آزادي ۽ غلامي
سچي ۽ ڪامل آزادي حضرت ﷺ ۽ پهرين چئن خليفن جي ڏينهن ۾ ماڻي ويئي. هر هڪ مسلم کي فقط الله تعاليٰ جي حڪمن ۽ قانون جي پيروي ڪرڻي هئي. ڪوبه مسلم ٻئي ڪنهن به انسان کان نه ڊڄندو هو، ۽ نه ڪنهن جي غلامي ڪڍندو هو. خود حضرت جن جڏهن اسلام جي بيعت وٺندا هئا تڏهن هڪڙو شرط هي هوندو هو ته مان سڀ ڪنهن انصاف واري ۽ چڱي ڪم ۾ حضرت جن جي فرمانبرداري ڪندس. اهو شرط نه هوندو هو ته سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ حضرت جن جي فرمانبرداري ڪندس. هڪڙي ڀيري حضرت جن ڪنهن مسلم عورت کي سندس مڙس بابت ڪا سفارش ڪئي. عورت پڇيو ته شرعي حڪم ٿا ڏيو يا ذاتي سفارش ٿا ڪريو. پاڻ فرمايائون ته ذاتي سفارش ٿو ڪريان. انهيءَ عورت چيو ته مان انڪار ٿي ڪريان. حضور جن کي ڪجهه به غصو نه آيو ۽ مائي ماٺ ڪيو هلي ويئي. هڪڙي ڀيري هڪ شريف خاندان جي عورت فاطمه کان چوريءَ جو قصور ٿيو. وڏن وڏن اصحابن معافيءَ جي سفارش ڪئي. حضرت جن جو چهرو مبارڪ لعل ٿي ويو ۽ فرمايائون ته ڇا توهان خدا جي حڪمن ۾ دخل ٿا ڏيو. قسم آهي الله پاڪ جو ته جيڪڏهن منهنجي نياڻي فاطمه رضي الله اهو قصور ڪري ها ته به مان خدائي مقرر ڪيل سزا ڏيان ها. اهي ٻه مثال ان وقت جي آزادي ۽ انصاف لاءِ ڪافي آهن. جڏهن حضرت ابوبڪر رضه خليفو ٿيو تڏهن پهرئين ئي خطبي ۾ حڪم ڪيائين ته جيڪڏهن مان قرآني حڪمن جي خلاف وڃان ته مونکي خلافت تان لاهي ڇڏجو. حضرت عمر پنهنجي خلافت جي زماني ۾ هڪڙي ڀيري خطبي ۾ پڇيو ته جيڪڏهن مان ڪنهن قرآني حڪم جي خلاف وڃان ته ڇا ڪندؤ؟ هڪڙي شخص اُٿي چيو ته توکي هن تلوار سان قتل ڪندس. حضرت عمر رضي الله ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس آفرين ڏنائين.
افسوس جو خلفاءِ راشدين کان پوءِ موروثي ۽ استبدادي بادشاهي قائم ٿي ويئي. جنهن ڪري فرعونيت ۽ غلامي جي ذهنيت پيدا ٿي ۽ اسلامي خود داري، مساوات ۽ ڀائپي گم ٿي ويئي. ڌارين جي حڪومت هيڪاري وڌيڪ بگاڙو پيدا ڪيو.
هن وقت سنڌ ۾ جيڪا آزادي ۽ انصاف آهي سو ڪنهن کان به ڳجهو ناهي. ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن ۾ امن امان بلڪل ڪونهي. عزت، مال ملڪيت ۽ جان جي سلامتي بلڪل ڪانهي. گهڻن ئي چورن کي زميندارن ۽ پوليس عملدارن وٽان چورين ڪرڻ لاءِ پڪو ليسن مليل آهي. ڪنهن کي به مجال ناهي جو انهن کي پڪڙي سگهي. جيڪڏهن هو چوري ڪندي اتفاقن پڪڙجي پون ته به ڪنهن تي مجال ناهي جو پوليس ۾ رڳو رپورٽ ڪري سگهي. جيڪڏهن ڪو مت جو موڙهو کڻي رپورٽ به ڪري ته پوليس ۽ زميندار گڏجي هنن کي ڇڏائي ڇڏين ۽ ويچاري رپورٽ ڪندڙ جو جهڳو جهڻ ڪري ڇڏين. زميندار ۽ ڪامورا ٻهراڙي جي ڪڙمين ۽ پورهيتن تي هر طرح بنا خوف خطري ظلم ٿا ڪن. هو وڏا فرعون ٿي پيا آهن ۽ ويچارا هاري ۽ پورهيت مجبور، ذليل ۽ غلام ٿي پيا آهن. وزير صاحب پنهنجي لالچن ۽ فائدن جي لاءِ ظالم زميندارن ۽ ڪامورن جا مددگار آهن، تنهنڪري هو نڪي رشوت ۽ رسائي ظلم بند ڪرڻ جا خواهان آهن نڪي امن امان قائم ڪرڻ جو اونو اٿن. هو ملڪ ۽ قوم جا، سنڌ ۽ پاڪستان جا پورا پورا دشمن آهن. اخبارن جا ايڊيٽر به اڪثر ڪري پنهنجي لالچ ۽ فائدن واسطي وزيرن ۽ ڪامورن ۽ زميندارن جا طرفدار آهن. جيڪڏهن ڪو ايڊيٽر يا ليڊر قوم جو سچو خيرخواهه آهي ۽ وزير ۽ زميندارن جي ڪرتوتن کي اگهاڙو ڪري ٿو ته پوءِ هن کي پاڪستان جو دشمن ڄاڻائي سيفٽي ائڪٽ يا فرنٽيئر ائڪٽ جو شڪار بنايو وڃي ٿو. اها آهي اسان جي ملڪ ۾ لبرٽي ۽ آزادي. ڪنهن به سڌريل ملڪ ۾ اهڙا ائڪٽ ڪونهن جن جي وسيلي بنا ڪيس هلائڻ جي ماڻهن کي جيل ۾ رکيو وڃي. جيڪڏهن اهڙا ائڪٽ هوندا آهن ته به انهن کي فقط ڌاڙيلن ۽ باغين جي خلاف ڪم آڻبو آهي ۽ نه انهن لاءِ جي وزيرن ۽ حاڪمن جي ڪرتوتن تي نڪته چيني ڪن.
هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته جيڪي خرابيون اسان جي ملڪ ۾ آهن تن لاءِ خود پبلڪ به جوابدار آهي. مثلا رشوت وٺڻ گناهه آهي ته رشوت ڏيڻ به وڏو گناهه ۽ ڏوهه آهي. اسان ۾ اهڙا ليڊر پيدا ڪونه ٿيا آهن جيڪي عوام کي سجاڳ ڪن، ۽ عوام جي لاءِ خود قربانيون ڪن.اهڙن سچن ليڊرن ۽ مظلومن کي گهرجي ته بهادري سان ظالمن ۽ رشوتخورن جو مقابلو ڪن ۽ تڪليفن لاءِ جيلن ۾ وڃڻ لاءِ تيار رهن، بلڪه شهادت حاصل ڪرڻ لاءِ شائق ٿين. پوءِ حق جي فتح ٿيندي ۽ ظلم نڪري ويندو. (توحيد- جنوري 1951ع)
q