏهن به منجهائن پورو پورو مطلب نڪري ٿو، تنهنڪري اهڙن لفظن کي به جملو چئجي ٿو، پر ياد رهي، ته انهن لفظن مان هر هڪ لفظ ۾ ٻيو ڳجهه سمايل آهي، ڇاڪاڻ ته وڃڻ، کائڻ، پيئڻ، ڊوڙڻ ۽ ڀڄڻ وارو ضرور ڪو ماڻهو هوندو، جيئن ته تون وڃ، تون کاءُ، مان پيتو، هو ڊوڙيو، هو ڀڳو وغيره.
امتحاني سوال
(1) ويا ڪرڻ سکڻ مان ڪهڙو فائدو آهي؟
(2) اکر ڇا کي چئجي ٿو؟
(3) جملو ڪيئن جڙندو آهي؟
(4) هيٺين لفظن جي ميڙن مان چونڊي ٻڌايو، ته ڪهڙا جملا آهن ۽ ڪهڙا جملا نه آهن؟
(1) محمد کائڻ (2) موسو رنو ٿي (3) مها راڻي وڪٽوريا ٿي گذري آهي. (4) هينئر ايڊورڊ اٺون (5) ولبرفورس خير خواه هو (6) نچ (7) ڊڪ
(5) هيٺين اڻپورن جملن ۾ پنهنجا لفظ وجهي، جملو پورو ڪريو:-
منهنجي ............. سان به ڪين هين.
رندو ڪاٺيءَ کي ............. ڪريٿو.
پنادائي راجپوت زال ............. وفات ڪئي.
سبق ٽيون (اسان جي ٻولي)
اسان جي ٻولي سنڌي آهي جا سنسڪرت ٻوليءَ جي شاخ پراڪرت ٻوليءَ مان نڪتل آهي. تاريخ پڙهڻ سان معلوم ٿيندو، ته سنڌ تي ڪيترن ڌارين بادشاهن راڄ ڪيو آهي.
اِهو سڀا ويڪ آهي ته رعيت جو رخ بادشاهن جي ٻوليءَ ڏانهن گهڻو ٿئي ٿو، تنهنڪري عرب بادشاهن جي وقت ۾ اصلوڪي نج سنڌيءَ ۾ ڪيترائي عربي لفظ گڏجي ويا، تنهنڪري اسان جيءَ آئيويٽا کي هينئر ڪوٺين ئي عربي- سنڌي اکر. اهڙيءَ ريت ڪلهوڙن ۽ ميرن جي بادشاهيءَ ۾ پارسي لفظ گڏجي ويا، جيئن ته:- تشريف، فياض، قرب، نشين، وغيره عربي فارسي لفظ آهن.
هينئر انگريزن جي بادشاهيءَ ۾ انگريزي لفظ گڏيا وڃن ٿا جيئن ته:- اسڪول، ڪاليج، گلاس، سوٽ، ڪوٽ، بوٽ وغيره انگريزي لفظ آهن.
هيٺين ٻارهن اکرن مان ڪوبه اکر ڪنهن لفظ ۾ ايندو ته اُهو لفظ نج سنڌي نه سمجهبو؛ پر اُهو لفظ عربي يا پارسي سمجهڻ گهرجي.
ث- ح- ذ- ص- ض- ط-ظ- ع-غ- ف- ق.
سبق چوٿون (اِسم)
هيٺين جملن مان ساهوارن جا نالا چونڊيو:
(1) وجيهه سنگ مارواڙ جي راڻيءَ وٽ جوانسنگهه نالي هڪڙو ٺاڪر هو. (2) مڪڙ ۽ مڇر ناس ڪرڻ گهرجن. (3) ڳئون، مينهون، ٻڪريون گهرو جانور آهن.
وجيه سنگهه، راڻي، جوانسنگهه، ٺاڪر، مڪڙ، مڇر، ڳئون، مينهون، ٻڪريون ۽ جانور ساهه وارن جا نالا آهن.
سڀني ساهوارن جي نالي کي اسم چئبو آهي.
هٺين جملن مان جاين جا نالا چونڊيو:-
(1) سنڌ جو گورنر صاحب سکر ۾ آيو هو،
(2) هڪڙو زميندار حيدرآباد جي شهر ۾ مختيار ڪاريءَ ۾ ڍل پيارڻ آيو.
(3) ڪهڙو ٿو پڇين حال ٻهراڙي جي ماڻهن جو .
(4) قبن ۾ ميرن جون قبرون آهن.
(5) تجرن ۾ بيبيون پوريل آهن.
سنڌ، سکر، حيدرآباد، شهر، مختيارڪاري، ٻهراڙي، قبا ۽ تجرون جاين جا نالا آهن.
سڀني جاين جي نالن کي اِسم چئبو آهي.
(1) بابو مصري وجهي جعفر کي شربت ويٺو پياري.
(2) ڏند ڌڏن ته ڦٽڪيءَ جي پاڻيءَ سان گرڙيون ڪجن.
(3) شيهو، قلعي، جست، ڌاتن جا قسم آهن.
(4) ٿنڀا، ڪامون، پٽيون، دريون، دروازا، ڪرسيون، ميزون، وغيره، اِهي سڀ ڪاٺ مان ٺهن ٿا.
مصري، شربت، ڏند، ڦٽڪي، پاڻي، گرڙيون، شيهو، قلعي، جست، ڌاتون، ٿنڀا، ڪامون، پٽيون،دريون، ڪرسيون، ميزون ۽ ڪاٺ شين جا نالا آهن.
سڀني شين جي نالن کي اِسم چئجي ٿو.
(1) دوا ۾ ڪوڙاڻ گهڻي آهي.
(2) ڇت تي ڪارنهن چڙهي ويئي آهي.
(3) وڻن جي پنن ۾ ساوڪ آهي.
(4) ڀلائي ڪرڻ چڱي آهي.
(5) بي عقلائي نيٺ ماڻهوءَ کي ڇيهو پهچائيندي.
دوا ۾ ڪوڙاڻ جي خاصيت آهي. ڇت تي ڪارنهن جي خاصيت آهي. پنن ۾ ساوڪ جي خاصيت آهي. ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ڀلائيءَ جي خاصيت آهي. بي عقلائي ماڻهوءَ جي خاصيت آهي. (خاصيت جي معنى چڱي خاصيت ۽ خراب خاصيت ٻئي سمجهڻ گهرجن.)
سڀني خاصيتن جي نالن کي اِسم چئجي ٿو.
اهڙي طرح ڪمن جا نالا آهن، جيئن ته:- ڊوڙ، کل، ناچ، جهيڙو، تڪرار وغيره
سڀني ڪمن جي نالن کي اِسم چئجي ٿو.
اهڙيءَ طرح حالتن جا نالا آهن جيئن:-
جواني، ٻڍاپو، ٻالپڻ، ٻانهپ، بادشاهي وغيره،
سڀني حالتن جي نالن کي اسم چئجي ٿو.
هاڻي اسين سکياسون، جنهن نالي سان ڪنهن کي سڏجي ٿو، سو نالو گرامر موجب اسم آهي. اسم جي معنى نالو آهي.
ياد ڪريو: ڪنهن ساهواري جاءِ، شيءِ، خاصيت، ڪم ۽ حالت جي نالي کي اسم چون ٿا.
هيٺين جملن مان اِسم چونڊيو ۽ ٻڌايو ته اُهي ڇا جا نالا آهن:-
(1) پرٿوي راج جي رکيل ٻانهيءَ جي ٻار بنبير کي کڻي چتور جي گاديءَ تي وهاريو.
(2) محلات ۾ هن جون دانهون ۽ نيزاريون جو پنا دائيءَ ٻڌيون، تنهن کي اچي ڏاڍو ڀؤ لڳو.
(3) گلن مان خوشبوءَ ڇوٿي اچي.
(4) هن جو ٻاهريون ڍڪ يا کوپو سائو ڪينهي، پر ڳاڙهائي ٿو.
(2) چوٿين ڪتاب جي ويهين سبق جي پهرين ستن سٽن مان اسم چونڊيو ۽ ٻڌايو ته اُهي ڇا جا نالا آهن.
(3) اهڙا ڏهه اسم ٻڌايو، جي خاصيتن جا نالا هجن.
(5) اسم جي وصف ڏيو ۽ ان جي معنى ٻڌايو.
هيٺين خالي جاين ۾ اسم وجهو:-
هينئر هندستان جو شهنشاهه ........... آهي. سنڌ نئون ........... ٺاهيو اٿن. شربت جو ذائقو ........... آهي. چڱي سان ........... سڀڪو ڪري، پر ڪو بري ........... ڪري. سنڌ جو وڏو عملدار ........... آهي جو ........... ۾ رهي ٿو. کير ۾ ........... جي خاصيت آهي.
استعمال لاءِ اِسم جا ڪي مثال:-
ساهوارن جا نالا:- ٽوپڻ داس، ڳئون، جهرڪي، شينهن، پلو وغيره،
جاين جا نالا:- اسڪول، شهر، ڳوٺ، ڏيهه، هماليه وغيره،
شين جا نالا- ڪتاب، ڪپڙا، ڪو هنور، زيتون وغيره
خاصيتن جا نالا- ڏاهپ، سياڻپ، وفاداري، اڇاڻ ،چڱائي، بڇڙائي، ساوڪ، بندراڻ، هوشياري، گولائي، ميراڻ، ڳاڙهاڻ، وغيره،
ڪمن جا نالا: ناچ، ڊوڙ، گهوم ، اُٿڻي، ويهڻي، هنر، سير، ڀاڄ،جنگ، جهيڙو، ٽپو، گشت، ڪاهه، چڙهائي، گڏجاڻي، مار، ويهڪ وغيره.
حالتن جا نالا: ٻڌايو، جواني، ٻالڪپڻ، ٻانهپ، آزادگي، غلامي، بيماري، بادشاهي، غريبي وغيره.
سبق پنجون (فعل)
(1) رام شهر ويو. هن جملي ۾ رام وڃڻ جو ڪم ڪيو.
(2) محمد ٽول ورتو. هن جملي ۾ محمد وٺڻ جو ڪم ڪيو.
(3) بارش پئي. هن جملي ۾ بارش پوڻ جو ڪم ڪيو.
هيٺين جملن ۾ اُهي لفظ چونڊيو، جيڪي ڪو ڪم ڪن ٿا ۽ ٻڌايو ته اُهي ڪهڙو ڪم ڪن ٿا.
(1) اُن جو قافلو ڀرجي آيو (2) حضرت جن کي چيائون ته، ڀلائي ڪري ٻڌايو، ته نئون سوداگر ڪير آهي.
جن لفظن مان ڪم جي معنى نڪري، سي لفظ فعل آهن (فعل معنى ڪم)
(1) موتي گهر ۾ آهي. (2) عثمان هٽ تي آهي. هنن جملن ۾ موتي ۽ عثمان ڪم ڪونه ٿا ڪن، پر اِها خبر پوي ٿي ته موتي ۽ عثمان آهن، يعنى انهن مان هجڻ يا هئڻ جي معنى نڪري ٿي. هيٺين جملن ۾ اُهي لفظ چونڊيو، جن مان هجڻ يا هئڻ جي معني نڪري؛-
(1) ملان دوپيازو مسخرو هو. (2) حضور جي اڳيان حاضر آهيان. (3)گل جا چار ڀاڱا آهن. (4) زيتون جي کل ڳر سان ڳنڍيل آهي. (5) ڪراچي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي.
جن لفظن مان هجڻ يا هئڻ جي معنى نڪري، تن کي فعل چئبو آهي.
گوپال مارجي ٿو. هن جملي ۾ گوپال پاڻ تي مار جو ڪم سهي ٿو.
ڏڌ ولوڙجي پيو. هن جملي ۾ ڏڌ پاڻ تي ولوڙجڻ جو ڪم سهي ٿو.
هيٺين جملن مان اهڙا لفظ چونڊيو: جن مان سهڻ جي معنى نڪري:-
(1) مڇيون مارجن ٿيون (2) وار ڪوڙجن ٿا. (3) ڏيا ٻارجن ٿا. (4) ڏاهر مارجي ويو.
اهڙا لفظ جي ڏيکارين ته ڪنهن اِسم تي ڪو ٿيو آهي، تن کي فعل ڪوٺبو آهي.
ياد ڪريو: فعل اُهو لفظ آهي، جنهن ۾ ڪرڻ، هئڻ يا سهڻ جي معنى نڪري ٿي.
سوال
(1) هيٺين اسمن پٺيان اَهڙا فعل وجهو جي ڪم ڪرڻ جي معنى ڏيکارين:- گهوڙو، گاڏي، موهن، تارا ٻائي، عمر.
(2) هيٺين اِسمن جي پٺيان اَهڙا فعل وجهو، جن مان هئڻ يا هجڻ جي معنى نڪري:-
گلي، ڪراچي، ڳاڙهائڻ، پکي، ڪتا
(3) هيٺين جملن مان فعل چونڊيو ۽ ٻڌايو ته انهن مان ڇاجي معنى نڪري ٿي:-
1- پرتاب سنگهه نيٺ چتور وڃي هٿ ڪيو.
2- گهڻن ماڻهن جي اهڙي عادت ٿيندي آهي جو واٽ پنڌ ڪو منڊو ڏسن، ته بيهي مٿس کلن.
3- راجا ڏاهر ڏاڍي بهادريءَ سان وڙهيو، پر نيٺ مارجي ويو.
اِستعمال لاءِ فعل جا ڪي مثال:-
ڪم ڪرڻ جي معنى وارا لفظ: ڊوڙيو. جيتيو، ڪيو، ورتو، سمهيو، رهيو، ڏنو، پٽيو، ويٺو، ٿيندو، گسائيو، کليو، پهتو، آڇيو وغيره.
هئڻ جي معنى وارا لفظ:- هو، هئي، هوندي. آهي، هوندو، هجن، آهيون، آهيان، آهن وغيره
سهڻ جي معنى وارا لفظ: ڪسجي، مارجي، ٻارجي، هڪالجي، ڪوڙجي، جيت جي، ڏڪجي، وڪامجي وغيره.
سبق ڇهون (ضمير)
(1) حضرت عثمان سخي مرد هو. حضرت عثمان جن ڪيترا خير جا ڪم ڪيا. (2) حضرت عثمان سخي مرد هو، جنهن ڪيترا خير جا ڪم ڪيا. ٻئي جملي ۾ حضرت عثمان بدران ”جنهن“ لفظ ڪم آندل آهي. ”رام جڏهن بن ويو، تڏهن هن سان سيتا ۽ لڪڇمڻ به گڏجي هليا“. هن جملي ۾ ”هن“ لفظ رام اسم جي بدران آيو آهي.
هيٺين جملن ۾ جتي ٺهي اچي، تتي اسم جي بدران ٻيا لفظ وجهي ڏيکاريو:-
(1) جوڌ پور جي راجا ڏي وڪيل ڪري مڪائين، ته وڃي، جوڌ پور جي راجا کان پڇي اچ ته جوڌ پور جي راجائن جو راڄ ڇا جي ڪري ٿو جٽاءُ ڪري. (2) برڪن هيڊ جهاز لشڪر کڻي سير ڪندو پئي ويو، برڪن هيڊ جهاز ۾ 642 ماڻهو چڙهيل هئا. (3 )گوئا هندستان ۾ پور چو گيزن جو وڏو مشهور شهر آهي. گوئا شهر ڏي سن 1884ع ۾ پور چوگيزن جو هڪڙو جهاز لزبن شهر مان آيو ٿي (4) ليسيس نالي فرينچ انجنيئر ٿيو آهي. ليسيس سويز ڳچي ڌرتيءَ مان هڪ واهه کوٽايو هو.
جيڪي لفظ اسمن جي بدران اچي جملي کي سهڻو ڪن، اهڙن لفظن کي ضمير چئجي ٿو.
ياد ڪريو:- ضمير اهو لفظ آهي جو اسم جي بدران ڪم اچي ٿو. (ضمير معنى بدران )
استعمال لاءِ نمبرن جا مثال:-
آءٌ، مان، اسين، مون، اسان، تو، تون، توهين، تومان، توهان ،توهين، اوهين، او، هو ،هوءَ ، ان، هن، انهن، هنن، اِهي،اِها، انهيءَ، پاڻ خود، پنڊ جو، جي، جا، جنهن، جن، جيڪو، جيڪي، جيڪا، جنهن، پنهنجي، پنهنجو، جڏهن، ڪنهن، جن، ڪن، سو، سي، سا، تنهن، تن، ڪو، ڪي، ڪا، ڪنهن، ڪن، ڪير، ڪهڙو، ڪهڙا، ڪهڙي، ڪهڙن، ڪهڙين، ڪهڙيون، ڇا، ڪڄاڙو وغيره
سوال
(1) ضميرن ڪم آڻڻ ڪري جملن تي ڪهڙو اثر ٿئي ٿو
(2) هيٺين سٽن مان ضمير چونڊيو ۽ ٻڌايو ته ڪهڙن اسمن جي بدران ڪم آيل آهن:
(1) پرٿوي راج جي دل ڏسي، ته مان هن دلير زال سان شادي ڪريان. پر تارا ٻائي چوي، ته شادي مان انهيءَ سان ڪنديس، جو ٿردا شهر منهنجي پيءُ کي وٺي ڏيندو. (2) مختيار ڪار جو پٽ اتي وٺيو هو. تنهن زميندار کان پڇيو ، ته ”ڪهڙو حال آهي. توهان ماڻهن جو هن جواب ڏنو ته ”سائين اسان جو گذر آهي کيتيءَ تي.
(3) ضمير جي وصف ڏيو.
سبق ستون (صفت)
لڇمڻ چڱو ڇوڪر آهي. گلي ڏاهي ڇوڪري آهي. چڱو لفظ لڇمڻ جو گڻ ٿو ڏيکاري، ته لڇمڻ ۾ به چگائيءَ جو گڻ آهي. ڏاهي لفظ گليءَ جو گڻ ٿو ڏيکاري، ته گليءَ ۾ ڏاهپ جو گڻ يعني خاصيت آهي.
سون مهانگو آهي. هن جملي ۾ مهانگو لفظ ڏيکاري ٿو ته شئي ڪهڙي قسم جي آهي.
هيٺين جملن ۾ خالي جائن تي اهڙا لفظ وجهو، جي اسم جو گڻ يعني خاصيت يا قسم ڏيکارين.
(1) ....... قاضي آهي. (2) ....... سوداگر آهي. (3) حضرت عثمان ....... هو. (4) ملان دوپيازو ....... هو. (5) وڻ جا پن ....... آهن.
تون ڪنو آهين. هن جملي ۾ ڪنو جي لفظ تون ”ضمير“ جي خاصيت ٿو ڏيکاري. هو سخت هو هن جملي ۾ سخت لفظ ”هو ضمير“ جو قسم ڏيکاري ٿو.
• يعني خاصيت جي معني چڱو گڻ ۽ خراب گڻ ٻئي سمجهڻ گهرجن.
هيٺين ضميرن جي پٺيان اهڙا لفظ وجهو، جي ضمير جي گڻ يعني خاصيت يا قسم ڏيکارين:
(1) آءُ....... آهيان (2) تون....... آهين (3) هو ...... آهي.
جن لفظن مان اسم يا ضمير جو گڻ يعني خاصيت يا قسم جي خبر پوي، اهڙن لفظن کي صفت چئبو آهي.
(1) مون کي ڏهه رپيا گهرجن. (2) لشڪر ۾ پنج سؤ سولجر هئا. ”ڏهه“ لفظ ”روپيه اسم“ جو انداز ڏيکاري ٿو. ”پنج سؤ“ لفظ ”سولجر اسم“ جو انداز ڏيکاري ٿو.
هيٺين جملن مان اهڙا لفظ ڳوليو، جي اسم جو انداز ڏيکارين:-
(1) انهيءَ شهر ڏي سنه 1585ع ۾ پور چوگيزن جو هڪڙو جهاز 1200 ماڻهو کنيون ٿي آيو. (2) توکي گهڻا انب گهرجن؟ (3) هو ڪيترن ڏينهن کان پوءِ آيو. (4) تون ٿوري گهڻي تي رسندو آهين.
جيڪي لفظ اسم جو اندازو ڏيکارين، تن کي صفت چئبو آهي.
ياد ڪريو: صفت اُهو لفظ آهي، جو اسم يا ضمير جو گڻ يعني خاصيت يا قسم يا انداز ڏيکاري ٿو ۽ انهن سان لڳي ٿو.
(صفت معنى گڻ)
امتحاني سوال
(1) هيٺين جملن مان صفتون چونڊيو ۽ ٻڌايو ته منجهائن ڇا جي معنى نڪري ٿي:-
(1) يرنا بسنگهه وڏو بهادر هو، تنهن پڪوپهه ڪيو ته، چتور ضرور وٺندا، (2) پڪل ليمي جو رنگ پيلو ٿئي ٿو ۽ سندس رس جو ذائقو کٽو ٿئي ٿو.
(2) صفت جي معنى ڇا آهي.؟
(3)صفت ڇا سان لڳي ٿو؟
استعمال لاءِ ڪن صفتن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا.
(1) خاصيت ۽ قسم ڏيکاريندڙ
اَڇو، سائو، اُجرو، گدلو، ناڪام، سست، داناءُ، جاهل، ٺاهوڪو، آلو، ٺوٺ، وفادار، ڪمبخت، نحس، محتاج، ڀورڙو، نماڻو، ڦڪو، نازڪ، شوخ، شريف، ارجمند، مسخرو، خوش خلق، انڌو، تکو، سکيو ستابو، سرد، ڪوسو، ڪنگال، ڪنجوس، نجس، جوٺو، داناءُ، خيرخواهه، صلح پسند، جهان پناه، ننگ پرور، تيرٿ واسي، مدبر، سياح، سوڀارو، مطلبي، رحمدل، سفارشي ، مرحوم، سهاڳڻ، اداس، ضعيف، بي وس، آجو، ڪچو، ماٺيڻو
انداز ڏيکاريندڙ:- سڀ ڪو، هر ڪنهن، اڌ، ڏيڍ، سوين، هزارين، ڪامل، شاهي، منڌرو، ننڍڙو، عاليشان، ٿورو، ڊگهو، بندرو، ڪجهه، ڳچ، بيشمار، اڻکٽ، ايترو، ايڏو، جيڏو وغيرهه.
سبق اٺون (ظرف)
”چيتن سڀاڻي ويندو“ هن جملي ۾ لفظ سڀاڻي ويندو، فعل سان لڳي ٿو ۽ سڀاڻي مان وقت جي معنى نڪري ٿي. هيٺين سٽن مان اهڙا لفظ ڳوليو جي فعل سان لڳن ۽ منجهائن وقت جي معنى نڪري.
(1) مان هڪدم ڪم پورو ڪندس. (2) موهن اڄ سکر ويندو (3) احمد هينئر آيو آهي. (4) راڌي جلد وڃ.
اهڙا لفظ جيڪي فعل سان لڳن ۽ منجهائن وقت جي معنى نڪري، تن لفظن کي ظرف چئبو آهي.
خير! پري ٿي بيهه. هن جملي ۾ ”پري“ لفظ مان جاءِ جي معنى نڪري ٿي ۽ پري ”بيهه“ فعل سان لڳي ٿو. هينئر هيٺ اچ. هن جملي ۾ ”هيٺ“ لفظ مان جاءِ جي معنى نڪري ٿي. هيٺ ”اچ“ فعل سان لڳي ٿو.
هيٺين سٽن مان اهڙا لفظ چونڊيو، جن مان جاءِ جي معنى نڪري ٿي:- (1) لشڪر هوڏانهن ويو. (2) مان هت رهندس (3) ڪليڪٽر مٿي رهندو آهي. (4) قدم اڳتي کڻ.
جن لفظن مان جاءِ جي معنى نڪري تن لفظن کي ظرف چئبو آهي.
(3) عثمان تڪڙو ڊوڙيو. هن جملي ۾ ڊوڙيو لفظ ”فعل“ آهي. ۽ تڪڙو لفظ“ ڊڙيو فعل جي ريت ٿو ڏيکاري، ته ڪهڙي ريت ڊوڙيو ۽ تڪڙو لفظ ڊوڙيو ”فعل“ سان لڳي ٿو.
هيٺين سٽن ۾ فعل جي اڳيان اهڙا لفظ وجهو، جيڪي ريت جي معنى ڏيکارين ۽ فعل سان لاڳاپو رکن (1) هو.... هليو. (2) ريل گاڏي......... هلي ٿي. (3) علي....... پڙهي ٿو. (4) هيمي ........... آئي.
اهي فعل سان لاڳاپو رکندڙ لفظ جن مان ريت جي معنى نڪري، تن کي ظرف چئبو آهي.
(4) گلاب گهڻو کاڌو. هن جملي ۾ کاڌو لفظ ”فعل“ آهي. ۽ ”گهڻو“ لفظ ساڻس لاڳاپو رکي ٿو ۽ فعل جو قدر ڏيکاري ٿو، ته ڪيتري قدر کاڌو يعني ”گهڻو“ لفظ قدر جي معنى ڏيکاري ٿو. هيٺين سٽن مان اهڙا لفظ جي فعل سان لڳن ۽ منجهائن قدر جي معنى نڪري:-
(1) جمنا ايترو ڊوڙي جو ٿڪجي پيئي.
(2) مزوري ڪيتري وٺندين؟
(3) چورن کي بيحد ڀڄڻو پيو.
اهڙا لفظ جيڪي فعل سان لڳن ۽ منجهائن قدر جي معنى نڪري، تن لفظن کي ظرف چئبو آهي.
آءُ ڪين هلندس. هن جملي ۾ ”هلندس“ فعل سان ”ڪين“ لفظ لڳو پيو آهي. جيڪو ناڪار جي معنى ڏيکاري ٿو.
هيٺين خالي جاين تي اهڙا لفظ وجهو، جي ناڪار جي معنى ڏيکارين ۽ فعل سان لڳن:-
(1) گوپال........ ويو. (2) ڪوڙ......... ڳالهاءِ (3) ٻڏڻ ڏئيس ئي........ (4) ڪندس......... ڪچي.
سبق نائون (ظرف هلي پيو)
(1) خانو ڪيڏو چڙيو (3) خانو ڪيڏو لچ ماڻهو آهي، پهرين جملي ۾ ڪيڏو ”ظرف“ چڙيو ”فعل“ سان لڳي ٿو ٻئي جملي ۾ ڪيڏو ”ظرف“ لچه ”صفت“ سان لڳي ٿو.
اسان مٿي سکيا آهيون، ته ظرف ”فعل“ سان لڳي ٿو، هينر سکياسين ته ظرف ”صفت“ سان به لڳندو آهي.
هيٺين جملن مان اُهي ظرف ڳوليو جي صفت سان لڳن:
(1) مس تمام گهاٽي آهي. (2) کير بيحد مٺو آهي. (3) هر جيون ڏاڍو سپتيو هو. (4) پن بلڪل ساوا آهن.
(1) گهوڙو تڪڙو ڊوڙيو. (2) گهوڙو تمام تڪڙو ڊوڙيو. پهرين جملي ۾ تڪڙو ”ظرف“ ڊوڙيو ”فعل“ سان لڳي ٿو ۽ ٻئي جملي ۾ تمام ”ظرف“ تڪڙو ”ظرف“ سان لڳي ٿو ۽ تمام ”لفظ“ مان قدر جي معنى نڪري ٿي.
هيٺين جملن ان اهڙا ظرف ڳوليو، جيڪي ٻئي ظرف سان لڳن ۽ منجهائن قدر جي معنى نڪري:
(1) راڌي اسڪول ۾ تمام دير سان آئي.
(2) دين محمد بلڪل گهڻو کاڌو.
(3) موٽر گاڏي ڏاڍي تکي هلايائين.
(4) قاسم ڪيترو پري ويو.
هاڻي اسين سکياسين، ته ظرف بعضي فعل سان، بعضي صفت سان ۽ بعضي ٻئي ظرف سان لڳندو آهي. ۽ فعل، صفت يا ٻئي ظرف جو وڌيڪ احوال ڏيندو آهي.
ياد ڪريو: ظرف اُهو لفظ آهي، جيڪو فعل، صفت يا ٻئي ظرف سان لڳي ٿو ۽ ان مان وقت، جاءِ، ريت، قدر يا ناڪار جي معنى ڪري ٿي.
(ظرف معنى فائدو ڏيکاريندڙ لفظ)
استعمال لاءِ ظرف جا ڪي مثال:
وقت جي معنى ڏيکاريندڙ لفظ:اڳيئي، سڀاڻي، هاڻي، اڄ، ڪالهه، ٽاڻي، ڏهاڙي، روز بروز، مهيني سر مهيني، سدائين، پوءِ، نيٺ، آخر، تانجو، جهٽ پٽ، ٺهه ڦهه، يڪدم، اُ مالڪ، پهريائين. اول، پشت به پشت، ٻارهو ئي، بعضي، ڪڏهن ڪڏهن، اڃا، جان، ستت ئي، جلد ئي، وري، اويل سويل، گهڙي کن، پهرپار چو، بالفعل، حال في الحال وغيره.
جاءِ جي معنى ڏيکاريندڙ:- هيٺيان، مٿان، اندران، ٻاهران، جتي، ڪٿي، جت، ڪٿ، تت، تتي، چوڌاري، چوگرد، اوري، پريان، ويجهو، هيڏانهن، مون ڏانهن، اڳيان، پٺيان، هنڌين ماڳين، جيڏانهن، تيڏانهن وغيره.
ريت ۽ قدر جي معنى ڏيکاريندڙ:- مس مس، سچ پچ، ضرور، پٽي، هرگز، بلڪل، اصل، قدر، ڪي قدر، گهڻو ڪري، ڪهڙو نه، هوريان، آهستي، ڍلو، ڏاڍيان، دليون، جانيون، جهڙو تهڙو، جيئن، تيئن، ڄاڻي واڻي، پرايو، درست، مفت، اجايو، ظاهر پڌرو، تخميني، روءِ، اٽڪل، دوبدو، اُبتڙ، برخلاف، آنو، ڪڪ، اُبتو سبتو، نرالا، جدا جدا، هيئن هونئن، اصلي، لس ئي لس، البت، خاص ڪري، اڪثر، خصوص، زيادهه، وڌيڪ اُتلو، هيڪاري، ويتر، البت، ڪي قدرن، ڪجهه، پورو، راس، پاڻيهي، از خود، روءِ سوءِ وغيره
ناڪار جي معنى ڏيکاريندڙ:- نه ، ڪين وغيره
سوال:-
هيٺين آکاڻيءَ ۾ ظرف ڳوليو، ۽ ٻڌايو ته اُهي ڇا سان لڳن ٿا ۽ منجهائن ڇا جي معنى نڪري ٿي:-
ڪنهن سمي هڪ ڌاڙيل هڪ گهر ۾ اندر گهڙي ويو، هو چوري ڪري ٻاهر نڪتو ٿي، ته گهر جو مالڪ يڪدم پٺيان پيس ۽ وڃي کيس پڪڙيائين ، ڌاڙيل گهڻوئي ڦڙڪيو، پر مالڪ بلڪل زورآور هو، جنهن ڌاڙيل کي تمام گهڻي مار ڏني، جنهن ڪري ڌاڙيل ڏاڍو رنو، سڀ مال اتي ئي اڇلايائين، تڏهن مالڪ مس مس ڇڏيس.
(2) ٻڌايو ته جڏهن ظرف، ٻئي ظرف سان لڳندو آهي، تڏهن منجهانئس ڇا جي معنى نڪري ٿي.
(3) هيٺين خالي جاين تي ٺهندڙ ظرف وجهو:-
(1) ....... نت پاڻ لڄايان. (2).......... اسان جو بادشاهه ايڊورڊ اٺون آهي. (3)اسان کي گهرجي ته ............... کائون (4) توهان .......... هلو.
سبق ڏهون (حرف جر)
(1) فقير ويو، (2) فقير محلات ويو.
پهرين جملي مان مطلب پورو نڪري ٿو، پر ٻئي جملي مان مطلب پورو ڪين ٿو نڪري، تنهنڪري ٻيو جملو جيڪڏهن هيٺين نمونن ۾ لکبو ته پورو مطلب نڪري ايندو:
فقير محلات ۾ ويو.
فقير محلات کان ويو
فقير محلات مان ويو.
فقير محلات ڏي ويو.
۾،کان، مان، ڏي؛ اِهي لفظ فقير ”اسم“ جو محلات سان لاڳاپو ڏيکارين ٿا.
هيٺين خالي جاين تي اهڙا لفظ وجهو، جي اِسم جو ٻئي لفظ سان لاڳاپو ڏيکارين:-
(1) گلاب باغ..... ويو. (2) احمد...... پهتو.
(3) زيتون باغ..... ٿين ٿا. (4) گهه نديءَ ...... کرپروآهي.
اهڙا لفظ جي اسم جو ٻئي لفظ سان لاڳاپو ڏيکارين تن لفظن کي حرف جر چئبو آهي.
هُو ڪراچي ڏي ويو. هن جملي ۾ ڏي لفظ ”هُو“ ضمير جو ڪراچيءَ سان لاڳاپو ڏيکاري ٿو.
هيٺين جملن مان اَهڙا لفظ چونڊيو، جي ضمير جو ٻئي لفظ سان لاڳاپو ڏيکارين:-
(1) هن کي مار ملي (2) تون اسٽيشن تي وڃ. (3) آءٌ جهاز ۾ چڙهندس. (4) هو ڪوٺي تان ڪري پيو.
اهڙا لفظ جي ضمير جي ٻئي لفظ سان لاڳاپو ڏيکارين تن کي حرف جر چئبو آهي.
ياد ڪريو: حرف جر اُهو لفظ هي، جو اسم يا ضمير جي پٺيان اچي ٿو ۽ اسم يا ضمير جو ٻئي لفظ سان لاڳاپو ڏيکاري ٿو.
(جر معنى ڇڪيندڙ يا ڳنڍيندڙ)
اِستعمال لاءِ حرف جر جا ڪي مثال
جو، سندو، کي، کان، کون، ۾، مان، مون، منجهه، منجهان، سان، سين، ساڻ، سوڌو ڀر، وٽ، وٽان، وٽون، ري، سواءِ، کان، بنا، ڌاران، ٻاجهون، بدران، عيوض، پاران، تي،تان، تون، جي، مٿان، ڀر، واريون، لاءِ، ڪاڻ، واسطي، وگهي، سبب، وغيره
سوال
(1) حرف جر جي وصف ڏيو.
(2) حرف جر جي معنى کولي سمجهايو.
سبق يارهون (حرف جملو)
(1) جمال الدين ۽ جمڙو گڏجي آيا.
(2) پينسل يا قلم ڏي،(3) هو هوشيار پر لچ آهي. (4) شربت نت پاڻي ڏي.
۽ ”لفظ“ جمال الدين ۽ جمڙي کي پاڻي ۾ ڳنڍي ٿو. يا ”لفظ“ پينسل ۽ قلم کي ڳنڍي ٿو. پر ”لفظ“ هوشيار ۽ لچ کي ڳنڍي ٿو، نت شربت ۽ پاڻيءَ کي ڳنڍي ٿو.
جيڪي لفظ ٻن لفظن کي ڳنڍين، تن کي حرف جملو چئبو آهي.
(1) سڀاڻي مان سکر ۽ گوبند حيدرآباد ويندو (2) هريش جهاز تي يا، ريل ۾ ويندو،. (3) نقشو ننڍو پر ڏاڍو سٺو آهي. پهرين جملي ۾ ”۽“ لفظ ”سڀاڻي مان سکر“، جملي جي هڪ ڀاڱي کي ”گوبند حيدرآباد ويندو.“ جملي جي ٻئي ڀاڱي سان ڳنڍي ٿو.
ٻئي جملي ۾ يا ”لفظ“ جملي جي ٻن ڀاڱن کي ڳنڍي ٿو. ٽئين جملي ۾ پر ”لفظ“ جملي جي ٻن ڀاڱن کي ڳنڍي ٿو.
جي لفظ جملي جي ٻن ڀاڱن کي ڳنڍين تن لفظن کي حرف جملو چئبو آهي.
مون کي پاڻي ڏي، ته آءُ پيان. هن سٽ ۾ ته ”لفظ“ ٻن جملن کي ڳنڍي ٿو:- هڪڙو ”مون کي پاڻي ڏي“ ٻيو ”آءٌ پيان.“
اهڙا لفظ جي ٻن جملن کي ڳنڍين تن کي حرف جملو چئبو آهي.
ياد ڪريو: حرف جملو اُهو لفظ آهي ، جو ٻن لفظن يا جملي جي ٻن ڀاڱن يا ٻن جملن کي فقط: ڳنڍڻ جو ڪم ڪري ٿو.
(جملو معنى ڳنڍڻ)
استعمال لاءِ حرف جملو جا ڪي مثال:-
۽، نه، ڀه، ته، پڻ، پر، ڪ، جي، جيڪڏهن، جيڪر، توڻي، توڙي، اگرچه، جيتوڻيڪ، متان، ڄڻ، ڄڻڪ، نت، جيئن ته، بلڪ، يعني، تنهن ڪري، ڇيهه، ڇاڪاڻ ته وغيره.
سوال
هيٺين سٽن مان حرف جملي وارا لفظ ڳوليو ۽ ٻڌايو ته اُهي ڇاٿا ڪن؟
• شينهن ۽ چيتو پاڻ ۾ وڙهيا پر شينهن، چيتي کي ماري ڇڏيو، هاٿي جيتوڻيڪ زبردست جانور آهي، اهو پهلوان جي چئي ۾ رهي ٿو.
• ڪڏهن ڪڏهن حرف جر لاڳاپي ڏيکارڻ سان گڏ ڳنڍڻ جو ڪم به ڪندو آهي. پر حرف جملو فقط ڳنڍڻ جو ڪم ڪري ٿو.
سبق ٻارهون (حرف ندا)
(1) اي علي! هيڏانهن اچ. هن مان سڏ جي معنى نڪري ٿي. (2) واهه! مان هاڻي ڪهڙو تڪڙو ويڙهي ٿو وڃان. هن مان خوشيءَ جي معنى نڪري ٿي. (3) هاءِ هاءِ! منهنجو گهر ئي ڦرجي ويو. هن مان ارمان جي معنى نڪري ٿي. (4) مار! هيءُ ڪيڏو ڊگهو نانگ آهي. هن مان عجب جي معنى نڪري ٿي. (5) شل! تون جئندين. هن مان سڌ جي معنى نڪري ٿي. (6) ٻه ڏ! مٿو کائي ويو آهين. هن مان ڪاوڙ جي معنى نڪري ٿي. (7) ٿو! فٽ لعنت هجي انهيءَ ماڻهو کي جو زالن سان وڙهي. هن مان ڌڪار جي معنى نڪري ٿي. (8) ڇ! منهن ته ڏسوس، هي آيو آهي قلعو وٺڻ. هن مان پڻ ڌڪار جي معنى نڪري ٿي.
مٿين اٺن جملن ۾ ڏسبو، ته هيٺيان لفظ جملن کان ڌار بيٺا آهن.
اي (علي)، واهه، هاءِ هاءِ، مار، شل ٻه ڏ، ڇه، ٿو.
اهڙا لفظ جي جملي ۾ اڪثر ڌار بيٺا هجن. ۽ منجهائنس سڏ يا سڌ يعني خواهش يا خوشي يا ارمان، يا عجب يا ڪاوڙ يا ڌڪار، معلوم ٿئي، تڏهين اهڙن لفظن کي حرف ندا چئبو آهي.
هيٺين سٽن مان حرف ندا وارا لفظ ڪڍو. ٻڌايو، ته اُهي ڇا جي لاءِ ڪم آيل آهن:-
(1) شال توهان جا ٻچا بچن! (2) اڙي! ڪمينا هتان هليو وڃ. (3) گهوڙاڙي گهوڙا! مان توبهه ڪئي. (4) مرمرڪي اُها ماءُ، جنهن کي سورهيه پٽ هجن! (5) حيف انهن جي حال تي، جي هيڻن تي حملو ڪن! (6) شاباس هجيئي پٽ جو سچ ڳالهايو اٿيئي! (8) جيءُ ائين نچ آئين! (8) فقيرن جي گهر خيرئي خير!
ياد ڪريو: حرف ندا اُهو لفظ آهي، جو سڏ ڪرڻ ۾ اچي ٿو، يا منجهائنس دل جي حالت جيئن سڌ يعني خواهش، خوشي، ارمان، عجب، ڪاوڙ، يا ڌڪار معلوم ٿئي ٿو، اُهو لفظ اڪثر جملي کان ڌار بيٺل هوندو آهي (ندا معنى سڏ ڪرڻ)
سوال
هيٺين خالي جاين تي اهڙا لفظ وجهو جي حرف ندا جا لفظ هجن:-
(1) هيءُ ڪهڙو........ آهي. (2) اسين ته ڏسي ........ ٿي وياسون (3)........ هيءَ ڪيڏو نانگ آهي، (3) ........ مري وڃين.
حرف ندا جا ڪي مثال
اي، او، اڙي، اها ، ڀلي، گهوڙا ڙي، هيءَ، هاءِ، هوءَ، الاڙي، شاباس، آفرين، جس، ڇه، هون، مر، ڀلي، نچه، جيءَ، شال، الاجي، نڄاڻا، من، واهه، مار، خيرئي خير، هُون: ٿو، آهه، شل، متان، ڦٽ، ،لعنت وغيره.
سبق تيرهون (ترڪيب)
هينئر اسان گرامر جا اٺ لفظ سکياسون.
(1) اسم (2) فعل (3) ضمير (4) صفت (5) ظرف (6) حرف جر (7) حرف جملو (8) حرف ندا. انهن اَٺن لفظن کي ڳالهائڻ جا لفظ چون ٿا. اهڙو ڪو به لفظ ڪونه لڀندو جو انهن اٺن دفعن مان هڪڙي نه ٻئي دفعي ۾ اچي نه سگهندو.
ترڪيب ڇا کي چئجي؟ جملن ۾ جيڪي لفظ اچن سي گرامر جي اٺن دفعن مان ڪهڙن ڪهڙن دفعن ۾ آهن، سي چئي ٻڌائڻ تنهن کي ترڪيب چئجي ٿو.
ترڪيب جو ڍنگ:- ترڪيب هروڀرو لفظ ڏسي، ڪرڻ نه گهرجي، پر لفظ جي معنى ۽ ڪم تي ويچار ڪري، پوءِ ڪجي، ڇاڪاڻ ته ڪيترا لفظ آهن: جي هڪ جملي ۾ گرامر جو هڪ روپ، ۽ ٻئي جملي ۾ گرامر جو ٻيو روپ وٺن ٿا. اهڙا ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا.
ڪي لفظ هڪ جملي ۾ اسم، نه ٻئي جملي ۾ فعل ٿين ٿا. جيئن ته:- (1) جعفر، منگن کي ماني لاءِ چيو، (2) استاد جو چيو مڃڻ چڱو آهي. پهرين جملي ۾ چيو ”لفظ“ فعل آهي، ته ٻئي جملي ۾ چيو ”لفظ“ اِسم آهي.
ساڳيا لفظ اسم به ٿي سگهن ٿا، ۽ صفت به ٿي سگهن ٿا. جيئن ته:- (1) پنير ڪوڙو آهي. (2) ڪوڙو حجم مٿو ڪوڙي ٿو.
• مٿي گرامر جي ڪيترن لفظن جا مثال ڏنل آهي، اُهي مثال هروڀرو گرامر جي انهيءَ لفظ جا سمجهڻ نه گهرجن. ڇو ته بعضي ڪي مثال ڪن جملن ۾ ڦري گرامر جا ٻيا لفظ ٿين ٿا، تنهنڪري معنى ۽ ڪم تي وڌيڪ ڌيان ڏجي.
پهرين جملي ۾ ڪوڙو ”لفظ“ صفت آهي. ٻئي جملي ۾ ڪوڙو لفظ اِسم آهي.
ڪي لفظ ڪنهن هنڌ صفت ته ڪنهن هنڌ ظرف ٿين ٿا؛ جيئن ته:- (1) مکڻ ٿورو آهي. (1) ٿورو هوريان پڙهو. پهرين جملي ۾ ٿورو ”لفظ“ صفت آهي ٻئي جملي ۾ ٿورو ”لفظ“ ظرف آهي.
ڪي لفظ هڪ جملي ۾ ضمير ۽ ٻئي جملي ۾ حرف جر ٿين ٿا جيئن ته:- (1) جو ڪندو سو پائيندو. (2) گو ڪل جو پڙهڻ چڱو آهي. پهرين جملي ۾ جو لفظ ضمير ٻئي جملي ۾ جو ”لفظ“ حرف جر آهي.
ڪي لفظ هڪ جملي ۾ اِسم ۽ ٻئي جملي ۾ حرف ندا ٿين ٿا، جيئن ته:- (1) بغداد جي بادشاهه سنڌ تي ڪاهي ڪئي. (2) بغداد ڙي! منهنجو گهر ئي ڦرجي ويو. پهرين جملي بغداد ”لفظ“ اِسم ۽ ٻئي جملي ۾ بغداد ”لفظ“ حرف ندا آهي.
ڪي لفظ هڪ هنڌ حرف جر ۽ ٻئي هنڌ حرف جملو ٿين ٿا، جيئن ته:- (1) شاهه جو سڀاءُ سانت ڪو هو. (2) سامي امرت سر وڃي رهيو، جو اتي سندس گُرو هو. پهرين جملي جو ”لفظ“ حرف جر آهي ۽ ٻئي جملي ۾ جو”لفظ“ حرف جملو آهي.
ڪي لفظ هڪ جملي ۾ حرف جر ته ٻئي جملي ۾ ظرف ٿيا. جيئن ته :- (1) گلن مٿان جيت ويهن ٿا. (2) انب مٿان لاهي اچ. پهرين جملي ۾ مٿان ”لفظ“ حرف جر ۽ ٻئي جملي مٿان ”لفظ“ ظرف آهي.
ڪي لفظ هڪ جملي ۾ حرف جر ۽ ٻئي جملي ۾ فعل ٿين ٿا، جيئن ته:- (1) مون کي کير ڏي. (2) منهنجا لعل چند ڏي ڪتاب آهن. پهرين جملي ۾ ڏي، ”لفظ“ فعل آهي. ٻئي جملي ۾ ڏي ”لفظ“ حرف جر آهي.
سبق چوڏهون (ترڪيب جو نمونو)
(1) ويڙهي مل جي ڪتب خاني ۾ هر قسم جا ڪتاب ڪفائتي ملي سگهن ٿا.
”ويڙهو مل“ اِسم، ”جي“ حرف جر ”ڪتب خاني“، اِسم، ”۾“ حرف جر، ”هر“ صفت، ”قسم“ اسم، ”جا“ حرف جر، ”ڪتاب“اسم، ڪفائتي“ ظرف، ”ملي سگهن ٿا.“ فعل. (2) مار! تون ۽ گوپال ڪهڙا نه گدلا ٻار آهيو. ”مار!“ حرف ندا. ”تون“ ضمير، ”۽“ حرف جملو، ”گوپال“ اِسم، ”ڪهڙا نه“ ظرف، ”گدلا“ صفت، ”ٻار“ اِسم ”آهيو“ فعل.
استعمالي سوال
(1) ڳالهائڻ جا لفظ ڪهڙا آهن.؟
(2) ترڪيب ڇا کي چئجي؟
(3) ترڪيب ڪرڻ وقت لفظ لاءِ ڪهڙين ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي؟
(4) اهڙا ٻه مثال ڏيو، جي لفظ هڪ جملي ۾ اسم ۽ ٻئي جملي ۾ فعل ٿين.
(5) اهڙا ٻه مثال ڏيو جي لفظ هڪ جملي ۾ ضمير ۽ ٻئي جملي ۽ ۾ حرف جر ٿين.
(6) چوٿين ڪتاب جي ڏهين سبق جي پهرين پندرهن سٽن جي ترڪيب ڪريو ۽ هر هڪ لفظ جي حالت ۾ ٻڌايو، اُن لفظ کي اهو نالو ڇو ٿا ڏيو.
(7) هيٺين خالي جاين ۾ صفتون وجهو:-
(1) ..... ڇوڪر پاڻ وڙهڻ لڳا. (2) پيتيءَ ۾ ....... روپيا پيا آهن. (3) توکي، مون کي ۽ ...... کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي.
(8) هيٺين خالي جاين ۾ ظرف وجهو:-
(1) ...... نت پاڻ لڄايان (2) ڪيول اسڪول .... آيو. (3) موٽر.... هلڻ لڳو
(9) هيٺين خالي جاين ۾ حرف جر وجهو:-
(1) علي محمد اسڪول …. ويو. (2) هو بازار.... هوندو. (3) گاڏيءَ ..... چڙهه.
(10) هيٺيان لفظ ڌار جملن ۾ ڪم آڻي ثابت ڪريو ته ڪٿي اِسم آهن ۽ ڪٿي صفت آهن:-
مٺو، ڪوڙو.
سبق پندرهون (اسم جا قسم)
علي محمد سڀ ڪنهن ڇوڪر کان هوشيار آهي. هن جملي ۾ علي محمد ۽ ڇوڪرا ۽ اِسم آهن. ٻنهي اِسمن ۾ هي فرق آهي جو علي محمد هڪ مقرر نالو آهي. ۽ سڀ ڪو ڇوڪر علي محمد ٿي نٿو سگهي.
ڇوڪر سڀ ڪنهن ڇوڪر کي چئي سگهجي ٿو. تنهنڪري خاص نالا جيڪي هجن، تن لفظن کي اِسم خاص چئجي ٿو ۽ جيڪي عام نالا هجن، تن لفظن کي اِسم عام چئجي ٿو.
(1) هيٺيان ساهوارن ۽ شين جا نالا آهن تن مان ٻڌايو ته ڪهڙا اِسم آهن ۽ ڪهڙا اِسم خاص آهن.
گڏهه، ٽيپو، محبت، تاج محل، پوتي، قرآن شريف، قليچ بيگ ، مرزان، ڪوڙو مل، عامل، ڪتاب، ڀڳوت گيتا.
اسان مٿي سکي آيا آهيون ته خاصيت، ڪم ۽ حالت جي نالي کي به اِسم چون ٿا.هيٺين خاصيت ، ڪم ۽ حالت جي نالي کي اسم ذات چوڻ گهرجي.
هيٺين جملن مان اِسم ذات چونڊيو ۽ ٻڌايو، ته ڇا جا نالا آهن:- افغانستان جو ملڪ اندروني جنگين ۽ فسادن جي ڪري اچي، زبونيءَ جي حالت کي پهتو هو، تنهن کي هن پنهنجي سياڻپ ۽ دورانديشي سان ڦيرائي، هڪڙي مضبوط ۽ ترقي ڪندڙ بادشاهه ڪري وڌو. هوديندار مسلمان ۽ پيءَ جو فرمان بردار پٽ هو. هُو هوشيار سپهه سالار ۽ ڏاهو هو. مگر سخت حاڪم هو ۽ آز مودگار سياح، مدبر قومي ۽ حب وارو هو.
ياد ڪريو:- اهو لفظ جو ڪنهن ساهواري شيءَ يا جاءِ جو رکيل مقرر نالو هجي، تنهن کي اِسم خاص چئجي ٿو.
اهو لفظ جو هڪ قسم جي سڀني شين لاءِ يا هڪ هڪ جدا شيءَ لاءِ ساڳيو نالو هجي تنهن کي اِسم عام چئجي ٿو.
خاصيت، ڪم، حالت جي نالي کي اِسم ذات چئجي ٿو.
سبق سورهون (جنسون)
هڪ اسڪول ڇوڪر ۽ ڇوڪريون گڏ پڙهنديون هيون. هن جملي ۾ ”ڇوڪر“ نر آهي. ۽ ” ڇوڪريون“ ماديون آهن. هيٺين ساهوارن مان جيڪي نر يعني مرد آهن ۽ جيڪي ماديون يعني زالون آهن، سي ڌار ڌار ڪريو.، سيٺ، بيبي، بگهڙ، ڪتي؛ غلام علي، جمنا، گهوٽ، نهن،
ياد ڪريو: جي ساهوارا نر يعني مرد آهن، تن کي مذڪر ۽ جي مادي يعني زالون آهن تن کي مونث چئبو آهي.
مٿين ساهوارن اِسمن جي اڳيان او ۽ اي پڇاڙيءَ واريون مصفتون لڳايون ٿا: چڱو سيٺ، سٺي بيبي، بڇڙو بگهڙ، ڇتي ڪتي، سهڻو غلام علي، چڱي جمنا، سهُڻو گهوٽ، نرلڄي نهن، هنن مان ڏسڻ ۾ ايندو، ته جي اِسم مذڪر يعني نر آهن، انهن جي اڳيان او پڇاڙيءَ واريون صفتون ٺهن ٿيون ۽ جي اِسم مونث يعني مادي آهن تن جي اڳيان اي پڇاڙي، واريون صفتون ٺهن ٿيون. جي اِسم ساهه وارا نه آهن يعني بي جان آهن جن جي نر ۽ مادي جي خبر ڪانه ٿي پوي، تن جي اڳيان مٿئين وانگر او ۽ اي پڇاڙيءَ واريون صفتون لڳائجن.
جن اسمن جي اڳيان او پڇاڙيءَ واريون صفتون ٺهن سي مذڪر، جنس وارا سمجهڻ گهرجن جيئن ته: تکو ڪپ، چڱو ڪتاب، مڏو ڪات، کارو پاڻي، وڏو دلو، ڊگهو کٽولو وغيره.
جن اسمن جي اڳيان اي پڇاڙيءَ واريون صفتون ٺهن سي موئث جنس وارا اِسم سمجهڻ گهرجن.
جئين ته ڪاري ٽوپي، ڳاڙهي کٽ، ٿلهي سليٽ وغيره
مٿي پڙهيو آهي ته ”ضمير اِسم جي بدران ڪم اچي ٿو“ يعني ضمير اِسم جو گويا ٻيو روپ آهي تنهنڪري جيئن اِسم جون ٻه جنسون (مذڪر) ۽ مونث آهن. تيئن ضمير جون به ٻه جنسون ٿين ٿيون، مثلا:-
مذڪر موئث
هو ويندو. هوءَ ويندي
جو آيو. جا آئي
سو ويو. سا وئي
جيڪو ڪندو. جيڪا ڪندي
استعمالي سوال
(1) جنس ڇا کي چئجي ۽ جنسون ڪهڙيون آهن؟
(2) جنس سڃاڻڻ لاءِ ڪهڙا قاعدا آهن.؟
(3) هيٺين اِسم مان هر هڪ اِسم جي جنس ٻڌايو ۽ ان جو سبب پڻ ڏيو.
گل، ول، ڌوتي، پٽڪو، سلوار، سوٽ، گدرو، گانڌي، محمد علي، ايڊورڊ اٺون، مستري.
(4) هيٺين جملن ۾ جيڪي ضمير آهن تن جي جنس، ٻڌايو ۽ ان جو سبب ڏيو
(1) آئي سا ويئي. (2) هُو آيو هو. (3) جيڪو ڪندو سو پائيندو (4) هوءَ ٻارن کي پيار ڪندي آهي.
سبق سترهون (عدد)
(1) صديق وٽ ڪتو هو. (2) شهر ۾ ڪتا جام پيا گهمن. پهرين جملي ۾ ”لفظ“ ڪتو ۽ ٻئي جملي ۾ ”لفظ“ ڪتا ڪم آندل آهي.
ڪتو معنى هڪ ڪتو، ڪتا معنى هڪ کان وڌيڪ ڪتا.
ياد ڪريو: جو اِسم هڪ هجي تنهنجو عدد واحد ٿيندو (واحد معنى هڪڙو)
هڪ کان وڌيڪ اسان جو عدد جمع ٿيندو. (جمع معنى گهڻا)
(نوٽ:- اسم خاص ۽ اسم ذات جو گهڻو ڪري عدد واحد ٿيندو آهي پر اسم عام جو عدد واحد ۽ عدد جمع ٻئي ٿين ٿا.)
ضمير اِسم جي بدران ڪم اچي ٿو، تنهنڪري ضمير جا به ٻه عدد (واحد ۽ جمع) ٿين ٿا. جيئن ته:-
واحد جمع
آءٌ : اسين
تون : توهين
ڪهڙو : ڪهڙا
اُهو : اُهي
سوال
(1) اِسم ۽ ضمير جا ڪهڙا عدد آهن ۽ اُهي ڪيئن سڃاڻجن؟
(2) هيٺين جملن مان اِسمن ۽ ضميرن جا مددٻڌايو؟
(1) سائين علاو الدين اهڙي ڪار ڪئي جو هو وطن ڇڏي تو دا ۾ وڃي ويٺا. (2) اُهي سورهيه صفون ٻڌي بيٺا (3) تون انب کائيندين؟
سبق ارڙهون (حالتون)
(1) حالت فاعلي- اسان پڙهي آيا آهيون ، ته فعل معنى ڪم، ڪم جو ڪندڙ ضرور ڪو ٻيو هوندو، جيئن ته بولو گهر ويو. هن جملي ۾ بولو ڪم جو ڪندڙ آهي. ڪم ڪندڙ اِسم کي فاعل چون ٿا. ويو لفظ فعل آهي.، جو فاعل بابت ڪجهه ٻڌائي ٿو. آءٌ هت آهيان. هن جملي ۾ آهيان فعل آهي جو آءٌ ضمير فاعل لاءِ ڪجهه ٻڌائي ٿو.
ياد ڪريو: جملي ۾ جيڪي اِسم يا ضمير فاعل هجن، تن جي حالت فاعلي چئجي ٿي.
(2) حالت مفعولي: جمال الدين لکيو. هن جملي ۾ ڪم جو ڪندڙ يعني فاعل جمال الدين آهي ۽ لکيو فعل آهي. پر اها خبر نه آهي، ته جمال الدين ڇا لکيو، جيڪڏهن اهو جملو هيئن چئجي، ته مطلب پورو نڪرندو:- جمال الدين ڪتاب لکيو، هاڻي اسان کي خبر پئي ته جمال الدين ڪتاب لکيو آهي، يعني ڪتاب جي مٿئون لکڻ جو ڪم ٿيوآهي.
جنهن اِسم تي ڪم ٿئي، تنهن کي مفعول چئبو آهي.
جڳتراءَ مون کي پاڙهيو.هن جملي ۾ چڳتراءِ فاعل آهي. ۽ ”مونکي“ ضمير ”معفول“ آهي. ڇاڪا ڻ ”مون کي“ ضمير تي پڙهائڻ جو ڪم ٿيو آهي.
جنهن ضمير تي ڪم ٿئي، تنهن کي مفعول چئبو آهي.
ياد ڪريو: اهو اسم يا ضمير جنهن تي ڪم جو اثر ٿئي، تنهن کي مفعول چئبو آهي ۽ تنهن کي حالت مفعولي لڳندي آهي.
نوٽ:- جملي مان فاعل ۽ مفعول لهڻ لاءِ سولو رستو هيءُ آهي ته فعل کان ڪير ۽ ڇا جا سوال پڇجن. ڪيرسوال پڇڻ سان جيڪو اسم يا ضمير ملي سو آهي فاعل. ڇا سوال پڇڻ سان جيڪو اِسم يا ضمير ملي سو آهي مفعول. جيئن ڊکڻ ڪاٺ چيري ٿو:
سوال 1: ڪير چيري ٿو؟ جواب: ڊکڻ چيري ٿو. تنهن ڪري ڊکڻ ٿيو فاعل.
سوال 2- ڇا چيري ٿو؟ جواب: ڪاٺ چيري ٿو. تنهن ڪري ڪاٺ ٿيو مفعول.
(3) حالت جري، مٿي سکيا آهيون، ته ”حرف جر“ اُهو لفظ آهي جو اِسم يا ضمير جي پٺيان اچي ٿو ۽ان جو جملي ۾ ٻئي لفظ سان لاڳاپو ڏيکاري ٿو. جيئن ”جعفر وڻ تي چڙهيو.“ هن جملي ۾ تي حرف جر جعفر۽ وڻ جو لاڳاپو ڏيکاري ٿو.
ياد ڪريو. جيڪڏهن جملي ۾ اسم يا ضمير پٺيان حرف جر اچي، ته اُن اسم يا ضمير تي حالت جري لڳندي.
حالت اضافت- گوڪل جي ٽوپي سٺي آهي. هن جملي ۾ ”جي“ ”حرف جر“ آهي، جو گوڪل ۽ ٽوپيءَ جو لاڳاپو ڏيکاري ٿي: پر ”جي“ لفظ لاڳاپي سان گڏ مالڪي به ڏيکاري ٿو، يعني ٽوپيءَ جو مالڪ گوڪل آهي.
ياد ڪريو: جڏهن ڪنهن اسم يا ضمير پٺيان حرف جر اچي ۽ ان اسم يا ضمير جو ٻئي ڪنهن اسم يا ضمير سان مالڪيءَ جو لاڳاپو ڏيکاري، تڏهن ان پهرين اسم يا ضمير جي حالت اضافت چئجي ٿي.
حالت ندا: مٿي سکي آيا آهيون، ته جيڪي لفظ جملي ۾ الڳ بيٺا هجن، تن کي حرف ندا چئبو آهي.“ جيئن ته: اڙي! چيتي هيڏانهن اچ. هن جملي ۾ ”اڙي“ لفظ حرف ندا آهي ۽ چيتي لفظ اِسم آهي، چيتي ”اِسم“ جي حالت ندا ٿيندي.
محمد هتان وڃ. هن جملي ۾ حرف ندا ڳجهو رکيل آهي، چوڻ گهرجي،”اي! محمد هتان وڃ“ جن جملن ۾ حرف ندا ڳجهو رکيل هجي اُن اِسم جي به حالت ندا ٿيندي.
ياد ڪريو:- جن اسمن جي اڳيان ظاهر يا ڳجهو حرف ندا لفظ هجي، ان اسم جي حالت ندا ٿيندي.
هينئر حالتون ڪل پنج سکياسون (1) حالت فاعلي (2) حالت مفعولي (3) حالت جري (4) حالت اضافت (5) حالت ندا.
سوال
(1) حالت فاعلي ۽ حالت مفعولي جو فرق ٻڌايو
(2) حالتون ڇاکي لڳنديون آهن.
(3) حالت اضافت ۽ حالت جريءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
(4) حالت ندا جي وصف ڏيو
(5) هيٺين جملن ۾ جيڪي اِسم ۽ ضمير آهن تن کي حالتون لڳايو ۽ ان جو سبب ڏيو: (1) هيءُ اڪبر بادشاهه جي درٻار جو مسخرو هو. (2) عثمان غني اَن جو قافلو ڀرائي آيو . (3) پنا دائي نالي راجپوت ذات جي هڪ زال ٿي گذري آهي. (4) گوئا هندستان ۾ پور چو گيزن جو وڏو شهر آهي. (5) اي! ڪشنا مونکي نه ستاءَ.
سبق اڻويهون (اِسم جون پڇاڙيون)
اِسم جون ست پڇاڙيون آهن اَ، اُ، اِ، اِي، اُ ئه اؤ، ۽ او
(1) اَ-دائي مونث، جيئن ته زال، لڇم، بيگم،کٽ،
(2) آ جئين ته مذڪر ۾ پتا، راجا، مولا ۽ مونث ۾ گنگا، فاطما، بلا جمنا.
(3) اِ جئين ته مذڪر ۾ سيٺ، خضر، مس، ۽ مونث ۾ مينهن، ڳئون، جُوءِ، گلشن
(4) اي جيئن ته مذڪر ۾ ٻلي، مستري، سورج مکي، جوڳي، مونث ۾ تڳي، گهوڙي، ٻڪري.
(5) اُ جيئن ته مذڪر ۾ محمد بچل، اُٺ، مونث ۾ ڀيڻ، ڌيءَ، ماءُ، سس
(6) اوُ جيئن ته مذڪر ۾ سچُو، بچُو، ليڊر، ۽ مونث ۾ ڳئون، جُون.
(7) او سدائين مذڪر جيئن ته گهوڙو، ٻلو، ڪتو،ڇتو، بولو.
سوال
(1) اسم جون پڇاڙيون ڪهڙيون آهن؟
(2) اسم جي هڪ پڇاڙي جا ٽي ٽي مثال ڏيو.
سبق ويهون (اِسم جو ڦيرو)
اِسم کي پنجن حالتن ۾ ڦيرائي سگهجي ٿو. تنهن کي اِسم جو ڦيرو چئجي ٿو. جيئن زال اسم آهي. ان جو ڦيرو ڪري ڏيکارجي ٿو.
حالت واحد جمع
(1) حالت فاعلي زال اچيٿي، زالون اَچن ٿيون.
(2) حالت مفعولي زال کي وٺي اَچ، زالن کي وٺي اچ
(3) حالت جري زال کي ماني ڏي. زالن کي ماني ڏي.
(4) حالت اضافت زال جي پوتي آهي، زالن جون پوتيون آهن.
(5) حالت ندا اي زال هيڏانهن اچ اي زالون هيڏانهن اُچو
عام صورت:- مٿي اسان زال جو ڦيرو ڪيو آهي، تنهن مان ڏسڻ ۾ ايندو، ته زال لفظ جي صورت يا شڪل عدد واحد ۾ سڀني حالتن ۾ مٽي ڪانهي يعني زال جو اچار جيئن جو تيئن قائم رهيو آهي.
ياد ڪيو: اسم جي اها صورت جا سڀني حالتن ۾ ساڳي رهي تنهن کي عام صورت چئجي ٿو.
جيئن اِسم جو ڦيرو پنجن حالتن ۾ ٿئي ٿو. تئين ضمير جو ڦيرو وري پهرين چئن حالتن ۾ ٿيندو آهي يعني ضمير جو ڦيرو حالت ندا ۾ ڪين ٿيندو آهي.
سوال
(1) اسم جو ڦيرو ڇا کي چئجي
(2) گهوڙي جو ڦيرو ڪريو.
(3) عام صورت ڇا آهي؟
(4) ضمير ڪهڙين حالتن ۾ ڦرندو آهي؟
(5) آءٌ جو ڦيرو ڪريو.
سبق ايڪيهون (ضمير جا قسم)
(1) ضمير خالص:- آءٌ ويندس، تون نه ملندين، هو ڪالهه آيو هو. هنن جملن ۾ ٽي ضمير ڪم آندل آهن. (1) آءٌ (2) تون (3) هو. ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ته ”آءٌ“ ضمير وارو ماڻهو پاڻ ڳالهائي ٿو، تنهن ڪري آءٌ کي ”ضمير متڪلم“ چئبو آهي. متڪلم جي معنى آهي، ڪلام ڪڍندڙ يعني ڳالهائيندڙ.
ياد ڪريو. ڳالهائيندڙ بدران جيڪي ضمير ڪم اچن، تن کي ضمير متڪلم چئبو آهي. ”تون“ ضمير وارو ماڻهو روبرو حاضر آهي ۽ ان سان ڳالهائجي ٿو، تنهنڪري تون کي ”ضمير حاضر“ چئبو آهي.
ياد ڪريو: جنهن سان ڳالهائجي ٿو، تنهن جي بدران جي ضمير ڪم اچن تن کي ضمير حاضر چئبو آهي.
”هو“ ضمير وارو ماڻهو هتي موجود ڪونه آهي. پر لڪل يعني غائب آهي ۽ ان بابت ڳالهه ٿي ڪجي، تنهن ڪري هو کي ”ضمير غائب“ چئبو آهي.
ياد ڪريو:- جنهن بابت ڳالهه ڪجي ٿي ان جي بدران جي ضمير ڪم اچن ٿا، تن کي ضمير غائب چون ٿا.
انهن ٽنهي ضميرن ( ضمير متڪلم، ضمير حاضر ۽ ضمير غائب) کي ضمير خالص چون ٿا، خالص جي معنى آهي نج، ڇاڪاڻ ته اهي لفظ انسان سان لاڳاپو رکن ٿا.
(2) ضمير اشارو
(1) هيءُ سهڻو پکي آهي. هن جملي ۾ ”هيءُ لفظ ضمير آهي. اشارو ٿو ڪري پکيءَ ڏانهن جيڪو پکي ڀرسان يعني ويجهو آهي. تنهن ڪري ”هيءُ“ کي ضمير اشارو ويجهو چئبوآهي.
ياد ڪريو:- اهڙا ضمير جي ويجهن اسمن ڏانهن اشارو ڪن، تن کي ”ضمير اشارو ويجهو“ چئبو آهي.
(2) هو گهوڙو پريان اچي ٿو. هن جملي ۾ هو ضمير آهي، جو اِشارو ٿو ڪري گهوڙي ڏانهن، جو گهوڙو پري يعني ڏور آهي، تنهنڪري ”هو“ کي ِ”ضمير اِشارو ڏور“ چئجي ٿو.
ياد ڪريو؛ اهي ضمير جيڪي ڪن پرين اسمن ڏانهن اشارو ڪن تن کي ”ضمير اشارو ڏور“ چئجي ٿو
(3) ضمير مشترڪ: گهوٽ پيءُ پاڻ سندرو ٻڌي بيٺو. هن جملي ۾ پاڻ لفظ ضمير آهي، جو گهوٽ پيءُ فاعل جي بدران ڪم آيو آهي، يعني اِهو ضمير فاعل جو شريڪ آهي، تنهن ڪري ”پاڻ“ ضمير مشترڪ آهي.
مشترڪ جي معنى آهي شريڪ ٿيڻ.
ياد ڪريو: جي ضمير جملي ۾ اسم جي بدران ۽ ان سان گڏ جملي کي زور وٺائڻ لاءِ ڪم ايندا آهن، تن کي ”ضمير مشترڪ“ چئبو آهي.
(4) ضمير استفهام: 1- ڪير ايندو؟ 2- توکي ڇا ٿيندو؟ 3- ڪهڙو آهين. 4- هن کي ڪڄاڙو کپي؟ هنن چئن جملن ۾ ڪير، ڪهڙو، ڇا، ڪڄاڙو ضمير آهن، جي سوال پڇڻ جي ڪم ٿا اَچن، تنهن ڪري اِنهن ضميرن کي ضمير استفهام چئجي ٿو. استفهام جي معنى آهي پڇا ڪرڻ.
ياد ڪريو: جي ضمير سوال پڇڻ جي ڪم اچن، تن کي ”ضمير استفهام“ چئجي ٿو.
(5) ضمير موصول هيءَ اهو ماڻهو آهي، جو ميڙي تي پاڻي پياريندو هو. هن جملي ۾ جو ”ضمير“ ٻن جملن جي وچ ۾ آيو آهي: هڪ ”اُهو ماڻهو آهي“ ۽ ٻيو ”ميڙي تي پاڻي پياريندو هو.“ اِنهن ٻنهي جملن کي: جو ضمير ڳنڍي ٿو، تنهن ڪري جو ضمير موصول آهي. موصول جي معنى آهي وصل ڪندڙ يعني ملائيندڙ.
ياد ڪريو: جي ضميرن جملن کي ڳنڍي هڪ ڪن، تن کي ”ضمير موصول“ چئجي ٿو.
(6) ضمير جواب موصول: جنهن ماڻهوءَ لاءِ تو پڇيو ٿي، سو هيءَ آهي. هن جملي ۾ ”جنهن“ ضمير موصول آهي ۽ ”سو“ ضمير جنهن ضمير جي جواب ۾ آيو آهي. تنهن ڪري ”سو“ کي ”ضمير جواب موصول“ چون ٿا.
(8) ضمير مبهمـ: ڪالهه ڪو آيو هوندو. هن جملي ۾ ڪو ضمير آهي، اسان کي ڪَلَ يعني خبر ڪانه ٿي پوي، ته ڪو ضمير ڪهڙي اِسم جي بدران آيو آهي. تنهن ڪري ڪو ضمير مبهم آهي، مبهم جي معنى آهي جنهن جي ڪَلَ يعني خبر نه پوي.
ياد ڪريو:- اهڙا ضمير جن مان ڪَلَ ڪانه پوي، ته ڪهڙي اسم جي بدران آيا آهن، تن کي ضمير مبهم چئجي ٿو.
هاڻي ڪُل ست ضمير سکياسون، (1) خالص (2) اِشارو (3) مشترڪ (4) اِستفهام (5) موصول (6) جواب موصول (7) مبهم.
سوال
(1) ضمير گهڻن قسمن جا آهن اهي ٻڌايو؟
(2) ضمير خالص ڇاکي چئجي اُهي ڪهڙن اِسمن جي بدران اچن ٿا؟
(3) ضمير متڪلم جي معنى ۽ وصف ٻڌايو.
(4) ضمير اشاري جا گهڻا قسم آهن ۽ انهن تي اُهو نالو ڇو پيو آهي؟
(5) ضمير مشترڪ جا ٽي مثال ڏيو.
(6) جن ضميرن مان سوال پڇڻ جي معنى نڪري تن کي ڪهڙو ضمير چئبو آهي؟
(7) ضمير موصول ۽ جواب موصول ۾ فرق ٻڌايو. ۽ هر هڪ جا چار چار مثال ڏيو.
(8) ضمير مبهم سمجهايو.
(5) هيٺين مان ضمير چونڊيو ۽ ٻڌايو ته اُهي ڪهڙا ضمير آهن ۽ ڇو؟
(1) محمود جا ماڻهو جي سرد ملڪن جا هئا، تن سان هنن جي ڀڄڻ جي ڀيڻي ڪانه هئي، ڀيري ڀيري سان محمود کين جيتي، سندن محل ۽ مندر لٽي ويندو هو. (2) آءٌ هتي نه رهندس، ڪيئن تون رهندين؟ (3) اُهو سڀاڻي ايندو. (4) هيءُ باغ مزيدار آهي. (5) هو پکي ڪهڙو نه سهڻو آهي. (6) پاڻ ۾ وڙهڻ چڱو نه آهي. (7) هت ڪير رهندو آهي؟ (8) جيڪو ڪندو سو پائيندو. (9) هاڻي ته ڪي ڏينم.
هيٺين بدزيبن جملن ۾ اِسم ڪڍي پنهنجا ٺهندڙ ضمير وجهو جيئن جملا سهڻا لڳن:
(1) جهمٽ کي جڏهن موڪل ملي تڏهن جهمٽ ويو. (2) گوبند گوبند ويو. (3) غلام الرسول شاعر آهي، غلام الرسول ڪيترا شعر جا ڪتاب لکيا آهن. (4) اڙي....... ڪير آهي. (5) جو ڪتاب ڪالهه ڳڌو هوم...... توکي ڏيندس.
سبق ٻاويهون (فعل جا قسم)
اسين مٿي سکي آيا آهيون، ته ”فعل“ اُهو لفظ آهي. جو اسم يا ضمير بابت ڪجهه چوي ٿو. احمد ڊوڙيو. هن جملي ۾ احمد ڊوڙڻ جو ڪم ڪيو آهي، تنهن ڪري احمد ڪم جو ڪندڙ يعني فاعل آهي. انهيءَ ڪم جو اثر فاعل تي پورو ٿي وڃي ٿو. ۽ جملي مان پورو مطلب نڪري ٿو.
ياد ڪريو: جنهن فعل جو ڪم اثر فقط فاعل تي پورو ٿئي ۽ سندس اثر ٻئي ڪنهن اسم يا ضمير تي نه پوي، تنهن کي فعل لازمي چئجي ٿو.
(لازمي معنى لڳل، جو هن فاعل سان لڳو پيو هوندو آهي.)
مهاڻا مارين ٿا. هن جملي ۾ مارين ٿا ”فعل“ آهي، جو مهاڻا ”اسم“ بابت ٻڌائي ٿو، ته مارين ٿا، پر جملي مان پورو مطلب ڪين ٿو نڪري، ته مهاڻا ڇاٿا مارين؟ جيڪڏهن مٿيون جملو هيئن لکبو، ته مطلب پورو نڪرندو: مهاڻا مڇي مارين ٿا. هن جملي ۾ ڪم جو اثر مهاڻا ”فاعل“ کان لنگهي، ”مڇيون“ مفعول تي وڃي ٿو. يعني هن جملي ۾ فاعل ۽ مفعول ٻئي آهن، تنهن ڪري مارين ٿا ”فعل متعدي“ آهي. متعدي جي معنى آهي حد لنگهندڙ.
ياد ڪريو: اِهو فعل جنهن جي ڪم جو اثر فاعل کان لنگهي، ٻئي اسم يا ضمير (مفعول) تي وڃي پورو ٿئي. تنهن کي ”فعل متعدي“ چئجي ٿو.
سوال
(1) هيٺين جملن مان فعل لازمي ۽ متعدي چونڊيو ۽ انهن جا سبب ڏيو.
(2) ڪپڙا هيٺ وڇائي، وٺي وڻن کي ڌوڻين ته ڦل اچي هيٺ ڪرن ۽ پوءِ رکن سڪائڻا.
(1) چمن ۾ چاهه گهڻو ٿئي ٿو.
(3) چانهه پيتي کان پوءِ ماڻهو چالاڪ ۽ تازو توانو ٿي پوي.
(4) گٿن مان گوگڙا به ڏينا ٿين ٿا
(5) فعل متعدي جي معنى ٻڌايو.
(6) فعل لازمي جي وصف ڏيو.
سبق ٽيويهون (زمان)
زمان لفظ جي معنى آهي، وقت يا سمو يا زمانو. (1) عيسو پڙهي ٿو. (2) عيسو پڙهندو هو (3) عيسو پوءِ پڙهندو.
مٿين 3 جملن ۾ ”پڙهي ٿو“ فعل مان هلندڙ وقت جي خبر پوي. (2) ”پڙهندو هو،“ فعل مان گذريل وقت جي خبر پوي ٿي. (3) ”پڙهندو“ فعل مان ايندڙ وقت جي خبر پوي ٿي.
هن مان سکياسيون ته سڀ ڪنهن فعل جاٽي وقت يعني زمان آهن: هلندڙ وقت کي زمان حال چئجي ، گذريل وقت کي زمان ماضي چئجي ۽ ايندڙ وقت کي زمان مستقبل چئجي ٿو.
(حال معنى هلندڙ، ماضي معنى گذريل، مستقبل معنى ايندڙ)
سوال
(1) زمان ڇا کي چئجي ۽ ڪل زمان گهڻا آهن؟
(2) ٽي مثال زمان ماضيءَ جا ڏيو
(3) زمان حال جي وصف ڏيو.
(4) هيٺين جملن ۾ جيڪي فعل آهن تن جا زمان ٻڌايو:
(1) اڳي سنڌ جو ملڪ گهڻو وڏو هو. (2) ٻروچن ڏاڍي همت ڏيکاري. (3) سيٺ نائون مل جا وڏا زميندار هئا، (4) منهنجو رومال پاڻيءَ ۾ ڪري پيو. (5) ڏياريءَ ۾ ناناڻي ويندس. (6) عيد هت ڪندس
سبق چوويهون (ترڪيب)
لفظن جي جدا جدا صورت ٻڌائڻ ۽ جملي جي ٻين لفظن سان انهن جو لاڳاپو ڏيکارڻ، تنهن کي ترڪيب چئبو آهي. هيٺين سٽن ۾ نشان ٿيل لفظن جي ترڪيب ڪجي ٿي:
(1) گوپال باغ جو نظارو ڏٺو. (2) آءٌ پاڻ زبردست آهيان (3)شل سهندا پار پون! (4) اڄ ضرور اسڪول اچج ۽ پاڻ سان پٽي يا سليٽ آڻج.
گوپال. اِسم خاص، جنس مذڪر، عدد واحد حالت فاعلي، فاعل فعل ”ڏٺو“ جو.
باغ- اِسم عام، جنس مذڪر، عدد واحد، حالت جري، سببان،”جو“ حرف جر جي.
جو – حرف جر، لڳي ٿو اِهم ”باغ“ سان
نظارو- اِسم ذات، جنس مذڪر، عدد واحد. حالت مفعولي، مفعول فعل ”ڏٺو“ جو
ڏٺو:- فعل،متعدي، جنس مذڪر، عدد واحد، ضمير غائب، سندس فاعل،”گوپال“ مفعول ”نظارو“
آءُ- ضمير متڪلم، جنس مذڪر، عدد واحد، حالت فاعلي، فاعل فعل ”آهيان“ جو.
پاڻ- ضمير مشترڪ، جنس مذڪر، عدد واحد، حالت فاعلي، فاعل فعل، ”آهيان“ جو.
زبردست- صفت، لڳي ٿو، ”آءٌ“ ضمير سان
شل- حرف ندا
سهندا- صفت لڳي ٿو. ”پار” اسم سان.
پون- فعل لازمي، جنس مذڪر، عدد جمع، ضمير غائب، سندس فاعل ”پار“
اڄ- ظرف، لڳي ٿو ”ضرور“ ٻئي ظرف سان
ضرور:- ظرف لڳي ٿو.”اچج“ فعل سان.
۽ حرف جملو جو ڳنڍي ٿو، ٻن جملن کي هڪ ”اڄ ضرور“ وارو جملو، ٻيو ”پاڻ سان“ وارو جملو يا: حرف جملو، جو ڳنڍي ٿو، ٻن لفظن کي هڪ ”پٽي“، ٻي ”سليٽ“.
گرامر جو تت
1_، ٻه ٽي لفظ گڏبا ۽ منجهائنس پورو مطلب نڪري تنهن کي جملو چئجي ٿو 2- گرامر جا ڪل اَٺ لفظ آهن، اِسم، فعل، ضمير، صفت، ظرف، حرف جر، حرف جملو، حرف ندا. 3- ڪنهن ساهواري يا جاءِ يا شيءَ يا ڪم يا خاصيت يا حالت جي نالي کي اِسم چون ٿا، 4- فعل اهو لفظ آهي، جنهن مان هئڻ يا ڪرڻ جي معنى نڪري ٿي يا جو ڏيکاري ٿو، ته ڪنهن تي ڪو ڪم ٿيو آهي. 5- ضمير اهو لفظ آهي، جو اِسم جي بدران ڪم ايندو آهي. 6- صفت اُهو لفظ آهي جو اِسم يا ضمير سان لڳي ٿو ۽ ان جي خاصيت يا قسم يا انداز ڏيکاري ٿو. 7- ظرف اهو لفظ آهي جو فعل، صفت، يا ٻئي ظرف سان لڳي ٿو ۽ منجهانئس وقت، جاءِ يا ريت يا قدر يا ناڪار جي معنى نڪري ٿي. 8-حرف جر اُهو لفظ آهي جو اِسم يا ضمير جي پٺيان اچي ٿو ۽ ان جو جملي ۾ ٻئي ڪنهن لفظ سان لاڳاپو ڏيکاري ٿو. 9- حرف جملو اهو لفظ آهي جو ٻن لفظن يا جملي جي ٻن ڀاڱن يا ٻن جملن کي ڳنڍي ٿو. 10- حرف ندا: اهڙا لفظ جي جملي ۾ الڳ بيٺا هجن ۽ جن مان دل جي حالت جهڙوڪ خوشي، ارمان، سڌ ۽ عجب، ڪاوڙ ۽ حڪارت معلوم ٿئي يا جي سڏ ڪرڻ ۾ ڪم اچن ٿا. 11- جملن ۾ جيڪي لفظ اچن، سي گرامر جي اٺن دفعن مان ڪهڙن ڪهڙن دفعن ۾ آهن سو چئي ٻڌائڻ، تنهن کي ترڪيب چئجي. 14- ترڪيب ڪرڻ وقت لفظ جي معنى ۽ ڪم تي ڌيان رکجي. 15- اسم جا ٽي قسم آهن.
(1) اِسم خاص (2) اسم عام (3) اِسم ذات.
(چيتن رام جهمٽ مل پبلشرس لاڙڪاڻو پاران ورهاڱي کان اڳ ڇپرايل ڪتابڙو)